عريضو (11)
مفتيءَ ڏانهن
علمائن جو شرف ۽ جنسار، فضلائن جو فخر ۽ سينگار، آيتن ۽ حديثن
جي اسرارن جو واقف، الاهي حڪمن جي حقيقتن ۽ حڪمن
جو عارف؛ زماني جو مجتهد، عالم جو مستند، دين جي
حقائقن جو محقق، شرع متين جي دقائقن جو مدقق،
اسلام ۽ مسلمانن جو شيخ ڪامل، ماڻهن جو مفتي عادل،
ري ريا دارالقضا جو فرمان هلائيندڙ، سڀڪنهن اصل ۽
فرع کي پنهنجي حد تي پهچائيندڙ، دين جو ٿنڀ پختي
پاڙ وارو، اڀرن جو اجهو، سدا سوڀارو، جناب مفتي
صاحب ــ شال الله تعاليٰ اُن جي امانت ۽ ديانت کي
زيادت بخشي: آمين!
محڪم اعتقاد ۽ سچو ارادو رکندڙ، عَلَي الدوام انعام عام مان
وانٽا وٺندڙ (فلاڻو) عجز ۽ نياز ۽ شوق بي انداز جي
سلامن بعد، ذات ڪريم الصفات جي فضل ۽ ڪمال ۽ جلال
جي ترقيءَ، ۽ دولت ۽ صولت جي زيادتيءَ جي دعائن کي
هردم زبان جو ورد ڪريو، عرض ٿو رسائي، ته جڏهن
”تنزيل“ جي اَمر جليل ”فَاسئلُوا اَهلَ الذِڪِرِ
اِن ڪُنتُم لاَ تَعلَمُونَ“ موجب، ڪنهن به شرعي
حڪم جي صورت ۽ حڪمت نه سمجهڻ وقت، اوهان شريعت جي
علمن کوليندڙن ۽ حڪمتن جي فنن ڦوليندڙن جي خدمت
بابرڪت ۾ حال جي صورت جو سوال عرض رکڻ، پاڻ تي
لازم يقين ٿو ڪجي، تڏهن اُنهيءَ امر جي بجاءِ آڻڻ
۽ سچي سچي شرعي حڪم جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ، هي
هيٺيون سوال عرض ٿو رکجي ــــ جناب جي احسانن
عظيمن ۽ لطفن عميمن ۾ اميد قوي آهي ته اُن جي جواب
باصواب سان سرفراز ۽ ممتاز فرمائيندا، ۽ نيازمند
جي نياز جي چوٽيءَ کي فلڪ جي اوج تائين پهچائيندا.
زياده شرع جي مسند اوهان جي وجود مسعود جي بقا سان
سدا سينگاريل هجي.
استفسار زڪوات جي باري ۾
”ڇا ٿا فرمائين عالم دين جا، ۽ مفتي شرع متين جا،
اُنهيءَ شخص جي حق ۾، جو ڪنهن به حيلي سان پاڻ تان
زڪوات ڪيرايو ڇڏي؟ هن طرح سان، جو ورهيه پوري ٿيڻ
کان اڳي پنهنجو مڙيئي مال پنهنجي اڻ بالغ اولاد کي
بخشيو ڏي؛ ۽ وري اُنهيءَ مان اڳوڻي وانگر پنهنجن
خلاصن ڪمن ۾ پاڻ به خرچي ۽ وڃائي ٿو، ۽ ٻين تي به
اِڇائون ڪري ٿو؛ يا زڪوات جو حصو ظاهر ۾ ڪڍي ٿو،
پر جنهن فقير کي ڏئي ٿو، تنهن کي اِهو اطلاع به
ڪونه ٿو ڪري، ته هي توکي زڪوات مان ڏنم. پاڻ اُن
کي اَمر ڪري ٿو ته فلاڻي مسجد جي مرمت يا فلاڻي
سيد کي وڃي ڏي، ۽ فقير هن جي حاج سمجهيو ڏيو ٿو
اچي؛ يا فقير کي زڪوات جو ڄاڻ به ڪري ٿو، پر ان تي
مسجد ۾ يا سيد کي ڏيڻ جو بار رکي ٿو، ۽ ڏيندڙ اهڙو
پڌرو سمجهي ٿو ته جي فقير ان جي چيل هنڌ نه وڃي
ڏيندو ته هو گهڻو رنج ٿيندو، ۽ وري ڪڏهن به فقير
کي زوات نه ڏيندو؛ يا زڪوات جو مال ڪنهن جنس ــ
جهڙو اَنّ ــ ۾ اهڙو لڪايو ڏئي ٿو، جو فقير فقط
ايترو سمجهي ٿو ته هي اَنّ مون کي زڪوات مان ڏنو
اٿس. پوءِ ورايو فقير کي انهيءَ اَنّ جو لهنديءَ
کان وڌ ملهه ڏيو خريد ڪري ٿو. هو فقير (جنهن کي
اَنّ چي اندر لڪل مال جي خبر ڪانهي) وڏي خوشيءَ
سان اوتري تي وڪڻيو وڃي ٿو. انهن سڀني حاجن کان
جيڪڏهن ڪو جهليس ٿو، ته جواب ڏئي ٿو ته ’الله
تعاليٰ وٽ مون تان زڪوات جو حق ادا ٿيو وڃي ٿو، ۽
حيلا به رب تعاليٰ آيت ”و خذ بيدڪ ضغثا نا فاضرب
بہ ولا تحنث“ ۾ سيکاريا آهن‘!
”هاڻي اتي ڪيترا سوال ٿين ٿا:
(1) زڪوات جي سور ۾ اڻ بالغ اولاد کي مال مڙئي
بخشڻ، ڪيئن آهي؟ (2) قبض ۽ قبول ڌاران، اڻ بالغ
اولاد کي ڪِي به بخشڻ، صحيح ٿي ويندو يا نه؟ (3)
اڻ بالغ کي، مال بخشيل مان، پنهنجن خلاصن ڪمن ۾
وڃائڻ ۽ خرچڻ، ڪيئن آهي؟ (4) اڻ بالغ جي مال مان
ٻين ڌرين تي اِڇا ڪرڻ، ماءُ ـــ پيءُ کي جائز آهي
يا نه؟ (5) اڻ بالغ اولاد کي ڪِي بخشي، پوءِ عذر ۽
ضرورت ۽ احتياج ڌاران بخشش کان رجوع ڪرڻ، ڪيئن
آهي؟ (6) زڪوات جي مال پڌري ڏيڻ ۽ فقير کي اَن جي
ڄاڻائڻ ۾ به ڪا ڀلائي آهي يا نه؟ (7) جڏهن امر
ڪيائين ته فلاڻي سيد کي يا فلاڻيءَ مسجد جي مرمت ۾
وڃي ڏي، ۽ فقير کي ڄاڻايو به ڪين اٿس ته هي توکي
زڪوات مان ڏنم، تڏهن چئي سگهبو ته مال فقير جي
ملڪيت ڪيائين، يا نه؟ (8) انهيءَ صورت ۾ ڪي چئي
سگهبو، ته زڪوات جو مال مسجد ۾ يا سيد ڏي
موڪليائين يا نه؟ (9) مسجد جي مرمت ۾ زڪوات جو مال
خرچڻ ڪيئن آهي؟ (10) رڳي زوات جي مال يا زڪوات جي
حيلي ڪيل مال مان جا مسجد ٺهي، يا مرمت ٿئيس، تنهن
۾ نماز پڙهڻ جو ڪهڙو حڪم آهي؟ (11) جو شخص مالدار،
زڪوات جو صاحب، احتياج واريءَ مسجد جو پاڙِسري،
مسجد ۾ رڳو زڪوات جي حيلي وارو مال يا پڌرو زڪوات
جو خبيث مال خرچائي، يا خرچي ٿو، ۽ ٻئي مال مان ان
۾ ڪين ڏئي ٿو، سو ثواب جي اميد رکي، يا گناهه ڀر
ڊڄي؟ (12) سيد کي زڪوات جو مال حيلي سان يا حيلي
ڌاران ڏيڻ ڪيئن آهي؟ ۽ جو مُتوَلين ۾ ’هاشميءَ‘ کي
زڪوات ڏيڻ جي منع لکندا ويا آهن، سو انهيءَ سببان
ته هي ’اوساخ الناس‘ (يعني ماڻهن جون مَروُن) آهن؛
يا هن سببان ته اڳي خمس ٿي ملين، ان جي نه ملڻ وقت
منع به هلي ويئي؛ يا انهن تي زڪوات جي مال حرام
ٿيڻ جا هي ٻيئي سبب آهن، جن مان هڪڙو اڃا به موجود
آهي؟ (13) سيدن کي ٻين نفلاتي خيرن ۽ هدين ڏيڻ جو
به ڪو تاڪيد آهي، يا رڳي زڪوات حيلا ڪري ڏبي؟ (14)
جنهن صورت ۾ فقير کي اطلاع ڏئي ٿو ۽ مٿس بار رکي
ٿو ته فلاڻيءَ مسجد جي مرمت ۾ يا فلاڻي سيد کي ڏج،
تنهن صورت ۾ فقير تي هن جو چيو ڪرڻ لازم آهي يا
نه؟ (15) جنهن صورت ۾ فقير هن جو چيو نٿو ڪري ۽ هو
رنج ٿو رهي، وري هن کي زڪوات نٿو ڏئي، تنهن صورت ۾
ڪي چئي سگهبو ته فقير کي زڪوات جي مال جو مالڪ ڪيو
هئائين، يا نه؟ (16) مسجدن ۾، ۽ سيدن کي، خير ڏيڻ
فقير کي حق آهي، جو زڪوات وٺڻ جو مستحق آهي؛ يا
دنيادار تي، جنهن تي زوات ٿي لڳي؟ (17) دنيادار تي
فقط زڪوات ڏيڻ جو حق آهي ۽ ٻيا خير فقيرن تي لازم
آهن، يا اُهي به دنيادارن تي لڳن؟ (18) زڪوات جو
مال ڪنهن جنس (جهڙو اَنّ) ۾ لڪائي ڏيڻ، زڪوات جي
ادا لاءِ ڪافي ٿئي ٿو يا نه؟ (19) ڪا شيءِ خيرات
ڏيئي، ورائي ساڳيو ملهه ڏيئي وٺڻ، ڪيئن آهي؟ (20)
ڪنهن شخص جي سامان ۾ جيڪڏهن قيمتي شيءِ هجي، جنهن
جي مالڪ کي سڌ نه هجي، ۽ ٻيو جيڪو اُن کان اُهو
سامان خريد ڪندو هجي، تنهن کي اُن لڪل قيمتي شيءِ
جي به پوري واقفيت هجي، ته پوءِ اها قيمت واري
شيءِ مالڪ کي نامعلوم ـــ سموري سامان جي وڪري هيٺ
داخل ٿي وڃي ٿي، يا نه؟ (21) اهڙيءَ طرح ڪنهن کان
ڪي به خريد ڪرڻ، غصب ۾ داخل چئبو يا نه؟ (22) جو
امر ظاهر شرع ۾ ناجائز آهي تنهن ۾ حيلو ڪري، پوءِ
سمجهڻ ته جيئن ڪيم، الله تعاليٰ وٽ حق به تيئن
آهي، سا ڳالهه بجا آهي يا نه؟ (23) پنهنجي ٺاهيل،
خدا تعاليٰ جي نه فرمايل، ظاهر شرع سان مخالف حيلي
کي الاهي حڪم جهڙو سمجهڻ، ۽ اُن جي ڪرڻ ۾ ڀوَ نه
ڀانئڻ، پاڻان ثواب ڄاڻڻ، بجا آهي يا نه؟ (24) آيت
شريف ’وخذ بيدڪ صغثا نا ضرب بہ ولا تحنث‘ برابر
حيلن ڪرڻ جو اصل آهي، يا مفسر ۽ محدث اِهو حڪم
حضرت ايوب عليہ السلام ساڻ خاص سمجهندا هئا، يا هن
اُمت لا3 به اِها تعليم عام ڄاڻندا هئا؟ (25) مٿين
ذڪر ڪيل حيلن ۽ ٻين هن وقت ۾ هلندڙ حيلن جو اصل،
برابر حضرت ايوب عليہ السلام جي قصي واري آيت اِها
آهي يا ’اصحاب السبت‘ وارو قصو (جن ڇنڇار وارِي
مڇي حيلو ڪريو آچر جي ڏينهن ٿي مارِي) سمورو انهن
حيلن سان موافق آهي؟“
عرض آهي ته جنهن شخص جي اهڙي حالت آهي، جهڙي پڇي ويئي آهي، سو
حق تي چئبو يا باطل تي سمجهبو؟ جواب شافي ڏيندا ته
اجر وافي لهندا: آمين! فقط.
