فصل ستون
پاڻ يا ٻئي لاءِ سفارش ڪرڻ ۽ ان جي قبوليت جي خطن ۾
جڏهن هميشہ جي رسم آهي جو حاجتمند، دولتمند وٽ مقربن کي وسيلو
وٺندا آهن، ۽ اُهي اُن جي حاجتن پوري ڪرڻ سببان
”وشفعوا و تؤجروا“ جي معنيٰ موجب الله تعاليٰ وٽان
اَجر حاصل ڪندا آهن، تڏهن اُنهيءَ صورت جا به ڪي
نمونا ڏيکارجن ٿا.
خط، سفارش جو پنهنجي لاءِ امير وٽ مقرب ڏانهن
حقيقتون سڃاڻندڙ، دانشمند جو سردار، سڀڪنهن جو مرتبو ڄاڻندڙ،
حوصلي بلندن جو مهندار، هر قسم جو جوهرن جي گوهرن
جا پاڻيٺ پرکيندڙ، علم ۽ ادب جي ڪمياب وٿن جو
خريدار ٿيندڙ، سڀڪنهن ڀلائيءَ جي اوج جو تارو،
سڀڪنهن شرف جي چوٽيءَ جو ستارو- شال هميشہ ان جي
خيال جو شهباز بلند پرواز، سڀڪنهن فضل ۽ فضيلت جو
شڪار ڪندڙ هجي، ۽ ان وجود عاقبت مسعود سڀڪنهن ڪمال
۾ ڪمال جي درجي کي رسندڙ هجي. آمين!
نياز جا سلام اڳوان ڪريو، دعا جي وادي قدس ۾ قدم ڀريو، اشتياق
جا نعل لاهيو، عرض ٿو پهچائي ته جناب جي مٿانهن
مهربانين ۽ اُتانهن احسانن- عام خلق تي عام ۽
اخلاص وارن تي خاص ٿيندڙن- کان گهڻو بعيد ٿو ڏسجي،
جو هن مخلص قديم، اخلاص جي رستي تي مستقيم جي
احوال، پُرملال سراپا اختلال ڏي ڪڏهن ويسر مان به
متوجهه نه ٿيؤ ۽ ايترو به نه پڇيؤ ته ڪيئن ٿو
گهارين، ۽ ڪم ڪهڙي ۾ ٿو گذارين؟ نڄاڻان ته اوهان
جي ڪم التفاتيءَ جي حڪايت ڪريان يا پنهنجي بي
طالعيءَ جي شڪايت ڪريان!
”سڃاتو ڪنهن منجم ڪين منهنجي بخت جو تارو،
الاهي! ماءُ زماني جيءَ مان ڄائس ڪهڙي طالع سين!“
الحمدلله، جو بارگاهه عالم پناه جا خادم، ۽ قرب جي مرتبي ۾ قبول
جي قبوليت، پساهه جي تاثير ۽ اثرن جي ظهور جا صاحب
آهيو، ۽ سڀڪنهن کي سندس شايان شان ۾ سڃاڻڻ ۽ اُن
جي قدر ۽ مرتبي جو ڄاڻڻ ٿا رکو؛ پوءِ هن گوشي
نشينن جو احوال نه سنوارڻ، پاڻان گمنامن کي وسارڻ،
ٻن سببن مان هڪڙي کان هوندو. يا درويش جي حال تي
اطلاع نه هجڻ کان، يا اُن لاءِ اهڙي ڪوشش نه ڪرڻ
کان-
”آهين بيخبر تان به آهي مصيبت،
خبر هوندي هَي هَي مصيبت ٿي اعظم!“
عجب مشڪل آڏو آيو؛ جي پاڻ واکائيندڙ زبان درازن جيئن زبان ٿي
ڪجي، ته خودنمائي ۽ خود فروشي ٿيو ٿي پوي ۽ جي
پنهنجي سروساماني ۽ بي سرانجامي ۽ خاطر جي تشويش ۽
حواسن جي تفرقي جو ذڪر ٿو ڪجي، ته دوستن کي غم ۽
ملامت ۽ دشمن کي خوشي ۽ راحت ٿي ڏجي! هر حال“ هاڻي
هن رت پيئندڙ مضمون سبب ماٺ ڪريو ٿو وهجي، ته اُن
نازنين جي نازڪ دل، داد گهرندڙ جي فرياد سڻڻ ڏي
ميل نٿي رکي! ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪجي، ۽ واڌو
ڳالهه نٿي لکجي. هن نيازنامي جي روانگيءَ بعد
اکيون رستي تي رهندون، ته اوهان وٽان آيل جواب
باصواب نظر جي نور کي ڪڏهن لهنديون!
”بي خبر کي خبر وصال سندي،
جلد پڻ دير جلد زور رسي.“
حق تعاليٰ مڙيني تي لطف فرمائي، مرادن کي پهچائي. فقط، والسلام.
جواب
فضيلت پناهه، ڪمالات دستگاهه، ميان (فلاڻا)- سلمہ لمنان!
