سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :19

محترم پرويش شاهين پنهنجي ڪتاب، ڪالام – ڪوهستان ۾ صفحي 203 تي لکيو آهي ته: ”سنڌي، پنجابي، لهندا، سرائڪي ۽ جعفرڪيءَ ۾، انهن ڪوهستاني ٻولين جي باقيات آهي.“ هن (محمد پرويش شاهين) ساڳئي ڪتاب ۾ صفحي 203 تي اها به دعوا ڪئي آهي ته: ”داردي زبان، سنڌيءَ، لهندا ۽ پنجابيءَ جي ماءُ يا ڀيڻ ٿئي“، پر دراصل پرويش شاهين صاحب جي توجهه لاءِ هيءَ گذارش آهي ته هن صاحب کي پنهنجيءَ راءِ ۾ تبديلي آڻي، هيئن لکڻ گهرجي ته: ”سنڌي، لهندي، سرائڪي، جعفرڪي، پنجابي ۽ ڪوهستاني گروهه واريون داردي ٻوليون، سنڌو- ماٿر جي قديم ۽ بنيادي زبان، سئنڌُئيءَ جون شاخون آهن، اهو ئي سبب آهي جو انهن سڀني ٻولين ۾ هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي.

 لهاذا ڊاڪٽر مهر عبدالحق ۽ محترم پرويش شاهين جي مٿي ڏنل راين جي مدد سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ، لهندا ۽ داردي ٻولين ۾ مشابهت جو وڏي ۾ وڏو سبب هيءُ آهي جو داردستان جون ڪوهستاني ٻوليون، سنڌو – ماٿر جي قديم ۽ اصلوڪي مقامي زبان، سئنڌُئيءَ جي اُتر – اولهه واريءَ شاخ سان واسطو رکن ٿيون. انهن ٻولين ۽ سنڌيءَ ۽ لهنديءَ ۾ مشابهت مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو- ماٿر جي قديم سئنڌُوئي ٻوليءَ جي پهچ ۽ پکيڙ، گنڌارا تهذيب واري علائقي تي اثر انداز ٿيندي، اُن کان به اولهه ۽ اُتر – اولهه طرف، سنڌو- ڪوهستان ۽ سوات- ڪوهستان، بلڪ ڪالام – ڪوهستان، تانگير ڪوهستان، پنجڪوره ڪوهستان جي علائقي ۾ به پکڙجي وئي.

تحقيق مان ائين به معلوم ٿيو آهي ته سنڌو- ماٿر جي قديم زبان سئنڌُوئي، سنڌو- ماٿر جي اُترئين وڏي علائقي يعني ڪشمير جي اُترئين ڇيڙي تائين، اُتر- اولهه طرف داردستان واري ڪوهستاني علائقي تائين؛ اولهه ۽ ڏکڻ – اولهه ۾ بلوچستان ۽ اُن کان به اڳتي اولهه طرف، ايران جي سرحد اندر ڪرمان جي جدگال خطي تائين ۽ اُتر – اولهه طرف ايران جي خوزستان صوبي اندر؛ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جي ساحلي خطي تائين؛ ڏکڻ – اوڀر ۾ ڪڇ جون اوڀر واريون سرحدون ٽپي، اڳوڻي سؤراشٽر جي اُڀرنديئين ڇيڙي تائين؛ اوڀر ۽ اُتر- اوڀر ۾ راجسٿان ۽ هرياڻا رياست اندر پکڙيل هئي.

سئنڌُوئي زبان جي انهيءَ پهچ ۽ پکيڙ کي سامهون رکي، ٻولين جي سلسلي ۾ سرگريئرسن، محي الدين زور ۽ دڪاٽر جارج مورگينيسٽيئرن جي ٺاهيل نقشي ۾ تبديلي آندي وئي آهي، ۽ ڪڇي، سؤراشٽري، راجسٿاني، هرياڻا جي ٻولي بانگڙو، ڪاشميري ۽ داردي گروهه وارين ٻولين کي سئنڌُئي ٻوليءَ جون شاخون قبول ڪري، سئنڌُوئي ٻولي ۽ اُن جي شاخن جو نقشو نئين سر ٺاهيو ويو آهي، جيڪو علم اللسان جي ماهرن جو خاص ڌيان ٿو لهڻي، هن نقشي جي مطالعي کان پوءِ ماهرن کان اهو سوال پڇي سگهجي ٿو ته، جيڪڏهن دراوڙي ٻوليون، قديم دراوڙي زبان جي وسيلي سنڌو- ماٿر جي اصلوڪي ٻولي، ’سئنڌُوئي‘ سان مشابهت رکي سگهن ٿيون، بلڪ اُن جون ڏوهٽيون قبول ڪري سگهجن ٿيون ته پوءِ سؤراشٽر ۽ هرياڻا تائين، سنڌو- تهذيب جي پهچ ۽ پکيڙ سبب سنڌو – تهذيب سان گڏ سئنڌُوئيءَ ٻوليءَ جي ڏکڻ- اوڀر ۽ اوڀر تائين پهچ ۽ پکيڙ ڇو نه ٿي هوندي؟