جواب
”اللهم اَرناالحق حقا و ارزقنا اتباعہ و ارناالباطل باطلا و
ارزقنا اجتنابہ“:
آمين ـــ پڌرن نصن شرعين سان پروڙجي ٿو ته اهو شخص
باطل تي زوات جو مانع، خبيث مال جو مالڪ، خبيث طرح
سان خرچيندڙ ۽ پاڻ لاءِ آخرت جو عذاب وِهائيندڙ،
قارون جو ڇوٽو ڀاءُ آهي! جيئن هيٺئين تفصيل مان
سليم عقل، منصف مزاج واري تي ظاهر ٿيندو:
”زڪوات جي سوران، ورهيه پوري ٿيڻ کان اڳي، اڻ بالغ اولاد کي مال
بخشي ڏيڻ حيلو آهي“ـــ ”درمختار“ ۾ لکي ٿو:
”ومنهان آن يحبہ لطفلہ قبل التمام اليوم“ـــ اصول
جو قاعدو آهي ته جنهن حيلي سان ٻئي جو حق باطل
ٿيندو، يا ان ۾ ڪو شبهو پئجي ويندو، سو ڪراهت
تحريم آهي، ۽ جنهن سان حرام کان ڇٽي حلال کي پهچبو
سو موچارو آهي؛ يعني نڪي فرض نڪي واجب. جيئن ته
”حموي“، ”اشباه“ جي حاشيہ ۾ ’ڪتاب المشفعت‘ ۾ آهي،
لکي ٿو: ”قال في التاتار خانة مذهب علماءِ ناڪل حلية يحتال
بهاالرجل لابطال حق الغير اولاد خال شبهة فيہ فهي
مڪروهة يعني تحريما وفي العيون و جامع الفتاويٰ
لايسعہ ذالڪ و ڪل حلية يحتال بهاالرجل ليتخلص عن
الحرام و ليتوصل بها اِليٰ حلال فهي حسنة“ـــ ۽ هن
صورت ۾ مسڪين جو حق باطل ڪجي ٿو؛ تنهنڪري ڪراهت
تحريم آهي، ۽ فتويٰ به هن تي آهي ته ”زڪوات ڪيرائڻ
لاءِ حيلو ناجائز آهي!“ اهو امام محمد رحمت الله
تعاليٰ جو قول آهي ۽ اُنهيءَ تي آهي، جيئن ته
”حمويءَ“ لکيو آهي:
”الفتويٰ عليٰ عدم جواز الحيلة لاسقاط الزڪوات و
هو قول محمد و هو المعتمد ڪما في الدورو الغور.“
(2)
سڀڪو سالم طبع وارو ڄاڻي ٿو ته زوات عبادت آهي،
تنهن ۾ حيلو ڪرڻ بڇڙائيءَ جي چوٽي آهي؛ ڇا لاءِ جو
اُن ۾ بخل اختيار ڪرڻو آهي ۽ فقيرن جو حق وڍڻو
آهي، جو الله تعاليٰ دنيادارن جي مالن ۾ مقرر ڪيو
آهي، ۽ انهيءَ جماعت ۾ داخل ٿيڻو آهي، جنهن جي
ڪُوار هن آيت شريف ۾ آهي:
”والذين يڪنزون الذهب ولفضہ ولاينفقونها في سبيل
الله فبشرهم بعذاب اليم يوم يحميٰ عليها في نار
جهنم فتڪوا بها جباههم وجنوبهم وظهورهم هذاما
ڪنزتم لانفسڪم فذوقوا ملڪنتم تڪنزون“ ـــ يعني، جي
شخص ميڙي رکن ٿا سون ۽ رپي کي، نه خرچ ڪن ٿا ان کي
الله تعاليٰ جي واٽ ۾ (يعني زڪوات ۽ قرض ۽ حقدار
جي حق جي بلي)، پوءِ خوشخبري ڏي انهن کي عذاب
ڏکوئيندڙ جي، جنهن ڏينهن گرم ڪبو (يعني ڦوڪبو)
انهيءَ مال تي دوزخ جي باهه مان، پوءِ ڏڌنڀبو ان
سان ان جي پيشانين ۽ ان جي پاسن ۽ ان جي پٺن کي؛
’هي سو آهي، جو اوهان ميڙي سٿو ڪري رکيو هو پنهنجن
نفسن لاءِ؛ پوءِ چکو سو، جنهن کي ميڙي اوهان سٿو
ٿي ڪيو‘! سوي يقين ڄاڻو ته زڪوات جي ڪيرائڻ لاءِ
حيلي ڪرڻ سان انهيءَ آيت سڳوريءَ واري وعدي ڪيل
عذاب ۽ ڀلڪار جو لائق آهي ــ نعوذ بالله من ذالڪ!
(2) ”قبض ۽ قبول ڌاران اڻ بالغ اولاد کي ڪجهه
بخشڻ، صحيح ٿي ويندو؛ توڻي سو پيءُ جي هٿن ۾ رهندڙ
هوندو.“ ”قني“ جي ’باب الهبہ‘ ۾ آهي: ”ويتم الهبہ للولد الصغير يڪون الاشياءِ في يد الاب“ـــ
انهيءَ صورت ۾، جيڪڏهن پنهنجو مڙئي مال ننڍي پٽ کي
بخشيندو، ته باوجود درستيءَ جي پوءِ به گنهگار
ٿيندو- ”درمختار“ ۾ آهي: ”ولو وهب في صحتہ ڪل
المال اللولد الصغير جاز و اثم“.(3) ”اڻ بالغ کي
مال بخشيل مان، پنهنجن خلاصن ڪمن ۾ پيءُ کي وڃائڻ
۽ خرچڻ حرام آهي، بلڪ ڏاڍي لاچار کان سواءِ، ان جي
مال مان پيءُ ۽ ماءُ کي کائڻ ۽ پيئڻ به حلال نه
آهي“! ”حمويءَ“ لکيو آهي: ”ولايحل لهما الوالدين
الاڪل والشرب من مالہ الصغير لغير حاجہ“. (4)
”جڏهن اڻ بالغ جي مال مان، ماءُ- پيءُ کي پاڻ لاءِ
به خرچڻ حرام ٿيو، تڏهن ان مان ٻين تي اِڇا ڪرڻ ته
بطريق اوليٰ حرام چئبو؛ پر جي ان مان ٻئي کي عيوض
سان ڏجي، ته به اهڙيءَ طرح“... فتاويٰ خانيءَ“ ۾
آهي: ”ولايجوز للاب ان يهب شيئا من مال والده
الصغير بعوض وغيره عوض لانها تبوع ابتداء“. پر جي
ننڍي ڇوڪر يا شاگرد لاءِ ڪپڙا ورتائين، ته سي به
وري ٻئي کي ڏيئي نه سگهندو: مگر جي خريدڻ وقت پدرو
ڪيو اٿس ته هي ڇوڪر لاءِ مڱيا آهن- ”درمختار“ ۾
آهي: ”اتخذ لولده الصغير والتلميذه ثيابا ثم اراد
دفعها لغيره ليس لہ ذالڪ مالم يبين وقت الاتخاذ
آنها عاربہ“. (5) ”نسب جي مائٽ محرم کي، توڻي ذمي
هجي يا مستامن، ڪي بخشبو ته سڀڪنهن صورت ۾ بخشش
کان رجوع ڪرڻ حرام آهي“- ”درمختار“ ۾ آهي: ”ولو
وهب لذي رحم محرم مند نسبا ولو ذميا اومستامنا
لايرجع“؛ ۽ ”بخاري شريف“ ۽ ٻين ۾ حديث آهي:
”العائد في هبتہ ڪالَڪلب يعود في قيہ“- يعني
موٽندڙ بخشش ۾ ڪتي جهڙو آهي، جو قي ڪري موٽي
پنهنجي قي تي اچي، يعني کائي ڇڏيس؛ ”شاميءَ“،
”درمختار“ جي حاشيہ ۾ (هن صورت ۾، جو ورهيه پوري
ٿيڻ کان اڳي پنهنجي ننڍي ڇوڪر کي مال بخشي ڏي)
هيئن لکيو آهي ته ’پر انهين بخشش ۾ رجوع ممڪن نه
ٿيندس، ڇا کان جو بخشش مائٽ محرم لاءِ آهي: هائو
جيڪڏهن احٽياج ۽ ضرورت ٿئيس ته موچاريءَ طرح سان
پاڻ تي خرچڻ جائز اٿس‘، اُن جي عبارت هيءَ آهي:
”لڪن لايمڪنہ الرجوع في هذه الهبة لڪو نهالذي رحم
محرم نعم ان احتاج اليہ فلہ لانفاق منہ عليٰ نفسہ
بالمعروف والله اعلم“- هن مان معلوم ٿيو ته ’ننڍي
پٽ کي مال بخشيل اُن جي ملڪيت ٿي ويو، ۽ ان کان
رجوع به نه ٿي سگهندو. پوءِ پيءُ- ماءُ ضرورت
ڌاران ان مان ڪي خرچيو ته غاصب چئبا- ۽ غصب حرام
آهي‘!(6) ”سڀني فرضن ۾- جهڙو روزو، نماز، زڪوات، ۽
ٻيا- پڌرائي ڪرڻ افضل آهي، جنهن سيبان تهمت هيٺ نه
اچبو؛ ۽ نفلاتي ڪمن ۾ جيڪڏهن ارادو هوندو ته ڀلي
ڪي پيروي ڪن، ته ظاهر ڪرڻ افضل آهي؛ ۽ جي نه، ته
لڪائڻ ڀلو- جيئن ته ”تفسير احمدي“ ۽ ٻين مان
پروڙجي ٿو- علي الخصوص زڪوات جو پڌرو ڏيڻ، اُبتڙ
نفلاتي صدتي جي، زور ڀلو آهي، جو اُن ۾ لڪائڻ
چڱو“- ”بحرزائق“ ۾ آهي: ”الافضل في الزڪواة ۾ آهي:
”الافضل في الزڪواة الاعلان بخلاف صدقة التطوع“؛ ۽
”تفسير احمديءَ“ ۾ حضرت عبدالله بن عباس رضي الله
تعاليٰ عنہ کان روايت آندي اٿس: ”صدقة السر في
التطوع تفضل عليٰ علانيتها بسبيعين ضعفا و صدقة و
الفريصة علانيتها افضل من سرها بخمسة و عشرين
ضعفا“- يعني ڳجهو صدقو نفلي، پڌري صدقي نفلي تي
ستر ڀاڱا وڌيڪ ٿئي ٿو؛ ۽ صدقو فرضي پڌرو، ڳجهي
فرضي صدقي کان پنجويهه ڀاڱا زور بلو آهي- هن مان
معلوم ٿيو ته ’زڪوات پڌري ڏيڻ ۽ فقير کي اُن جي
ڄاڻائڻ ۾ ڀلائي زياده آهي، جو تهمت هيٺ به ڪين
