سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هدايت الانشاء

باب: 4

صفحو :9

خط

گهڻي مدت مَٿي تان آئي- جنهن ۾ اوهان کي اسان جي حال کان بيخبري يا بيپرواهي، يا نَوَن يارن جي مجلس کان نه واندڪائي، يا اسان جي دعا ڌنيءَ اگهائي ۽ اوهان به بيوس ڪٿي دل ڦاسائي؟

”ڀلي شل تيئن سِڪين، جيئن ٻيا سِڪائين،

ته دل غمگين جو غم مانَ کائين!

ڪنهين جي شوخ نرگس جي نظر سان،

هَڄِي حيران ٿِين، ونيون وِهائين!

پَڌرو پوئي سو تنهنجو حال هَرجا،

لڪي هرگز نه، توڻي تون لڪائين!

ڏسين ڏک سي، جي ڏيکارين ٿو مون کي،

اچي مون ساڻ اورِين او سڻائين!

نه ڄاڻان هيءَ دعا مون ڏي ٿي موٽي،

اڃا تان ظلم جي وک ٿو وڌائين!

چيم ’عاشق ٿئين مون جيئن‘- چيو دل:

’متان هن جي دعا اَگا اَگهائين!‘

چيم ’محنت جو من ڪو قدر پوئِي‘،

چيو دل: ’پاڻ لئه غم ٿو وِهائين‘!

چيم: ’عاشق ٿئين مَر- پر نه ٻئي تي،

سوا منهنجي نه سُک هوئي سدائِين!

اچي مظلوم جو ڪو مانَ وارو،

هَلائون جنهن تي هردم ٿو هَلائِين‘!

مٿي ’مشتاق‘ سورن ڪِي جڏهن سوڙهَه،

تڏهن توتي دعا ڪُسندي ڪيائين!“

جواب

الحمدلله، جو سر سلامتَ سان اٿوَ ۽ جسم عافيت سان- اَکين سان ڏسڻ ۽ ڪنن سان سڻڻ ۽ پيرن سان هلڻ ۽ هٿن سان حاجن ڪرڻ ۾ نڪو اَهک اٿوَ، نڪو نقصان؛ هنئين سُچيت، قلب قويءَ، دل هٿيڪيءَ، خيال پُوريءَ، عقل ڪامل سان اوهان کي ههڙا مضمون گهڙڻ آسان!

انصاف ڪريو ته مون ڇا ڪيو- اوهان جو سڀ اوهان وٽ، مون ڇا نِيو، جو مون کي ظالم بنايو ٿا. ڳليءَ ڳليءَ ڳايو ٿا؟ واه عقل، واه فضيلت، واه چڱي عادت ۽ خاصي خصلت! مفت ڪنهن کي بد نه ڀريو، ڪو ڌيان به ڌريو! نڪا چوري ڪيم، نڪو کاٽ هنيم، نڪي نِيُم، نڪي کَنيُم- اوهان جي دل راضي رکيم، سا شايد خطا ڪيم؛ اوهان جي دوستي قبوليم، سا هن بدناميءَ جو سبب ٿيم- جيڪر اصلي ائين نه ڪريان ها، ته پاڻ تي هيءُ آزار به نه ڌريان ها! خير اڳي ڪين سمجهيو هئم، هاڻي سمجهندس؛ اهڙيءَ آفت جي ڦاهيءَ ۾ پاڻ نه وجهندس؛ اهڙيءَ آفت جي ڦاهيءَ ۾ پاڻ نه وجهندس! فقط، والسلام.

 

خط منظور

غيرت، عتاب ۽ ڪوڙي خواب جي بابت

مٺي محبوب کي ساري سڀيئي،

وڃي ڪو ڏئي نياپا منهنجا نيئي.

وڏيءَ وينت، گهڻيءَ نوڙت نيازيءَ،

نمائي ڪنڌ چئي سان عجز آزيءَ:

ته ’اي دلدار، دلبر، يار جاني!

ملي مشڪل ڪو تنهنجي سونهن ثاني!

ڀَلارا، بخشَ وارا، پِي پيارا،

نگارا، گلعذارا، جيءَ جيارا!

چمن- مُک، چشم نرگس، سرو قامت،

ڪئي قَدَ تنهنجي ڪُٺلن تي قيامت!

ملاحت تنهنجِي، اي صاحب صباحت،

ڪئي دل آب، ويئي روح راحت!

نپايو ناز کي تو ناز پرور،

سِکيا سهڻا توکان انداز اڪثر.

عجب جا خاصيت منجهه ناز تنهنجي،

لڀي هرگز نه سا منجهه ناز ڪنهن جي!

تنهنجو اِيءُ ناز ماري پڻ جياري،

ڪڏهن اُڃ ڏئي، ڪڏهن ڍَؤ تي پياري!

هجيئي شال ويرا وير وَڌ ناز،

نه هرگز هوءِ تنهنجي نازَ انداز!

سلامن بعد، سهڻا دوست دمساز!

عرض عاجز سندو سُڻ، هوت همراز!

نيازي منهنجي ڪرما تون قبولج،

خدا ڪارڻ، مَ تنهن کي تون عُدولج!

وسيلو آڻيان ڪهڙو وٽيئِي؟

پرين، پرچائيان توکي ڇا ڏيئي؟

سڄڻ تو وٽ ڪا ڪنهن شيءِ جي ڪمي آهه؟

ڳنا نعمت ۽ دولت بي غمي آهه.

وٽان تو، حُسن کي حاصل بهاري،

سبب تو سُونهن آهي فخر واري!

مِٺلَ! تنهنجو ڍَيو مُنهن گلعذاريءَ،

ڪيو سرسبز طالع، ڪامگاريءَ.

بچايو ربَ چمن تنهنجو کان آفت،

ذقن جي صوف کي ڏنئين لطافت.

جڳائي تاج محبوبيءَ جو ۽ تخت،

توکي، روشن ڪيو تو حُسن جو بخت!

نه مون مسڪين وٽ هڙ ۾، نه هنج ۾،

اُها شيءِ جا جُڳائي تنهنجي گَنج ۾!

مگر سِيني ۾ دل سوزش کان بريان،

جدائيءَ جل کان خونبار گريان.

روئڻ بيتاب سڀ خون ناب، رخ زرد،

گريبان چاڪ، سِرسِر خاڪ، دم سرد.

سڄو ڏينهن اشڪباري، بيقراري،

سراسر رات جو اختر شماري!

گذارڻ ڏينهن، بيتابيءَ جي حالت،

وِهائڻ رات، بيخوابيءَ جي حالت!

-اهو ۽ مثل ان، مون وٽ مڏي مال-

سُنهي مون سان، نه لائق توسان ايءُ حال.

مگر جي ايءَ پسِي صورتَ سَقيمي،

- ضعيفي، بيڪسي، غربت، يتيمي-

ڪرين ڪا ٻاجهه، سڏ سائل سڻين تون،

جو سِرُ سُنت سَڃي، تنهن کي ڌُڻين تون.

ته تنهن کان آهه اعليٰ تنهنجو احسان،

نه ٿيندو اِن سبب منجهه شانَ نقصان!

ڪرين جيڪي سڀئي ڪج، هجر ڪج ڪيم،

ٻين جي ڏوهه ۾ مون کان رُسج ڪيم!

نه ڪنهن ڏکَ سورَ منهنجو ماريو من،

ڏئين دل ڌارين، تنهن ڳاريو تَن!

- محبت مان جنهِين جي نيٺ محبت،

وفا جي کَلَ اٿن ۽ مغز فتنت!

اِرادو هو جَڪس توکي اڳي ايئن،

’ته ساڙيان جانِ هن جي ڪنهن طرح، ڪيئن؟‘

جدائيءَ جو تَنهين لئه پهه پيو تو،

ارادو پانهنجو پورو ڪيو تو!

ڪٿي جي رسم هيءَ، جا هت ڪئي تو؟

لُٽي دلڙي، وري اک ناکنئي تو!

نه مون معلوم آهي ماهيت اِيءَ،

ته توسين آهه ڪهڙي خاصيت هيءَ؟

سڄي عالم منجهان دل هيءَ هنئِي تو،

ٻَڌي ڪنهن قيد ۾ قابو ڪئي تو!

نه ڪنهن ٻئي حُسن منهنجو جيءُ جهَٽيو،

نه ڪنهن جي ناز مون کان داءُ کٽيو!

خبر ناهي ٻَڌس منجهه ٻاڻ ڪهڙي؟

سبب ڇا، جيئن ٿيس هيئن حال ههڙي؟

- ڪ مرڪڻ ساڻ تنهنجي، موهيو من،

- ڪ نيڻن جي نظر تابع ڪيو تن.

- ڪ دل، رخسار جي تابش ڪي بيتاب،

ڪِري تيئن چاه غبغب جي ۾، جيئن آب!

- ڪ زلفن ظلم سان ٻانهو ٻَڌايو،

- ڪ آبرن تيغ زهريءَ سين تڇايو.

- ڪ مثگانن هنيس ڪانن مٿي ڪانَ،

چُٽي ڪيو چُور چيٽُن منجهه ميدان.

- ڪ ان خنجر نگہ کان دل فگار آهه،

گريبان سينءَ دامن تار تار آهه!

عجب! توکي ڪي آهن ياد انداز،

’ڪيم دل چُور هڪ‘- تيغ نگہ ناز!

عجب! مون ڪاڻ تو وٽ ڪو جو اقرار،

ڪيو جنهن ساڻ تو مون کي گرفتار!

پکي، جنهن جا ڀَڳئِي پکڙانڊيون، پک،

انهيءَ جي ٿي مٿئي واجب ڪرڻ رک.

نه پک ڀڃجن، ڇڏڻ جي هوءِ منظور،

ڀڃي پک، پوءِ ڇڏڻ جو ناهه دستور!

لڳا جي پاند، تن کي لوڌئين ٿو،

مٿي آڀرن سَٻر، سهڻا، ٿئين ٿو!

وِل وس کان مٿي گس تنهنجا گهايل،

ڪري آسي اکين ويٺا سڪايل!

برابر سال، جي گذرين ساعت،

وڃاين انتظاريءَ اسطاعت!

خوشي کسين، جگر تي ڪو پيَن جوش،

نه دل طاقت، نه تن قوت، نه سر هوش!

دلاسو دوست! تن کي ڪونه ڏنئي،

نماڻن ساڻ ناتو ڇا کان ڇنئي؟

- ڪ توکي سڌ ان آزار جي ناهه؟

- ڪ دل ۾ ڳالهه هن بيمار جي ناهه؟

- ڪ ڊپَ هن درد جي جو پرو ناهه؟

- ڪ ڪنهن تي ڪهل جو توکي ذرو ناهه؟

ٿيڻ توکي نه گهرجي بيخبر هيئن:

خبر لهه، هيءُ ٿيو مون تي حشر ڪيئن؟

سِڪڻ تنهنجي، عجب جا ڪئي ڪرامت،

قيامان مهند مون تي ٿي قيامت!

”يفرّ المرءُ“ جا پيدا سڀئي پارَ،

ڪيو مون کي عزيزن پڻ ڌڪي ڌار!

ڀڄي ڀائر ٿيا سڀ يار بيزار،

ڪري جهل پل پيا اندوهه اغيار!

