سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :16

ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:

”مهاڻا، سنڌو- ماٿر جي هڪ قديم قوم آهي، اِهي (مهاڻا) هن واديءَ جا اصلوڪا رهاڪو آهن. موهن جي دڙي، هڙپا، منڇر ڍنڍ، ڪينجهر ڍنڍ ۽ سنڌو درياءَ جي پراڻين شاخن ۽ ڍورن جي ڪنڌين تان، مهاڻن جي اصلوڪي رهڻي ڪهڻيءَ جا ڪي نشان ۽ اهُڃاڻ پڻ هٿ آيا آهن، جن جو ذڪر ماهرن پنهنجن تحقيقن ۾ ڪيو آهي.“116

 

ڊاڪٽر هيريماٿ به ’مهاڻن‘ کي سنڌو- ماٿر جي هڪ قديم قوم ٿو ڪوٺي. هو پنهنجيءَ تحقيقي ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌو درياءَ جي ڪن ماڳن ۽ مڪانن توڙي سامونڊي ساحلي هنڌن تان مڇيءَ جا ڪنڊا لڌا ويا آهن. ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو – تهذيب جا رهاڪو مڇي ماريندر يعني مهاڻا به هئا، ۽ اُنهن مان ڪي دريائي ۽ سامونڊي ناکوئن جي ڪرت به ڪندا هئا.“117

 

(س) ڊاڪٽر هيريماٿ مهاڻن کي، سنڌو- تهذيب جا اصلوڪا ۽ قديم رهاڪو ڄاڻائيندي اڳتي لکي ٿو ته:

”’ديوس‘ يا ’آريا‘،’داسن‘ ۽ ’داسيو‘ سان وڙهيا. ’داس‘ جي معنيٰ آهي ’آرين جا مخالف يعني دشمن‘، ’داس‘ لفظ مان غلام وارو مفهوم، پوءِ ڪم اچڻ لڳو. دراصل ’داس‘ مان مراد، اُهي ماڻهو هئا يا اُها قوم هئي جيڪا آرين سان وڙهي هئي ۽ ’شودر‘ مان مراد هئي ’مهاڻا‘ جاتي. ٻين لفظن ۾ هيئن وضاحت ڪبي ته: سنڌو-تهذيب جا رهواسي، ٻن اهم طبقن ۾ ورهايل هئا، هڪڙا زراعت جو پيشو ڪندڙ يعني هاري ناري هئا، جيڪي کيتين ۽ ٻنين ۾ هارپو ۽ زراعت جو ڪم ڪندا هئا؛ اَن اُپائيندا هئا ۽ پنهنجي سماج جي جياپي جو وسيلو هئا؛ ٻيو طبقو مهاڻن جو هو، جن جو گذران يا جياپو دريائي، بندرن، ڍنڍن ڍورن، ۽ سمنڊ مان مڇي مارڻ تي هوندو هو؛ يعني ته هي ماڻهو درياءَ، ڍنڍن ڍورن ۽ سمنڊ مان حاصل ڪيل خوراڪ يعني مڇيءَ تي گذران ڪندا هئا.“118

 

(ش) ڪاڪي ڀيرو مل ’قديم سنڌ‘ ڪتاب ۾ مهاڻن کي سنڌو-ماٿر جا قديم رهاڪو ٿو سڏي ۽ لکي ٿو ته:

”حال اسان ائين فرض ڪيو آهي ته اِهي رواج ڪولن ۽ سنٿالن واري زماني جا آهن. جو آرين وٽ اهڙا رواج هئا ئي ڪين.“119

 

پاڪستان آثار قديمه کاتي جو مشهور ماهر ۽ اڳوڻو ڊائريڪٽر، شيخ خورشيد حسن به مهاڻن کي، سنڌو- تهذيب جا قديم ۽ اصلوڪا رهاڪو مڃي ٿو، هو لکي ٿو ته:

”سنڌو-درياءَ تي رهندڙ مهاڻا، قديم سنڌو-تهذيب واري زماني ۾، سنڌو- درياءَ ۽ اُن جي اُڀرندين شاخ (اُڀرندو نارو) ۽ منڇر ڍنڍ واري خطي ۾ آباد هوندا هئا.“ 120

شيخ خورشيد حسن اڳتي لکي ٿو ته:

”مهاڻا، واديءَ سنڌ جا قديم رهاڪو آهن. انهن جا ڪارا چهرا، سندن عادتون، سندن رسمون ۽ رواج، سندن دراوڙ هجڻ جا ڏس پتا ۽ اُهڃاڻ ڏين ٿا. هي گهڻو ڪري ٻيڙين تي ئي رهندا آهن، ڇو ته رهڻ لاءِ سندن ڪي ٻيا ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا ڪونه آهن.“121

 

شيخ صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”مهاڻا، ٻين سنڌي نسلن ۽ جاتين ( Ethnic groups) جي ڀيٽ ۾، هڪ لحاط کان وڌيڪ خالص، وڌيڪ قديم ۽ سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو آهن.