سلامن، بندگيءَ، نيازن ۽ سرافگنديءَ بعد عرض ته جنهن امر کان
آگاهه فرمايو اٿوَ، تنهن جو هن حقير جي خاطر ۾
آڳاٽو خيال هو، پر هن خوف کان ته متان
”اَلقِنَاعَتَہ ڪَنّزُ لاَ يَنفِذُ“ جي مقتضا
موجب، بيپرواهي ۽ آزادگي ڏيکاريو، ماٺ کي ادب
سمجهِي، زبان کولي نٿي سگهيو. هينئر جڏهن قديم
آرزو سان موافق فرمان مليس، تڏهن دل ۽ جان سان مڃي
هزارين احسانن جو ڳهيل ٿيو؛ ڇا لاءِ جو، اهڙيءَ
خدمت کي ابدي سعادت ٿيو سمجهي- علي الخصوص جي
اوهان جهڙن سڳورن جي هجي- زياده نياز.
خط
عاجزن تي احسان ڪندڙ، درماندن جا هٿ وٺندڙ، ٿَڪن کي ٿوب ڏيندڙ،
ولهن جي واهر ٿيندڙ- شال هميشہ ان جي دستگيري خادم
جي سر تي دائم هجي!
نياز جي سلامن کان پوءِ عرض، ته هن مسڪين تي بيڪاريءَ جي گذران
گهڻا رنج اُٿاريا آهن، ۽ مشڪلن جي دروازن کلڻ ڏاڍا
ڏک ڏيکاريا آهن- هاڻي جناب جي حضور پُرنور ۾ نياز
آڻڻ ڌاران چارو ڪونهي، ڇاکان، جو هتي عيش ۽ آرام
ته بجاءِ خود، پر پيٽ پارو ڪونهي، ۽ پري پسندن جي
پروڙ جي به چڱي پَرَ هيءَ آهي، جو ڏاتار جي ڏنل
عقل جي سونهپ سان انهيءَ آستان فلڪ نشان تي پيشاني
گَهڻ، ته اُن جهان روشن ڪندڙ منهن مبارڪ جي ديدار
سان، اميدن جو محبوب بغل ۾ آڻي، چؤپاسن غمن جي
ڪشاڪش کان ڇٽل رهڻ! جڏهن هن وقت ۾ همت ۽ سخا جو
سالار، بخشش ۽ عطا جو ڏاتار، ثاني حاتم، اهل الله
جو خادم، جناب مستطاب (جو اک ڇنڀڻ سان پينارن جي
پلوَن کي بادشاهي گنج ڪريو ٿو سگهي، ۽ ڪو اميدوار
نه آهي جو اميد کان واڌو حاصل ڪريو ان وٽان نٿو
لنگهي) اوهان صاحب جي اشارت ڏي ڏسندڙ، ۽ اوهان جي
هٿ ڏِس تي هلندڙ آهي، تڏهن هن خاڪسار به آسري جي
چانئٺ تي چپ رکيو ته من پراڻي آرزوءَ سان جلد
ڪامياب ٿئي!
”واٽ اميد جيءَ تي اک سبيم،
تنهنجيءَ اک جو ميل غم- گتن ڪافي.“
جواب
سڀني ڀلائين کي گڏ ڪندڙ، مڙيني فضيلتن کي ميڙي وٺندڙ، ميان
(فلاڻا)- سلامت!
شوق جي سلامن کان پوءِ لکجي ٿو ته ملاقات جو اشتياق اڳي واڌو
هو، هينئر اَلحَمدُلِلهِ جو گڏجڻ جو سبب به پيدا
ٿيو. نوازش فرمائي، تڪليف سهسائي، تشريف آوريءَ
سان نيازمند جو مانُ وڌائيندا، ته الله تعاليٰ جي
مدد سان خاطر خواه مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا- زياده
نياز! فقط، والسلام.
خط، سفارش جو ٻيءَ جي لاءِ امير سخيءَ ڏانهن
غريب پرور، فيض گستر، حاتم جي همت، مٿانهين منزلت، نيازمندن تي
نعمت وڌائيندڙ، نوڙت ڪندڙن تي نوازش فرمائيندڙ-
دام اقبالہ! بندگيءَ جا سلام، ۽ سرافگندگيءَ جا
پيام، عرض رکيو غرض ٿو گذاري ته جڏهن جناب عالي
مقبلن جو قبلو آهي، تنهنڪري طلب جي طريق جا سالڪ
”مِن ڪُلِ فَجِ عَميِقِ وَ مَرمي سَحِيقِ“ انهيءَ
طرف جي طواف جا متوجهه ٿا ٿين، ۽ ”فلاڻي“ (جو
انهيءَ حرم سڳوري جي طواف ڪندڙ مان هڪڙو آهي)
انهيءَ پاسي رخ رکڻ وقت هن ڪميني کان حضور جي
ملازمن ڏي سفارش جي آرزو ڏيکاري- دل ۾ ٿو اچي ته:
”ڏس ته ڪهڙو ٿيندو، تنهن جو حال بخشائش جي وقت، جنهن سڄي عالم
مان هن عاجز کي آگاهه ڪيو اچي.“
باوجود انهيءَ جي به، اميدوار آهي ته التفات جي نظر سان منظور ۽
عاطفت جي اک سان ملحوظ ۽ مسرور ٿي، عرض جي قبوليت
۽ غرض جو حصول سان، جلد هن طرف ڏي موٽڻ جي اجازت
لهندو: سوال وارن جي اڙدهام سببان ان جي احوال جي
چهري تي ملال جو غبار نه پوندو!