اچبو ۽ اجر پنجويهوڻو لکبو.‘(7) جڏهن فقير کي امر
ڪيائين ته فلاڻي سيد کي يا فلاڻي مسجد جي مرمت ۾
وڇي ڏي، ۽ ان کي ائين به ڪين چيو اٿس ته هيءُ
زڪوات مان توکي ڏنم، تڏهن بيشڪ چئي سگهبو ته مال
فقير جي ملڪيت ڪين ڪيائين: فقير کي مسجد ڏي،يا سيد
ڏي، مال موڪلڻ لاءِ وڪيل ٺهريائين- ڇا کان جو
زڪوات شارع جي معين ڪيل مال جو ڀاڱو، ملڪيت ڪري
ڏيڻو آهي مسلمان فقير کي، جو نڪي هاشمي هجي، نه ان
جو آجو ڪيل؛ ۽ ان ۾ هي به شرط آهي ته خالص خدا
تعاليٰ جي لاءِ، انهيءَ مال مان پنهنجا هر طرح جا
نفعا وٺڻ وڍي ڇڏجن- جيئن ته ”تنوير الابصار“ ۾
آهي: ”هي الزڪواة تمليڪ جزءِ مال عينہ الشارع من
مسلم فقير غير هاشمي ولا مولاه مع قطع المنفة من
ڪل وجہ الله تعالي“، ۽ هن صورت ۾ جو فقير کي ڏيڻ
جو آمر ڪيو اٿس- ڪير موچاري مت ۽ پوري پروڙ وارو
چوندو ته اهو مال فقير جي ملڪيت ڪيائين؟ هرگز ڪونه
چوندو! هائو، البت ائين سڀڪو چئي سگهندو ته فقير
کي مسجد ۾ يا سيد کي پهچائي ڏيڻ لاءِ وڪيل
ڪيائين.(8) مٿئين تحقيق مان معلوم ٿيو ته انهيءَ
صورت ۾ فقير مال جو مالڪ نه چئبو، بلڪ پهچائي ڏيڻ
لاءِ وڪيل چئبو. پوءِ ائين نه چئبو ته زڪوات جو
مال مسجد ۾ يا سيد ڏي موڪليائين، بلڪ هينئن چئبو
ته جيئن مسجد ۽ سيد ڏي موڪليائين، بلڪ هينئن چئبو
ته جيئن مسجد ۽ سيد زڪوات جي خرچڻ جو هنڌ نه اهن،
تنهنڪري ٻي زڪوات ڏيڻ مٿس واجب ٿي- سُڃي جي خزاني
۾ به کوٽ پيئي ۽ زڪوات به مٿانئس ڪين لٿي؛ هڙ
هلاڪ، پئسا پاڻيءَ ۾!(9) ”مسجد جي مرمت ۾ زڪوات جو
مال خرچڻ ناجائز آهي“- ”درمختار“ ۾ آهي: ’ولا بصرف
الي بناءِ نحو مسجد“، سو هن سببان جو اُن ۾ تمليڪ
(يعني مال فقير جي ملڪيت ڪرڻ زڪوات جي ادا جو رڪن
آهي) نٿو لڀي. ”بحر رائق“ ۾ آهي: ”و ذالڪ لعدم
التمليڪ الذي هوالرڪن“- پوءِ جي زڪوات جي نيت سان
مسجد جي اڏاوت يا مرمت ۾ مال خرچيائين، ته زڪوات
نه لهندي ۽ ٻي ڏيڻي پوندي! ”فتاويٰ خاني“ ۾ آهي:
”ولو بني مسجدا بنية الزڪواة لا يجوز اي
لايجوزالزڪواة“ انهيءَ صورت ۾ ائين نه چئبو ته
زڪوات جي مال مان مسجد ٺهي، بلڪ انهيءَ مسجد جو
حڪم شرعي مسجد جهڙو آهي.(10) زڪوات جي مال مان
مسجد ٺهيل جو حڪم معلوم ٿيو ته زڪوات ڪن لٿي: مسجد
جو حڪم شرعي مسجد جهڙو آهي، ۽ زڪوات جي حيلي ڪيل
مال مان جيڪڏهن مسجد ٺهي، هن طرح سان، جو زڪوات
فقير کي ڄاڻائي ڏنائين ۽ اُن کي مسجد ٺهرائڻ جو
حڪم ڪيائين، ته نظر ڪيو ته جي فقير چيو ته ڪري يا
نه ڪري، ته ٻيئي زڪوات ڏيندڙ برابر آهن، ۽ اُنهيءَ
زڪوات زڪوات ڏيندڙ مسجد جي مرمت ۾ ڪجهه مال ڏيڻ
جو، ڳجهو يا پڌرو، ڪنهن مسجد جي متوليءَ يا ٻئي
ڪنهن سان وعدو به ڪونه ڪيو آهي، ۽ وعدو ڪيو اٿس ته
پوءِ هي مال جو فقير کي ڏنو اٿس، سو انهيءَ ڪيل
وعدي ۾ پاڙيو به نٿو ڏي- ته انهن سڀني شرطن لڀڻ
وقت، اُنهيءَ زڪوات جي اهڙي حيلي ڪيل مال مان،
مسجد جهڙو ئي آهي، ۽ ٻيئي ثواب ۾ داخل چئبا. زڪوات
ڏيندڙ زڪوات ڏيڻ ۽ خير جي آڇ ڪرڻ ۽ اُن تي مدد ڏيڻ
جي ثواب ۾ داخل چئبا. زڪوات ڏيندڙ زڪوات ڏيڻ ۽ خير
جي آڇ ڪرڻ ۽ اُن تي مدد ڏيڻ جي ثواب ۾ ۽ فقير خير
جي ڪم ڪرڻ جي ثواب ۾ مجمع الانهر“ ۾، آهي: ”و ان
اُريد الصرف اليٰ هذه الوجوه ۾ صرف الي الفقير ثم
يامر و بالصرف اليها فيثاب المزڪي والفقير“ ۽
درمختار“ ۾ آهي: ”وحليہ التڪفين بها التصدف علي
فقير ثم هو يڪنن فيلون الثواب لهما و ڪذا في تعمير
المسجد“. ”طحطاوي“ جي حاشيہ ۾ آهي: ”قولہ فيڪون
الثواب لهما اي ثواب الزڪواة لمبزڪي و ثواب
التڪفين للفقير وقد يقال اِن ثواب التڪفين يثبت
ڪما و ڪفا“؛ ۽ ”امام سيوطِي“، ”جامع صغير“ ۾ حديث
آندي آهي ته صدقو جي ٿي، سو جي هٿن مان لنگهندو ته
مڙني کي پهرئين جي اجر جهڙو اجر ٿيندو، هن کان
سواءِ جو ان جي اجر مان ڪي گهٽجي پوي. حديث جا لفظ
هي آهن: ”لومورت الصدقہ علي يدي مائہ لڪان لهم من
الاجر مثل اجر المبتدي من غير آن ينقص من اجره
شيئا“ هن مان معلوم ٿيو ته انهيءَ مسجد جو حڪم به
ان مسجد جهڙو ٿيو، جا نه حيلي ڪيل پاڪ مال مان
ٺهي، ۽ ٻنهي ۾ ڪنهن وجهه جو فرق ڪونهي: مگر جي
زڪوات ڏيندڙ جو اهو مقصد آهي ته فقير هروڀرو اهو
مال مسجد ۾ ڏئي، ۽ جي نه ڏيندو ته مٿس ڇينڀ به
ڪندو، يا مسجد ۾ ڪجهه مال ڏيڻ جو وعدو ڪيو اٿس،
تنهن ۾ پاڙي ڏيندو، ته ڪنهن تاويل سان ڪين چئي
سگهبو ته مال کي فقير جي ملڪيت ڪرڻ جو ارادو هوس؛
بلڪ چئبو ته پنهنجي وعدي پٺيان، يا وعدي سواءِ،
مال مسجد ۾ موڪلڻو هوس؛ ۽ فقير، وڪيل کان واڌو نه
هو، سو زڪوات ڏيڻي پوندي! جنهن مال مان زڪوات نه
نڪي، سو مسجد جي عمارت ۾ خرچ ڪيو ويو، ته ان مسجد
۾ نماز پڙهڻ ڪراهت تحريم ٿيندي؛ ڇا کان جو مال
شبهي وارو ٿيو. ”حموي“ آندو آهي: ”اذاد منع صدقاتہ
وزڪاتہ و عشره صارمالہ ذو شبهہ“، ۽ اهو شبهو حقيقت
سان لڳيس ٿو؛ تنهنڪري خبيث مال چئبس، ۽ مال خبيث.
مسجد ۾ خرچڻ ڪراهت آهي؛ ڇا کان جو الله تعاليٰ،
پاڪ ڌاران ٻئي کي نٿو قبولي، تڏهن ان جي بيت کي ان
وٽ نه قبول پيل شيءِ سان آلودو ڪرڻ ۽ ڀرڻ ڪراهٿ ٿو
ٿئي- جيئن ته ”شامي“، ”شرنبلالي“ کان ”تاج
الشريعہ“ جو قول نقل ڪري ٿو: ”قال تاج الشريعہ لو
انفق في عمارة المسجد مالا خبيثا اومالا سببہ
الخبيث والطيب فيڪره لان الله تعاليٰ لايقبل
الاالطيب فيڪره تلويث بيتہ بمالا يقبلہ“، ۽ ”تفسير
احمدي“ ۾ ”مدارڪ“ کان نقل آڻي ٿو ته سڀڪا مسجد، جا
وڏاءَ ۽ رياءَ ۽ سڻ سڻ ٿيڻ يا خدا تعاليٰ جي راضپي
ڳولڻ ڌاران ٻي ڪنهن غرض لاءِ يا ناپاڪ مال مان
ٺهي، سا حڪم ۾ ”مسجد الضرار“ سان لڳندڙ آهي؛ ۽ ان
جي عبارت هيءَ آهي: ڪل مسجد بني مباهاة او رياء او
سمعہ او لغرض سوي انتعاءِ وجد الله تعاليٰ اوبمال
غير طيب فهولاحق بمسجد الضرار“، ۽ تفسير ڪشاف“
واري به اهڙيءَ طرح فرمايو آهي- ”مسجد الضرار“ جو
قصو هيئن آهي، جو جڏهن انصارن- عمرو بن عوف جي
پوٽن- مسجد قبا بنائي، تڏهن انهن جا ڀائر غنم پوٽا
(جن ۾ ڪي منافق، آبو عامر، نصراني راهب، فاسق، خدا
جي رسول جي عدو جا بول ٻڌل به هئا) سي هن سان خار
پئي چوڻ لڳا ته ڀلا اسين گڏهه ٻڌڻ جي هنڌ به ڪا
نماز پڙهنداسون؟ (ڇا کان جو مسجد قبا جي اڏجڻ کان
اڳي اُن جاءِ تي هڪڙي عورت پنهنجو گڏهه ٻڌندي هئي)
پوءِ اُن راهب ملعون جي آڇ سان (جو اُن چيُن ته
منهنجي لاءِ مسجد بنايو ۽ مون کان سڀڪا مدد وٺو.