هن نسل (مهاڻا) جا ماڻهو، بلاشڪ اها دعوا ڪري سگهن ٿا ته هو سنڌو-تهذيب جا اصلوڪا رهاڪو آهن، جن ۾ سنڌو- درياءَ ۽ ڍنڍن تي آباد ٿيل ٻين نسلن ۽ جاتين جي ڀيٽ ۾، هن جاتيءَ جو نالي ماتر به ’گڊي‘ يا گاڏڙ نسل (گاڏڙ رت) جي هجڻ جو ڪو به ثبوت نٿو ملي، يعني ته مهاڻن جي نسل ۾، ڪنهن ٻئي نسل/ جاتيءَ جي رت جو گڏيل هجڻ يا گڏجي ويو هجڻ بلڪل ناممڪن نظر اچي ٿو.“122

 

ڊاڪٽر لئمبرڪ، مهاڻن کي سنڌو تهذيب جا قديم ۽ اصلوڪا رهاڪو ڄاڻائيندي لکي ٿو ته:

(ص) شيخ خورشيد حسن جي هن دعوى کان گهڻو اڳ، سر جان مارشل، مارٽم وهيلر، جان مئڪي، ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر لئمبرڪ، ڊاڪٽر ڊيلس ۽ ڊاڪٽر هيريماٿ به اها ئي دعوى ڪئي آهي.

”درحقيقت، موهن جي دڙي مان جيڪي هڏاوان پڃرا هٿ آيا آهن، تن مان پتو پوي ٿو ته خود ان شهر جا ماڻهو، ڪيترن ئي نسلن مان هئا، تڏهن به اُن ڳالهه جو ٿورو گهڻو امڪان آهي ته متان منڇر ڍنڍ جي مهاڻن ۾ اصلوڪن رهاڪن جي هجڻ جو انگ ايترو هجي جو ٻيو ڪو به سنڌي قبيلو، انهن جيتري دعوا ڪرڻ چاهي ته هُوند نه ڪري سگهي؛ يعني اُهي مهاڻا سڌيءَ طرح سنڌو-تهذيب واري زماني جي ’ڍنڍ-رهواسين‘ جا پونير آهن ۽ سندن رت ۾، ٻئي ڪنهن رت جي، نسبتي گهٽ ملاوت آهي. اُنهن سان ’ماڇي‘ به شامل ڪري سگهجن ٿا ۽ شايد ’ڇُٽا‘ ۽ اُلهندين ٽڪرن جا ڪي غير- معروف قبيلا، جهڙوڪ: بِڪَڪَ ۽ ’گائچا‘ پڻ جن جون خاصيتون ۽ ريتون رسمون بنهه پنهنجون آهن، ۽ جن بابت سندن پاڙيسري چوندا آهن ته اهي اصل ۾ ’ميربحر‘ آهن، پر اهڙين باريڪ شاهدين مان ڪي به انومان ڪڍڻ نسوري ڌڪيبازي ٿيندي.“123

 

اهڙيءَ طرح سراج الحق ميمڻ صاحب به مهاڻن، ملاڻن ۽ ملاحن کي سنڌو- ماٿر جون اصلوڪيون ۽ قديم قومون سڏيو آهي. هن جي راءِ ۾ اهي دراوڙي قومون هيون ۽ سندن ٻولي، سنڌي- دراوڙي ٻولي آهي.124

 

پنجاب جي اصلوڪن رهاڪن (aborigines) جي باري ۾ وقاص احمد خواجه لکي ٿو ته:

”پنجاب جي اصلوڪن رهاڪن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي اڀياس مان ثابت ٿو ٿئي ته جڏهن آرين هن علائقي تي قبضو ڪيو تڏهن هتي جي اصلوڪن رهاڪن، يعني دراوڙ جاتين جهروڪ: ڀاٽ، جهونجا ۽ گَهڙوَ ۾ اُهي ئي رسمون جاري هيون جيڪي هنن ختم نه ڪيون هيون، پر اڄ به منجهن اهي رسمون جاري آهن.“125

 