”شال دولت هوءِ دائم، لطف پڻ هوءِ مدام، هَٿ وٺ هيڻن جا، توکي
رب بخشي دستگاهه. آهه جو محبت جو درماندو، تون ڪج
تنهن جي سنڀال، تون خدا جي فضل سان، اڄ آهين
درماندن پناهه!
جواب
دلين جو عزيز، سراپا تميز، محبت پناهه، مودت دستگاه- سَلمہَ
الله تعاليٰ!
اَلسلاَمُ عَلَيڪُمّ وَ عَليٰ مَن لدَ يّڪُم!
”مطيع امر جو آهيان، تون جيڪي فرمائين.“
اوهان جي مڪتوب، خوش اسلوب مان ”فلاڻي“ جي مستحق هجڻ جي حقيقت
تي پوري واقفي حاصل ٿي، ۽ جيڪا مقصدن جي رعايت ۽
مهمن جي ڪفايت بابت، ان جي نسبت ۾ اشارت پُربشارت
هئي، سا دل ۽ جان سان قبول ڪئي ويئي.
ساڻ اڪرام جو ڏئين فرمان،
اُن کي اخلاص سان بجا آڻيان.“
وقت جو مقدور ۽ وسعت واري زماني جي مقدار موجب، ان کي پنهنجي
همت جي ذمي تي لازم ڄاڻي، جيتريقدر قوت ۽ طاقت وفا
ڪئي، اُن جي مهمن جي انتظام ۽ مقصدن جي سرانجام
ڪرڻ ۾ پورو سعيو ۽ ڪامل ڪوشش ڪم ۾ آندا ويا. اڳتي
به جيڪو ارشاد فرمائيندا، ته ٻانهن کي تابعدار
لهندا!
”ٻڌي صدق ساڻ آءُ بيٺس ڪمر،
ڪرين حڪم جيڪو، سو آڻيا بجا!“
خط، سفارش جو وڏي جي پاران، عاشق بدران معشوق ڏي
هوشيا، خبردار، سعادت آثار، خوب اطوار، خوش گفتار، نيڪو رفتار،
سلامت!
سلامن ۽ دعائن کان پوءِ لکجي ٿو، ته ”فلاڻي“ سدا سڪايل، قضا جي
گهايل، وس کان ويل، قابو ٿيل کان تنهنجي بيزاري
(جا هن لاءِ بيقراري ۽ تنهنجي نا آزموديگاريءَ جي
گهرندڙ آهي) معلوم ٿي، تنهنڪري تحرير ڪجي ٿو ته
توڻي هن جي صحبت، سنگت ۽ هلت چلت تو وٽ ناپسند
آهي، پر توکي انهيءَ طرح مناسب نه آهي، جڏهن هو
ڏوري ۾ بند آهي! وڻندڙ هيئن آهي، ته ان کي پاڻ ڏي
تاڻجي ۽ ڪنهن اوڙاهه ڏي نه آڻجي- سپر ٿبو ته زخم
کي ڏُهبو، پُٺ ڏيئي پڇبو، ته قوي بلا جو ڌڪ سهبو!
اولڙيل، پَٽ تي پيل گاهه، گهڻو گهڻو ته بهار تائين
بيهي، سوڌي کجي خزان ۽ بهار ۾ پائدار رهي. آدمي
نرم طبع، کليل پيشاني، مِٺي تنوار، سلوڻي گفتار،
خوش خلق، مرڪندي منهن، غم کيندڙ، محنت ڪڍندڙ،
پنهنجي عاجزي قبول ڪندڙ، اڀري سڀري سان کِلي
گڏجندڙ، نوِڙت ۽ نياز جي رسم رکندڙ جتي پير
پائيندو، تِتي لاڪس اکيون پٿر بندا زبردست شفقت
سان پيش ايندا ۽ زبردست فرمانبرداريءَ کان مٿو نه
موڙيندا! تنهن ۾ خيال ڪر ته جو ساهه سوڌو ورتل
آهي، تنهن سان ڇِنڻ ڪيئن پسند ڪيل آهي؟ دوستن کي
دشمن سمجهڻ، خود پسندن جي بڇڙي عادت آهي ۽ پراوَن
کي پنهنجو ڪرڻ، دانشمندن جي تدبير ۽ چڱي صفت آهي-
تنهن ۾ ڪشاده پيشاني رهڻ ۽ ٿڻ گهرجي، ۽ شفقت جي
باهه کي ڌڳڻ نه ڏيڻ گهرجي! شال شفقت ۽ عاطفت حاصل
هجيوَ. فقط، والسلام.
جواب
عاليجناب، فيض انتساب، سراپا شفقت، سراسر مرحمت- مَدظِلُہ!