ٿئي ڪيئن عشق اُن کان رستگاري،

ٻَڌي جنهن ٻَنڌ ”ذوالقرنين“ واري!

ملامت پاڻ ٿي مَچ کي ڌَئيندڙ،

سا ٺاري ڪيئن، جا ٿي جهوڪ ڏيندڙ؟

سڪڻ تنهنجي مون کي سيکاريو جو،

نه ڪنهن ڏاهي سو گس ڏيکاريو هو!

سڪڻ مان منهنجي نابودي ٿي نروار،

سڪڻ مان مون تي ننگ ناموس ٿيا عار.

سڪڻ مان مون کي سڀئي ٿيا فراموش،

مگر تنهنجي مِلڻ لئه جي اندر جوش.

سِڪڻ مان مون سَري اُميد واري،

سوا وعدي اچڻ جي انتظاري.

سوا وعدي نهاري ڪونه بلڪل،

ڏيئي وعدو وساري ڪونه بلڪل،

سوا وعدي عجب مُنهنجو نهارڻ،

عجب وعدي پٺيءَ تنهنجو وسارڻ!

ٻُڌم تان ڳالهه مردن جي کي جان هوءِ،

اُها جاندار جيڪس منجهه جهان هوءِ!

ورين وعدي تي يا وعدي کي وارين،

سڪايل کي سنڀارين يا نه سارين!

نه پل پاسي ٿئي ايءَ خوبِ صورت،

هِنئين ۾ حل اٿم محبوب مورت.

مٿو هيءُ تنهنجي هنج ۾ مون ڏٺو رات،

سراسر منهنجي وائي تو هئي وات.

هئي محفل اها اغيار کان پاڪ،

نه ڪو چاري، رهي ڀَؤ جنهن جو يا باڪ.

هيم اک دل جي تنهنجي حسن سان شاد،

چيم، ’يا رب رکج هي باغ آباد‘!

لکين ٿورا مڃي خوش قسمتيءَ جا،

ڪيا ٿي اک تماشا جان جيءَ جا.

دريغا! ڪين ٿي دولت جٽادار،

انهيءَ عشرت مان حسرت ٿي نمودار!

گهڙي گذري نه تان ساڳي اُهائي،

مٿي مون اوچتي آئي جدائي!

وچويو وصل جو، ٿي ننڊ ڪو دم،

ڪيو تنهن کي قضا درهم ۽ برهم!

چڱو هو منجهه اُنهيءَ حآلت مئس جي،

جڪس جهوريءَ جي لاءِ جاڳس ٿي!

جهِڄڻ جهوريءَ سندو تن ۾ نه اڄ تاب،

نصيبن کي سچو ٿيندو ڪ ايءُ خواب؟

گهڻيرا خواب اڳ مون آزمايا،

موافق مدعا منهنجي نه آيا!

چڱي جو تان اثر ظاهر نه هڏ هوءِ،

مَدو، تان پرهه ڦٽڻان مهند ٿي پوءِ!

پِرايم جارُ جاڳڻ مان جدائي،

وري نيڻن کي ننڊ تان ڪين آئي!

هُئي، هَيهات! راتوڪي عجب رات،

جنهين ۾ صبح سين وائي هيم وات.

نه دل تان درد گهٽ، تن تاب ناهي،

نه اُڀري صبح، اکين خواب ناهي!

وڇوڙي مان سڃاتم وِصل جو شان،

ڪنڊا دل ۾ چُڀن، گُل ناهه ارمان!

چڱا، جي مَحو ٿيا پهرين ڏسڻ ساڻ،

وڇوڙي وصل جِي ڪڍيئون نه ڪا ڪاڻ.

نڪو گُهرجي وچان وِچُ، دوست هاڻي،

وَسان ويئيام دل هيءَ رب ڄاڻي!

زياده حد کان گذري جدائي،

ڪرم ڪر، حال پَسُ هيءَ هيڪلائي!

مرڻ مون کي تنهنجي غم ۾ سزاوار،

نه هيئن لائق ٿيڻ توکي ستمگار!

مري هنپر سڪايل تو سندو جي،

ته تَنهن جو خون پوءِ تحقيق توتي.

مرڻ ڏينهن پڻ نه مون کي وِرهه ويندو،

مُنهان پوءِ، دوست ڪنهن سان دل گڏيندو؟

ٿين هن حال جي پورا پَسہ مون،

قبر تان ڪِيم ڪي ڀيرو ڀڃج تون.

اٿم جيئري اچڻ جيئن تنهنجو مطلوب،

مرڻ کان پوءِ پڻ تيئن مون کي مرغوب!

خدا ڄاڻي ته ڄڻ پوندي نئين جان،

جو ايندي قبر تي اي جان جانان!

مُدامي مون سندو وٽ تو عرض آهه،

”ملڻ جي سِڪ سوا مون ٻيو مرض ناهه:

دوا ديدار جِي مون لاءِ ڪافي،

شفا هٿ حَق جي، اُو آهه شافي!

پَسِي طُومار سِڪ جي جِي طوالت،

مَ ڪج ”مشتاق“ کان موٽي ملالت.

- پيو هي شوق پلٽي، تنگ ٿيو ظرف،

قصو ڪوتاهه، بس سڻ هيڪڙو حرف:

نه اڄ هٿ تنهنجي دامن ۾ جي پوندم،

حشر ۾ هٿ تنهنجي دامن ۾ هوندم!

هميشہ آهيان تنهنجو دعا گوئي،

ملڻ جو مون پرين پڻ مدعا جوئي.

وِڌِي دل عشق جي دريا ۾ مون آهه،

ٻَڌي سندرو ”توڪلت علي الله“!

وڻيئي وصل جو هٿ ڏيئي تارينم،

ڪ لاغرضيءَ جي لَتَ سان ٻوڙي مارينم!

هجين سهڻا سڄڻ سائين سلامت،

سلامت با ڪرامت تا قيمت!

 

فصل ڇهون

گهڻي درد نه ڦولڻ ۽ محبوبن جي رضا ڳولڻ جي خطن ۾

ڪڏهن هيئن ٿيندو آهي جو نازنين جي نازڪ مزاجيءَ جي سبب، ڪنهن طورمار طويل يا حال جي تفصيل کي بي ادبي ڄاڻيو، محبوب جي رضا ظاهر ڪري ٿو. ان کي به لطف کان خالي نه سمجهي، ڪي سندن نمونا ڏيکارجن ٿا.

 

خط

جڏهن رضا جي مقام ۾ آرام وٺڻ دوستن مهبت ڪيشن جو شيوو ۽ مڃڻ جي اڏيءَ تي مٿو رکڻ، دل- ريشن درويشن جي رسم آهي، تڏهن جيتوڻيڪ ان محبوب نازنين، وصال جي ڌاڳي ڇِنڻ وقت، انهيءَ آزار اَپار جي بلا ۾ گرفتار ٿيڻ جي هن دل- حزين کي آگاهي نه ڏني، تان به هن صورت ۾- جو نا اُميديءَ تي اُميد غالب آهي- اُن کي اوهان جي چڱي فڪر ۽ خالص خير کان سمجهيو ويو، ڇا کان جو بلا جي ڊپ ۾ اوجهرڻ کان، انهيءَ بلا ۾ هجڻ ڀلو آهي ۽ ائين به چئي سگهجي ٿو ته افسوس جي گهڻائي ۽ حسرت جي ڏاڍائي ڪرڻ، ان جو سبب هوندو:

”قاتل ڪُهڻ جي ساعت اکيون ٻئي ٻَڌيم،

تان دل ۾ مُنهنجي ڀَل غم ديدار جو رهي!“

غرض ته دل اخلاص پاليل بهرحال، اوهان جي رضا ڳوليندڙ آهي.

”آءٌ رحمت ظلم تي راضي ٿيس دل جان کان،

مون مڙئي مقصد ڇڏيا، تنهنجو ٿئي مقصد تمام.“

اميد ته ڪڏهن قلم جي لطف سان نوازش فرمائيندا- جو ان کي پنهنجي خالص نيت جو نتيجو ڄاڻان ٿو- زياده نياز، والسلام.

 

خط

ڪيترا نيازناما هَلايم- الحمدلله، جو ان جي جواب ۾ اڄ سلام آيا! غنيمت سمجهي شڪر گذاري ڪيم ۽ شڪايت جي حڪايت سان زبان نه کوليم- ڇا کان، جو اوهان سين دعويٰ عجز ۽ نيازيءَ جي آهي، نه سخن سازيءَ جي، نه فُقريبازيءَ جي.

خط نه اچڻ کان جيءِ جو پَچڻ ۽ جواب نه سَرڻ کان ڳڻتين ۾ ڳرڻم اڳوڻيءَ مهربانيءَ ۽ لاڳيتيءَ صحبت جي حال جو خيال ڪرڻ، ۽ هينئر هيڪلائيءَ ۾ افسوس کائي حيرت جي گريبان تي هٿ ڌرڻ ۽ غمن کان فراغ هئڻ دماغ آرام کان خالي ٿين ۽ مرڻ کان بدتر حياتيءَ ۾ جيئڻ- جيڪر مفصل لکان، پر نازڪ مزاج جي ملالت جو خوف ٿو رکان! فقط، والسلام.

 

خط

دل سوزش، جي قلم کي سپاريم ته ڄڻڪ خط کي آتشبازيءَ جو ڪاغذ ڪيم! لاچار دل ۾ ڌريم، جو ’آتش، آتشدان ۾ ڀَلِي.‘

ملازمت کان محروميءَ ۽ خدمت کان دوريءَ جي حسرت جا وقوع ۾ آئي، سا سراسر آسمان جي ڪج رفتاريءَ کان نصيب جي نا رسائي آهي! واڌو نٿو لِکان: جهڙو سُور، تهڙو دل ۾ ٿو رکان.

”نازڪ بدن، جو واءُ صبا کان ڏُکوئجي،

پَنَ گُل جي مثل جلد هوا کان ڏُکوئجي-

اُن جي قدم چمڻ جو ملي مَپُ ڪٿان، جو اُو،

پيرن جي خاڪ بوس گدا کان ڏُکوئجي؟“

 

خط

صلح جا وچويا به ويا، جي رُٺلن کي پرچائين! حق چوندڙ هليا، جي ونگيءَ واٽ واري کي سمجهائين! پروڙيم ته ڪن خطائن جي سزا لوڙيم ۽ مناسب خدمت ڪانه جوڙيم!

رات جو نکٽن ڏي نهاريو خيال ٿو ڪجي ته ’هن وقت مان اوهان جو به ڏانهُن نظر هجي ۽ اهي اسان جي نظرن گڏجڻ جو هنڌ هونِ‘- ۽ دولتخاني جي دروازي ڏي ته گُهنڊ ۽ گُهور جي دربان سبب پير نٿا پون!