هن ساري بيان مان هي ٿو ثابت ٿئي ته سنڌو- ماٿر ۾ هڪ جاتي يا هڪ قوم نه، پر ڌار ڌار جاتيون يعني قومون رهنديون هيون، جن جا ڌنڌا ۽ ڪاروبار به ڌار ڌار هوندا هئا. انهن لوڪن کي ’سَئنڌُوَ لوڪَ‘ سڏيو ويندو هو. هت هن نقطي تي وري به غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ڊاڪٽر مهر عبدالحق، ڊاڪٽر رفيق احمد مغل، پروفيسر ڪنائر ۽ ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ جي حوالن سان، پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جو لُب لباب هي آهي:

 ”سنڌو – ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو، سندن تهذيب ۽ تمدن توڙي سندن ٻولي ڪٿان ٻاهران آيل نه آهي، يا سنڌو- ماٿر جي تهذيب، تمدن ۽ ٻولي ڪٿان ٻاهران لڏي آيلن جي تهذيب ۽ تمدن تي مدار نٿي رکي، يا ائين چوڻ ته اُها تهذيب ۽ ٻولي ٻين قومن جي تهذيب ۽ ٻوليءَ  تان اُڌاري ورتل آهي، اها سوچ هاڻ پراڻي آهي؛ اهو نظريو هاڻ هڪ پراڻو نظريو آهي. ان سوچ ۽ نظرئي تي هاڻ نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته:

سنڌو- ماٿر جي تهذيب، ڏيهي يعني مقامي (Indigenous) تهذيب آهي؛ جنهن جون پاڙون، سنڌو- تهذيب ۾ ئي کُتل آهن، جيڪا سنڌو- ماٿر جي سر زمين مان ئي اُڀري، اُسري، وڌي، ويجهي آهي ۽ سنڌو- ماٿر ۾ ئي پروان چڙهي آهي.“

انهيءَ سوچ ۽ نظرئي کي سامهون رکي سنڌو-ماٿر جي رهاڪن کي هتي جا اصلوڪا يعني مقامي رهاڪو، يعني ’سئنڌُوَ لوڪ‘ چئبو، جيڪي ڌار ڌار جاتين ۾ ورهايل هئا. هن واديءَ ۾، ماڻهن جي سماج ۾ رائج زبان کي هن ماٿر جي اصلوڪي ۽ مقامي ’سئنڌُئي زبان‘ چئبو. اها زبان ڌار ڌار  لهجن ۽ جاتينج جي محاورن ۾ ضرور ورهايل هوندي؛ ملڪ جي علائقن جي لحاظ کان اُن جا به ڌار ڌار لهجا هوندا، پر اُها سنڌو- تهذيب جي حوالي سان  هڪ ئي ٻولي يعني ’سئنڌُئي ٻولي‘ سڏبي هوندي.

7- ڇا سنڌي ٻوليءَ پنهنجي موجوده صورت، يارهين صدي عيسويءَ ۾ ورتي هئي؟

(الف) (i) سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ هي نقطو به بحث طلب آهي ته ڇا اهو صحيح آهي ته سنڌي ٻوليءَ، پنهنجي موجوده صورت، يارهين صدي عيسويءَ ڌاري ورتي هئي؟ هن ڏس ۾ ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته:

”سنڌ ۾ جيڪا شؤرسيني پراڪرت جي نموني واري ٻولي چالو هئي، سا وڌيڪ بگڙيل هئي، تنهن ڪري اها ’وراچڊ اپڀرنش‘ يا وراچڊ اپڀرنش يا گهڻو بگڙيل پراڪرت سڏجڻ ۾ آئي، ۽ اها ڦري هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي، جا اٽڪل سن 1100ع کان وٺي ڌار ٻولي ٿي ڪم اچڻ لڳي.“126

 

ڪاڪو ڀيرو مل، ساڳئي ڪتاب جي صفحي 72 تي لکي ٿو ته:

”سنڌي، هندي ۽ ٻيون ڏيهي ٻوليون سنه 1100ع ڌاري سومرن جي صاحبيءَ ۾، پراڪرت مان ڦٽي ڌار ٿيون هونديون.“127

 

هن نڪتي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رايو ڏيندي لکي ٿو ته:

”سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ وارو بنيادي دور راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي ۽ عربي حڪومت جي عرصي وارو دور آهي، جو ٿلهي ليکي عيسوي پنجين صديءَ کان وٺي، يارهين صديءَ جي آخر تائين سمجهڻ گهرجي. هن دور ۾ موجوده ’سنڌي ٻوليءَ‘  جي تشڪيل ٿي. انهيءَ عرصي کان اڳ واري دور کي اسان ’سنڌ جي ٻولي يا ٻولين‘ وارو دور چونداسون، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪو به يقيني دليل موجود ناهي ته راءِ گهراڻي جي حڪومت کان اڳ، يعني پنجين صديءَ کان اڳ، موجوده سنڌي ٻوليءَ جو خاڪو موجود هو.“128

 

ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي راءِ موجب، موجوده سنڌي ٻوليءَ جا اُهڃاڻ ۽ مثال 300 ق- م ڌاري ملن ٿا. هن جو دليل هي آهي ته، موجوده سنڌي ٻوليءَ جا آڳاٽا اُهڃاڻ ۽ مثال يارهين صديءَ کان لڳ ڀڳ چوڏهن- پندرهن سؤ ورهيه اڳ ملن ٿا ۽ سنڌي ٻولي، اُن زماني ۾ به موجوده صورت ۾ استعمال ٿيندي هئي. هو لکي ٿو ته:

”ايراني ٻوليءَ ۾ لکيل آڳاٽن ۽ اوائلي احوال ۾، سنڌ جو ذڪر، مهاڀارت جي سورمن کان به اڳ ملي ٿو. شري جيرامداس دولترام، انهن ايراني تاريخن ۾ مجمل التاريخ توڙي ٻين تاريخن جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل حوالا 300 ق-م ڌاري ملن ٿا، جيڪي اُن زماني ۾ ’سپر‘ (Sapar) حاڪم جي درٻار جي هڪ وزير لکيا هئا.

اُن کان سواءِ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ ڊاڪٽر سنتي ڪمار چئٽرجيءَ، عربي ڪتابن جي حوالي سان، ڪن سنڌي نالن (اسم خاص) جي صوتياتي سٽاءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي.“129

 

ڊاڪٽر خوبچنداڻي اڳتي لکي ٿو ته:

”موجوده وقت سنڌي ٻوليءَ جو پراڻي ۽ پراڻو رڪارڊ موجود ڪونهي، البت ڀَرَتسِيَ جي ڪتاب ’ناٽيشاستر‘ جيڪو هن ٻين صديءَ عيسويءَ ۾ لکي هو، اُن ڪتاب ۾ ’سنڌو-سؤوير ديش‘ جي ماڻهن جي معاشري ۾ رائج ٻوليءَ جو هن ذڪر ڪيو آهي، ۽ اُن جا حوالا پڻ ڏنا اٿس. اهڙيءَ طرح ’اُڌيوتن‘ (Udhyotana)، ’سنڌو-سؤوير ديش‘ کي ’سئنڌوَسَ‘ (Saindhavas) ۽ ’سئنڌَوَس‘ جي ماڻهن کي هن (اُڌيوتن)، پنهنجي ڪتاب، ’ڪُولَيَمالا‘ (Kuvalayamala) جيڪو هن 779ع ۾ لکيو هو، تنهن ۾ ’ديش ڀاشائن‘ مان ’سئنڌَوَس‘ جي ڀاشا کي خاص اهميت ڏني آهي.

اُن ٻوليءَ ۾ اوائلي N.I.A. جي لهجي جا نمونا موجود آهن. انهن نمونن ۾ ’سئنڌَوَسَ‘ جي رهاڪن جي ٻوليءَ جا نمونا به ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ مصنف ’سئنڌَوَس‘ جي ماڻهن جي شاعريءَ کي نرملتا، ڪوملتا، رس، ڀاوَ ۽ مٺاس ڀريل ڄاڻايو آهي ۽ سندن شاعريءَ کي حب الوطنيءَ لاءِ اُتساهه ڏياريندڙ جذبي ۽ خصوصيت سان ڀرپور بيان ڪيو آهي.130

 

(ب) (i) انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ تحقيق دوران اهو معلوم ٿيو آهي ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ- اوڀر سنڌ جا ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان جي اولهه وارين سرحدن سان سياسي، سماجي، واپاري، علمي ۽ ادبي لحاظ کان گهاٽا ناتا ۽ رشتا  هئا. اهو ئي سبب آهي جو اُن وقت جا سگهڙ، سياڻا ۽ سالڪ، سنڌ جي سرحد پار ڪري، اوڀر وارن ملڪن ۾ بنا ڪنهن جهل پل جي پيا ايندا ويندا هئا.  پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ جو هن سلسلي ۾ رايو آهي ته:

”چارڻ، ڀٽ ۽ جاجڪ وغيره، اپڀرنش جي زماني کان پوءِ ڳچ عرصي تائين سنڌ، مارواڙي، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وغيره جا ساڳيائي هئا.“132 131

 

پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻي اڳتي لکي ٿو ته:

”اپڀرنش مان جدا جدا ديش ڀاشائون جهڙوڪ: سنڌي، گجراتي ۽ هندي وغيره ڇڄي ڌار ٿيون. اها ئي جدائي عيسوي يارهين صديءَ ۾ شروع ٿي، پر پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه صديون پوءِ سنڌ ۽ اولهه راجسٿان جي لوڪ وهنوار ڀاشا ۾ گهڻو ڦيرو ڪين آيو. حڪومتي ٻوليءَ ۾ برابر گهڻو ڦيرو آيو، پر انهيءَ جو لوڪ ڀاشا تي اثر خير ڪو ٿيو. ڪن سنڌي عالمن عربي ۽ فارسيءَ ۾ ادبي مهارت حاصل ڪئي، پر عام خلق جي ٻولي سنڌي ئي هلندي آئي. جا ان وقت جي اولهه راجسٿانيءَ کان گهڻي علحدي ڪانه هئي.“133

 

اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته، راءِ گهراڻي جي زماني ۾، ۽ پوءِ اڳتي هلي برهمڻ گهراڻي حڪومت واري زماني ۾، سنڌ جي قديم حڪومت جون سرحدون اوڀر ۾ ڪنوج تائين هيون. انهيءَ لحاظ سان گجرات، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، راجسٿان جون جيسلمير، بيڪانير، جوڌپور، جئپور واريون اڳوڻيون رياستون هڪ طرف سورت بندر تائين، ٻئي طرف اراولي ٽڪرين ۽ نرمدا نديءَ جي اوڀر واريءَ حد تائين قديم سنڌ جي حڪومت جي سرحدن ۾ داخل هيون. انهيءَ پوري علائقي ۾ سئنڌُوَ ٻوليءَ جو اُڀرنديون لهجو، پنهنجين ڌار ڌار شاخن ذريعي ڳالهايو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ کي سنڌيءَ ۽ اولهه راجسٿانيءَ ۾ گهڻي علحدگي نظر ڪانه آئي.

قديم سنڌ جي سرحدن جي باري ۾ ڊاڪٽر مهر عبدالحق پنهنجي ڪتاب ’ملتاني زبان اور اس کا اردو سي تعلق‘ ۾ لکي ٿو ته:

”واضح هجي ته سنڌ جون سرحدون مختلف زمانن ۾ مختلف رهيون آهن، يعني سنڌ جي حاڪمن جو،  جنهن هنڌ تائين قبضو هوندو هو، اُن ساري ملڪ کي سنڌ جي نالي سان سڏيندا هئا. عربن جي 712ع ۾ فتح وقت سنڌ ملڪ جون سرحدون هن طرح هيون.

(i)  اُتر ۾ ڪشمير جا هيٺيان ضلعا شامل هئا ۽ ڪوهه ڪابل جي سلسلي تائين سنڌ جون سرحدون هيون.

(ii)  اُتر- اولهه ۾ ايران ۽ سنڌ جي سرحد، ساحل جي سامهون- مڪران تائين.

(iii)  ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ تائين.

(iv)  ڏکڻ – اوڀر ۾ ڪڇ جي نار تائين.

(v)  اوڀر ۾ اڳوڻي راجپوتانا ۽ جيسلمير رياستن جو سرحدون سنڌ ملڪ ۾ شامل هونديون هيون.

مطلب ته ان زماني (712ع) ۾ اُتر ۽ مغرب طرف جا سڀ صوبا، پنجاب جو سڄو علائقو ۽ افغانستان جو اهو علائقو، جيڪو هلمند تائين شامل هو لهاذا سڄي بلوچستان، ڪڇ گجرات ۽ سميت موجوده سنڌ، جوڌپور جي سرحد تائين ملڪ جو نالو ’سنڌ‘ هوندو هو. انهيءَ علائقي جي لحاظ کان جيڪڏهن نقشو ٺاهيو وڃي ته سنڌ جو نقشو موجوده پاڪستان جي نقشي کان مختلف نه هوندو، پر ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جون ڪيتريون ئي اڳوڻيون رياستون سنڌ جي حڪومت جي ماتحت هيون.“134

 

ساڳيءَ طرح ’هندي ادب ڪي تاريخ‘ ڪتاب جي مصنف، ڊاڪٽر محمد حسن جو هن سلسلي ۾ رايو آهي ته:

”اُن وقت جا شاعر ۽ سگهڙ، راجائن ۽ سردارن جا درٻاري هئا، تنهن ڪري ان وقت جي شاعريءَ ۾ ’رجز‘ ۽ ’ساراهه‘ يا ’واکاڻ‘ جي جهلڪ وڌيڪ نظر اچي ٿي.“135

 

پرم ابيچنداڻيءَ جو رايو آهي ته:

”هندي سينگار رس يا عشقي شاعريءَ جا عنوان ۽ ڪوتائون، سگهڙن دئاران پهتيون. سندرتا ۽ پريم جا اهي وشيه پهريائين راجسٿان جي سگهڙ ڀٽن ۽ چارڻن اتي جي راجائن، سردارن ۽ عوام جي وندر ورونهن لاءِ ياد ڪيا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي سرحدي ۽ پاڙيسري رياستن جهڙوڪ:  بيڪانير، جوڌپور ۽ جيسلمير ۾ انهن جو چرچو پئدا ٿيو. ان کان پوءِ سينگار رس شاعريءَ جا اهي عنوان ۽ ڪوتائون، سنڌ جي سگهڙ ڀٽن ۽ چارڻن، منچلن مڱڻهارن ۽ ٻين سجاڳ سگهڙن سنڌ ۾ رائج ڪيون.“136

 

(iii) علم اللسان ۽ آثار قديمه جي ماهرن جي رپورٽن جي حوالي سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌو – ماٿر جي تهذيب جون سرحدون، اوڀر ۽ ڏکڻ – اوڀر ۾، ڀارت جي گجرات (اڳوڻي سؤراشٽر سميت) رياست جي اُڀرندئين ڇيڙي ۾ ’لوٿل‘ واري خطي بلڪ نرمدا نديءَ جي اڀرنديئين ڪناري تائين ۽ ٻئي طرف موجوده سنڌ جي اتر- اوڀر طرف واري ڇيڙي ۽ ڀارت جي اُتر – اولهه واريءَ سرحد ۾ موجوده هرياڻا پرديش جي حدن تائين پکڙيل هيون. قديم زماني ۾، سنڌو –ماٿر ۾ رائج قديم ’سئنڌُئي ٻوليءَ‘ جي اُڀرندين شاخ واريون ٻوليون هڪ طرف هيون، ته ٻئي طرف ڀارت جي اُتر- اولهه واري ’هرياڻا رياست‘ جا اوڀر واريءَ سرحد ۽ ان جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ – اولهه طرف موجوده راجسٿان رياست جي اڳوڻين رياستن ۾ باگڙي، ڀيلي، ميواتي، برج ۽ مارواڙي نالن سان ٻوليون مشهور ٿيون.

ديوان پرم ابيچنداڻي اڳتي لکي ٿو ته:

”سنڌي ۽ سنسڪرت ساهت جي وچ ۾ وچين صدين کان اڳ ڪافي ڏي- وٺ ٿي هوندي ۽ سنسڪرت جو سنڌيءَ تي پرڀاءُ ڌيان رکندي ايترو چئي سگهبو ته ٻنهي ساهتن جي وچ ۾ ڪو ڳنڍ ضرور هوندو. اسان جي اڳيان ’برهم گپت‘ جو مثال آهي. هو سنڌي هو ۽ سنڌ جي ’ڀلمل‘ ڳوٺ ۾ 598ع سن ۾ ڄائو هو. هن ودوان جا سنسڪرت ۾ لکيل ٻه ڪتاب مشهور آهن. اُهي ڪتاب آهن:

(i) براهمسٿوٽ – سڌانت (astronomy)، جيڪو هن سن 628ع ۾ سنڌ ۾ ڇپ ونش جي راجا ويگهر مک جي سرپرستيءَ ۾ لکيو.

(ii) کنڊ – کاديڪ (ڳڻت ورياتي)، جو هن اُجين ۾ سن 665ع ۾ لکيو.“137

 

ڀلمال جو شهر قديم سنڌ ۾ اوڀر طرف گجرات جي گاديءَ جو هنڌ هوندو هو. هي شهر هڪ طرف علم نجوم، علم هئيت ۽ ڇندوديا جي ودوانن جي ڪري مشهور هو، ته ٻئي طرف سنڌ جي قديم شهرن جهڙوڪ: برهمڻاباد، ملتان، ديبل، اروڙ ۽ ڀلمال جي ودانن جا هڪ ٻئي سان پراڻا ۽ گهاٽا ناتا ۽ لاڳاپا هئا.138

 