سهسين سلامن ۽ خدمت جي ادبن کي مئل غلامن ادا ڪرڻ
کان پوءِ، عرض ته خط سڳورو جو ڪمال نوازش کان واجب
العمل، نصيحتن فضيحتن مان ڀريل هو، موچاري وقت ۾
رسيو ۽ ان جو سڀڪو حڪم دل و جان سان مون مڃيو. نه
ان جي خلاف ۾ دم هڻان ٿو، نه عدول جي واٽ ۾ پير
کڻان ٿو- توڻي ”فلاڻي“ جي خصلت ۽ چال چلت (يعني
سڀڪنهن کي ڳالهه جو ذرو پرزو سڻائڻ، ۽ گهٽيءَ
گهٽيءَ ۾ پنهنجي پرت کي پڏائڻ، ۽ ڳليءَ ڳليءَ ۾
پنهنجي عشق جو ذڪر آڻڻ، ۽ گهر گهر پنهنجي محبت
واکاڻڻ، در در ڏيڻ، ۽ اجائي مٿي کائڻ) سببان
بيزاري ڪئي هُيم- هاڻي جيڪا ان جي ڪمعقليءَ کان
ڪڙائي پهچندي، سا اوهان جي رضا خاطر، مٺي ۽ فائدي
واري دوا سمجهندس ۽ جيڪا ان جي بي شڪريءَ ۽ بي
صبريءَ کان بلا رسندي، تنهن کي امر عاليقدر سبب،
هزار ڀيرا مرحبا چوندا. انهيءَ حڪم جي انحرافي ۽
برخلافي ڪانه ٿيندي، هن کان پوءِ انشاءَ الله
تعاليٰ فرياد به ڪانه ٿيندي!
”جو وڻي، حڪم ڪر تون مون تي سو،
قلب منهنجو مطيع تنهنجو آهه.“
فصل اٺون
نصيحت جي خطن ۾
جڏهن حديٽ شريف ”اَلدِين النصِحَةَ“ موجب نصيحت ڪرڻ خود دين
آهي، ۽ نصيحت ڪندڙ پيغمبرن جي پيرويءَ تي پورو ۽
سعادت گزين آهي، تڏهن عام فائدي جو خيال رکي، ان
جا به ڪي نمونا ڏيکارجن ۽ سيکارجن ٿا.
خط، نصيحت جو دنيادار ڏي، دنيا جي بي ثباتي بابت
دوست پيارو، محبت وارو، صفتن سونهارو، عادتن موچارو- سلامت!
سلامن کان پوءِ مطلب طويل- جو سوز ۽ گداز جي قصي جو بيان آهي-
اوهان ڏي انهيءَ سببان لکجي ٿو، جو اوهان ۾ اسلامي
عقل ۽ ديني ڌيان آهي. عزيز! جنهن جو نالو دنيا، سا
رنج ۽ الم جو مقام آهي، اُن ۾ راحت ۽ آرام ڳولڻ
خيال خام آهي؛ ”دَارُالمَحنِ“ لقب اٿس ۽ ڪم سندس
ناڪامي آهي. اُهو گهڻو بي آرام ٿئي ٿو، جو منجهس
ڪو دم آرامي آهي. جي سندس بي ثباتيءَ ۾ لک دفتر
لکجن، ته به نهايت ڪم آهن. سڀ طرح ۾ رنج تب ۽
سڀڪنهن صورت ۾ غم ۽ الم آهي؛ هر جاءِ مرڻ جو دغدغو
۽ قضا جو ڊپ آهي، نه ڪٿي اُن کان ڀڄي وڃڻ جو ڪوٽ ۽
ڇوٽڪي جو مپ آهي! حياتيءَ جو حاصل، ته اهو جتي تتي
هڪڙي ڏينهن اچڻو آهي؛ ڪڏهن، ڪٿي، ڪيئن به، ڳناس
ڪين بچڻو آهي! جيڪر بچاءُ جي ڪا جاءِ مقرر هجي ها،
ته هوند وڏن ماڻهن ري اُتي ڪوبه اَچي ۽ اُڀي نه
سگهي ها. ڇوڪر توڻي پوڙها، امير توڻي فقير سڀ ڄاڻن
ٿا ته ان کان بچڻ جو مڪان ڪونهي! اوچتو ايندو، ڪا
مقرر جاءِ يا وقت يا صورت يا نشان ڪونهي. ان کان
بچاءُ جي تدبير ڪانهي، جا ڪبي؛ نڪا وڍي هڻبي نڪا
رشوت ڏبي. توڻي سوَ ٽارڻ لاءِ هزار تجويزون ڪن ٿا
۽ ڪري ويا، پر جڏهن کُڻ پورو ٿيو، تڏهن زوران
زوري، حيلن ۽ هنرن کان عاجز ٿي پري پيا؛ پاڻ لڏي
ويا، مال ۽ اسباب ڇڏي ويا! تقدير کي تدبير نه هتي
ته نه پهتي! اک ٻوٽ ۾ مري ويا؛ ڪنهن نه ڄاتو ته
ڪير ڪٿي جا هئا، ڪاڏي گذري ويا؟ ڪا مدت مقبرن ۽
گنبذن جو نالو نشان رهيو، ختمي درود جو سامان
رهيو. عزيزن محنت مشقت سان پٿرن ۽ پڪين سرن جا قبا