”منجهه گهٽيءَ تنهنجي ملي واٽ نه مون رسوا کي،

مرتبا جيڪي اچان، سڀ سي پشيمان ٿيان!“

 

 

 

 

 

 

 

 

فصل ستون

آزارن کان آزرد ٿيڻ ۽ محبوب کي خار ڏيڻ جي خطن ۾

مخفي نه رهي ته عشق جي خاصيتن ۽ ڀلائين مان آهي، جو ضعيف کي قوي ڪري ۽ قويءَ کي ضعيف، ۽ هيڻي کي بهادر ۽ بخيل جي تريءَ کي سخي، ۽ ذڪيءَ جي ذهن کي غبي ۽ غبيءَ جي ذهن کي صاف، ۽ گونگي کي ٻوليار ۽ لڙيل کي کڙو، ۽ پِبَل کي اُڀو. ايڏيءَ بزرگيءَ وارو آهي، جنهن وٽ بادشاهن جي عزت، ذلت سان مٽجي ۽ پهلوئن جو دٻدٻو هيڻائيءَ سان. اهو ادب ڏي سڏيندڙ آهي ۽ عقلن ذهنن جو پهريون دروازي کي کوليندڙ. سنهن سنهن حيلن ۽ نَٽن جا وَرسُرَ سمجهائيندڙ، حيلي سازن جي ڪجهه حالت پروڙائيندڙ، همتن جي استراحت جي انتها آهي ۽ موچارن اخلاقن جي ابتدا.سندس مجلسي سوڀارو ۽ صحبتي وِرونهه وارو. سدائين سندس موچاري عبارت ۽ سلوڻي اشارت، عمدي عادت ۽ حال لڪائڻ ۽ پرهيز ڪرڻ ۽ صبر جهلڻ سببان، ڄڻڪ عبادت، بلڪ سبب شهادت ۽ سعادت. مگر ڪنهن کي سَڌُن سان ڪين سري، خشڪ ۽ خالي نه ڪري، سوڌو رستو سندس بيابان آهي ۽ ميٺاج سندس تلخي، ۽ ٿڌائي سندس گرمي، ۽ ڏينهن سندس وڏو جُڳ. اول سندس آسان، ۽ نهايت جنون جو سڀ سامان. تعريف سندس ناممڪن ۽ وصف سندس محال؛ جو چَکي سو سڃاڻي، ٻيو بيگانو ڇا ڄاڻي؟ عاشق صادق منجھانئس نه ورچي_ جيئن ته ”ديوان الصبابته“ ۾ ابوالنجاب کان نقل ٿو لکي ته ”هڪڙو جوان، جسم جو ڏٻرو، تمام ضعيف اڀرو، طواف ۾ ڏٺم، زاري ڪيائين ٿي ۽ هيءَ دعا گھريائين ٿي ته ”اها آرزو اٿم ته عشق سڀ جمع ٿي منهنجي قلب ۾ پوي، ۽ سِينو چِيرجي رهي، پوءِ نه عشق منهنجي قلب مان نڪري، نه سندس لذت فرحت ڍري ٿئي_ تان ته عمر پورائي ڪري!“ ابوالنجاب چيس ته ”هن ماڳ جي تعظيم تو کي هن ڪلام کان نٿي جھلي ڇا؟“ چيائين ته ”بيشڪ، پر جڏهن عشق منهنجو قلب ڀريو، تڏهن اها تمنا ڪيم! الله تعاليٰ جو قسم، ته ان وانگر مون کي بادشاهيءَ به خوش نه ڪيو، ۽ دعا پنان ٿو ته ساري ڄمار الله تعاليٰ منهنجي پاسي ۾ جاءِ ڏئيس، اُتي سندس پروڙ هجيم يا نه- اها دعا اٿم ۽ ان لاءِ هن ماڳ جو قصد ڪيم ۽ انهيءَ ۾ رغبت رکيم ته انهيءَ عطا مان، جا الله تعاليٰ ساريءَ خلق تي فرمائي ٿو، آءٌ به مراد لهندس“!“

الحاصل ته هڪڙن جي اها حالت آهي، ”الجنون  فتون“ موجب، ٻين، ٻين کي وڄ چمڪي جيترو وقت، ڪڏهن ظاهر ۾ ملامت به آهي- سو اُتي جو اُتي شوق جي حڪايت ڪندو، وري ان جي شڪايت، ۽ پاڻ لاءِ شفا گهنردو، وري جفا! هڪ حال تي نه رهندو، ٽنهي زمانن مان ڪنهن ۾ فرق نه ڪندو، يا ته محبوب وٽ زاري هونديس يا ته ان کان بيزاري، يا ته ڳڻن ڳائڻ ۾ هوندو يا ته عيب لڳائڻ ۾، شڪر گذاريءَ ۾ يا ته احسانن جي انڪاريءَ ۾، يا ته پنهنجي عاجزيءَ ۾ بيوسائيءَ ۾ يا ته محبوب کان بيپرواهيءَ ۾! غرض ته سڀڪنهن صورت ۾- توڻي عجز ۽ نابوديءَ ۾ ايندو، يا ڪابه محبوب کي خار ڏياريندو ته عذر وارو چئبو، بلڪ ٻيءَ صورت ۾ پاڻان وڌيڪ قابو سمجهبو ڇا کان، جو اها چُرڦُر بي اختياري اضطراري اٿس، نه وس ڪاري.

حضر فُضَيل بن عياذ رضي الله عنہ فرمائيندو هو ته ”جيڪر الله تعاليٰ قبول پيل دعا مون کي بخشي ها، ته هوند رڳي عاشقن لاءِ مَرهه گهران ها ڇاکان، جو انهن جي چرڦر اضطراري آهي، نه اختياري.“ ۽ ابوسائل مخزومي (رضي الله عنہ) کي ڪن ڏٺو ته ڪعبي شريف جي پَڙَ ۾ چهٽو پيو هو، ۽ هيئن ٿي چيائين: ”خدايا! عاشقن تي رحمت ڪر، ۽ ان جي قلبن کي قوت ڏي، ۽ معشوقن جا قلب مٿن مهربان ڪر“. تڏهن پڇائونس ته ”هي ڇا!“ جواب ڏنائين ته ”الله تعاليٰ جو قسم! انهن لاءِ دعا انهيءَ ”عُمري“ کان به زور ڀلي آهي، جو ”جمرانة“ کان هجي!“

جڏهن اهڙيءَ حالت جو آئينو ڏيکارڻ به مناسب هو، تڏهن ان جو نمونو به لکجي ٿو.

 

خط

عشق جي ڪَرهه جا قواعد سيکاريندڙ، محبت جي جن جي گَهٽ ڏيکاريندڙ، سِڪ جي جهيڙي جا سَجهه سمجهائيندڙ، شوق جي ويڙهه جون واٽون سڻائيندڙ، پرت جي پڙ ۾ پهريون ڌڪ اُلاريندڙ، تنهين سين ماريندڙ، چشمن سان چڪر ڪندڙ، نيڻن جا نيزا هڻندڙ، ڀِرُن جا خنجر بڇيندڙ، پنبڻن جا تير چڀيندڙ، تنهين جا نشان چُٽيندڙ، ناز جي ناؤڪ سَڃيندڙ، ليون دُلٽيندڙ، جگر جهٽيندڙ، پساهه پٽيندڙ، سورن ۾ سٽيندڙ، فتح وارو، سدا سوڀارو- شال سدا سلامت رهي!

نياز جي سلامن کان پوءِ اشتياق جي حڪايت ۽ فراق جي شڪايت هيءَ، ته جنهن ڏينهن کان جدائيءَ واٽ لڌي، آرام ڪمر ٻڌي، اک خون بار رهِي، ۽ دل ۾ سيماب جيئن بيقراري، ڏينهن جو اشڪباري، رات جو ستاره شماري، اکيون سدا چوواٽي چڪاس ۾ ته دوستيءَ جي گلشن مان ڪا بوءِ اچي، جا جان جي مغذ کي تازگي بخشي! پر ڪڏهن به خط نه لکيئي، دوستيءَ جي پوک ۾ ٻج نه پوکيُئي! ڪئين محبت ناما موڪليم ۽ آرزو جا بنياد رکيم، مهر جو رستو نه وٺتُئي، گوهه ڪونه پُوتئي!

نه ڄاڻان ته هن طرف ڪهڙي ڏکي لڳيئي، جو دلداريءَ کان دل کَنيئي؟ منهنجي پروڙ ۾- نه گناهه ڪيم، نه گستاخيءَ جي واٽ ۾ قدم ڀريم! مگر ايترو جو دل ڏنيم، ٻئي هر ڪنهن کان ڇنيم، مٿو واٽ تي رکيم، عوامن جو آزار چليم، آرزو موت جي صورت ڏيکاريم، خوشي زماني کي سُپاريم! هاڻي جڳائي ته مهر تي اچو، ’اڄڪلهه آيلن‘ کي ڇڏيو ۽ هن قديم سان يگانگيءَ جي گوءِ سين کيڏيو! ڪشش اهڙي اٿم ته توکي مهر تي آڻيان، پر ڪهڙي خوشدلي کنيم: اڳي ڇا ڏٺم، جنهن جو دل ۾ حرص هَوَس رهندم؟

”سندلا! تون نه ڪڏهنم سين ڪرم،

منهنجي نيازن جي اچين دام ۾!

مست نگہ! مهر نه هارين هڏه،

منهنجي محبت جي ڪڏهن جام ۾؟“

گهڻئي گهران ٿو ته ڇِت تان ٿال نه ڪيڙي، مگر تو فراموشي ڌئي، دل تي ڪم تنگ ٿيو- سا درد جي آتش ۾ وِگِهري، دشت مان مٽجي درياءَ ٿي پيو!

”جو جڳائي ڳُجهه لڪل پردن اندر،

سورُ مَنجهيون، تنهن کي ظاهر ٿو ڪري.“

ڪو دم مٿو هٿ تي رکان ٿو، ڪنهن وقت هٿ مٿي تي. اڃا به ڳُجهه تي ڪجهه پردو آهي، جي ايندؤ، ته پردي تي پردو وَڌائيندؤ، جي نه، ته مون لاءِ رسوائي ناڪامي ۽ اوهان لاءِ (نه ڪري خدا) بدنامي! فقط.

 

جواب

دوستن جو پيارو- سلامت!

بعد سلامن جي، مطلب ته صداق ۽ وداد جي صورت ۽ موچاري اتحاد جي صفت- هن مخلص جي خاطر ۾ لڪل- جِي معلوميت سان به، بار بار ان جي صورت ۽ معنيٰ جي بيان جي تڪرار ڪرائڻ مان، سر کپائڻ سواءِ ڪهڙو نفعو، ۽ مغز کائڻ ڌاران ڪهڙو سود ۽ بهبود؟ دوستيءَ جي شرطن ۽ محبت جي ادبن جي پاسداري نه هجي ها ته ڪامل ملاقات ڇا، اڌ ملاقات جي رسم به نه رکجي ها! هر طرح رضا رکڻ سان به اوهان جي راٻ راٻ کي روڪ نه آهي: ڀلا جي اسان جي دل نه ساري، ته اوهان جي دل ان جو اثر ڪٿان پيدا ٿئي؟

”ويو جڏهن خلق مان اُٿي انصاف،

مون تڏهن هٿ ٻڌا ڪجوم معاف!“

 

خط

محبت جي اقليم جو بادشاهه، مودَت جي ملڪ جو شهنشاهه، دوستيءَ جي ڪرسيءَ کي زيب بخشيندڙ، سچائيءَ جي مجلس کي زينت ڏيندڙ، عشق جا فرمان فرمائيندڙ، پنهنجي وننديءَ پنهنجا حڪم هلائيندڙ، حيا وارو، نيڪ نظر وڏيءَ پروڙ، گهڻيءَ خبر، حال واقف، دل جي محرم، طبيعت جو کهرو، جسم جو نرم، قلب جو سچيت، اکين ۾ ڳهريل، هِنئين جو هشيار، نظر ۾ بيخبريءَ سان ڀريل؛ ڪڏهن ظاهر ۾ سبتو اندر ۾ ابتو، ڪڏهن ظاهر ۾ رٺل اندر ۾ ورتل، نه رسڻ جي ريت رکندڙ، نه پرچڻ جي پر ڪندڙ، عجب جهڙي عادت، حيرت جهڙيءَ حالت، سدا سهڻو، من مهڻو- سلامت هجي!