آءٌ قيصر روم وٽ وڃان ٿو، تنهن وٽان ڪٽڪ آڻيندس،
پوءِ محمد ﷺ ۽ ان جي اصحابن کي مديني مان ڪڍي
ڇڏينداسون)، ٻارهن منافقن مسجد قبا جي سامهون هڪڙي
جاءِ ظاهر ۾ مسجد- ۽ حقيقت ۾ ديول- جوڙي ۽ ان ۾
راهب ملعون جي اعتڪاف لاءِ به مڪان ٺاهيائون، ۽
ڦبا وارن تي فخر ڪرڻ لڳا ته اسان جي مسجد ۾ حضرت
محمد ﷺ ۽ ابو عامر راهب ٻيئي نماز پڙهندا، ۽ اسان
کي شرف ۾ قبا وارن کان وڌيڪ درجو ملندو! ان جي
تياريءَ بعد حضرت جن ڏانهن، ان ۾ اچي قبا وانگر
نماز پڙهڻ لاءِ، ماڻهو موڪليائون. پاڻ تبوڪ ڏي
سانباهي ۾ هئا ۽ ڪين آيا. پوءِ هو منافق، ماڻهن کي
مسجد قبا کان ٺاهڻ ۽ پنهنجي عمارت راهب ملعون جي
خواهش تي اڏيل ڏي آڻڻ لڳا، تنهنڪري مسجد قبا جي
جماعت متفرق ٿي ويئي، ۽ هنن منافقن عادت ڪري ورتي
جو پاڻ ۾، انهيءَ پنهنجي اڏيل مسجد ۾ گڏجي، سڳورن
تان چٿرون ڪندا هئا. حضرت جن جڏهن تبوڪ کان موٽيا
۽ اڃا مديني شريف جي شهر ۾ داخل نه ٿيا، ته ٻاهران
منافقن جا ماڻهو، سڳورن کي پنهنجي عمارت ۾ وڍي وڃڻ
لاءِ آيا ته پاڻ پهرين اتي هلن ۽ پوءِ شهر ۾ داخل
ٿين. حضرت رب العالمين جي فرمودي سان، سوره التوبہ
جون- ”والذين اتخذ وا مسجدا ضرارا“ کان ”والله
عليم حڪيم“ تائين- چار آيتون، قلب اطهر محمدي ﷺ جي
لوح محفوظ تي آڻي ثابت ڪيون- انهن آيتن جو خلاصو
هي آهي ته ”جن منافقن ضد ڪرڻ، ضرر پهچائڻ ۽ ڪفر ۾
پوڻ ۽ مسلمانن ۾ ويڇي وجهڻ جي قصد تي، خدا ۽ رسول
سان اڳ ۾ وڙهيل، راهب معلون جي ويڙهه جي گهٽ بنائڻ
لاءِ مسجد جوڙي ۽ قسم کائين ٿا ته چڱي ڳالهه جو
ارادو ڪيو اٿئون[1]،
سو الله تعاليٰ شاهدي ڏئي ٿو ته اِهي ڪوڙ ڪندڙ
آهن، تون اي دوست منهنجا، ڪڏهن به هرگز منجهس نه
وڃج! جنهن مسجد جو پهرئين ڏينهن کان پرهيزگاري تي
بنياد رکيو ويو، تنهن ۾ تنهنجو وڃڻ زور ڀلو ۽ زور
لائقائتو آهي؛ ان ۾ مرد آهن جي پاڪ ٿيڻ کي پسند
رکن ٿا ۽ الله تعاليٰ به پاڪائي ڪندڙن سان محبت ٿو
رکي- ڀلا، جنهن پنهنجي عمارت جو بنياد الله تعاليٰ
جي پاران پرهيزگاريءَ ۽ خوشنوديءَ تي رکيو سو ڀلو،
يا جنهن پنهنجي عمارت جو بنياد کيندڙ نديءَ جي
ڪِرندڙ ڪناري تي رکيو، پوءِ ان دوزخ جي باهه ۾
ڪيرائي وڌس! ۽ الله تعاليٰ ظالمن کي سُواٽو نٿو
ڪري: اها شڪ جي سببان جا عمارت ڪئي اٿن، سان سندن
قلبن ۾ هميشہ رهندي، مگر جي انهن جا قلب چيرجي ٽڪر
ٽڪر ٿين، ۽ الله تعاليٰ ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي!“-
تڏهن پاڻ جهٽ پٽ پنهنجا ماڻهو موڪليائون، جن جلدي
ڪري سانجهيءَ ۽ سهماڻيءَ جي وچ ۾ اها جاءِ ساڙي
ڊاهي ڇڏي، ۽ جيڪي منافق ان وقت منجهس هئا سي به
سڙي ويا. پوءِ انهيءَ هنڌ هڪڙي صحابيءَ سڳوري گهر
اَڏيو، تنهن کي به اولاد ڪونه ٿيو، وري اُتي کوهه
کنيو هئائون، تنهن مان دونهون نڪتو: نيٺ اهو گند
ڪچري جو دڙو ٿيو، ۽ منفافقن جي مڪرن کان بيخبر
اصحابن سڳورن، جن ان ۾ نماز پڙهي، تن جو عذر پاڻ
قبول فرمايائون، ۽ انهن کي عفو ڪيائون- هي ذڪر
”سيرت حبلي“ ۽ ”سيرت نبوي“ ۽ ”معارج النبوت“ جي
عبارتن جو مختصر مضمون لکيو ويو آهي- والله اعلم
بالصواب.(1) جڏهن مسجد ۾ زڪوات جي مال موڪلڻ سان
زڪوات نه لهندي، ۽ ورائي ٻي ڏيڻ ذميءَ تي لازم
رهندي، تڏهن جو شخص مالدار، زڪوات جي پڌري مال يا
زڪوات جي حيلي ڪيل مال مان مسجد ٺهرائي ٿو، ان کي
زڪوات مان پاڙيو ڏئي ٿو، تنهن جي بابت پهرينءَ
صورت ۾ ڇو نه چئجي ته اهو مسجد ۾ زڪوات جي پڌري
خرچڻ ۽ ورائي نه ڏيڻ سان زڪوات نه ڏيندڙن جي حساب
۾ اچي ٿو، ۽ انهن لاءِ ثواب ڪونهي، پاڻان عذاب
آهي! ۽ زڪوات جي حيلي، جائز ۽ ناجائز جون صورتون
مٿي معلوم ٿيون آهن، تنهن ۾ ثواب ۽ عذاب به انهن
صورتن سارو ڄاڻبو.(12) ناجائز حيلي سان سيد کي
زڪوات جو مال ڏيڻ ناجائز آهي، ۽ جائز سان جائر-
مگر ائين نه ٿئي، جو زڪوات ڏيندڙ جي قصد ۾، زڪوات
جو مال اصلي سيد ڏي موڪلڻو هجي ۽ فقير فقط وچون
وڪيل ٿي رهي، ۽ جي چيو نه ڪري ته ان کي چينڀجي، يا
ان کان رنج رهجي، ۽ وري ان کي ڪڏهن به زڪوات نه
ڏجي! جهڙيءَ طرح مٿي بيان ڪيو ويو آهي اهڙيءَ طرح،
شرعي ۽ جائز حيلي ڌاران پڌرو زڪوات جو مال، سيد کي
ڏيڻ ناجائز آهي- ۽ هاشمين کي زڪوات ڏيڻ جي منع
انهيءَ سببان آهي، جو هو اوساخ الناس آهي، نه هن
سببان ته اڳي خمس ٿي ملين، تنهن جي نه ملڻ وقت منع
هلي ويئي. هتي پهرين ”اوساخ الناس“ جي معنيٰ لکجي
ٿي ۽ ان ۾ منع وارين حديثن مان به ڪي آڻجن ٿيون:
”امام شعرانيءَ“ بحرالمورود“ ۾، ”امام مناويءَ“
”جامع صغير“ جي شرح ۾ آندو آهي ته ڪن لغت جي عالمن
چيو ته ”وسخ“ ميرائيءَ کي چون، ۽ ”اوساخ“ ان جو
جمع آهي: يعني زڪواتون ۽ صدقا، ماڻهن جون ميرايون
۽ گندگيون ۽ پليتيون، ۽ گندگيءَ ۽ پليتيءَ جي ڌوپ
جي پاڻيءَ مثال آهن، جن جي ڏني سندن نفس ۽ مال صفا
ٿين ٿا ۽ مٿان ميرايون لهن ٿيون- جيئن ته قرآن
شريف ۾ آهي: ”خدمن اموالهم صدقة تطهرهم و تزڪيهم
بها“. ۽ ڪي چون ٿا ته وسخ ”ڪرفتيءَ“ کي شامل آهي-
پوءِ جيڪي اُنهيءَ کان گهٽ هوندو، تنهن کي به
”وسخ“ چئبو- پر حضرت ﷺ جن، جيتريقدر ٿي سگهندو هو
ته ڪنايو ڪندا هئا. تنهن ۾ وسخ، صدقي ڏيندڙ جي ڪسب
موافق، قباحت ۾ گهٽ وڌ ڄاڻڻ گهرجي. لاڀ کائيندڙ،
کوٽ ڪندڙ ۽ سوداگرن کان ظلم سان مال وٺندڙ ۽ رشوت
کائيندڙ جي صدقي جو حڪم، ڪرفتيءَ ۽ پونءِ جهڙو ۽
معاملي ۾ سٺائي رکندڙ، پر بيان ڪيلن ڪمن ڪندڙ ۽
ظالمن سان واپار ڪندڙ جي صدقي جو حڪم، پيشاب ۽ رت
جهڙو آهي؛ ۽ ٻيون صورتون به ان تي قياس ڪبيون ۽
تمام گهٽ مرتبو ٿُڪ جهڙو آهي- تنهنڪري هاشمين تي
ڪنهن ڪم جي عيوض ۾ يا اُن ڌاران حرام ڪيل آهي.
جنهن اها صورت جدا ڀانئي، سو حق کان پري ٿيو!