بنايا. جام خزانا خرچي چن ۽ چيروليءَ سان مضبوط
لنبايا- پوءِ فلڪ جي گردش هڪ چڪر کاڌو، ته ڇا مان
ڇا ڪيائين! کتلن سرن ۽ پٿرن کي ٺوڪڻ بدران
اُکوليائين، ۽ مرمت عيوض ڊاهيائين. سر سر کي نه
مڙي، ڪلر جو ڍير ٿيو؛ گهڻي اوک ڊوک ۽ پڇا ڳاڇا سان
به پتو نه پيو، ته هتي بادشاهه دفن ڪيل هو، ڪر
ٽُڪرن پينو فقير ڍڪيل هو؛ زبردست جوان هو، ڪر
پوڙهو ناتوان هو. انهيءَ سرگردانيءَ ۾ ورهيه خاڪ
ڇاڻي، ته نه نالو ٻڌجي نه نشان معلوم! ساڳيو هنڌ
آهي جتي خاڪ ۾ سارو جهان معدوم! ڪئين ڍنگ ڌوڙ ۾
لَٽيا، ڪئين ڪانگن ڳجهن ججهٽيا، ڪئين گدڙن بگهڙن
پٽيا، ڪئين واڳن مڇين ڪرٽيا! جي ڪنهن جو ڪي بچيو،
ته سڙيل ڀُڪو ٿيل هڏي هٿ آئي؛ نه اسان جو حال
سجهيس نه اُن پنهنجي آکاڻي سڻائي- ان مان سمجهو ته
اُهو ڪهڙو حڪيم، جنهن جبر تي پنهنجو اختيار رکيو
آهي؟ ۽ اُها ڪهڙي هوشياري، جنهن غفلت تي پنهنجي ڪم
جو مدار رکيو آهي؟ جنهن ڪنهن اِهو ڳجهه ڳوليو، ۽
ڪو پتو لهي زبان مان ڪي ٻوليو، ته دنيا کي بي مدار
چئي؛ دولت گهاٽي ۾ ڏيئي، دين کي ڀيڙي جهلي، جان
کان هليو ويو، هُتي جي سرانجامي ڪيائين، هِتي جي
بدنامي ڌئائين، جهان جي ڪمن بلڪ ساري جهان کان
هليو ويو! هيتريقدر ڪن کَنهيم، ۽ اُڏامي ويل صورت
جا چِٽ ڪڍيم، ته عبرت جي اک سان ڏسو وائسو، ۽
سراسر فريب ڀريل دنيا جي ڦاهيءَ ۾ مَ ڦاسو! اهو
عيش ۽ عشرت ڪين نبهندا، اهي مزا ۽ تماشا هميشہ نه
رهندا مگر عملن جي دفتر ۾ سدا هوندا، ۽ ذري پرزي
جا حساب ڏيڻا پوندا- مگر جي توبہ ۽ زاري، عاجزي
۽ انڪساريءَ سان اُن جي بخشائش جي ڪا تدبير ڪجي،
ته ”التائب من الذنب ڪمن لاذنب لہ“ جي بسارت سڻجي-
شال توفيق رفيق هجي!
خط، نصيحت جو اڀرن جي سنڀال لهڻ بابت
اگرچ هن زماني ۾ سڀڪو پنهنجي حال ۾ مبتلا آهي، سڀڪنهن جي سِر تي
نازل آفت ۽ بلا آهي؛ مگر غريب نوازي ۽ پريشانن جي
چاره سازي به ڪنهن کان ٿيندي، اها دولت ۽ نعمت به
سوَ مان، ڪنهن کي هٿ ايندي، نه ته ڪئين هن جهان
مان لڏي ويا، ميڙي ميڙي ڇڏي ويا. نه ڪنهن جو
منجهانئن ڪم ڇٽو، نه غمگين جو غم ڇٽو؛ مفت تي مزا
اڏيائون، علمن جا دفتر ڪارا ڪرايائون! اُهو مال
لُٽڻ لازم هئن، جو هوند همراهه ٿي هلين، نه اُهو
مال جنهن جي پڇاڙيءَ جي آزارن ۾ جيءُ جلين.
خوشامدي گهڻا هوندا، پر دلسوزيءَ کان نصيحت ڪندڙ
ڪو ڏسبو، دغاباز بدخواه ڪئين لڀندا، پر سچ چوندڙ
خيرخواه ڪو پسبو! توڻي اوهان پاڻ به ڄاڻو ٿا، تان
به اڀرن جي سنڀال بابت ڄاڻايون ٿا، دل ۾ ڳجهيون
دعائون ۽ زبان سان پڌريون سُڻايون ٿا.
مال دنيا جو پانهنجو ڄاڻن،
آهي ڪوڙو خيال وهم گمان.
ڪين عاقل ٻَڌن اُنهيءَ تي دل،
جن کي پٺ جو رهي اندر ارمان.
پيٽ پاتو، سو سڀ ڪينئن جو کاڄ،
ساڻ نيو، خاڪ ۾ سو مفت زيان.
آهه جو پٺ- پيو بچيو باقي،
سو ته جهڳڙي فساد جو سامان.
مال سو تنهنجو، جو تو مهند مڪو،
سڀ ٻئي مان سري خلل خسران.