جيئن گريئرسن هند – آريائي ٻولين کي بيروني، وسطي ۽ اندروني گروهن ۾ ورهائجي وڃڻ جي دعوا ڪئي هئي. تيئن هيءَ دعوا به ڪري سگهجي ٿي ته سئنڌُوئي ٻوليءَ جون مختلف شاخون اُتر، اوڀر، اتر – اوڀر، ڏکڻ – اوڀر، ڏکڻ، اولهه، اُتر – اولهه وارين شاخن جي صورت ۾ پنهنجي شاهوڪار تهذيب ۽ ثقافت سان گڏ پکڙي هوندي.

(خ) جيئن اڳ ۾ محترم آصف خان جي حوالي سان چيو ويو آهي ته پنجابي زبان به غير- آريائي زبان آهي ته پوءِ هيئن چئي سگهبو ته سنڌو- ماٿر جي وسطي حصي ۾ رائج ڌار ڌار ٻوليون، نيٺ مغلن جي دور ۾، جڏهن پنجن دريائن واري ديس کي ’پنجاب‘ نالو ڏنو ويو، تڏهن انهيءَ علائقي ۾ رائج ٻولين کي گڏي هڪ ئي نالي سان يعني ’پنجابي ٻولي‘ سڏيو ويو. اُهي ٻوليون جيڪي گڏجي’پنجابيءَ‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳيون، اُهي هي آهن:

(i)   پوادي – پنجابيءَ ٻوليءَ جو هيءُ لهجو، پنجاب جي اوڀر واري سرحدي علائقي ۾، ستلج کان وٺي، اولهه طرف بياس نديءَ تائين، ڏکڻ ۾ گهگهر درياءَ جي وچئين خطي تائين ڳالهائيو ويندو آهي. هيءَ ٻولي سراءِ وڻجارن کان وٺي، سرهند ۽ انبالا تائين ڳالهائي ويندي آهي. هن تي باگڙي ۽ هنديءَ جو به اثر آهي.

(ii)  اُڀرندي ۽ وسطي شاخ واري ٻولي – ’بانگڙو‘ (هرياڻا جي ٻولي)

(iii)  ماجهي – اڳوڻي ضلعي امرتسر ۽ لاهور واري خطي ۾ رائج لهجو. هيءُ لهجو پنجاب جي باراني ۽ دو-آبي خطي ۾ رائج آهي. ماجها دراصل راوي ۽ بياس ندين جي وچ واري علائقي کي چوندا آهن. هن حصي ۾ امرتسر ضلعو، گرداسپور ۽ لاهور اچي وڃن ٿا. هيءُ پنجابي زبان جو معياري لهجو مڃيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري جو ماجهيءَ تي پنجابيءَ جي سڀني لهجن جو اثر موجود آهي.“197

 

(iv)        راٺي-اڳوڻي ضلعي حصار ۽ اڳوڻيءَ رياست بيڪانير ۾ رائج ٻولي.

(v)  ڀٽيالي-رياست بيڪانير ۾ رائج ٻولي. هيءَ ٻولي پنجاب جي فاضلڪا تحصيل، فيروز پور تائين پکڙيل آهي. راجپوتانا جي اُتر- اولهه ۽ اُتر بيڪانير ۾ آباد مسلمان راجپوت هيءَ ٻولي ڳالهائيندا آهن. بهاولپور جي راجسٿاني سرحد سان ملندڙ علائقي ۾ ڀٽياليءَ جو وڏو اثر آهي. هن حصي ۾ ڀٽياليءَ کي راٺي، راٺوڙي ۽ باگڙي به ڪوٺيندا آهن.