”امام مناوي“، ”جامع صغير“ جي شرح ۾ لکي ٿو ته اهلبيتن مان ڪنهن
شخص، امير عمر يا ٻئي ڪنهن کان صدقي جي مال مان
اُٺ گهريو هو، تنهن چيس ته جيڪڏهن ڪو ٿُلهو مڙس
گرم ڏينهن ۾ هِن يعني سٿڻ هيٺ جيڪي آهي، سو ڌوئي
ته اهو ڌوپ پيئڻ ڪي وڻيئي ٿو؟ تڏهن چيائين ته هي
به ماڻهن جون ميرايون آهن، جي ڌويو ڇڏين ٿا! ۽
”بحرالمورود“ ۾ آهي ته جڏهن حضرت فضل، حضرت عباس
جي فرزند، حضرت جن کان صدقن تي ڪامورو ٿيڻ گهريو
هو، تڏهن چيائين ته خدا پناهه ۾ رکي جو آءُ توکي
ماڻهن جي گناهن جي ڌوپ تي ڪامورو ڪريان ۽ ”ڪشف
الغمة“ ۾ حضرت عبدالله بن عباس کان روايت آهي ته
ابو رافع، سڳورن جو آجو ڪيل، حضور شريف ۾ اچي لڳو
ته يا رسول الله فلاڻو جو اوهان جي پاران صدقن تي
ڪامورو آهي، مون کي ٿو سڏي ته همراهه ٿيانس، ۽ مون
کي ان مان حصو ڏيندو. پاڻ فرمايائون ته صدقو اسان
لاءِ حلال نٿو ٿئي ۽ تحقيق آجو ڪيل به آجي ڪندڙن
جي قوم مان آهي- ۽ پڻ حضرت ابن عباس کان روايت آهي
ته پاڻ گهڻو ڪري صدقن بابت فرمائيندا هئا: ”انما
هي اوساخ الناس و انها لا تحل لمحمد ولا آل محمد“
يعني اهي ٻيو ڪي ڪين آهن، رڳيون ماڻهن جون ميرايون
آهن: تحقيق اهي نه حلال ٿيندا محمد لاءِ، ۽ نه
اولاد ۾ محمد (ﷺ) جي لاءِ!- ۽ حضرت انس کان روايت
آهي ته حضرت امام حسن عليہ السلام جن هڪڙي ڏينهن
صدقي جي کارڪن مان هڪڙي کڻي وات ۾ وڌي، تڏهن پاڻ
فرمايائون: ”ڪخ ڪخ فوم بها اما علمت انا لاتاڪل
الصدقة“ يعني ٿُو ٿُو! اڇلائي ڇڏينس. توکي سُڌ
ڪانهي ته اسين صدقو ڪين کائيندا آهيون! هاڻي خيال
ڪرڻ گهرجي ته جنهن حضرت امام حسن عليہ اسلام جهڙي
محبت کي پاڻ سڳورن پنهنجو محب، ۽ اُن جي رضا کي
پنهنجي رضا ۽ اُن جي رنج کي پنهنجو رنج فرمايو ۽
هر حال ۾ هميشه سندس رضا ٿي رکيائون- تان ته ڪئين
ڀيرا نماز جي سجدي ۾ ڪلهن مبارڪن تي اچيو ويهندو
هو، 6ه گهڻي مدت گذرڻ ساڻ، اُن جي پاڻيهي لهڻ
ڌاران، سجدي مان مٿو مٿي نٿي کنيائون- تنهن پياري،
ننڍپڻ جي حالت ۾ صدقي جي هڪڙي کارڪ وات ۾ وڌي، سا
به اُن کي ٿُڪائي ڇڏيائون، ۽ اهو اُن جو رنج ٿيڻ،
اُنهيءَ کارڪ کائڻ کان هلڪو پروڙيائون، تڏهن ان
مان زڪوات ۽ صدقي جي مال کائڻ ۾ اهلبيتن لاءِ ڪيڏي
منع ۽ ڪهڙي نه چڱائي سمجهڻ گهرجي! ظاهر مذهب جي
مطلق منع آهي، جنهن زماني ۾ هجي: توڻي ڪو هاشمي،
هاشميءَ کي يا ڪو ٻيو، هاشميءَ کي زڪوات ڏئي، ته
منع ۾ سڀيئي برابر آهي- ’درمختار‘ ۾ لکي ٿو: ”ثم
ظاهر المذهب اطلاق المنع“ ۽ ”رد المختار“ ۾ آهي:
”يعني سواءِ في ڪل الازمان و سواءِ في ذالڪ دفع
بعضهم بعض و دفع غير هم لهم“، ۽ جيڪا ”ابو عصمة“
”جواز“ ۾ امام کان روايت ڪئي، سا مرجوع ۽ اُن کان
رجوع ڪيل آهي، جيئن ”رد المختار“ ۽ ٻين ۾ آهي:
”فعلم ان مارويٰ ابو عصمة عن الامام انہ يجوز
الدفع اليٰ بني هاشم في زمانہ لان عوضها وهو خمس
الخمس لم يصل اليهم الخ مرجوح و مرجوع عنہ“. ۽
فاضل محمود هالائيءَ چيو ته جو ڪن، هن زماني ۾
احتياجيءَ ۽ خمس نه ملڻ جو دليل وٺي، هاشمين کي
زڪوات ڏيڻ جائز چئي، سو نص جي مقابلي ۾ غير مقبول
سبب بيان ڪرڻو آهي- رزق رب تي آهي. مٿن چُرڻ سان،
توڻي بيت المال مان حق نٿو ملين، ۽ حرام جي کائڻ
لاءِ نصن کي باطل ڪرڻ، دين جي ڦيرائڻ ڏي پهچائي
ٿو! ”امام شافعي“ جو مذهب به ناجواز آهي، ۽ ان جي
عبارت هيءَ آهي: ”وما قال بعض الناس من جواز الدفع
اليهم في هذا الزمان و تمسڪوا بفقرهم و عدم و صول
خمس الخمس اليهم فهو تعليل في مقابلة النص غير
مقبول انما الرزق علي الله والعشيهم الحرڪة ان لم
يصل حقهم من بيت المال اليهم وابطال النوص لاڪل
الحرام يؤدي اليٰ تحريف الدين و مذهب الشافعي ايضا
عدم الجواز“- عقل واري کي هي ڪفايت آهي: ڪم نه
ايندو اڻڄاڻ کي دفتر.(13) غير شرعي حيلا ڪري سيدن
کي زڪوات ڪين ڏبي. شرعي حيلي سان درست چئبي، پر
جنهن کي الله تعاليٰ نصاب وارو ڪيو، تنهن کي خدا
جل جلالہ ۽ رسول ﷺ جو حيا به گهرجي، ته خدا جل
جلالہ ۽ رسول ﷺ جو انهن لاءِ حرام ڪيل مال، اُنهن
کي حيلي سان ڪيئن ٿو ڏي؛ ڇو پنهنجي ٻئي مال مان
انهن کي ڪين ٿو بخشي؟ اگرچ مناسب هيئن آهي ته
نفلاتي خير مان ساداتن کي نه آڇي، ۽ ٻئي خالص مال
مان هديي طرح اُن کي ڏي؛ ڇاڪاڻ جو ڪن محققن ان جي
جواز ۾ به اختلاف ڪيو آهي- جيئن ته ”طحطاوي“ جي هن
عبارت مان ٿو پروڙجي: ”الذي حققہ في الفتح يقتضي
حرمة النافلة والوقف الخ فلنتڪلم علي النافلة ثم
نعطي مثلها الوقف ففي شرح الڪنز لا فرق بين صدقة
الواجب و التطوع ثم قال و قال بعضهم يحل لهم
التطوع فقد اثبت الخلاف عليٰ وجہ يشعر بحرمة
النافلة الا عليٰ وجہ الهبة مع الادب و خفض الجناح
تڪرمة لاهل بيت رسول الله ﷺ و اقرب الاشياء اليڪ
حديث بريرة الذي تصدق بہ عليها لم باڪلہ حتيٰ
اعتبره هدية منها فقال هو عليها صدقة و لنا منها
هدية و الظاهر انها ڪانت صدقة نافلة لانہ لا تخصيص
للعمومات الا بدليل فهذامن الڪمال تصريح بحرمة
النافلة والوقف.“ پر گهڻن محققن نفلي صدقو انهن
لاءِ جائز به چيو آهي- جيئن ته ”بحر“ واري،
”نهايہ“ ۽ ٻين مان اُن تي اجماع نقل ڪري، هينئن
چيو آهي: ”و جازت التطوعات اي صدقة النافلة و في
النهاية عن العتابي الاجماع عليٰ جواز ذلڪ لهم وي
تبعہ صاحب المعراج و اختاره في المحيط متقصروا
عليہ و عذاه للنوادر و مشيٰ عليہ الا قطع في شرح
القد وري و اختاره في غاية البين و لم ينقل غيره
صاحب المجمع فڪان هو المذهب“- باوجود انهيءَ جواز
جي، جڳائيندڙ هينئن آهي ته پيغمبري قرابت نظر يک،
گهڻي نياز، ججهيءَ تعظيم سان سڀن کان اڳي اُن مان
بني هاشمين کي ڏيڻ گهرجي! جيئن ته قاضي ثناء لله
پاڻي پٽي ”ما لابد منہ“ ۾ ٿو لکي: ”اول از صدقه
نافلہ به بني هاشم بدهد که زکوات بر انها حرام ست
و بتواضع و احترام نظر بر قرابت رسول الله ﷺ
بگذارند“- اهلبيتن سان احسان ڪرڻ جي تاڪيد ۽ ان جي
ڀلائيءَ ۾ جيڪي حديثون آيون، سي جمع ڪجن ته گهڻي
طوالت ٿئي؛ تنهنڪري ڪن حديثن، ڪتاب ”شرف المؤبد“،
”شيخ يوسف بيروتي“ جي ۾ تصحيح ۽ تحقيقي سان نقل
ڪيل جي فقط معنيٰ جو خلاصو لکجي ٿو[2]
ته ”ڪوئي شخص، عبدالمطلب جي اولاد تي احسان جو هٿ
رکندڙ اهلبيتن کي تعظيم ڏيندڙ ۽ ان جون حاجتون
پوريون ڪندڙ ۽ ضرورت وقت ان جي ڪمن ۾ ڪوشش ڪندڙ ۽
انهن سان ڳنڍيندڙ ۽ انهن جي خوش ٿيڻ جهڙا م ڪري،
انهن کي خوش رکندڙ ۽ سڀني انهن لاءِ موچارو ٿيندڙ
۽ قلب ۽ زبان سان محبت رکندڙ- ماڻهن ۾ زور ڀلو ۽
شفاعت خاص ۾ وڏي پڪي اُميد وارو آهي، ۽ ان جو
احسان حضرت ﷺ تي ثابت، ۽ پاڻ اُن احسان جي ساڻس
قيامت جي ميدان ۾ مڪافات ڪندا.
هاڻي ڏسو: جڏهين هيڏو تاڪيد، هيڏي ڀلائيءَ، تڏهين اهلبيتن ان ڇو
نه واکاڻيل طرح احسان ڪجي؟ سواءِ حيلي، خالص هديي
ڏيڻ ۾ جا خاصيت لڀندي، سا هن ۾ نه، پر جي حيلوئي
شرعي ٿيو، ته به ثواب فقير کي سريو، اتي به
دنيادار، جي سالم نيت وارو نه هوندو، ته ثواب کان
رهيو. تنهن ۾ يقين ته جو مال پيغمبري قرابت تي نظر
رکي، گهڻي نياز ۽ ججهيءَ تعظيم سان، خاص سيد سان
احسان ڪرڻ جي نيت سان، اُن جي خدمت ۾ هديو ڪري
رکيو، ۽ اُن ۾ ڪنهن خيرات يا صدقي يعني فطري جي
صدقي، روزي ۽ قَسم جي ڪفارت يا ڪنهن نفلي صدقي جو
غرض نه ڪبو، ته اُن جي موچارائي هن جي موچارائيءَ
کان زور واڌ چئبي: ۽ جنهن وقت احتياج وارو سيد ڪي
گهرندو ۽ ان کي مٿئين لحاظ کان ڪجهه ڏبو، ته ان جو
درجو زور اعليٰ آهي- جن ان ڳالهه کي نه سڃاتو، سي
گهڻا کاٻارجي دين ۽ دنيا ۾ خراب ٿي ويا! حديث شريف
۾ آهي: ”لا يومن عبد حتي اڪون احب اليہ من نفسہ و
يڪون عتر تي احب اليہ من عترتہ واهلي احب اليہ من
اهلہ“ يعني ڪو ٻانهو ڪامل مومن نٿو ٿئي تان ته آءٌ
زور پيارو ۽ وڻيل ٿيان اُن وٽ، ان جي نفس کان؛ ۽
منهنجو اولاد زور پيارو ٿئي وٽس، سندس اهل کان!