لهاذا جوڌپور، جئپور، جيسلمير، بيڪانير، اُڌيپور، هرياڻا ۽ ٻين اڳوڻين رياستن کان سواءِ سؤراشٽر، گجرات ۽ ڪڇ جي اڳوڻين رياستن ۾ سنڌو – تهذيب جي سئنڌُئي ٻوليءَ جي اُڀرندينءَ شاخ (غالباً انهيءَ شاخ کي اپڀرنش جي نالي سان سڏيو ويندو هو.)،واريون ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. اُنهن مان هڪ جو نالو ’ناگر اپڀرنش‘ هو، جيڪا سرگريئرسن جي راءِ موجب قديم زماني ۾ گجرات، ڪاٺياواڙ، راجسٿان ۽ ان جي اولهه واري خطي ۾ علم ادب جو ذريعو ۽ ادبي لحاظ کان اُها ٻولي (ناگر اپڀرنش)، هن پوري علائقي تي ڇانيل هئي.139

 

اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڍٽ واري علائقي ڀارت جي موجوده راجسٿان واري علائقي ۾ جوڌپور، جيسلمير ۽ جئپور ۾ ’پُنگل ۽ ڊنگل‘ نالي ٻه ٻوليون علم ادب واري کيتر ۾ مشهور هيون.140

 

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”ڪڇ جو ملڪ اول اول محمد بن قاسم مطيع ڪيو، ۽ ان بعد سنڌ جي عربي حڪومت جي اثر ۽ رسوخ هيٺ رهيو. اُن کان پوءِ سنڌي نسل وارين ذاتين جو دائمي وطن ٿي رهيو ۽ اهي ذاتيون اڄ تائين ڪڇ ۾ آباد آهن. موجوده سنڌ ۽ ڪڇ جي قديم لاڳاپي ۽ انهن ملڪن جي ذاتين ۽ نسلن وغيره اڄ به ڪڇ جي ڀٽن کي پوري ۽ پيرائتي خبر آهي؛ ڀڄ پور، ناندرو ۽ سانئرو انهن بڻائتن ڀٽن جا قديم ماڳ ۽ مڪان آهن.“141

 

جڏهن سنڌ جي لاڙ واري حصي تي سومرن جو راڄ (1010ع کان 1351ع) هو. اُن زماني ۾ ڪڇ وارو حصو پڻ سومرن جي حڪومت جي سرحدن ۾ اچي ٿي ويو. ڪڇ کان وٺي هالاڪنڊيءَ تائين سڄو ملڪ سومرن جي تابِع هوندو هو.“142

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته:

”ڏکڻ- اوڀر سنڌ ۾، سنڌ – ڪڇ جي سرحد، سومرن جي حڪومت جو خاص مرڪز بني ۽ انهيءَ مرڪزي ايراضيءَ ۾، سنڌي ٻولي پکڙي، سومرن جي اوائلي دور ۾، سومرن جي طاقت جو رخ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات وارين سرحدن طرف رهيو ۽ انهيءَ ڪري، ڪڇ طرف سومرن، سمن ۽ ٻين سنڌي قومن جون بستيون قائم ٿيون ۽ ڪڇ ۾ سنڌي ٻولي پکڙي.“143

 

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”مقامي حڪمرانن (سومرن) جي مضبوط مرڪز سبب مقامي ماڻهن جو ڌيان، ٻين ڳالهين طرف وڌيو. امن و امان ۽ سک سلامتيءَ جي ڪري، راڳ جي محفلن، معرڪن ۽ لوڪ ادب جي ڪچهرين جو سلسلو جاري رهيو. لوڪ ادب جي اهڙين ڪچهرين جا سرواڻ، سالڪ، جاتين جا سردار، راجائون ۽ رجواڙا، سالڪ ۽ سگهڙ هئا.“144

 

(ث) محققن جو اهو به رايو آهي ته، راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي دور ۾ سنڌ ۾ ’ويرگاٿائون‘ ضرور جوڙيون وئيون هونديون، پر انهن جو ڪو مثال اسان کي هٿ اچي نه سگهيو آهي، البت ڊاڪٽر محمد حسن صاحب ۽ پروفيسر سنتي ڪمار چئٽرجيءَ، هيمچندر جي مشهور تصنيف ’سِڌ هيمچندر‘ مان شاعريءَ جا ڪي نمونا هٿ ڪري، پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن، جن کي گاٿائون سڏيو ويو آهي هيمچندر جي حوالي سان ڏنل گاٿائن مان هڪ گاٿا اهڙي آهي، جنهن جي ٻوليءَ جي گهاڙيٽي جو جڏهن تجزيو ڪجي ٿو تڏهن اهو ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته ان گاٿا يعني ڳاهه جو گهاڙيٽو بلڪل سنڌي دوهي وارو آهي ۽ ان ۾ ڪم آندل ٻولي، سنڌ جي اوڀر ۽ ڏکڻ – اوڀر واري لهجي جهڙي آهي، جنهن تي گجرات ۽ راجسٿان جي ’ناگر‘ ۽ ڀُنگل لهجن جو اثر نمايان آهي.146  145


116 – Ibid.