(vi)  رچنا دو-آبي ۽ سيالڪوٽ ۾ رائج ٻولي- پنجاب جي جالنڌر واري حصي کي دو-آبي وارو حصو چيو ويندو آهي. هي علائقو جالنڌر ضلعي ۽ هوشيارپور جي اُترئين حصي، اڳوڻي ڪپورٿلا رياست تي مشتمل آهي. هن خطي جي ٻوليءَ کي دو-آبي واري ٻولي چوندا آهن.

(vii)  لڌياني- اڳوڻي ضلعي لڌيانه جي ٻولي.

(viii)  جالنڌري – اڳوڻي ضلعي لانڌر جي ٻولي.

(ix)  جانڊ – اڳوڻي رياست جنيد جي ٻولي.

(x)  باگڙي – اڳوڻي ضلعي فيروز پور جي ٻولي.

(xi)  مالوي – هيءَ ستلج نديءَ جي اوڀر طرف واري خطي جي ٻولي آهي. هيءَ ٻولي فيروزپور، لڌيانه، تپه، تلوندي، فريدڪوٽ، ماليه، ڪوٽله، ڀٽنڊا، نروانه، رائيڪوٽ ۽ ماڇوواڙيءَ واري حصي ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(xii)  ڪنڊيالي – اڳوڻي ضلعي گرداسپور جي ٻولي.

(xiiiڪانگڙي – هوشيارپور جي پهاڙي علائقي ۾ ڪانگڙا ۽ شملي جي پهاڙي علائقن ۾ ڪانگڙي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي.

محترم عبدالغفور قريشيءَ جو رايو آهي ته:

”مغل شهنشاهه جهانگر پهريون شخص هو، جنهن توزک جهانگيريءَ جي جلد ٻئي ۾ صفحي 183 تي، هن خطي کي پهريون ڀيرو ’پنجاب‘ جي نالي سان سڏيو آهي، پر دراصل ’پنجاب‘ نالو، پهريون ڀيرو شهنشاهه اڪبر اعظم جي حڪومت واري زماني ۾ ’آئينه اڪبريءَ‘ جي جلد پهرئين ۾ ابو الفضل ’پنجاب‘ نالو ڪم آندو آهي. اڪبر اعظم، پنجاب کي ٻن صوبن ۾ ورهايو. صوبه لاهور ۽ صوبه ملتان. اُ ن کان پوءِ شهنشاهه جهانگير به ’توزک جهانگيريءَ‘ جلد 2، صفحي 183 تي، ملڪ جي هن حصي لاءِ ’پنجاب‘ نالو ڪم آندو.

اڪبر اعظم جي زماني ۾ هن صوبي جون سرحدون اوڀر طرف ’انباله‘ ڊويزن کان وٺي ’اٽڪ‘ تائين، اُتر ۾ راولپنڊي تائين، ڏکڻ ۾ بهاولپور تائين پکڙيل هيون.“198

 

محترم عبدالغفور قريشي هڪ طرف پنجابي زبان کي سنسڪرت جي ’پشاچي‘ شاخ سان واسطو ٿو ڏيکاري ۽ اُن کي ’ناگر اپڀرنش‘ مان ڦٽي نڪتل زبان ٿو بيان ڪري، ته ٻئي طرف ڪشميري، پشتو ۽ ’کڙي‘ ٻولين کي پنجابيءَ جون ڀينر ٻوليون ٿو ليکي. هو ساڳئي ڪتاب جي صفحي 31 تي ’پوادي‘،’ڀٽيالي‘،’مالوي‘،’ماجهي‘،’دو-آبي‘،’پوٺوهاري‘۽’لهنديءَ‘ کي پنجابيءَ جون شاخون ٿو سمجهي، ته وري ’هندڪو‘ ۽ ’ڌني‘ ٻولين کي ’پوٺوهاريءَ مان نڪتل ٻوليون ٿو بيان ڪري.“199

 

دراصل جن ٻولين کي محترم عبدالغفور قريشي، پنجابيءَ جون شاخون ٿو بيان ڪري، اُهي ٻوليون، اُن علائقي جي اُنهن ڌار ڌار حصن، ڀاڱن ۽ خطن جون ٻوليون آهن، جن کي شهنشاهه اڪبر اعظم جي زماني ۾ ملائي، پنجاب نالو ڏنو ويو ۽ جيئن انهن خطن جي ٻولين جي صوتي، صرفي، نحوي ۽ لغوي خزاني ۾ تمام گهڻي مشابهت هئي، انهيءَ ڪري انهن سڀني ٻولين کي انهيءَ نئين ملڪ جي نالي پٺيان پنجابي ٻولي سڏيو ويو. پنجاب وارو اهو سمورو علائقو اڳوڻي اوڀر- پنجاب تي مشتمل هو، انهيءَ ڪري هن خطي واري ٻولي ’اُڀرندي ٻولي‘ سڏجڻ ۾ آئي ۽ اولهه پنجاب واري خطي جي ٻوليءَ کي ’لهندي ٻولي‘ سڏيو ويو.