نياز جي سلامن کان پوءِ، رت جهڙين هنجن مان شوق جو گلدستو بنايو، مجلس شريف جو تحفو ٿو رکجي ۽ هيءُ عرض گوش گذار ٿو ڪجي: منهنجا نوازش فرمائيندڙ! توڻي مرڻ ۾ آهيان، مگر تولاءِ دعائن ڪرڻ ۾ آهيان. فراق جي خنجر زخمي ڪيس، سارو جسم اکيون ٿيو، اشياق مان پُر ٿيس- جدائيءَ جي درد جي تپش ڪهڙيءَ صورت سڻايان؟ آءٌ بي پَر تون بي پراوهه- ڪيئن اُڏامي حضور ۾ حال پهچايان؟ ساهه چپن تي، جيءُ پريشان، اک ته ڪو رت جو درياءُ آهي! تلخ مزاجيءَ کان نه ڪٿي لاءُ نه ساءُ آهي؛ مَنهجهئين سوز کان سارو بدن وِگهريَل آهي؛ گريبان چيرجڻ کان، سموري حال جو پردو کليل آهي!

”پيو گريبان چيرجي، رسوا ٿيو عالم ۾ عشق،

چاڪ ٿيو مکڙيءَ جو سينو، منجهه نه رهندو بوءِ هڏ.“

سڪڻ ۽ سورن چکڻ جو مٿو ڪونهي، اڱرا سڀ سڙي ويا، سيني جو پتو ڪونهي! هن دل خانه خراب کي وڏيءَ مشقت سان بغل ۾ سانڍيو هوم، ته ڪم ايندي- ائين نٿي سمجهيم ته ڏسي وائسي پاڻ آفت ۾ ڦاسائيندي؟ هاٿين سان کائي ٿي، پنهنجي ڪيتي جي سزا پائي ٿي!

اگرچ انهيءَ زلف پيچان ۾ ڪئين دليون اٽڪيون ۽ اٽڪن ٿيون، اوهان کي هر طرح رات آهي! هو لُٽڪن ۽ لٽڪن ٿيون، مرن ٿيون، پٺتي ڪين ورن ٿيون، ۽ ڪئين نااُميدي ۾ گرفتار آهن، نُنهن چوٽيءَ سين سڀ سور ۽ آزار آهن، پر ايترو لطف آهي، جو هردم ديدار نه اٿن! ڦِسن ٿا ڪ ڦٽجن ٿا، مگر حضور ۾ اچڻ ته هروار اٿن! هڪڙو آءُ، نٿو ڄاڻان ته ڪهڙيءَ مصيبت ۽ بلا ۾ آهيان، ٻيو هيءُ ظلم جو توکان جدا آهيان:

”ساٿ سڄڻن جي ۾ سهسين ٿا هلن محل نشين،

ڪوهه ڄاڻان آهه اُت ليلي جي اُٺ ڪهڙي قطار؟“

جي رڳو ايترو خيال آڻيو ته هي به هڪڙو قديم خواهشمند، ساهه سوڌو کيڏي چڪو آهي ۽ آڳاٽو دلفگار، رنج ۽ الم جا بار کڻي جهُڪو آهي، ته البت جان بچندي، ڪا ٿوٻ ٿيندي، جي نه ته ايترو ڄاڻي رهيس، ته هن فراق جي گهائن ۽ وڇوڙي جي ڪهڪشائن کان، هڪڙي ڏينهن جان نڪري ويندي!

انصاف ڪريو! ڪڏهن جگر تي ته اچي هٿ ڌريو- ته وصل جي هير جو هيريل هن جدائيءَ ۾ ڇا ڪري، ڪيتري تائين صبر جِي سِر دل تي ڌري؟

 

”تنهنجو غرور، منهنجو اِهو عجز، ڪيترو

هلندا- ٻنهي جي آخر ئيندي ڪا انتها؟“

هڪ خدمت کان دوري ۽ مجلس کان مهجوري، ٻيو قسمت جي قيد ۾ ڪٽڻ ضروري ۽ تقدير جي مجبوري، ٽيون دل صبر هرگز ڪين سهي ٿي، جهٽ جهٽ ڦاٽيو ڦاٽيو وهي ٿي- آزار ڪو ٿورو آزار، غم ڪو ٿورو غم آهي ۽ تنهن ۾، آفت هَنيلن هِينيَن جي غمخواري جوانمردن جو ڪم آهي. آءُ ظلم جو زوال ڪيل، مطلوب کان جدا آهيان! خدا ٿو ڄاڻي، جنهن رنج ۾ مبتلا آهيان! رحم جو وقت آهي- ويچارن جي حالت کان غفلت نه کپي، ۽ اُن جي اُميدن ۽ مرادن جي بساط تي لَتَ نه کپي! هيترو خيال فرمايو ته منهنجي دل جو ڏڍ ڪير آهي” هيترو خيال فرمايو ته منهنجي دل جو ڏڍ ڪير آهي؟ اوهان جي ڀروسي تي پيل آهي- هجر جي بلا ٽارڻ جي ڪا واٽ ڪڍو، وس کان ويل آهيان:

”ڪونه هوندس جهان ۾ آءُ

ڇا ڪندين دل جو دوست تهر اچي؟“

 

جواب

عاشق زار، بيقرار، دوستيءَ جو سچار، سچائيءَ جو سينگار- سلامت!

سلامن بعد، مرقوم ته اوهان جي خط جو مطلب مفهوم ٿيو. جواب ۾ معلوم ته ساهه جي پريشاني جو زباني اقرار ناداني آهي، لاچار مدعا جي واٽ ۾ قطره فشاني آهي؛ اوهان جي شڪايت بجا، ان جو انڪار بيجا- پر ان ۾ ڪهڙو عجب جهن سهوَ ۽ خطا آدميءَ سان خاص آهي، مگر [1] آدميءَ کي آدميت لازم! محبت ۾ اورانهين ۽ پرانهين ۽ پرانهين ٻيئي برابر آهن، تڏهن ههڙي ڳالهه لکڻ ڪا لائق؟

”اکين کان پري تون ته غم ڪومَ ڪر،

جڏهن جاءِ تنهنجي ڪيم ساهه ۾.“

خط

دلين جو محبوب، محبوبن جو مطلوب؛ سهڻن جو مرغوب، خصلتن خوب؛ نازنين، مہ جبين؛ ناز پاليندڙ، ناز سينگاريندڙ؛ نيازمندن کي ناز سين ماريندڙ، ناز سين جياريندڙ؛ رُسندڙ ته ڪا معذت نه مڃيندڙ، تُسندڙ ته سؤ خطابن مان هڪڙي نه سَڃيندڙ؛ فراق جي فوج هلائيندڙ، ته ڪنهن جي ميڙ منٿ سان نه هَٽائيندڙ؛ وصال سان ويل دل ورائيندڙ، ته ڳڻن ۾ ڳهي قابو ڪرائيندڙ يا ته خوشيءَ مان کلائيندڙ، يا ته ڳوڙهو ڳل نه سُڪائيندڙ، ڪڏهن وعدا پاريندڙ، ڪڏهن گوشي گذاريندڙ، ڪڏهن ڪوٺيندڙ، ڪڏهن لوڌيندڙ، ڪڏهن ٻاريندڙ، ڪڏهن ٺاريندڙ، ڪڏهن ستمگر، ڪڏهن سياڻو، ڪڏهن کُليل، ڪڏهن ڪوماڻو؛ ڪڏهن ياڪِي، ڪڏهن يار ڪڏهن ڀَڄيندڙ، ڪڏهن طلبگار، ڪڏهن مشفق، ڪڏهن مارو، منهنجو محبوب پيارو- زاد لطفہ!

”صنوبر نه تو مثل شمشاد پڻ،

غلامي مڃي سرؤ آزاد پڻ!

پيشاني تو مهتاب، مُنهن آفتاب،

ڀِرون قوس، اک مست صياد پڻ.

ڳنان شوق شيرين گفتار جي،

ڦَٽي پاڻ تو لاءِ فرهاد پڻ!

مٺا تنهنجي مُرڪڻ مٺي، مون سندو

نيو هوش، ڪيو عقل برباد پڻ.

نه ڪنهن ڪن ٻڌو ۽ نه ڪنهن اک ڏٺو،

ڪٿي تو جِهو آدميزاد پڻ!

هڻِي ساڻ فرحت هِنيان هارڪن،

وڃِين پوءِ نڪري ٿي آزاد پڻ!

ڪڏهن ڪانه پَسجي رتِي رحم ري،

ڪڏهن منجهه اچڻ هوءِ ارشاد پڻ.

وڇوڙي، ڪيُئي ڪن جو خانو خراب،

وري وصل سان ڪن جو آباد پڻ.

رکين رمز سا، جا نه ڏَسيَئي ڪنهين،

عجب ۾ پوي تنهنجو استاد پڻ!

سِڪي توکي سهڻا رنم رت وَرن،

ڪيم عشق تنهنجي ۾ فرياد پڻ.

اڃا پڻ ڪا اٿِئي جفا جي اُميد؟

وييم بيخ پٽجي ۽ بنياد پڻ!

نگہ ڪر نوازش جِي اي ماهرو!

سٺم جان تي جور بيداد پڻ.

مَ وڍ آس ’مشتاق‘ غمناڪ جي،

ڪرين وصل وعدي سين من شاد پڻ!“

سلام ۽ پيغام، توڻي ڪهڙي اهتمام سان ۽ رونق ۽ تحسين جي اتمام سان، هديو ڪريو موڪلجن ٿا، پر جيڪي هن محزون جِي زبان ان حضور ۾ گوش گذار هوند ڪري، تنهن جي تمام ٿوري حصي کي ڪين پهچن ٿا. قلم، قلب جي حال کان خبردار هجي ها، ته رت روئي ها ۽ لکڻ کان بيزار هجي ها! پر اُهو اڄاڻ وَهي ٿو، ۽ مون تي وهيءَ واپريءَ کان بيخبر رهي ٿو!