شال الله تعاليٰ پسڻ جي اک کولائي ۽ خلق کي آنڌ ۽
وَرن سرن ۽ هٿرادو حيلن کان ڇڏاي: آمين!(14) جنهن
صورت ۾ فقير کي زڪوات جو اطلاع ڏنو اٿس، ۽ اُن تي
مسجد ۾ يا سيد کي ڏيڻ جو بار رکيو اٿس، تنهن صورت
۾ فقير جي ملڪيت ٿي ويو- ۽ هيءُ شرط فاسد آهي: سو
بخشش ۽ صدقو فاسد شرط سان فاسد نه ٿيندا.
”درمختار“ ۾ آهي: ”و هل لہ الفقر ان يخالف امره
المزڪي لم اره والظاهر نعم“ ۽ شامي اُن جي هيٺان
لکيو آهي: الجث نصاحب النهر وقال لانہ مقتضيٰ صحة
التمليڪ قال الرحمتي والظاهر انہ لاسبهة فيہ لانہ
ملڪہ اياه عن زڪاة مالہ و شرط عليہ شرطا فاسدا
والهبة ولصدقة لا يفسدان باالشرط الفاسد“.(15)
فقير جي بي چيائي ڪرڻ کان رنج ٿي، موٽي اُن کي
زڪوات نه ڏيڻ مان ائين ڪين چئبو، ته زڪوات جي مال
جو مالڪ ڪين ڪيو هئائينس، ڇا لاءِ جو هو وٺڻ سان
مالڪ ٿي ويو- ۽ حڪم ظاهر تي ڪبو ۽ رنج بيهودو
سمجهبو. مسجد ۾ يا سيد کي ڏيڻ مالدار کي گهربو هو،
نه فقير جي نه ڏيڻ تان رنج ٿيڻ: ڏنائون ڪين رنائون
گهڻو!(16) فقير جنهن صورت ۾ عيالدار يا مسڪين
مائٽن وارو يا قرضي يا مسافر يا ڪنهن ٻئي احتياج
وارو آهي، تنهن صورت ۾ پهرين حق پنهنجي ضرورتن ۾
خرچڻ اٿس، نه خير ڏيڻ ۾، جو سندس صدقو آهي- جيئن
ته ڪتاب ”الترغيب والترهيب“ ۾ انهيءَ باب ۾ ”حافظ
عبدالعظيم منذريءَ“ ڪيتريون حڊيٿون آنديون آهن- ۽
تڪليف به مالدار ۽ وسعت واري تي ٿئي ٿي: ”لايڪلف
الله نفسا الا و سعها“.(17) دنيادار تي زڪوات،
فطرو، اُضحِي ۽ ذوي الارحام جو ”لَقطو“، الله
تعاليٰ جي واجب ڪرڻ سان واجب آهن، ۽ نذر، سواءِ ان
جي سندس مڃڻ ۽ واجب ڪرڻ سان، ۽ ٻيا چڱا ڪم، جهڙوڪ:
سيد ۽ عالمن جي خدمت ڪرڻ، مسجديون ٺهرائڻ، کوهه
کڻائڻ، ڪي ٻيا، مستحب اٿس. پر هوند ۽ پهچ سان انهن
ڪمن ڪرڻ جو لائق پهرين دنيادار آهي، نه فقير، جنهن
جي لاءِ عيال جو خرچو به وڏو خير آهي.(18) ظاهر ۾
معلوم ٿئي ٿو ته زڪوايت جو ڪنهن جنس- جهروڪ اَن ۾
لڪائي ڏيڻ، زڪوات جي ادا لاءِ ڪافي ٿئي ٿو، ڇا کان
جو اُن ۾ شرط آهي ملڪيت ڪرڻ، سو حاصل ٿي ويو.(19)
ڪنهن کي ڪا شيءِ خيرات ڏيئي. ورائي ساڳئي ملهه سان
وٺڻ، ڪراهت تحريم آهي. ”صحيح بخاري“ ۾ حضرت عمر
رضي الله عنہ کان روايت آهي ته ڪنهن کي خدا ڪارڻ
گهوڙي تي ڪهل ڪري، ملهه ڏيئي موائي وٺڻ جو ارادو
ڪري، پاڻ سڳورن کان پڇيائين. پاڻ فرمايائون ”لاتعد
في صدقتڪ و ان اعطاڪ بدرهم فان العائد في صدقتہ
ڪالعائد قيہ“ يعني پنهنجي صدقي ۾ رجوع مَ ڪر، توڻي
هڪڙي درم سان ڏئين- پوءِ تحقيق پنهنجي صدقي ۾
موٽندڙ، پنهنجي قي ۾ موٽندڙ جهڙو آهي!(20) مخدوم
محمد هاشم عليہ رحمت جي تحرير ۾ آهي ته جيڪڏهن
ڪنهن گنهگار ڪڻڪ يا جؤ ورتا، تن مان سون يا رپو
نڪري، يا ڪي ٻيو نڪري پيو، ته اهو موٽائي وڪڻندڙ
کي ڏبو، ۽ جي انڪار ڪيائين ته لقطي جو حڪم اٿس.
غرض تي وٺندڙ جي ملڪيت نه ٿيندو، ۽ هن صورت ۾
سامان ۾ قيمتي شيءِ لڪل- وٺندڙ کي معلوم، ۽ وڪڻندڙ
کي نامعلوم- وڪري هيٺ داخل نه ٿيندي، ۽ وڪڻندڙ کي
جي انڪار تي اعتبار ڪونهي. (12) وڪڻندڙ کي جيڪڏهن
اها سامان ۾ قيمتي شيءِ لڪل معلوم هجي، ته ان کي
موٽائي ڏيڻ گهرجي؛ جيئن ته ”درمختار“ جي عبارت مان
(جا باب ”المرابحة و التولية“ ۾ آهي) ٿو پروڙجي- ۽
هن صورت ۾ شيءِ وڪڻندڙ کي معلوم نه آهي، تنهنڪري
غصب ثابت ٿيو. ۽ غصب جو گناهه شيءِ موٽائي ڏيڻ ۽
توجهه ڪرڻ ڌاران نه لهندو، جيئن فقہ جيڪتابن ۾ چٽو
لکيل آهي. (22) ظاهر شرح ۾ ناجائز امر ۾ حيلو ڪري،
پوءِ سمجهڻ ته جيئن ڪيم الله تعاليٰ وٽ حق به تيئن
آهي، يهودين جي رسم آهي- جن جي حق ۾ الله تعاليٰ
فرمائي ٿو (و ان منهم لفريقا يلوون السنتهم الڪتلب
لتحسبوه من الڪتلب وما هومن الڪتلب ويقولون هو من
عند الله وما هو من عند الله و يقولون علي الله
الڪزب وهم يعلمون“، يعني تحقيق اهل الڪتاب جي مان
ڪا جماعت آهي، جي موڙين ٿا زبانون پنهنجون ڪتاب
سان، تان اوهين ڀانيو ان کي ته ڪتاب مان آهي. نه
آهي اهو ڪتاب مان! چون ٿا ته هيءُ آهي الله وٽان-
۽ نه آهي هيءُ الله وٽان! اهي چون ٿا الله تي ڪوڙ
۽ پاڻ ڄاڻڻ ٿا!(23) ظاهر شرع سان مخالف پنهنجي
ٺاهيل حيلي کي الاهي حڪم جهڙو سمجهڻ، ۽ ان جيڪرڻ ۾
ڀؤ نه ڀانئڻ، پاڻان ثواب جو اعتقاد رکڻ- ڪفر کي
ويجهو ٿيڻ آهي، ۽ حرام کي حلال ڪرڻ آهي. سو،
حرامائي ۽ حلالائي، الله تعاليٰ جي حڪم سان ثابت
ٿيندي، نه ڪنهن جي زبان جي ڳالهين ۽ ورن سان. الله
تعاليٰ فرمايو آهي: ”ولا تقولوا لمانصف السنتڪم
الڪذاب هذا حلال و هذا حرام لتفتروا علي الله
الڪذِب ان لدين يفترون علي الله الڪذب لايفلحون“،
يعني مَ چئو تنهن شيءِ کي، جنهن کي بيان ڪري زبان
اوهان جي ڪوڙ سان، ته هو حلال آهي ۽ هي حرام آهي،
تان ڪ ٻَڌي رکن ٿا الله تعاليٰ تي ڪوڙ کي، سي
ڇوٽڪارو نٿا لهن!(24) مٿي ذڪر ڪيو ويو ته ڪنهن جي
حق باطل ڪرڻ، يا ان ۾ شبهي وجهڻ لاءِ حيلو ڪرڻ،
ڪراهت تحريم آهي، ۽ حرام کان بچڻ ۽ حلال کي پهچڻ
لاءِ چڱو، يعني نڪي فرض، نڪي واجب. ۽ ”اشباه“ ۾
آڻي ٿو ته زماني شريف ۾، هڪڙي شخص تمر جا ٻه ٽويا
ڏيئي، هڪرو ٽويو تمر جو ورتو هو، تڏهن پاڻ
فرمايائونس ته ”ارييت هلابعت تمرڪ بالسلمة ثم
ابتعت بسلعتڪ تمرا“، يعني ريا ڪيئي: ڇو نه پنهنجي
تمر وٿ تي وڪيئي: پوءِ پنهنجي وٿ تي تمر ورتئي؟
”اشباه“ ۾ انهيءَ هيٺان لکي ٿو ”و هذا ڪلہ اذا لم
يوعد الضرر باحد“، يعني هي سڀ تڏهن، جڏهن ڪنهن
هڪڙي کي ضرر نه پهچائي. اُنهيءَ ۾ پڻ آهي ته ”بيبي
ساره ۽ بيبي هاجره رضي الله تعاليٰ عنها جي وچ ۾
ڪو ڏمر ڏوٺ ٿيو، تڏهن بيبي ساره قسم کنيو ته جي ڪا
هٿ- پهچ ٿيم ته انهيءَ جو ڪو انگڙو وڍينديس. پوءِ
الله تعاليٰ حضرت ابراهيم ڏي جبريل، ٻنهي جي
پرچائڻ لاءِ موڪليو. تڏهن بيبي ساره قسم جو حيلو
پڇيو، انهيءَ تي وحي آيو ته ’بيبي ساره، بيبي
هاجره جي ڪنن ۾ سوراخ ڪڍائي“- انهيءَ ڏينهن کان
ڪنن جو ٽوپڻ هليو- حضرت ايوب عليہ السلام جو قصو
شيخ ”محمد نووي جاوي“ جي تفسير ”مراح لبيد“ ۽ ٻين
۾ هيئن آهي ته ”اُهو جڏهن بيماريءَ جي گهڻائيءَ ۽
شهر وارن جي اُن کان سُوگ ڪرڻ سببان جهنگ ۾ رهندو
هو، تڏهن هڪڙي ڏينهن شيطان اُن جي بيبيءَ وٽ اچي
چوڻ لڳو ته ”جي تنهنجو مرد مون کان مدد گهري ته
انهيءَ بلا مان ڇڏايانس“. بيبيءَ حضرت ايوب سان
اچي ذڪر ڪيو- ۽ شِطان کي ڪين سڃاتو هئائين- حضرت
ايوب کي الله تعاليٰ پروڙايو هو، تنهن قسم کڻي چيو