117 – Hiremath, R.C. Dr., The Genesis & Growth of Dravidian Language, Op. Cit, PP. 82 & 83

118 – Hiremath, R.C.Dr., The Genesis & Growth of Dravidian Language, Op. Cit, PP. 82

119 – ڀيرو مل آڏواڻي: قديم سنڌ، ص ص 24 ۽ 25

120 – Shiakh Khurshid Hassan, Ethnoarchaeology as an aid to Interpret Indus Civilization, an article published in Pakistan Archaeology, Number 26, 1991, Karachi, Department of Archaeology, Museum & Tourism, Ministry of Culture & Tourism, Government of Pakistan, PP. 110 & 111.

121 - Shiakh Khurshid Hassan, Ethnoarchaeology as an aid to Interpret Indus Civilization, an article published in Pakistan Archaeology, Number 26, 1991, Karachi, Department of Archaeology, Museum & Tourism, Ministry of Culture & Tourism, Government of Pakistan, PP. 110 & 111.

122 – Ibid. P112

123  لئمبرڪ، ٽي- ايڇ: سنڌ، سلسلو تاريخ سنڌ، جلد پهريون، مترجم: سليم احمد، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع ص 329

124  سراج الحق ميمڻ: ڏسو روزانه هلال پاڪستان، 30 مئي 1982ع ص ص 5، 6 ۽ 13

125 – Waqas Ahmed Khawaja, Lahore throuth Looking glass, an article, Published in monthly Herald, September, 1992, P. 108

126  ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص ص 69 ۽ 80

127  ايضاً ، ص 72

128 – نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ڇاپو ٽيون، ص 34

129 – Lachman Khubchandani, Dr. Op.Cit., P.529

130 – Lachman Khubchandani, Dr. Op. Cit., P. 529

131 – الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سنڌيءَ ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ڇاپو ٽيون، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 1931ع.

132  - جهمٽ مل ڀاوناڻي، پروفيسر: ڍولا مارو، بمبئي، هندستان ساهتيه مالا، 1956ع ص 77

133 – جهمٽ مل ڀاوناڻي، پروفيسر: ڍولا مارو، بمبئي، هندستان ساهتيه مالا، 1956ع ص 77

134  - مهر عبدالحق، ڊاڪٽر: ملتاني زبان اور اس ڪا اردو سي تعلق، حوالو ڏنل آهي، ص ص 79 ۽ 80

135  - محمد حسن، ڊاڪٽر: هندي ادب ڪي تاريخ، عاليڳڙهه، انجمن ترقيءِ اردو، 1955ع، ص 17

136  - پرم ابيچنداڻي: سنڌي سرنگار ساهت، مقالو: ست سار، ڀاڱو- 2

137  پرم ابيچنداڻي: سنڌي سرنگار ساهت، مقالو: ست سار، ڀاڱو- 2، ص 56. C- 20 سوريه اپارٽمينٽس، سيڪٽر -13 روهڻي نئي دهلي، 1992ع، ص 50

138  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: البيرونيءَ جي وقت ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ لسانياتي سڃاڻپ، سنڌي ادب رسالو، جلد-12، نمبر-2، 1994ع، ص 8

139 -Grierson, G. Lingusitic Survey of India, Vol: I, Part.I. 1927, P. 124.

140  محمد حسن، ڊاڪٽر: هندي ادب ڪي تاريخ، 1955ع، ص ص 17 ۽ 43

141  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ اُن جو ڪڇي محاورو، مهراڻ جون موجون، 1956ع، ص 228

142  علي شير قانع: تحفہ الڪرام، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص 88.

143  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 54

144  ايضاً

145  محمد حسن، ڊاڪٽر: هندي ادب ڪي تارخ، 1955ع، ص 17

146  الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جا لهجا ۽ اُنهن جو اڀياس، مقالو ادبي اوسر، حيدرآباد زيب ادبي مرڪز، 1964ع، ص ص 134 ۽ 166

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com