واه واه! جي وقت هئا- جن ۾ پنهنجي غم ڌاران ڪنهن جو غم نه هوم، ڪنهن جفاڪار جي ناز ۽ غمزي سان ڪم نه هوم؛ نه شوخ نرگس جي بيمارن جي رخ زرد جي خبر، نه ڪاڪل جي اسير دل پر درد جي سُڌ؛ نه مکڙيءَ جيئن جان جي نبض ۾ ڪنڊي جِي چُڀ چُڀ، نه بلبل جيئن گلزار ڏسڻ جي سَڌ؛ نه ڪنهن ڏي اداس، نه ڪنهن جي پسڻ جي پياس:

”نه ڪنهن سان دوستيءَ واريون وِرونهون،

نه ڪنهن جي دشمنيءَ کان دل ۾ دونهون.“

هَي هَي! جي ڏينهن هئا- جن ۾ نه تنهنجي منهن ڏي ڪنهن جو ميل ۽ نهار هئي، نه توکي شان شوڪت جو غرور، نه تنهنجي حسن جمال جي پچار هئي، نه رخسار جي جهلڪ تي ڪو شيدا هو، نه زلف جي حلقي ۾ ڪو قيد ٿيل، نه نرگس جادوئيءَ کان ڪو زحمت ڪش هو، نه خنجر ابروئيءَ کان ڪو بسمل، نه ڪاڪل خمدار جي ڪشمڪش، نه طُري طرار جي پيچس، نه رخسار جي رونق نه تازگي؛ نه بدن جي صفائي نه نازڪي، نه شوخي نه شوخ گفتاري، نه جادو نظري نه جهان آزارِي، نه غمزو نه ناز، نه ادا نه انداز:

”نه منهن مصحف کي ڪنهن سمجهيو ٿي ايمان،

نه تِرَ ڪافر تي عاشق ڪو مسلمان!“

افسوس، افسوس! جي زمانا هئا- جن ۾ مون ڌاران تنهنجو ڪو يار به نه هو، ڪٿي همدم ۽ هم سخن ۽ مونس ۽ غمخوار به نه هو. لطف، شفقت ۽ عنايت جو سزاوار آءُ هوس، اڄوڪا مدعي مجبور هئا، مختار آءُ هوس توکي مون سان ورونهه هئي، آءٌ تنهنجو مائل، غم اندوهه ڇا- عالم جي باغ ۾ مڙئي مرادون حاصل، ٻئي ڪنهن جو تنهنجي ڪن تي نالو نٿي پيو! پيغام پهچڻ ڇا- ڪنهن ڏي مجلس ۾ به تنهنجي دل نٿي چيو! ٻئي جو خلوت ۾ اچڻ ڇا- تنهنجي پاڪ دامن سان پليت لَٽَ آگاهه نه هئي، تنهنجي طبيعت ۾ گهٽين گهمڻ جي راهه نه هئي! نه توکي پيشانيءَ ۾ وَر هو، نه مون سان رنجش جون باتيون هيون. سراسر مهرباني هئي، رات ڏينهن ملاقاتيون هيون! تو ۽ مون وچ ۾ مهر، وفا صدق ۽ صفا هو. هڪٻئي جي اچڻ ۽ وڃڻ سبب، کِلڻ ۽ روئڻ روا هو؛ اهو ڪهڙو ڪم، جو سواءِ رضا هو؟ اغيار جو دخل ڇا، ”آءٌ“ ۽ ”تون“ به بيجا هو! تنهنجو آءٌ طلبگار، تون منهنجو طالب، تون منهنجو مونس، آءٌ توڏي راغب، پنهنجو پاڻ ۾ ڪم، ٻيو اغيار ڪير هو!

سچ چؤ ته مون سواءِ تنهنجو خريدار ڪير هو؟ اها خوب گفتاري ۽ نازڪ رفتاري ڪٿي هُيئي، ۽ اها عالم جي طبع جِي طلبگاري ۽ هيتري گرم بازاري ڪٿي هُيئي؟ غمزي ۽ ناز سان اک آشنا ڪيئن ٿيئي دلبريءَ جي انداز جي تعليم ڪنهن ڪيُئِي؟ بدن جو زيب، هي لباس ڪڏهن ٿيَئي ۽ جسم ۾ گل جي باس ڪڏهن ٿيَئي؟ ڪهڙيءَ حيران اک آرسي ڏيکاريئي؟ ڪنهن جي نياز هي ناز سيکاريئي؟ ڪنهن جي عاجزيءَ جي عرض توکي پهلوان ڪيو، ڪنهن جي پشيانيءَ گَهَڻ جو داغ، تنهنجي گهٽيءَ جي زينت ٿيو؟ ڪنهن جي شيدائيءَ تنهنجي حسن جِي شوڪت وڌائي، ڪنهن جي شهرت ۽ رسوائيءَ تنهنجي محبوبيءَ جي مشهوري ڪرائي؟ منهنجي محبت توکي تعليم ڏيئي، تو ۾ اِي سڀ نمونا نمودار ڪيا، پوءِ هي ماڪ تي موريل به تنهنجي حسند جا طلبگار ٿيا! فراموش نه هوندو، تنهنجي اک سڀڪنهن کان شرم واري ٿيندي هئي، ڪالهوڻي ڪالهه توکي ڳالهه ڪانه ايندي هئي!

”ٿئي ڪين هرگز عشق شيدا،

ڪري ٻيو ڪير هنپر حُسن پيدا؟“

غرض ته اڳي نه ڪنهن دل ۽ جان جو جلائڻ آيئي ٿي، نه ڪنهن بگڙيل صورت جو بنائڻ، نه مُرڪڻ ۽ ماڻن سان ڪنهن جو روح رلائڻ، نه مُنهن ڏيکاري وري لِڪائڻ؛ جڏهن تنهنجي سروقد جي فُمري تي بي صبر و بي تحمل آءٌ ٿيس ۽ تنهنجي گل- رنگ، گل- مُنهن تي بلبل آءٌ ٿيس، تڏهن ڳليءَ ڳليءَ ۾ مون کي حيران سرگردان ڏسي، هڪڙن ٻين کي سڻايو ته ”هِن، ’فلاڻي‘ هٿان دل ۽ دين لُٽايو- سَڌڙيَن به سَڌ ٿي، منهنجي دل اَڌ ٿي!

”-ڪي اٿئي ياد ساڳِي، ڏينهن سي يار!

جڏهن هڪ هوس آءٌ مست ديدار؟

ڪ اٿئي ياد- تنهنجو هوس غمخوار،

سدائين تون به مون ڪارڻ طلبگار؟

نه هِيئن تنهنجي هُئي ڪا گرم بازاري،

خريداريءَ جي ڪنهن ٿي ڪانه ڪِي آر!

نه تنهنجو ميل دل اغيار ڏي هو،

سدا مُنهن دل جو هن بيمار ڏي هو.

نه اک خونيءَ گُهريو ٿي منهنجو آزار،

نه ڄاتو ظلم زحمت تو سزاوار.

نه مون کان دل ڇني، لنئون ٻئي سين لايئِي،

نه هئن مون لئه سَڀَت سُوري سنڀايئِي!

آهي ڳُڻ ڳالهيون ڳايو ٿو ڳايان،

معاذالله، ڪ لِکَ تنهن مان لڪايان!“

هَيهات، هيهات! اهي اوقات- جن ۾ عادت خود فروشيءَ جي هئي، نه خودڪاميءَ جي، ۽ چال پخته ڪاميءَ جي هُيئي، نه خاميءَ جي. عاشق صادق جي ڪهڻ کان وفا منع ٿي ڪيئي، ناحق جي خون کان شرم ۽ حيا منع ٿي ڪيئي. ياد ڪر ته مون کان سواءِ ڪنهن سين ڪانه صحبت هُيئي، مون سان مجلس هُيئي، مون سان خلوت هَيئي، مون ڌاران باغ جي سير دماغ نٿي کُلايئي، ۽ گلشن ۾ عيشُ ڪندو نظر ٿي آيئي! مُکڙيءَ وانگر منهنجي جدائيءَ کان تنگ ٿيو، صبا کي قاصد ڪريو هلايئي ٿي، ۽ نظر وانگر جلد مون کي پاڻ وٽ آڻايئي ٿي. هر ڏِس، هر روش ۾ مون کي همراهه نِيُئي ٿي، پنهنجي هٿ ۾ منهنجو هٿ جهليو، سير ڪيئي ٿي، ۽ مجلس مان موڪلائڻ وقت مون کان سگهي ورڻ لاءِ انجام گُهريئي ٿي- ۽ جي اتفاق سان دير ٿي ويئي، ته در تي انتظار ۾ اُڀيو، ٿڌو نيساسو ڀريئي ٿي، ۽ جي ڪا شڪر رنجي ٿي ٿِي، ته باسون باسيُئي ٿي، ۽ مون ڏي ميڙيون مُڪيُئي ٿي!

”وساريان، ڪين وسرن سي سچايون،

توڻي برعڪس ٿيون اڄ اُو صفايون!“

زمانو دگرگون ٿيو يا منهنجو طالع سرنگون ٿيو، جو اها رات ڏينهن رهندڙ صحبت نه رهي، همنشينيءَ واري خدمت نه رهي- قصو ڪوتاه، مهر ۽ محبت نه رهي، ڪڏهن مُنهن ڏيکارڻ جي صورت نه رهي. ڇا ٿيو، ڪهڙو نکٽ نِڱيو؟ پري پيل گوڏو گوڏي ۾ ڏيو ويهن ٿا، ڪڏهن ڪين ڏٺل ڪُلهو ڪُلهي سان هڻيو اُڀين ٿا! جن جا نالا تنهنجي ڪَن تائين نٿي رسيا، سي ڪَن تي وات رکبو سُرٻاٽ ڪن ٿا؟ جن ۾ ڦيڪاريءَ جو پِتُ نه هو، سي شينهن جا دم هڻن ٿا؟ پر سو سڀ تڏهن جڏهن تنهنجي دل مان هُن ريجهه ۽ رهاڻ جي لذت ويئي، ۽ گلشن جي گلگشت جي صحبت ويئي، ۽ نه ڏسڻ سببان اکين ۽ دل جي بي آرامي وساريئي، ۽ اغيارن جي مجلس جي خواهش رکي، منهنجي خيال کان دل ٺاريُئي- سو ڪه منهنجي محبت جي شورش کان ته ايتري نه جڳائي، يا ڪڏهن امر جي انحرافيءَ نه ڪرڻ کان ته پاڻ کي عتاب هيٺ نٿو آڻائي!

”ويو اُٿي مهر محبت جو زماني مان رواج،

ري سبب رسم رسڻ جي جو ڪبو ڪيئن عِلاج!

جا طبيعت ته هئي ڪالهه، اها ناهي اڄ،

ڇا ڪندس سرس پيا ڏينهن ته آءٌ محتاج؟“

ساهه منهنجا! دل ڏنل کان هيئن ٽَهڻ، ۽ ان کي ڪڏهن پنهنجي جُتيءَ جي جاءِ تي به نه سهڻ، ۽ بيحجاب ڌارين جي مجلس ۾ حاضر ٿيڻ، ۽ اغيارن جي هٿان پُر پيالا پيئڻ، ۽ هن حيران پريسان کان دوري ڌَئڻ، ۽ ڪمينن جي واتان سندس گلا سڻڻ- ڪي ڄاڻو ٿا ته سزاوار آهي؟ جي خاطر شريف ۾ هن ديواني جو اهڙو خيال رهي ٿو، ته ڪهڙي سبب کان بيگانن جو طلبگار آهي! حيف- هي مون عاجز تي آزار! افسوس- تنهنجي دل ڌارين سان وفادار! ارمان- منهنجي دشمن جو تنهنجي رخسار تي نظر پائڻ! اندوهه- اُن جا اجايا ٻٽاڪ هڻي، پنهنجو قدر وڌائڻ! هَي هَي- تنهنجي هٿ تي ان جو هٿ رکڻ! گهوڙا گهوڙا- تنهنجو هٿ اُن جي سِيني تي مکڻ! توکي خدا جو ۽ پنهنجو شرم نه آيو، جو آڳاٽي دلفگار سان عهد ڪيل ڀڃي، اُن جي مخالف سان تو مجلس کي گرم بنايو؟ نه ڄاڻان ته اها رسم ۽ ادا ڪيئن آيَئي، ۽ اهي ظلم ۽ جفائون ڪيئن سَهايئي؟ هن خستہ جگر کان چشم پوشي ڪيئي، سا سوَنت سمجهيئي، جنهن حسن جو دٻدٻو وڌايئي، تنهن کي لوڌايئيٰ اهو غرور ۽ ڀانئن“ بيجا ڪم آهي!