ته ’جي خدا جون کي عافيت ڏني ته بيبيءَ کي سؤ لَڪڻ
هڻندس‘! جڏهن عافيت ٿيس، تڏهن هيءُ وحي آيس: ”وخذ
بيدڪ ضغثا فاضرب بہ و لاتحنث“، يعني ’وٺ پنهنجي هٿ
۾ مُوڙهي، جنهن ۾ سؤ سنگن هجي؛ پوءِ اُها هڻ
بيبيءَ کي ۽ سُنهن جي اُبتڙ نه ڪر!“ هاڻي هڪڙا
مفسر، بيبيءَ لاءِ خصوصيت ۽ رحمت سمجهن ٿا، ۽ ٻيا
اها رخصت باقي چون ٿا، پر هن شرط سان ته سڀ بدن تي
لڳن ۽ ايذاءُ به ٿئي. اهڙي قسم جي واقعي ۾ جتي
ساهه جو نقصان ٿئي، انهيءَ آيت مان حڪم وٺڻ جائز
ٿئي ٿو- دنيا جي محبت ۾ مال ميڙڻ ۽ حقن دٻائڻ لاءِ
ڪهڙي عقل واري وٽ انهيءَ آيت مان دليل وٺڻ موافق
ٿيندو؟ پر اکين جي انڌن لاءِ پروڙائڻ جي واٽ آهي ۽
دل جي انڌن لاءِ ڪا واٽ ڪانهي- مگر جي الله تعاليٰ
سُواٽو ڪرين ۽ ساڃاهه ڏين. (25) زماني جا هلندڙ ۽
مٿيان ذڪر ڪيل حيلا، بيشڪ حضرت ايوب عليہ السلام
جي ذڪر سان مخالف، ۽ اصحاب السبت واري قصي سان
موافق آهن. انهيءَ قصي کي تفسير ”فتح العزيز“ ۽
ٻين ۾ هيئن ٿو ڏسجي ته اها هڪڙي جماعت، ايليا جي
شهر ۾ درياءِ جي ڪناري، بني اسرائيلن مان، حضرت
دائود کان ڳچ ورهيه اڳ هئي ۽ ”تورات“ ۾ ’ڇنڇر جي
ڏينهن مڇي مارڻ‘ جي منع هين. ڇا کان جو اُهو عبادت
جو ڏينهن هون، نه ڪنهن دنيا جي ڪم ڪار جو. پوءِ
الله تعاليٰ انهن لاءِ پرک ڪئي، جو ڇنڇر جي ڏينهن
پاڻيءَ جي مُنهن تي گهڻيون مَڇيون ظاهر ٿينديون
هيون. اُنهيءَ ڏينهن حرام هجڻ سبب، اُن جو شڪار
ڪريو نه سگهندا هئا ۽ ڇنڇ کان سواءِ بلڪل لِڪي
وينديون هيون، ڪي ٿوريون ڪنهن کي شڪار ۾ هٿ
اينديون يا نه اينديون هيون. انهيءَ افسوس کان
بيتاب ٿي پاڻ ۾ پَهه پچائڻ لڳا ته ڪو حيلو ڪجي،
جنهن ۾ حرام به نه ٿئي، ۽ شڪار کان به وانجيل نه
رهجي. انهن جي ڏاهن وار ڪڍيو ته ’درياهه جي ڪناري
سان حوض کڻجن ۽ جمعي جي پوڃاڙيءَ جو انهن ۾ پاڻي
ڇوڙي ڇڏجي، ۽ خنجر جي پوڃاڙيءَ جو انهن جو مُنهن
بند ڪري ڇڏجي، پوءِ آچر جي ڏينهن شڪار ڪجي. ستر
هزارن جيترا ماڻهو انهيءَ قصد ۾ شامل ٿيا ۽ ڇنڇر
ڏينهن آيلن مَڇين کي آچر جي ڏينهن شڪار ڪرڻ لڳا- ۽
ٻارهن هزارن جيترا انهن کي روڪڻ ۽ نصيحت ڪرڻ لڳا،
نيٺ هنن جي بي چيائيءَ کان تنگ ٿي پنهنجن گهرن کي
ڪوٽ ڏيئي، هر طرح لاڳاپا هنن کي ڇِني ويهي رهيا- ۽
ٽِيان نه ان ڪار ۾ هئا ۽ نه انهيءَ ڪم ۾ هئا. الله
تعاليٰ في الحال انهيءَ مَٺي ڪم ڪندڙن سان مواخذو
نه ڪيو، تنهنڪري چاليهه ورهيه يا ستر ورهيه انهيءَ
حالت سان وِرسجي رهيا، ۽ چوڻ ٿي لڳا ته ’هي شڪار
ڇنڇر جو، الله تعاليٰ اسان جن مائٽن تي حرام ڪيو
هو ۽ اسان لاءِ حلال ڪيو آهي، جو هن ڪم پٺيان اسان
تي هيڏيءَ مدت ۾ ڪو عذاب به نه لٿو! ٻيو ته اسين
ڇنڇر جي ڏينهن مڇي ماريون به ڪين ٿا، بلڪه آچر جي
ڏينهن ماريون ٿا‘- اهڙيءَ طرح وِرسيل هئا، تان ته
مٿان حضرت دائود عليہ السلام جي نبوت ۽ خلافت جو
زمانو آيو، سو انهن جي مَٺي ڪم کان واقف ٿي، انهن
کي مَٺائيءَ کان ٽارڻ ۽ عذاب کان ڊيڄارڻ لڳو. تنهن
کي چيائون ته ’اسين ورهين ۽ زمانن کان هن حيلي
شڪار پيا ڪريون ۽ سڀيئي تمام سُکيا ۽ مَڏيءَ وارا
ٿيا آهيون. اڳي به عذاب ڪونه لٿو، سو ڪو هاڻ لهندو
ڇا؟ سببان، هن ڪم ۾ الله تعاليٰ جي رضا ۽ پاڻ لاءِ
حلال سمجهون ٿا!‘ حضرت دائود لعنت ڪين، ۽ عذاب
نازل ٿيو: کَل ڦِري، اڳوڻا وار ڪِري، رنگ مٽجي،
پُٺ ڏنگي ٿي، ڳالهائڻ بند جي، ڀولڙي جي صورت کان
بڇڙي، گهڻي بدبوءءِ واري گندي شڪل ٿين؛ رڳي انساني
پروڙ باقي رهين! پريان ماڻهو، انهن کي ڏسڻ، عبرت
وٺڻ ۽ لعن طعن ڪرڻ آيا. هنن، ماڻهن جي جُٺين ڦٺين
کي مڃيو- ڪنڌ چوريا ٿي، نهاريائون ٿي ۽ اکين مان
زار زار پاڻي هاريائون ٿي، ٽن ڏينهن کان پوءِ
مڙيئي مري هلاڪ ٿي ويا ۽ منجهائن ڪو باقي نه بچيو!
هاڻ غور ڪريو ته ذڪر ڪيلن، ۽ هن زماني ۾ هلندڙن
حيلن سان، هنن جو حيلو مشابهه آهي، يا حضرت ايوب
عليہ السلام وارو؟ حضرت ايوب عليہ السلام کي الله
تعاليٰ جو ڏسيل هو، ۽ هنن جو پاڻان ٺاهيل- هاڻي
چئو ته هي حيلا غير شرعي، الله تعاليٰ جا فرمايل
آهن، يا ڪنهن دنيا جي دوست، قارون جي سچي شاگرد
مال ميڙڻ واري جا ٺاهيل؟ افسوس! هي ابليس جا
سيکاريل شايد سمجهن ٿا ته جيئن ماڻهن سان مڪر ۽
وَرسَر ڪريون ٿا، تيئن الله تعاليٰ اڳيان به ڪري
سگهنداسون! جي ڪو علم وارو اُنهن جو يار ۽ مددگار
ٿيندو، ته سو دنيا جو عالم چئبو، يا دين جو عالم
سڏبو؟ دين جو علم اهو نه آهي، ججو ٺڳيءَ، غضب، مڪر
۽ حرام ڪم سان مال گهر ۾ آڻجي، ۽ ڪنهن شرعي حق-
مستحب، واجب، توڻي فرض- ۾ به گهر کان پائِي نه
ڪڍجي! اهل ڪتاب جا، يعني يهودي ۽ نصاريٰ به عالم
هئا،پر وڌاءَ، هٺ ۽ دنيا جي علم ڪو فائدو نه ڪين ۽
خراب ٿي ويا- جن جي لاءِ الله تعاليٰ ٿو فرمائي:
”قل يا اهل الڪتب لاتغلوا في دينڪم غيرالحق ولا
تتبعوا اهواءَ قوم قد ضلوا من قبل وضلوا ڪثيرا و
ضلواعن سواء السبيل“، يعني چئو ته اي اهل ڪتاب جا!
حد کان نه نلنگهو دين پنهنجي ۾ ناحق سان، ۽ تابع
نه ٿيو نفساني سڌن اُنهيءَ قوم جي جا، جي گمراهه
ٿيا آهن هن کان اڳي، ۽ همراهه ڪيو اٿن گهڻن کي، ۽
ٿڙي ويا سوڌي رستي کان- (نغوذ بڪّ اللهم من
شرورهم)“!
عزيزا! شرف ۽ ڀلائي اُنهيءَ علم پٺيان آهي، جو الله تعاليٰ ۽
دين لاءِ هجي؛ نه انهيءَ پڙهڻ پٺيان جنهن ۾ حق جو
غرض ڇڏي، اهل دنيا جي راءِ تي فتويٰ ڏجي (لا حول
ولا قوت الا بالله). يقين ته جنهن جي سالم قلب ۾
اسلام جو ننگ ۽ دين جو پار ثابت ۽ برقرار هوندو،
سو انهيءَ يهودين واري رسم بد کي عيب ۽ عار چوندو-
”يشترون بايات الله ثمنا قليلا“ جن جي صفت مشهرو
آهي، ۽ لم يڪن الذين ڪفر وا من اهل الڪتب“ ۾ ان جي
اُبتيءَ سمجهه جو مذڪور آهي.
بيت
”پڙهيا آهن اُهي ئي، جن کي پاڙهي پاڻ؛
ٻيا ڪوڙين ڪتابن سان گهڻيئي گمراهه ٿيا“.
پڙهڻ، پروڙڻ، پوءِ نه پارڻ؛ وري پاڻ ڀلو ڀانئڻ- سراسر سمجهه
ضعيف آهي. ”العلم حجاب الله الاڪبر“ اهڙي علم جي
تعريف آهي: ڀلا جي ٺلهو علم فائدي، ڀلائيءَ ۽ شرف
وارو هجي ها، ته ابليس به نه تڙجي ها!
”اکر پڙهي اڀاڳا قاضي ٿئين ڪاءُ،
ڀير پين ڀانئن ايڏانهن هڏ مَ آءُ،
ورق واريين وترا مھلا مُٺي ماءُ،
انهيءَ سُرڪي ساءُ، پڇج عزازيل کي.“
”جي مون پڙهيا پاڻ لئه، سي ئي سيلهه ٿيام؛
واڳو ٿي وريام، اکر اهي ئي اڳيان!“
”اللهم اني اعو ذبڪ من علم لا ينفع وقلب لا يخشع و بطن لايشبع و
دعاءِ لايسمع و من هولاءِ الاربع“: فقط- والسلام
عليٰ من اتبع الهديٰ.