لهاذا هن وقت لسانيات جا اڪثر ماهر ’لهندي ٻوليءَ‘ کي پنجابي ٻوليءَ کان ڌار گروهه واري ٻولي سمجهن ٿا ۽ ’پوٺوهاري‘،’ڌني‘،’هندڪو‘،’شاهه پوري‘،’اعواڻڪي‘،’تنولي‘۽’ميانواليءَ‘ کي لهندي ٻوليءَ جون شاخون سڏين ٿا.

(د) بهرحال سئنڌُوئي ٻوليءَ جي مٿي واضح ڪيل پهچ ۽ پکيڙ کي سامهون رکي سرگريئرسن ۽ مارگينسٽيئرن جي ٺاهيل نقشي ۾ تبديلي آڻي، نئون نقشو ٺاهيو ويو آهي ۽ داردي ٻولين، سؤراشٽر جي ڪاٺياواڙي ٻوليءَ، گجرات جي گجراتيءَ، راجسٿان جي مارواڙيءَ، ڀيليءَ، باگڙيءَ ۽ راڱڙيءَ توڙي ٻين ٻولين ۽ پنجاب جي مختلف ٻولين تي مشتمل نئون نقشو ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته، سرگريئرسن وارو نظريو ته: ”سنڌي، هند- آريائيءَ جي ’ٻاهرئين گروهه‘ (Outer branch) واري شاخ آهي،“ قبول ڪرڻ جهڙو نظريو نه آهي، اڳ ۾ ڊاڪٽر عزيز انصاريءَ جو رايو ڏنو ويو آهي، جنهن سان آءٌ به اتفاق ٿو ڪريان ۽ ڊاڪٽر عزيز انصاري پنهنجي Ph.D مقالي ۾ لکي ٿو.

”راجسٿاني ٻوليءَ کي ’هندوستاني لسانيات جو جائزو‘ ڪتاب ۾ سرگريئرسن، وسطي گروهه جي زبانن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌيءَ کي ’شمال- مغربي گروهه‘ جي زبان سڏيو اٿس، ۽ ان جو تعلق لهندا ٻوليءَ سان بيان ڪيو اٿس، پر انهيءَ جي باوجود ڏٺو ويو آهي ته راجسٿاني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مزاج، هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو آهي ۽ سنڌي ۽ راجسٿانيءَ ۾ تمام گهڻي صوتي، صرفي ۽ نحوي هڪجهڙائي آهي. اها حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪانهي، سنڌ ۽ راجسٿان جو لابي ۽ سياسي ميل جهول، قديم زماني کان وٺي رهيو آهي.“200

 

سرگريئرسن جي نظرئي ۾ تبديلي آڻي، هيئن چوڻو پوندو ته: سنڌو-ماٿر جي قديم زبان سئنڌوُئي ئي هئي، جيڪا قديم سنڌ يعني سنڌو- سؤوير وغيره ملڪن ۾ هلندي هئي. اهو نئون جوڙيل نقشو صفحي نمبر     تي ڏجي ٿو.

هن نقشي ۾ سئنڌوُئي زبان ۽ اُن جي شاخن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته، سنڌو-ماٿر جي هيءَ اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي، ڏهن شاخن جي صورت ۾، برصغير جي وڏي حصي ۾ پکڙيل هئي. ساڳئي نقشي ۾ وري هر شاخ جون ننڍيون ننڍيون ذيلي شاخون ڏنيون ويئون آهن. 201 

 

9- ديسي لفظ:

(الف) ڪولن ماسيڪا (Colin Masica) پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي 39 تي لکي ٿو ته:

”بهرحال اهو ثابت ٿيو آهي ته آرين جي اچڻ وقت برصغير وارو پورو ملڪ غير- آباد نه هو، پر هن ملڪ ۾ به ڪي قومون آباد هيون، جيڪي ڪي ٻوليون ڳالهائينديون هيون. انهن قومن مان ڪن قومن ۽ سندن ٻولين جي باقيات، هن ملڪ ۾ هن وقت به موجود آهي. البت آرين جي اچڻ کان اڳ انهن مهذب قومن جي تهذيب واري ٻولي اڃا پڙهي ڪانه وئي آهي، ان ڪري اها خبر نٿي پوي ته اها ٻولي ڪهڙي قديم خاندان سان واسطو ٿي رکي؟“202

 

(ب) (I) آريا جڏهن سنڌو- ماٿر ۾ اچي آباد ٿيا، تڏهن نه فقط سندن تهذيب ۽ تمدن سان، سنڌو- ماٿر جي سئنڌُوَ لوڪن جو واسطو پيو، پر آرين جي تهذيب ۽ تمدن تي سنڌو- ماٿر جي ماڻهن جي تهذيب ۽ تمدن، تمام گهڻي اثر انداز رهيا. ساڳيءَ طرح سنڌو- تهذيب جي ’سئنڌوَ لوڪن‘ جي ’سئنڌُوئي ٻوليءَ‘ جو آرين جي ٻوليءَ/ٻولين (پراڪرت/پراڪرتن) تي به گهڻو اثر ٿيو. ’سئنڌُوئي ٻوليءَ‘ جا ڪيترائي صوتيه، صرفيه، لفظ، فقرا ۽ اصطلاح، آرين جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا. آرين جي ٻولين جي لغوي خزاني ۾ سئنڌُئي ٻوليءَ جي اهڙن لفطن ۽ لسانياتي اثرن، اُن دور جي وياڪرڻين جو توجه ڇڪايو.

پراڪرت جي وياڪرڻين، برصغير جي ڏيهي ٻولين جو جڏهن مطالعو ڪيو تڏهن هنن قديم ڀارت جي ٻولين جي لغوي خزاني کي چئن قسمن ۾ تقسيم ڪيو.  انهن جي خيال موجب مذڪوره لغوي خزاني جا چار قسم هئا. اُهي هئا: تَتَسَمَ (سنسڪرت ٻوليءَ وارا لفظ)، تَدڀوَ (سنسڪرت جهڙا لفظ)، ديسي/ ديشج (يعني آرين جي برصغير ۾ آمد کان اڳ، مقامي يعني ديسي ٻوليءَ جا لفظ) ۽ وديشي يعني پرڏيهي (ڌارئين ملڪ جا) لفظ. 203

ديسي لفظ، اهي لفظ آهن جيڪي سنڌو- ماٿر جي اصلوڪي زبان جا باقيات يا اُن زبان جا رهيل اُهڃاڻ آهن، جيڪي هتي جي ماڻهن هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، پاڻ سان پنهنجي آبائي سرمايي طور سنڀالي، استعمال پئي ڪيا آهن.

(II) پراڪرت وياڪرڻ جي ماهرن جي اهڙي تقسيم ۽ لفظن جي اهڙي درجيبنديءَ (classification) مان ’ديسي/ ديشج لفظن‘ وارو قسم ۽ انهن لفطن جو ذخيرو، برصغير جي لسانيات جي ماهرن لاءِ عموماً ۽ سنڌ جي ماهرن لاءِ خصوصاً توجهه جي لائق آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ديسي لفظن جي ذخيري مان مراد، اهي لفظ يا لفظن جو اهو ذخيرو آهي جيڪو اُن قديم ٻوليءَ جي باقيات/ سرمايو آهي، جيڪا آرين جي برصغير ۾ اچڻ کان اڳ، سنڌو- ماٿر ۾ ڳالهائي ويندي هئي ۽ سنڌو- ماٿر ۾ رائج هئي.

(III) اڳ ۾ چيو ويو آهي ته هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود سنڌو- ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن ۽ ٻوليءَ ۾ تسلسل قائم رهيو آهي. اِن ڏس ۾ مهرڳڙهه، موهن جي دري، هڙپا، ڪوٽ جيءَ ۽ آمريءَ جي کنڊرن مان جن جن جانورن، پکين، وڻن ٽڻن، ٻوٽن، گلن، ڦلن، ٿانون ۽ زيورن وغيره جا نمونا هٿ آيا آهن، اُنهيءَ ساڳئي نموني جا ٿانوَ، زيور، جانورن ۽ پکين جا مجسما ۽ مورتيون، اڄ به سنڌو- ماٿر ۾ ٺاهيا ويندا آهن ۽ اڄ به ٿانون، زيورن، ڳهڻن ۽ ٻين شين تي اهڙا ئي چٽ، نقش ۽ اهڙيون ئي شڪليون ۽ صورتون ٺاهيون وينديون آهن، جهڙيون سنڌو- تهذيب جي هنرن ۽ فنن تي عام طور نظر اينديون آهن.