ٿوري ڳالهه- جي توکي وفا جو ميل ڪونهي، ته وري عشق جو ڪنهن کي غم آهي؟ اغيار جي تنهنجا يار آهن، نه ڪهڙي پرواهه؟ جو جهان ۾ گهڻئي دلدار آهن!

آخر اي عهدِ شڪن! توکي ڪيتري تائين دل ڏبي، ۽ پير جي نقش وانگر تنهنجي واٽ ۾ پامال ڪبي، ۽ اک تنهنجي مُنهن ڏسڻ ڪاڻ اُپٽيل ڇڏبي، ۽ پينارن جيئن تنهنجي دروازي واري ڳلِي جهلبي، ۽ زار زار روئي، منهن ڀر مٽيءَ ۾ پئبو، ۽ رنجور سيني تي پهڻ رکبو! لاچار، عشق جي دامن تنهنجي حسن کان ڇڏائبي، ۽ پنهنجِي رنجور دل موٽائبي! منهنجي به طبع نازڪ، هن کان واڌو، صبر ۽ رضا سان ڪين ٺهي ٿي، ۽ هرڻ وانگر توکان به ٽهي ٿي. منهنجي جان ۾ تنهنجو اشتياق به نه رهيو- پوءِ ان بيپرواهه کي ڪنهن جي پرواهه ڪڍڻ جو ڪهڙو ضرور ٿيو؟ توکي ’معشوق‘ چوڻ به عيب لڳيم ٿو، توڏي نهارڻ به عار اچيم ٿو! هن کان پوءِ، ڪڏهن تنهنجي مُنهن جو خيال نه رکندس، تنهنجو در قبلو ٿي پوندو، ته ڏانهنس سجدو به ڪين ڪندس!

اها غلط فهميءَ اَٿيئي ته ’مون جهڙو محبوب ڪونهي!‘ ڇو، زماني ۾ ٻيو ڪو خوش اسلوب ڪونهي؟

توکي پنهنجي دل سهانگي ڏنيم، تنهن ۾ ڪهري خطا ڪيم؟ تو تنهن گوهر جو قدر نه ڪيو، تنهن ۾ ڪو منهنجو ڏوهه ٿيو؟

هاڻي ڏسج ته گهٽيءَ گهٽيءَ، هٽيءَ هٽيءَ هوڪا وجهندس ته ’هن سودا هَنيل دل کي سهانگو وڪڻندس‘- پوءِ جهان جا محبوب منهنجي دل تي ڪيئن ميڙا ڪن ٿا، سڀ گڏجيو ان جي خريداريءَ جو ميل رکن ٿا، ڪو ان جي خريداريءَ لاءِ ناز ۽ غمزو وڪڻندو، ڪو لاڏ مان وصل واسطي ڪَڇَ کي ڪشادو ڪندو، ڪو مُرڪي ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي اچي اُڀيندو، ڪو شرم کان چوريءَ چوريءَ نگاهه ۾ مشغول رهندو، ڪو پرت جو پُر پيالو ڀري آڻي پياريندو، ڪو پَريان ئي پاڻ ڏي ڪرٺڻ لاءِ هٿ کڻندو، ٻانهون الاريندو! آءٌ حيران، مڙني جي وچ حيراني ۾- ’ته ڪنهن جي هٿان وڪڻان، ههڙيءَ ارزاني ۾؟‘ تان، انهن وچان هڪ دلبر پيدا ٿيندو، جنهن جي قدم تي تنهنجو قد سجدو ڏيندو ۽ سندس نازنگہ، تنهنجي نگہ کي سُرمي وارو سوز گُداز ڏيندي ۽ سندس گلرنگ مُنهن وٽ تنهنجي مُنهن جي رونق پرواز ۾ ايندي! اکين جو ڀير هوندس ميخوارن جي پيالي وارو، جنهن جي هر لحظي تنهنجي مست اکين کي وڌندو ڳڻتي ۽ ڳارو، سندس صورت نه لاءِ حيرت جي آرسي ۽ حيراني ٿيندي، ۽ زلف پيچان تو لاءِ پريشاني، ۽ پيشانيءَ جي جهلڪ  تو لاءِ پشيماني، ۽ ناز ۽ انداز تولاءِ شرم ۽ ناداني! سندس قد نخل هلڻ جو ميل ڪندو، ته تنهنجو ناز نخرو زلف وانگر سندس قدمن تي ڪِرندو! سندس آبرو- جنهن جي عشق جي غم کان هلال به خم هجي- مون لاءِ عيد، تولاءِ محرم هجي! منهنجي ساهه جو پکي، سندس تير مثگان جو شڪار ٿئي، ۽ تنهنجي ساهه جي نبض ۾ نشتر ٿِي لڳي- توکي تنهن جو غم هجي، ۽ سندس رخسار جو خال، عالم جو آرتگر، تنهنجي ونيءَ لاءِ افسوس جو لباس ٿئي- توکي ماتم هجي!

اُهو، ظرافت سان تنهنجي زيبائيءَ کي الزام ڏيندو، جي تنهنجي سينگار تي طعنو هنائين، ته مجلس ۾ تنهنجي رسوائيءَ جو سبب فاش ٿعيندو، ان جي دهن کان توتي نازڪيءَ جو وڳو تنگ ٿيندو، ۽ لعل لب وٽ تنهنجو لب گونگو ٿي ويهندو! ان جا ڏند موتين جو هار ڏسي، پنهنجي جگر ۾ ڏند ڏيندين، گل جي تازي پن زبان وٽ، ان جي غم کان پنهنجو ڳالهائڻ وساريندين، ان جي غبغب جي چاهه ۾ تنهنجي دل غوطا کائي دانهون ڪندي، پر تنهن کي آسانيءَ سان نڪرڻ لاءِ زلف جي رسي نه ملندي، ڳالهائڻ ۾ حڙف جِي صورت سندس چپ تي ايندي، ته نڙيءَ مان پڌرو ڏيکاءُ ڏيندي! تنهنجو حسن ۽ نزاڪت سندس هڪ وار مٿي جي کي به نه رسندي، ان جي ڪرائِي، تنهنجي منهن جي حسن کي ٻانهن کان ڀڃي وجهندي، ڪنن جي سهڻائي، توکي حلقي بگوش ڪندي ۽ گردن جِي دُنگي، توکي مدهوش ڪندي ۽ سيني جي صفائي، توکي مدهوش ڪندي ۽ سيني جي صفائي، توکي آرسيءَ جيئن حيران ۽ بيهوش ڪندي ۽ ڪمر جي خيال کان تنهنجي دل رت ٿي، جان جي نبض جوش ڪندي- عرض ته ان جي پير جي رنگين تريءَ تي نگاهه پوڻ سان، تنهنجو گل جهڙو منهن زرد تي ويندو- افسوس جي تري مهٽيندين ته ’جيڪر حنا هوس!‘ پر ان غم مان سود نه ٿيندو- اهو محبوب اهڙي حسن ۽ سوبيءَ سان مرڪي منهنجي دل تي واڪ ڏيندو ۽ هڪ ناز جي نظر سان دل ۽ جان کي قبضي ۾ ڪندو، ۽ منهنجي صبر ۽ هوش ۽ عقل ۽ طاقت کي اڇلائي ڇڏيندو!

مون سان ان جي مٺين ڳالهين ڪرڻ کان تنهنجي ساهه جون تارون تلخ ٿيندو! دان جي پکيڙيلن زلفن وانگر ان جي ڪنن تي وات رکندس- تنهنجو جگر رشڪ ۾ تارون تارون ٿي ويندو، ساڻس مجلس شنواري، گرم سخن رهندس- تنهنجي جيءَ ۾ جل ۽ ساڙو ٿيندو، ان کي بغل ۾ تنگ جهليندس- تنهنجو جسم جيئڻ کان تنگ ايندو! منهنجي خاطر ناز خوش رهندي، توکي حسرت ۽ غم رهندو، منهنجي گهر عيد جي شادي رهندي، تنهنجي گهر محرم جو ماتم رهندو،

”ته ڇو هي صيد پنهنو مون وڃايو؟

جو هن صياد جي هٿ آهه آيو!

صفت پاڇي، پٺيءَ تنهن سج پئڙو،

هٿان منهنجي سو نڪري هاڻ وئڙو،

هٿان جو ميڻ جيئن مون لاءِ، افسوس!

ٿيو سو سنگدل ڪئن؟ هاءِ، افسوس!

جفا ۽ ظلم جِي مون ڪئي خطا جي،

ڪيو ڪيڏانهن ان صبر و رضا کي؟

مروت ناهه انهيءَ مان ڪا پيدا،

ٿئي جيئن شوخ عاشق زار شيدا!“

جڏهن انهيءَ غم جو تاثير ڪونه پروڙيندين، تڏهن ضرور انهيءَ روئڻ سان، جو پهڻ وگهاري- انهيءَ شعا تي ڪرم جو پاڻي ڇڙڪندين، ۽ صلح ٿيڻ ۽ نزاع وڃڻ لاءِ سؤ زاريءَ سان قسم ڏيندين ته ”مجنونءَ جي جگرداريءَ ۽ شررباريءَ جي ڊوهي، ليليٰ جي فسون سازيءَ ۽ ستمگاريءَ جي ڊوهيءَ زليجا جي فسون سازيءَ ۽ ستمگاريءَ جي ڊوهي، زليخا جي تمنا ۽ غم ۽ جانگدازيءَ جي ڊوهي، يوسف جي خدا ترسيءَ پاڪبازيءَ جي ڊوهيم، فرهاد جي جگر ڦٽڻ ۽ جان جي گرفتاريءَ جي ڊوهي، شيرين جي شَڪر ريزلب اُپٽڻ ۽ ان جي طلبگاريءَ جي ڊوهي، گل ۽ ان جي غم ۽ بيچارگيءَ ۽ فرياد ۽ فغان جي ڊوهي، شمع جي لاٽ ۽ پتنگ جي جگر جي ڊوهي، ديوانيءَ دل جي دانهن جي اثر جي ڊوهي، بلا جي بيابان ۾ ڊوڙندڙن جي پيرن ڦَٽيلن جي ڊوهي، قضا جي پڃري ۾ قيد ٿِيَلن جي کنڀن کُئلن، پکن پَٽيلن جي ڊوهي، جور ۽ جفا جي واٽ ۾ غريبن جي غم ۽ درد جي ڊوهي، وطن کان جدا يتيمن ملولن جي آه سرد جي ڊوهي، رضا ۽ سليم جي خنجر سان ڪٺلن جي ڊوهي، جگر افگار ’مشتاق‘ جي درمند تنوار جي مُٺين جي ڊوهي اٿيئي- اِن جان جي آفت کي ڇڏ، وري منهنجي دم سان دم گڏ. توکي مون جهڙو مونس غمخوار ڪونهي، مون کي تو جهڙو عاشق سچار ڪونهي!“

هَي هَي! اهڙي عجز سان تقصير جي عفو گهرڻ کان اڳي، ڪنهن تقرير جي سلسلي چورڻ ڌاران، منهنجي ڏمر جي منهن تي لال لب واري ڪوثر مان ڇنڊو هڻين، ته مون مجنونءَ جو ساڳيو پير تنهنجي زنجير ۾ ۽ اُها دل آئين راضي تنهنجي مثگان جي تير ۾- جو ڪم وڻيئي سو ڪر، پنهنجي دل ٺار منهنجي هٿ سسي، تنهنجي هٿ تلوار!