مال اڄ پنهنجو هٿ نه ڪرئين ڇو؟
مفلسي کان سڀان ٿيندي تهبان!“
خط، نصيحت جو دوست ڏي، جنهن سلوڪ جي طلب ڪري ڇڏي ڏني
معلوم ٿيو ته اوهان ڪي ڏينهن مرشد ڪامل جي صحبت ۾ گذاريا، ۽
پنهنجي حوصلي موجب طلب جي وک کڻي، پوءِ مشغوليءَ
جا پير پوئتي ورايا. اميد مان مٽجي نا اُميدي ٿي
ويئي ۽ همت ٿڌي ٿي پيئي! سو عبادت مان مقصود ٻانهي
ظاهر ڪرڻِي ۽ خدمت پيش رکڻِي آهي، نه قرب کي پهچڻ،
اجر ۽ مرتبو ثابت ڪرڻ. ڪم جو اُجورو مزوريءَ جي
مقدار تي آهي، تنهن جو شرط قبوليت ۽ پسندي آهي ۽
ٻانهي کي بهرحال، پروردگار جي لطف جي اُميد ۽
رضامندي آهي. جي مزوري ڳولين، ته خدمت جي شرط جي
بجا آوري ڏيکار، جي ٻانهو آهين ته پاڻ مولا کي
سپار! آخر هن کان ڇا بهتر، جو زبان سندس ذڪر سان
سرافراز آهي، ۽ دل سندس تصور سان همراز آهي!
مقبولن، دعا سندس تصور سان همراز آهي! مقبولن، دعا
جي قبوليت جو به آسرو نه رکيو آهي، ۽ رضا کي لقا
کان پيارو ڪيو آهي.
”تنهنجو مقصود مدعا طلبي،
ڪِيم دم هڻ ڪڏهن خدا طلبي.
ري رضا جي گهرڻ لقاءُ حرام،
تون رضا لئي ڪرين لقا طلبي؟“
شال الاهي رضا روضي هجيو! فقط، والسلام.
خط. نصيحت جو ننڍي ڏي علم بابت
علم جي بِنا بحث ۽ تجربي تي آهي ۽ مطالعو طالبن جي واٽ جو ڏِيئو
آهي، تنهن ۾ گهرجي ته رڳو استاد کان پڙهيل مضمون
تي تڪيو نه ڪريو، ۽ پاڻ کي خلاصي محنت جو بار به
ڌريو- ڇالاءِ ته جنهن کي اڻپڙهايل مضمون جي پروڙ
نه پيئي، ۽ فرع مان اصل جي سڃاڻپ نه سري، ۽ ان کي
احڪامن جوڙڻ ۽ مثالن آڻڻ ۽ دليلن اڀارڻ جي قوت نه
ٿي، سو ڄاڻج ته چتونءَ جي چانگار ۽ ري حرفن رڳي
آوار جي للڪار سکيو آهي. علم ۽ عقل ڪامل ۾ اٽڪل
پورِي، قياس صحيح ۽ ذهن ڪشادو گهرجي، جنهن سان
عبارت جي طرز مان سندس معنيٰ جي حاصل ۽ نتيجي جي
نظر رکجي؛ تنهن لاءِ ڪوشش ڪجو، ته ڄٽ نه رهجو-
فقط، والسلام.
خط، نصيحت جو دوست ڏي، جنهن استاد سان مخالفت ڪئي
نفعو ضرور ڄاڻندڙ، سچ ڪوڙ سڃاڻندڙ، سعادت جو شرف ميڙيندڙ،
صلاحيت جي واٽ کان منهن نه موڙيندڙ، ڪامل عقل،
پوري ڌيان وارو منهنجو يار پيارو- سلامت!
سلامن اسلام جي سنت سونهاري ۽ دعا تهدليءَ ۽ اخلاص واري کان
پوءِ لکجي ٿو ته:
”مٿو ڪيم موڙج تون هرگز هڏه
ناخدائن جي خدمت کان ڪنهن دم ڪڏه.“
دوستا! داناءُ دل وارن، معنيٰ جي وينجهارن جي صحبت کان وانجهجڻ
مان بيهودگيءَ ۽ گمراهيءَ جو رستو منهن ڏيکاريندو.
امتياز پروڙ واري آدميءَ کي گهرجي، ته پنهنجي
استعداد موجب پاڻان ڀلي جي صحبت ڳولي، ۽ ناپسند
حرف سان زبان نه کولي. هينئر جڏهن نڪتن جي ڪُنهُنِ
کي رسڻ جي لائقائي پڌري پروڙجي ۽ ڏسجي ٿي، ته يارن
کي لائق آهي ته اهڙي قسم جي قولن ۽ فعلن کان پاڻ
جهلي، فضيلت ۽ ڪمال تحصيل ۾ ڪوشش ڪن؛ نه ائين جو
نابڪارن جي ڳالهين تي لڳي، اجاين اکرن سان پنهنجي
پاڪ زبان کي پيليتيءَ سان ڀرين- دوستي ۽ دلسوزيءَ
کان هي حڙف قلم تي آيا، رنج نه رهجو!
”دل مان دل، جي ڪڍي ڪيم پڌري،
ڪو مڃي ڳالهه منهنجي يا نه مڃي!“
خط، نصيحت جو دوست ڏي، جنهن پيءَ سان خصومت ڪئي
ٻين کي متيون ڏيندڙ، ڏاهپ ۽ ادب ڏسيندڙ، ٻڌم ته ٿوريءَ ڳالهه
تان پيءَ کي سامهون ٿي، ڏاڍي بي ادبي ڪيوَ، وري
اُبتي قياس تي رسيم والد کان دوري ڌَيَوَ. انهيءَ
عقل دانش کي واءِ واءِ، انهيءَ پروڙ ۽ ڏاهپ تي
هاءِ هاءِ، جو پيءَ جي حقن جي رعايت برطرف ڪرائي،
ننڍپڻ کان هن وقت سوڌا سندس احسان محو فرمائي.