پر سنڌو- ماٿر واريءَ تهذيب جي قديم زماني ۽ معاشري، انهن جا نالا ڪهڙا هئا يا اُنهن کي ڪهڙن ڪهڙن نالن سان ڪوٺيو ويندو هو، تنهن جي باري ۾ اڃا تائين ڪو پڪو ثبوت ڪونه مليو آهي، جيوڻيڪ ڊاڪٽر آسڪوپرپولا، سيموپر پولا، روسي ماهرن، ڀارت جي ماهرن ۽ آمريڪي ماهر ڊاڪٽر فيئر سروس، ڊاڪٽر ڪنائر ۽ ٻين عالمن، ڪن شڪلين ۽ صورتن جون پڙهڻيون به ڏنيون آهن ۽ انهن شڪلين ۽ صورتن جا ملهه به مقرر ڪيا آهن. جيڪڏهن انهن ماهرن جون اهي پڙهڻيون ۽ مقرر ڪيل مُلهه صحيح آهن ته پوءِ هيئن چئبو ته، موهن جي دڙي ۽ هڙپا واريءَ سنڌو-تهذيب (سئنڌُئي تهذيب) واري معاشري ۾ ٻولي به ساڳي يعني ’سَئنڌوَ‘ (اڳتي هلي سَنڌوئي- سئنڌوَ-سنڌي) هئي، جنهن جي لغوي خزاني يا لفظن جي ذخيري کي آرين جي اچڻ کان اڳ ۽ سنڌو- ماٿر تي سندن قبضي ٿيڻ کان پوءِ پراڪرت جي وياڪرڻين اُنهيءَ لغوي کي ’ديسي لفظ‘، يعني آرين جي اچڻ کان اڳ واري سنڌو تهذيب (سئنڌوَ تهذيب) ۾ مستقل ۽ رائج، مقامي ٻوليءَ جا لفط يا مقامي ٻوليءَ جي باقيات سڏيو آهي. ٻين لفطن ۾ هيئن چئبو ته اِهي اُهي لفظ آهن جيڪي سنڌو – ماٿر جي اصلوڪي ۽ قديم زبان جي باقيات آهن ۽ اُن قديم ۽ اصلوڪي زبان سان ئي واسطو رکن ٿا. اُهي ’ديسي لفظ‘، اُن زبان جا اهڃاڻ، نشان ۽ باقيات آهن، جيڪا هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، هتي جي ماڻهن، پنهنجي روزمره واريءَ ٻوليءَ ۾ جاري رکي آهي.

(IV) ڪاڪو ڀيرومل انهن، ديسي لفظن جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”ديشي يا ديسج (ديس= ڏيهه جن = ڄڻڻ) معنيٰ ديس ۾ ڄاول يا پيدا ٿيل. ديشي (ديسي يا ڏيهي) لفظ اُهي آهن، جن آرين جي اچڻ کان اڳيئي ديس ( هندستان)  ۾ چالو هئا، يا آرين جي اچڻ کان پوءِ، ديس ۾ چالو هئا؛ پر بنياد سنسڪرت مان نه اٿن. اهي ڪولن، سنٿالن، دراوڙن ۽ ٻين اصلوڪن رهاڪن جي ٻولين مان اُڌارا ورتل ليکجن ٿا. جيڪي ديشي لفظ سنسڪرت ۾ داخل ٿي ويا، سي هاڻ سنسڪرت جا ڪري ليکڪجن ٿا؛ پر ويدن واري زماني کان پوءِ به دراوڙن وغيره سان لهڙوچڙ هلندي آئي، جنهن ڪري پالي ۽ پراڪرت ۾ ديشي لفظ پاڻ گهڻا آهن ۽ سنڌيءَ ۾ تهائين وڌيڪ، جو ملبار طرف سنڌ جو وڻج واپار گهڻو هلندو هو.“204

 