 

”ڪرين جيڪي سڀيئي ڪج، هجر ڪج ڪيم!

ٻين جي ڏوهه ۾ مون کان رُسج ڪيم!

نه ڪنهن درد منهنجو ماريو من،

ڏئين دل ڌاريَن تنهن ڳاريو تَن!

سبب تنهنجي مون منهن عالم کان موڙيو،

ڳنڍي توسان، سڳو سڀڪنهن کان ٽوڙيو.

ڪ سمجهيو تو، پيو مون سان سندس ڪم،

نه ويندو، گرچ ڏسندو غم اُتي غم!

سو مس سَڌَ صبر ايندو قلب شيدا،

ٻيو ٿيندءِ نه عاشق اهڙو پيدا!

اڳوڻي تنهنجي الفت ٿي هڻي جوش،

ته سا ساريو، مون کان کسجيو وڃي هوش!“

ساهه منهنجا! جيڪي جنون جي جوش ۾ چيم سو سڀ خطا آهي، دل جو شورش ۾ سيني مان جيڪي مٿي اچي سو روا آهي. حق  هينئن ته ديدار جو لائق معشوق تو ري ڪير آهي، تنهنجي ناز ۽ انداز جي پير ۾ ڪنهن جو پير آهي؟ مگر عاشق ۽ معشوق جي دل ۾ ربط ناسزا به نه آهي، شمع- گداز جي مُنهن تي دل کي پروانو ٿيڻ بيجا به نه آهي. گل جي خواهش، بلبل جي دل لاءِ سينگار آهي، سروَ جي عشق جو ڳانو، قمريءَ جي ڳچيءَ جو جنسار آهي- پر ڪاڏي گل جي صورت، ڪاڏي پرواني جي شورب، ڪاڏي بيگانن جي سَڌ، ڪاڏي مون ديواني جو عشق ۽ ڪشش!

ڪيترو تنهنجي غم ۾ لاچار ٿيس، ڪيترو آزار پٺيان دل آزر ٿيس، ٿال ڇت تان ڪريو، آءٌ گرفتار ٿيس- وري تنهنجي عشق ۾ سر بازار رسوا ۽ خوار ٿيس، موٽي پريشان ٿيس، بي وسئون گنهگار ٿيس!

هن کان واڌو، دل شيدا جو حال چيو نٿو سگهجي- پر افسوس، جو عشق اهڙي بد بلا آهي، جنهن کي مخفي رکيو نٿو سگهجي! فقط، والسلام.

 

فصل اٺون

 

عاشق جي حيرت ۾ اچڻ، ۽ سڀڪنهن سڄاڻ يا اڄاڻ کان تدبير پڇڻ جي خطن ۾

عشق، اهو بڇڙو آزار آهي، جنهن جو بگڙيل، مسيحا کان به، جي سنڀالجي. اهو درياءَ ناپيدا ڪنار آهي، جنهن جو ٻڏل قيامت تائين به، جي ڪنڌيءَ تي اچي!  ۽ اهو واٽ ڦُريندڙ آهي، جو دين ۽ ايمان جي لٽڻ لاءِ مست ۽ باجرات، اهو درد ڏُکوئيندڙ آهي، جنهن ۾ سيني ۽ سرسٽڻ مان ڪجهه لذت! ۽ اهو باغ آهي، جنهن ۾ لالا کان سواءِ ڪي به سونگهڻ ۾ نه اچي، اهو داغ آهي، جو موافق تقدير جي ڌوٻيءَ جي هٿ ڌاران ڪنهن کان نه لهي! اهو ترياق پُرسم آهي، جو زهر جو اثر پسائي، اهو آب زمزم آهي، جو تشنہ لبن کي غمن جي کوهه ۾ جهڪائي! ۽ اهو بستان آهي، جنهن ۾ خزان جو نالو بهار آهي، اهو گلستان آهي، جنهن تي باهه جو ڪڪر جو هميشہ وسڪار آهي! ۽ اهو رئيس ۽ آقا آهي، ملڪ الموت جنهن جو غلام، ۽ اهو رهبر ۽ رهنما آهي، ڪفت جنهن جو اسلام! ۽ اهو آڙاهه شعله فشان آهي، جنهن جي گرميءَ کان پاڻيءَ ۾ بخار پيدا رهي، اهو درد بيدرمان آهي، جنهن جو بيمار قبر جي ڪنڊ ۾ پير ڊگهاڙي سمهي! ۽ اهو اُلون آهي، جنهن سان جهان جلي، ۽ اهو مرض آهي، جنهن تي ڪنهن جي دوا نه هلي- مگر عاشق، جو اميد ۽ نااميديءَ سان همدم، ۽ مراد ۽ نامراديءَ سين هردم، زاريءَ ۽ بيزاريءَ سان دمساز، ۽ ويساهه ۽ ڪُويساهيءَ سان همراز رهي ٿو، سو ڪڏهن محبوب ڏي به حال ڪين موڪلي، ۽ پنهنجي سِيني ۾ سور سهي ٿو؛ ڪڏهن ايندي ويندي وٽ دفتر کولي ويهي ٿو ۽ لڪائڻ جي جاءِ ڪانه لهي ٿو- بهرحال، محبوب جي صورت نظر نه اچڻ سببان، افسوس جي تري مهٽي مهٽي رت ٿيو، سڀڪنهن وٽ قلم وانگي هينئن وهي ٿو.

 

خط

عاشق پُر آزار جو ڪنهن واقف يار ڏي

مخلص پرور، دوست نواز، حال محرم، همراز، غم ۽ خوشيءَ ۾ دمساز- سلامت!

سلامن کان پوءِ مطلب ته نيڪ روشن هوندو، جو ناز ۽ نعمت سان پرورش لڌي هيم، غم ۽ الم جي ٻولي نه ٻُڌي هيم؛ درد جي نالي کان طبيعت تنگ ٿيندڙ هيم، عاشق ۽ معشوقن تي کل ايندي هيم- بلڪ حيران هوس، ته انسان تي انسان ڪيئن ٿو مري، محبت ۾ ساهه سوڌو ڏئي ٿو، پر پُٺتي نٿو وري! جان به ڏاڍي پياري آهي، پر عشق ڪا بلا هچاري آهي- ائين نٿي سمجهيم ته مون کي پنهنجو چوڻ آڏو ايندو، عشق جو مدرس سنديس معنيٰ پاڻيهي پروڙائيندو:

”ڪرڻ عيب ڪنهن تي چڱو ناهه مُور،

ڪَيم جو، مٿم سو ته ڍريو اچي!“

اڄ به ڏسو ٿا، جو الفت جي تير دل جي پکيءَ کي نيم بسمل بنايو، ۽ محبت جي ساقيءَ ڪنهن جي افسون جي دوا کي قاتل زهر ڪري پسايو! زهد ۽ تقويٰ سڀ طاق تي رهيو، ساهه سڪايل، وصل جي اشتياق تي رهيو.

عشق جي باهه جو بخار مغز تي چڙهيو، دماغ ۾ خلل آيو. مجنون پاڻ کان اڌ قدم مون کي مهند ڏسي، رشڪ ۾ ڪڙهيو- اهڙيءَ آفت ۾ گرفتار آهيان، جو ڳالهه ڪندي وات مان دونهون ٿو نڪري! ڏاڍو لاچار آهيان؛ چپ تي پساهه سرد آهي، دل ۾ هزار طرح جو درد آهي. جان حزين کي پيچ تاب آهي، ان شعله رؤ جي ساروڻيءَ ۾ سينو ڪباب آهي. ساهه کي بيقراري آهي، اکين مان رت جاري آهي- هاڻي موت کي خوشخبر ٿو ڏيان ته ”آءٌ به محبت جو ٻانهون آهيان، عشق منهنجو موليٰ آهي، اڄ  حياتيءَ جي تاج کانمون کي مماتيءَ جي گودڙي اُوليٰ آهي! تنهن ۾، جيڪڏهن مسيحائي فرمايو، ۽ ڪنهن حيلي بهاني مون کي محبوب جي صورت پسايو، ته مان بيقرار کي قرار اچي، ۽ چپن تي آيل جان موٽي منجهه وڃي! جي نه، ته هي يقين اڳيئي اٿم:

”در رهِ عشق دلم شد هدفَ تيرِ کسي،

زخم من بہ شدني نيست ز تدبير کسي.“

 

جواب

هوشور، باخبر، زماني جي سردين گرمين جو آزمايل- سلامت!

بعد سلامن جي معلوم ته اوهان جي ڪاغذ جو مطلب، مفهوم ٿيو. جواب ۾ مرقوم، ته تون حياتيءَ جي خوشي آهين- تنهن کي ٻين تي ناز ڪرڻ گهرجي، ڪ غم جي سختيءَ کان پاڻان مرڻ گهرجي؟ تو جهڙا ماڻهو ڪٿان پيدا ٿين ٿا؟ تو جهڙن ڪاڻ، سَوَ مست ۽ شيدائي ٿين ٿا! تو لاءِ غم ٻين کي کائڻ کپي، يا توکي عاشقن جيئن جان جلائڻ کپي؟

”بلبل از گل بگذرد، گر در چمن بيند تُرا،

بت پرستي کَي کُند، گر برهمن بيند ترا!“

دل وڏي رکو- اجها وصل جي چاشني ٿا چکو! انهيءَ عورتن واري روئڻ پٽڻ مان ڇا هٿ ايندوَ؟ مصيبت جي واديءَ ۾، ثابت قدم رهڻ ڌاران، ڪو مقصد نه ٿيندوَ.

هاڻي ڪم همتن جيئن پريشانيءَ کي دل ۾ واٽ نه ڏجو، داغ جي ڊمن خرچڻ سان، جنون جي رڻ پٽ مان، مراد جو گنج ملي ته ڪيم ڇڏجو! ڀلا، اک ۾ اهو بي سمجهيءَ جو سُرمو وڌو اٿوَ، جو حسرت جي هنج ڌاران، مراد جي دامن ۾ ڪجهه نه ايندو، ۽ عقل جي گلشن ۾ بي پروڙيءَ جو نهال رکيو اٿو، جو پيشانيءَ جي ميوي سواءِ ڪو ڦر نه ڏيندو! گره گير ڪمند ۾ پنهنجي ڳچي ڦاسائي اٿو، پنهنجي هٿن سان پنهنجي مٿي تي ٻِه- مُنهِين ترار آزمائي اٿوَ- ’انا لله وَ انا اِليہ راجعون“!