بندگي ۽ فرمانبرداريءَ جي سوڌي رستي کان پير
وڌائي، ڪجروريءَ ۽ بد انديشيءَ جا اثر- جي
فرمانبرداريءَ کان پري ۽ ادب جي اُبتڙ آهن- اڳيان
رکيوَ! پيءَ جيئري، سندس اسباب، دولت، مال ۽ نعمت
۾ بيجا طمع رکي، اُن جي هٿن وڍڻ جي آرزو ڪيوَ.
پيءُ سان سامهون ٿيڻ ۽ قبلي پير ڊگهارڻ ڪو نيڪ
انديشي جو قانون آهي يا پٽ- پيءَ جو قاعدو؟ ۽ اُن
مان ڪا دنيا جي ناموس آهي يا ديني فائدو؟ تنهن ۾
واجب ۽ لازم آهي ته پنهنجي گناهن جي دفتر کي
عاجزيءَ ۽ شڪستگيءَ سان ويڙهي فرمانبرداريءَ ۽
خاڪساريءَ جو ڳانو ڳچيءَ ۾ وجهي، پيءُ جي خدمت
بابرڪت ۾ حاضر ٿي، شڪر گذاريءَ جي پيشاني سندس
پيرن تي گهمندا، ته موٽي به رحمت ۽ شفقت جو التاف
حال جو شامل ٿيندو ۽ اڳوڻي عزت لهندا- هن نصيحت کي
فضيحت ۾ ڄاڻجو، پنهنجو شان پاڻ سڃاڻجو! فقط،
والسلام.
خط نصيحت جو دغابازن جي صحبت کان منع بابت
عزيز! چرب زبان، ظاهر ۾ آشنائن جي صفتن، باطن ۾ ڌارين جي عادتن
وارن سان (جي دوستيءَ جي ويس ۾ دشمنيءَ جي پاذ
محڪم ڪن)، وفا جي چؤپڻ کيڏڻ، محبت جي مهري کي
ششدريءَ جي محنت ۾ وجهڻو آهي، ۽ ساڻن صحبت رکڻ سان
عيش جو گهر ويران ڪرڻو آهي- توڻي هو دوستن جو ڌئل،
ايتري چوڻ جو به محتاج نه هو، پر زماني جي يارن جي
اخلاص آزمايل سبب دوستيءَ جا حرف لکيا ويا.
خط، نصيحت جو دغاباز جي چئي مان نقصان پهچڻ بابت
دوست منهنجا! ڪيترا ڀيرا دل چيري قلم کي سپاريم، ته دغاباز حيلي
ساز کي پنهنجي مجلس ۾ دخل نه ڏيو، ۽ اُن جي
چاپلوسيءَ ۽ چرب زبانيءَ تي ويساهه وارا مَ ٿيو-
هڪ مرتبو به مٿو گريبان ۾ نه نيوَ، ۽ سودمند نصيحت
تي دل بند نه رکيوَ! انهيءَ ڇوٽيءَ صفت جي وصف به
سُيَوَ، پوءِ نه ڄاڻان نه ڪهڙي اميد هيوَ؟ ڪم جي
عاقبت ڏٺيوَ ته به ڳناس دل نه ٽٽيوَ! اُهو ڏنگ
هنيائين، جو شريان جي نشتر تي دشمنن جي دل خوش
دوستن جي حالت ابتڙ ٿي. ڪڙي وڻ کي توڻي بهشت جي
باغ ۾ ويهاريو، ۽ ڪوثر ۽ ڪڙو ميوو ڪڍندو. وڃڻ وقت
آگاهه ڪريوم ها ته ڪا نگاهه رکان ها- پسند نه
ڪيوَ! ڇا ٿيو، جو درد دل ۾ رهبو ۽ پاڻي چپن تي؟
گهڻو تنگ آيو آهيان، هاڻي مناسب آهي ته هوش ۾
اَچو، ۽ بيجا هوَس کان بچو.خدا جلد موٽائي آڻيوَ،
پوءِ آءُ ۽ اوهان جي بيپرواهي!
”تنهنجي گُل جا مون جِها بلبل هزار،
ڪٿ نه مون لئي تو جِهو اي نؤبهار!“
خط، نصيحت جو راز مخفي رکڻ بابت
”پراگندگيءَ هٿ سپارڻ هِنيون،
گهڻو عقل دانش کان آهي پري.“
دوستا! ڪنهن نامحرم کي پنهنجي راز جو محرم ڪرڻ ۽ اغيارن سان
اسرارن جي چؤپڻ کيڏڻ مان پاڻ تي سوين جور ۽ جفا جا
گهوڙا ڊڪائڻا آهن، بلا ۽ محنت جا مٿي تي بار چائڻا
آهن.
”تنهنجو راز تو ري جي ڄاڻي ٻيو،
ته ڇا فائدو تنهن مان توکي سري؟“
خير، هي دم گذريو، اميد ته اڳتي سمجهندا، ۽ پاڻيهي پاڻ کي بلا ۾
نه وجهندا.