(V) ڊاڪٽر ٽرومپ، سنڌي ٻوليءَ ۾، جڏهن لفظن جي انهيءَ ذخيري يعني ’ديسي لفظن‘ جي ذخيري جو مطالعو ڪيو، تڏهن کيس پنهنجيءَ پهرين راءِ (سنڌي، سنسڪرت جي شاخ آهي)تي وري سوچڻو پيو، ۽ کيس پنهنجي اها راءِ بدلائڻي پيئي. هن پنهنجي ڪتاب 'The Grammar of Sindhi Language' ۾ هيءَ راءِ قائم ڪئي ته:

”ٻئي طرف، اسان لفظن جو ڪجهه اهڙو به ذخيرو هٿ ڪيو آهي، جنهن کي قديم مقامي ٻوليءَ جا لفظ چئي سگهجي ٿو، جنهن (ٻوليءَ) جي نالي جو اڄ اسان کي پتو پئجي نٿو سگهي، پر ممڪن آهي ته اها قديم ٻولي ’تاتار خاندان‘ (Tatar Stock) جي شاخ هئي ۽ جا آرين جي اچڻ کان اڳ، پوري برصغير تي ڇانيل هئي؛ ڇاڪاڻ ته برصغير جي مڙني ٻولين ۾، ساڳئي قسم جو غير-آريائي ذخيرو موجود آهي، جنهن کي پراڪرت جي پراڻن وياڪرڻين ’ديسي‘ (Provincal) لفظ سڏيو آهي.“205

 

(VI) ڊاڪٽر ٽرومپ جي هن راءِ، ڏيهي ٻولين تي تحقيق ڪندڙن جي وڏي مدد ڪئي. دراوڙي ٻولين جي ماهر ۽ اُن وقت جي مشهور محقق، ڊاڪٽر ڪالڊويل، ڊاڪٽر ٽرومپ جي هن راءِ کي پنهنجي دعوا جي دليل طور ڪم آندو. ڊاڪٽر ڪالڊويل پنهنجي مشهور تصنيف:' A Comparative Grammar of the Dravidian of South Indian Family of Languages' ۾ لکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو گرامر‘ ۾ لکيو آهي ته، اُتريون صوبائي ٻوليون، غير- آريائي عنصر رکن ٿيون. هن جي خيال موجب، هن ڪجهه اهڙو ذخيرو به هٿ ڪيو اهي، جيڪو هتي جي مقامي ٻوليءَ جو آهي، جنهن جي نالي جي خبر نه آهي، جيڪا ممڪن آهي ته تاتار خاندان مان هئي، جيڪا آرين جي اچڻ کان اڳ سڄي برصغير تي ڇانيل هئي.

اُها مقامي ٻولي، ويجهڙائيءَ واري زماني ۾، ’سٿين خاندان‘ جي چئي وڃي ٿي، پر جنهن کي هُو (ڊاڪٽر ٽرومپ) ’تاتار خاندان‘ جي شاخ ڪوٺڻ وڌيڪ مناسب ٿو سمجهي.

ڊاڪٽر ٽرومپ جي راءِ موجب، اُهي لفظ جن ۾ مورڌني آواز اچن ٿا، اُنهن لفطن جون ٽي پتيون ان غير- آريائي زبان جون نشانيون آهن، جيڪا هن خطي جي اصلي زبان هئي، جنهن کي ’سٿين‘ سڏيو ويو آهي، پر اُن ٻوليءَ کي هو (ٽرومپ) ’تاتاري ٻولي‘ ڪوٺڻ وڌيڪ مناسب ٿو سمجهي.“206

 

(VII) ديسي لفظن جي باري ۾ جان بيمز لکي ٿو ته:

”برصغير جي زبانن جي لفظن جي ذخيري کي هيٺين چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي: تتسم (سنسڪرت وارا)، تَدڀَوَ (سنسڪرت جهڙا)، ديشج يعني ديسي، وديشج (غير ملڪي).