اميد ته ”اِن مع العُسّريُسّراً“ جو دلاسو دل کي ڏيندا- ۽ سِگهو وِسَتو، مقصد سان شاد ڪام ٿيندا!

 

خط عاشق جو، راز تان پردي کڻندڙن جي گلا ۾، ڪنهن دوست ڏي

دوستا! خلوت ۽ تنهائيءَ ۽ صحبت ۽ بزم آرائيءَ جي دمسازن ۽ همراهن مان، ڪن عبارت آرائيءَ جي ڌوپي ڏيندڙن، پاڻ کي يڪتائيءَ جي ويس ۾ ڏيکاريندڙ، ڪن بيوقارن اغيارن وٽ، هن لڪل حال جيون ”حڪايتون“ ۽ پڌريون شڪايتون ڪيون، تن بدڪيشن، عداوت پيشن جي بادِ صر صر مقالن پريسانن کان دل مي مکڙي ڪومائجي رهِي- رسوائيءَ جي دفع جو ڪو علاج ٿئي، نه ته حياتي ٺهِي!

 

جواب

اوهان جي خط مان معلوم ٿيو ته اَڻ وِنڌيَل موتِي، جي اوهان زمين ۾ ڍڪيا هئا، سي ڪن هٿان پڌرا ٿي پيا. هاڻ پاڻي مَ ٿجو، هلڪين گُجين جي ڳالهين کان بزدلي مَ ڪجو؛ نه ڀڀري ٿي پاڻيءَ تي پئجو، نه اُکريءَ ۾ پاڻي ڇَڙجو! انشاءالله تعاليٰ، اها باهه جلد وسامندي، ۽ فتنت اُجهامندي- اڳتي خيرخواه جي صلاح سڻجو، پاڻيهي پنهنجي پير ۾ ڪهارو مَ هڻجو! فقط.

 

خط، عاشق حيران جو، ڪنهن حال محرم ڏي

منهنجا وِرونهيندڙ! جنهن ڏينهن کان ان شوخ جي خنجر نگاهه پنهنجو ڪم تمام ڪيو، هوش ۽ حواسن پريان سلام ڪيو- هڪ دم ۾ صورت ڦِري ويئي، زمين پيرن هيٺان نڪري ويئي! هاڻي تدبير ڪانهي! ڪاڪل پيچان وانگر پيچ کيَڻان آهن، ۽ حيرت جي زبان سين هنڌ هنڌ هوڪا ڏيڻا آهن:

”اکين بک کهي ڪين، ڇا کائجي،

ڪٿان قوتُ تِن، هوند هٿ لائجي؟

هنيون جو هڻِي بازَ نيو اوچتو،

ٿيو عقل گم، ڪيئن موٽائجي؟

ٻَڌو قلب قابو جو ڪاڪل قويءَ،

نه سُگهه ساريان جنهن سين ڇوڙائجي!

جو منٺار مرڪڻ سين من موهيو،

ڪري ڪهڙي تدبير ڇوٽائجي؟

ڪيو ڪان پنبڻن هڻي چُور چِت،

سو ڪنهن وٽ وڃي چاڪ چيٺائجي؟

جهلي جيءَ جو دلدار لاغرض لاءِ،

ڪِهو ور وجهي تنهن کي وندرائجي؟

جهلِي جا رهي دل نه ساجن سوا،

ڪِهو پيچ پائي سان پِرڀائجي؟

جڏهين ڪين محبوب منصف ٿين،

تڏهين پڻ انهن وٽ ڪ ڪنڌ نائجي!

ڪنهين اسم تي ڪين راضي رهن،

عجيبن اڳيان پاڻ ڇا چائجي؟

ڪجي قاتلن کان بچا جي طلب،

ڪ بي ڪهل وٽ پاڻ مارائجي؟

ڪجي ڪي اڳيان يارَ ساري سرس،

ڪ پاڻهي وٽس راند هارائجي؟

اچي شوخ جو ڪين ڪنهن دام ۾،

تنهين سان پڪو پيچ ڪئن پائجي؟

سڻي ڪين ساجن ڪڏهين دانهن درد،

ڳُجهي ڳالهه ڪنهن وٽ وڃي ڳائجي؟

ڪجي حال ظاهر ڪ ڪنهن جي اڳيان،

ڪ ڀل ٿو اندر سور سامائجي؟

روئڻ، رخ جي رونق- ٻئي چغل چست،

لڪي يار سان ڪيئن لنئون لائجي؟

سبب دوست دلبر مَرَڪ ميهڻا،

لڪيو لوڪ کان ڇو ٿو شرمائجي؟

ڪجي عرض ڪنهن وقت دلدار کي،

ڪ وٽ لال هر ويلَ ليلائجي؟

لڳن تِير ترڪش تُڪا، تن سندو-

ڪجي ذڪر، يا سور سهسائجي؟

سبب بي نيازيءَ مناسب مُڙڻ،

ڪ ور ڏيئي ٻيءَ ويل ٻاڏائجي؟

نه زر، زور، حجت، هلي وٽ جنهين،

ڪري رمز ڪهڙي سو ريجهائجي؟

مڃي ڪانه ’مشتاق‘ جي معذرت،

رٺي يار کي ڪيئن پرچائجي؟“

 

جواب

اي گرهدار ابروءَ جي شمشير جا ڦٽيل، اي خمدار ڪاڪل جي جهلڪ جا جهٽيل، اي ناز ۽ ادا جي خنجر جا مذبوح، اي گُهنڊ جي تلوار جا مجروح، اي محبت جي موج جا ٽوليل، اي فراق جي ڇوليءَ جا ڇوليل، اي بيخبر عاشق بانياز، قيس جا همدرد، فرهاد جا همراز، سينه فگار، جان نثار، منهنجا يار- خدا توکي مراد ملائي! آمين.

سلامن ۽ دعا کان پوءِ مدعا هيءَ ته اِن حال پُرملال سراپا اختلال جي معلومڪرڻ سان طبيعت بدلي ۽ هنج وهي اُٿِي هلي! اشياق جيون اشآرتون سمجهڻ ۽ عشق جيون عبارتون ٻُجهڻ، حال سواءِ، قال سان ڪين ٿينديون، مگر ايترو پروڙيو اٿم ته ناز کڻجي. پر کڻڻ اوکو، رٺل کي مڃائجي، پر مڃائڻ جون واتون هٿ ڪين اينديون، ڳالهيون به کڻي ٽلجن، پر دل نه ٽليندي، جان به ٿي سنڀالجي، پر سنڀالي نه ٿيندي، دل مان ارمان ڪڍيا، پر ڪيئن نڪرندا؟ ڏکويل کي ڏڍ ڏبا، پر بيوس، هوش ۽ حواس کسجي ويل، نه ڄاڻان ته ڪيئن ورندا؟ جڏهين جواب ڏيڻ واجب آهي، تڏهين هيترو چوڻ مناسب آهي:

[2]اکين بک نه سا، جنهن ۾ ڪي کائجي،

مُٺيون ديدَ، تن ديد ديکائجي!

سوا مُنهن سڄڻ جي نه تن قوُت، پر

نه ڍئجن، جي ان وِره ويکائجي!

هِنيون جي هَنيو باز، آمين چؤ-

هجي ٻيو، ته پڻ تنهن کي پهچائجي!

ڀريو بخت، ٿيو قلب ڪاڪل ۾ قيد،

نه گهرجي سا سگههم جنهن سين ڇوڙائجي!

ڀلو سو، مُرڪڻ سين من موهجي،

عبث مت اها، جنهن سين ڇوٽائجي!

ڪجن سَوَ سُکائون اچڻ عشق ڪاڻ،

جو آيو ته خوش ٿي پلئه پائجي!

لڳا ڪانَ ڪاري- پُني من مراد!

چِڪي چاڪ مَر پيو- ڇو چيٺائجي؟

ڀلي جيءُ جلي لال لاغرض لاءِ،

وڻي ڪين هرگز، ته وندرائجي!

جا جهلجي نه اَن ري، مبارڪ سا دل،

نه مت پوري آهي، جي پرڀائجي!

رکڻ آس انصاف ان کان عجيب،

ڪِهو غم انهن، جي نه ڪنڌ نائجي؟

نه سونهي سڄڻ وٽ ڪو نالو نشان،

ڇا نابود ڀانئي ته ڪي چائجي!

جي ڪُهندا سي ٿيندا بها خون جي،

وڃي پاڻ پوءِ ڇو نه مارائجي؟

سرس ڪنهن جي ساري نه ان جي اڳيان،

هميشہ جي هاريلَ ڇا هارائجي؟

ڪِهو دام پائِي، پيل دام ۾؟

ڪو هٿ صيدَ، صياد ڦاسائجي!

سڻي نا سڻي دانهن دردن جِي جي،

ڪڏهن ڪين ٻئي وٽ وڃي ڳائجي!

ڪِهو ڌارين دک سنائڻ مان سود؟

وڌي ڀل اندر سور سامائجي!

روئڻ، رخ جي رونق- توڻي چغلَ چست،

نه ته به پاڻ پاڻهي پڌر پائجي!

مَرڪ ميهڻا توڻي محبوب جا،

ڪ ٻيءَ جنس کان ڪيم شرمائجي!

نه ڪو وِرهه وڍين سُڄي ويل وقت-

لڳي جِهّرَ مَپُ تِهرَ ليلائجي!

لڳا تير تدبير سڀ تمّ ٿي،

سڀر سور اِي ڇو نه سهسائجي؟

سدا بي نيازي سڄڻ جي صفت،

هميشہ نه مُڙجي، ته ٻاڏائجي!

نه زر، زور، حجت هلي وٽ حبيب،

نه ڪا رمز جنهن ساڻ ريجهائجي!

رضا تي رضا مهند سنديس رکي،

ته البت اڃا ڪو بِلو ڀانئجي!

اگهي عذر ڪئن، جو ڀريل ڀاڻ مان،

پاڻا پاپ تنهن مان پلئه پائجي!

پرينءَ پَرُ پروڙڻ ٿي، مشڪل محال،

منجهي مت، سڄڻ ڪيئن سرچائجي؟

رکي پر نه پرچڻ جي هرگز هڏهن،

رسڻ ريت ناهس جو پرچائجي!

منجهان پاڻَ، ’مشتاق‘، ’آءٌ‘ اُڏاءِ،

ته سڀڪو عرض تنهنجو اونائجي!“

(اشارو: عشق جي باب، ۾ اڃا ڪيترا نمونا گهرجن، پر ڊگهي ڪتاب ڪرڻ جي اجازت ناهي، ۽ جيڪي لکيو ويو، تنهن ۾ به ڪفايت آهي.)


[1] . هن ۾ اشارتاً مڪتوب اليہ ڏي سلوڻو عتاب آهي.

[2] . مخفي نه رهي ته سڀڪنهن بيت جي جواب ۾ بيت آهي- مگر پهرئين ۽ چوٿين جي جواب ۾ ٻه- ٻه بيت، اخير واري جي جواب ۾ چار بيت آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org