”ڳُجهي ڳالهه دل جي اندر سون سمجهه،
مٽيءَ مثل ٿيندي چوڻ سان ذري.
ڳُجهي ڳالهه ٻِن کان جا ويئي لنگهي،
پوي عام پڌري، نه هرگز ٽري.“
هي ٻه اکر خير خواهيءَ ۽ نصيحٽ لاءِ لکيا ويا، نه خواريءَ ۽
فضيحت لاءِ.
”ڳُجهي ڳجهه کي ظاهر مَ ڪج يار سان،
متان يار ٻئي ساڻ هو پڻ ڪر!“
خط، نصيحت جو خوبروءَ ڏي، چڱي چال رکڻ بابت
مُنهن مٺا شڪر هار! سُرڪو مَ وڪڻ ته دوست رکنئي، ۽ خوشخوئيءَ
سان ڌڻنئي: ڪا مَت سک، عادت پنهنجي منهن جهڙي رک!
ترش رويءَ جي شرين- زبانن جي مجلس ۾ جاءِ ڪانهي؛
کٽي جو کير سان ڪم ڪونهي! ظلم تي مَ آءٌ، سڪايل
کٽي جو کير سان ڪم ڪونهي! ظلم تي مَ آءٌ، سڪايل مَ
ڏکوءَ! زمانو پاڙو جهاڙ ڪندڙ ۽ وير وٺندڙ آهي.
جڏهن ظالم ظلم ۽ زور کان عاجز رهجي، تڏهن ظلم مٿس
قابو پئجي- توڻي اُن وقت به مظلومن کي هٿ- پهچ نه
هجي، ته به ڪنهن حيلي بهاني سان ڪيرائي هٿ وجهنس-
تازي ڪتو هرڻ وٺي، جڏهن پوڙهو ٿئي تڏهن هرڻ وٺنس!
ايترو بس آهي.
خط، نصيحت جو چڱن ڪمن ڪرڻ بابت
ڀاءٌ منهنجا! هن دار ناپائدار ۾ ننڊ مَ ڪر، آب مَ گُهر[1]،
جيئن ته ڪو دم نه آرامبين[2]،
۽ ڪجهه نه ڍئبين[3]،
ثمر کڻ جو ڪم اچئي؛ ڪم ڪر، جنهن مان پيشاني نه
پهچئي. جنهن کي جٽاءُ ناهي، تنهن سان دل ٻڌڻ نٿي
جڳائي. هي جڳ ڪو دم آهي، نيٺ مالڪ سان ڪم آهي!
مناسب بلڪ فرض واجب آهي ته مڙني کان ڇني، ساڻس
ڳنڍجي، ۽ سڀني تان دل کڻي ساڻس ٻڌجي- فقط.
خط، نصيحت جو ڪميني جي عشق کان منع بابت
دوستا! ائين نه آهي ته جيڪو صورت جو سهڻو هوندو، مؤمن موهڻو
هوندو- نه ته جيڪر اَڪن جا اَمان انبن جهڙا
سمجهجن، ۽ ٽوهه گدرن جهڙا چئجن- پر سڀڪنهن جو قدر
جدا، شان جدا، ملهه جدا، مانُ جدا! گهوڙن جا هسوار
ٻيا آهن، گڏهن جا سوار ٻيا آهن! سيڻهه[4]
جو ڪم ڦيڪاري[5]
ڇا ڪندي، ترار جو دم ڦانگ[6]
ڇا هڻندي؟ چور چوڪيدار نه سونهندو، بگهڙ ڌنار نه
ٺهندو! باوجود هن جي جو سُڪي آلي کي آزمايو به
اٿوَ، ۽ جهان جي گردش چڱيءَ مٺيءَ جو نتيجو پروڙيو
به اٿوَ، پوءِ به ڪم عقل نا اَهل، ڪهڙن جي نسل بد
اصل، ننڍي ڄمار، زماني جي نا آزمودگار، نازيبا
نازڪيءَ ۾ رهندڙ، سدا پينگهي ۾ ويهندڙ کي (جو
ماديءَ کان نر نه سڃاڻي، ويٺل کان بيٺل نه ڄاڻي)
پنهنجو پيشدست ڪري، سڀ ڪم ڪار مان هٿ ڪڍيوَ، ڪابه
نظر نه رکيوَ، ته آخر ڪم جو انجام ڪهڙيءَ رسوائيءَ
تي رسندو، ۽ ڪيتريءَ تباهيءَ تي پهچندو؟ مَرڪ
ڪريان، ڪي منهن ڌوڙ سان ڀريان؟ اڃا به اک نه
اُپٽيوَ، پنهنجي هٿ سان کنيل کڏ پاڻيهي نه لَٽيوَ،
ڪنن مان ڪپاهه نه ڪڍيوَ، ۽ اُن ڪنيءَ آڱر کي نه
وڍيوَ! ڀلا جي دل ۾ گهڙيل، جيءَ سان جڙيل، قلب ۾
پيٺل، اکين ۾ ويٺل آهي، ته به سندس شان موجب
خدمتگار ٺهي ٿو، خودمختار ڪين سونهي ٿو- خبردار
ٿيو، اک کوليو، پاڻان واڌو ڪو دانشمند ڳوليو! فقط.
|