ديشج لفظ اُهي آهن جيڪي سنڌو ماٿر جي اصلوڪي زبان جا رهيل اُهڃاڻ آهن، جيڪي هتي جي ماڻهن، هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، پاڻ وٽ سرمائي طور سنڀالي رکيا آهن، ۽ اُهي آرين جي ٻولين ۾ شامل ٿي ويا آهن.“207

 

(VIII) ساڳئي موضوع تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ جارج شرٽ ۽ جان بيمز جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته اهي ديسي لفظ دراوڙي نسل واري ٻوليءَ جا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”عربي ۽ فارسي لفظن کان سواءِ، سنڌيءَ ۾ جيڪي ٻيا الفاظ آهن، تن ۾ پڻ ڪيترائي اهڙا آهن، جن جو سنسڪرت سان ڪو لاڳاپو ڪونهي: (مثلاً، لفظ ’اسان‘ يا ’اسين‘ سنسڪرت ۾ آهن ئي ڪونه). جارج شرٽ سوال ٿو اُٿاري ته لغت جو اهو پنهنجو ذخيرو ڪٿان آيو؟ اهي لفظ، سندس خيال ۾ يقيني طور، انهيءَ ٻوليءَ جا آهن، جيڪا سنسڪرت کان اڳ جي هئي. سندس نظرئي مطابق، اهي الفاظ ڪنهن دراوڙي ٻوليءَ جا آهن.“

چوي ٿو ته:

”جڏهن (سنڌيءَ مان) سڀ سنسڪرت، عربي ۽ فارسي لفظ خارج ٿا ڪجن ته به هڪ وڏو ذخيرو اهڙن لفظن جو باقي بچي ٿو، جن کي مسٽر بيمس (Beames)، پنهنجي تقابلي گرامر (Comparative Grammar) ۾ ’ديسي‘ سڏي ٿو.

منهنجي خيال ۾ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نٿو ٿي سگهي ته اهي لفظ، انهيءَ زبان جي بقايا آهن، جيڪا آرين جي آمد کان اڳ، سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي؛ آرين غالباً انهن دراوڙي نسل جي ڪن قبيلن کي جيڪي (موجوده) بروهين جا وڏا هئا، پهاڙن ڏي هڪالي ڪڍيو، ۽ سنڌ جي باقي باشندن کي گهٽ ذات جي طبقي ۾ ملائي ڇڏيو.“208


197 – عبدالغفور قريشي: پنجابي ادب دي کهاني، لاهور پنجابي ادبي بورڊ، 1987ع، ص 34

198  - عبدالغفور قريشي: پنجابي ادب دي کهاني، لاهور، پنجابي ادبي بورڊ، 1987ع، ص ص 17 ۽ 31

199 – ايضاً ص 31

200 – عزيز انصاري، اردو اور راجسٿاني بوليان، شعبه اردو، ص 103

201  - ذيلي شاخن مان ڪي هي هيون:

(الف) اُڀرندين شاخ ۾ هي ٻوليون اچي وڃن ٿيون:

     (i) اڳوڻي سؤراشٽر (ڪاٺياواڙ) جي رياستن ۾ رائج ٻوليون جيڪي هڪ طرف ڪاٺياواڙ جي اُپسمنڊ تائين پکڙيل هيون، ته ٻئي طرف موجوده گجرات رياست جي اوڀر واري ڇيڙي تائين پکڙيل هيون.

ب-  موجوده هرياڻا رياست ۾ ڪاليبنگن جي اوڀر طرف ڳچ حصي ۾ سئنڌوُئي ٻوليءَ جون ذيلي ٻوليون رائج هيون. انهن ۾ ميواتي/ الور شاهي ۽ هرياڻا جي ’بانگڙو‘ ٻوليون اچي وڃن ٿيون.

ت-  اڳوڻي اُديپور رياست (ميواڙ) ۾ رائج ميواڙي ٻولي، سرگريئرسن ميواڙيءَ/ ميواتيءَ کي اُترين راجسٿاني سڏيو آهي.

ث- ماؤچي ٻولي، هيءَ ٻولي، اڳوڻي گجرات ۽ مهاراشٽر رياستن جي سرحدي علائقي ۾، ’ڀيليءَ‘ جي نالي سان سڏبي آهي.

ج-  باگڙي ٻولي- هيءَ ٻولي، اڳوڻيءَ بيڪانير رياست جي اُتر- اوڀر واري خطي ۾، هتي جي اصلوڪن رهاڪن جي ٻولي آهي.

ح-  اهڙيءَ طرح اُترين شاخ داردي ٻولين تي مشتمل آهي.

202 – Collin Masica, Op. Cit., P.29

203 – Pischell, Op. Cit., P. 97.

204  - آڏواڻي ڀيرو مل: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 176 ۽ 177

205 – Trumpp. Op. Cit, Introducation, P. 111

206 – Caldwell. R., Dr., Op. Cit., Introducation., P. 64

207 – John Beames, Op. Cit., Op. Cit., PP>. 47-48

208 – نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص ص 6-7

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com