فصل چوٿون
ننڍن وڏن عزيزن ۽ مائٽن جي خطن ۾
مائٽن ۾ زور مٿانهين مرتبي وارو پيءُ، ڏاڏو، نانو، چاچو، مامو،
۽ پوءِ وڏو ڀاءُ، وڏو سؤٽ ۽ ماسات آهي؛ ۽ هيٺانهون
مرتبو به ان جي مقابل سمجهڻ گهرجي. هتي ڪن قسمن جا
نمونا ڏيکارجن ٿا، ۽ باقي ان تي قياس ڪرڻ لاءِ ڇڏي
ڏجن ٿا.
خط، پٽ جو پيءُ ڏي (12)
مقصود جو قبلو، يهود جو ڪعبو، پٽن جي مٿي جو ڇٽ، نيازمندن جي
ڏکن جو پاڙ پَٽ بيڪسن جو ڀرجهلو، وڏو وسيلو، حضرت
والد صاحب- دام لطف!
ٻانهو وفاڪيش، ارادت انديش (فلاڻو)“ نياز جي سلامن، بندگين ۽
تعظيمن سرافگندگين بعد ادب جي چائنٺ چميو، سعادت
جا نور چونڊيو، عرض ٿو رکي ته خدمت سڳوريءَ مان
علم جي طلب لاءِ رخصت وٺي هتي رسيس. جناب استاد
صاحب جي شفقت ۽ رفيقن طلاب عالمن جي موافقت کان
گهڻو خوش ٿيس. سبق جو تاڪيد تمام، ۽ پاڻ ۾ بحث ڪرڻ
جو اهتمام، ۽ طالبن جي پر داخت جو پورو انتظام
آهي. دعا ڪندا ته الله تعاليٰ عاقبت محمود ۽ مقصد
موجود فرمائي ۽ توفيق رفيق ڏيئي، مڙيني مرادن جي
نهايت کي پهچائي!
ٻيو عرض آهي ته گهڻي دير گذري ويئي آهي جنهن ۾ مهربانيءَ جو خط،
نيازمند ڏي التفاق جو منهن نه ڪيو؛ تنهنڪري هي
گهڻي تردد ۽ ججهي انتظار کان لاچار ٿي رهيو. پري
پوڻ جي ڏينهن جي ڊگهائيءَ انهيءَ تي آندو ته حضور
جي در دولت حاصل ڪري؛ پر ضروري ڪمن يعني ٽن سبقن
جي پڙهڻ ۽ دؤرين جي نه ترسڻ جي مجبوريءَ نه ڇڏيو.
لاچار ملازمت جي تمنا جي سبب، احتياط جي ڏور هٿ
مان ڇني، گستاخيءَ جي گهٽيءَ ڏي منهن رکيائين، ۽
اميد ڪيائين ته اوهان جي اچڻ سڳوري جي شرف سان فخر
حاصل ڪندو، ۽ پنهنجي قدر کان واڌو مرتبو لهي
مُرڪندو. وڏن جي موچارن اخلاقن جي ڪشادائيءَ ۾ هر
طرح جي گنجائش آهي- واڌو حد ادب!
جواب
سعادت نشان، مبارڪ عنوان، دل جو سرور، اکين جو نور، روح جي
راحت، جان جي جمعيت- سلامت! سلامن کان پوءِ، حفظ
الاهي تنهنجي ٻانهن جو تعويذ ڪريو، لکجي ٿو ته هتي
جي رات ۽ ڏينهن جي هلت جي ڪيفيت حمد ۽ شڪر جي
سزاوار ٿي گذري، ۽ دل هميشہ ڌڻي تعاليٰ کان تو
سعادتمند جي صحت ۽ عافيت جي خوشخبري ٿي گهري،
تنهنجي خط فرحت نمط جي پهچڻ مان، جا راحت دل ٿي
ڳولي، سا هٿ آئي. حڪايت، ۽ شڪايت تنهنجي تمنا جي
اشارت معلوم ٿي. مون کي تنهنجي ملاقات لاءِ ڪهڙو
عذر، جو پاڻ منهنجي آرزو جي غايت آهي. وري هميشہ
دل کي وڻندڙ، پنهنجي رضا تي مقدم، تنهنجي خاطر
سڳوري جي رعايت آهي: الله جي گهريو آهي ته مهيني
کان پوءِ ايندس- والسلام.
خط پوٽي جو ڏاڏي ڏانهن (13)
جناب مستطاب اميدن جو قبلو، مرادن جو ڪعبو اولاد جو ڀلو ڀر، وڏو
ڏڍ- حضرت ڏاڏ صاحب مدظلہ!
گهڻن سلامن ۽ ادبن کان پوءِ خطمت جي پٺ، قدويت جي محراب ۾ آڏي
ڪري، يعني هردم عقيدت جو دم ڀريو، عرض ڪري ٿو ته
ڌڻي عنايت نامو اچڻ سان سرافرازي حاصل آهي، ۽ ذات
بابرڪات جي صحٽ ۽ سلامتيءَ جي خبرن پهچڻ سان
اطمينان ۽ آرام، قلب سان واصل آهي، پر تو مائٽ
سڳوري جي ڪمال شفقتن سببان گستاخ دل ۾ اڃا ڪي
اميدون ۽ سڌون آهن- تن مان هڪڙي هيءَ ته هيءُ غلام
ڪيتري مدت کان قدمبوسيءَ جي سعادت کان محروم آهي؛
۽ فدويءَ جي ڪم فرصتي به سائين جن کي معلوم آهي:
تنهنڪري اميدوار رهي ٿو ته هڪ هفتي جي لاءِ
مهربانيءَ جي واٽ کان تشريف فرما ٿيندا- واڌو
نياز.
جواب
برخوردار، سعادت ڪردار، قلب جو قرار، اندر جو آڌار، اکين جو
ٺار، هنئين جو هار- سدا سلامت هجي!
سلامن ۽ دعا کان پوءِ، مدعا هيءَ آهي ته ديدار جو شوق حد کان
بيشمار آهي؛ مگر آسمان ڪج رفتار بي مهريءَ تي تيار
آهي. هتي جي حالت لکڻ، خط جي طوالٽ آهي، نورچشمي
(فلاڻي) جي علالت سبب طبع ۾ ملامت آهي، تنهنڪري
اڃا اچڻ ڪونه ٿو ڏسجي، مگر جڏهن صحت سريس، تڏهن
ضرور بلامهلت اچيو ٿو سگهجي. اسان کي معلوم ٿيو ته
تنهنجي دل سير ۽ تماشي ۾ مضروف آهي، لکڻ، پڙهڻ، ۽
علم جي طلب ڪرڻ موقوف آهي! جي ڌيان ڪرين ته سکڻ جو
وقت اهو آهي، ۽ راند لاءِ ساري عمر؛ اهو ويل وقت
قضا ڪين ٿيندو!
علم هٿ جو هيرايل باز آهي؛ ايتري غفلت سان ڪنهن جي آشنائي نه
قبوليندو؛ بلڪ هڪڙي ڏينهن جي ناغي سان به طبع کان
اڻسڃاڻو ٿي ويندو- تو هيڏا وقت وڃائي ڇڏيا، سي نه
ڄاڻان ته ڪئين تدارڪ قبوليندا؟ توکي پنهنجو سعيو
نه هوندو، ته رڳا منهنجا سعيا ڪهڙو فائدو بخشيندا؟
هتي هي ضعيف صبح جي ڏِيئي وانگر پساهه پيو ڳڻي:
يقين تي حياتي جو سج غروب کي ويجهو رسيو آهي! خدا
ڄاڻي ته باقي ڪيتري مدت بچي! آرزو آهي ته الله
تعاليٰ علم ۽ ادب جو پورو بخرو معاش ۽ معاد جو
ڪامل بهرو توکي نصيب ڪري، سو اکين سان ڏسان ۽
وهسان؟ تنهن ۾ جي هن طرف جو ملال ۽ پنهنجي ابتري
منظور آهي ته مختار آهيو، جي نه ته غفلت جي ننڊ
کان هوشيار رهو، ته نيٺ ڪو چڱو نتيجو لهو.
”دين دنيا سندي سعادت علم،
آهه الله جي زيارت علم.
علم ڌاران ڌڻي سڃاپي ڪين،
آهه ايمان جي زيارت علم.
علم ۾ صرف عمر سڀ گهرجي،
موت مان تان ڪري شهادت علم.
اُن کي هردم هجي بشارت، جنهن
ڪئي غذا پنهنجي علم، عادت علم.
شال الله تعاليٰ موچاري توفيق ڏيئي- والسلام.
خط ڀائٽيي جو چاچي ڏي (14)
جناب چاچا صاحب، وڏي شان گهڻي احسان، قبلو ڪعبو، ظلڪم!
سلامن ۽ ادبن کان پوءِ، عرض هي آهي ته هتي هرطرح خدا جو فضل ۽
عطا آهي، ۽ هميشه اوهان جي صحت ۽ عافيت مدعا آهي.
مدت کان ڪو نوازش نامو نه آيو- رات ڏينهن فڪر دل
دامنگير آهي، هردم هِنيون اڻ ڪيل خطا کنا خجالت جو
اسير آهي! اميد ته هميشہ صحيفن سڳورن سان سرافروز
ڪندا، ۽ پريشان دل کي مطمئن رکندا. جناب ماما صاحب
جي ڪرامت نامي مان معلوم ڪيم ته والده صاحبہ کي
صحت حاصل ٿي: حضرت شافيءَ مطلق جي شڪر جو سجدو
بجاءِ آندم. زياده قدمبوسيءَ جي تمنا!
جواب
اکين جو نور، دل جو سرور، ساهه جو سينگار، حياتيءَ جو جنسار-
طولعمره.
شوق جي سلامن ۽ مڙين مطلبن حاصل ٿيڻ، ۽ مرتبن وڌڻ، جي دعائن بعد
ظاهر هجي ته مسرت نامو رسيو، دل خوش ٿي. تنهنجي
شڪايت بجا آهي، پر ضروري ڪمن کان فرصت نه ملي.
هاڻي انشاءالله تعاليٰ اهڙو وقت وري نه ايندو، ۽
برابر خط روانو ڪيو ويندو. تنهنجي خط جا اکر ۽
عبارت پسند آئي: آڳاٽي دل ۾ اها اميد هئي. جا اَڄ
پروردگار پسائي آفرين هجيو! علم حاصل ڪرڻ،
سعادتمنديءَ جي نيشاني آهي، ۽ جِهل صريح ناداني
آهي. تنهنجي ڏسڻ لاءِ دل گهڻي خواهش ٿي رکي: هڪڙي
هفتي جي استاد صاحب کان موڪل وٺي اچجو ۽ عزيزن کي
پاڻ پسائي اُنهن جي دل خوش ڪري پوءِ وري وڃجو-
زياده، دعا والسلام.
جواب جو جواب چاچي ڏي
بخدمت جناب چاچ صاحب، عالي مراتب، ڀلن ڀالن وڏن وڙن وارو- دام
لطفہ!
نيازمنديءَ ۽ بندگيءَ جي سلامن بعد عرض ته اوهان جي نوازشنامي
سج جي روشني ۽ عاطفت جي صحيفي آسمان جي بلندي
بخشي، ۽ ڀلائين ڀريل جي اچڻ سان شادمانيءَ جا
دروازا ڪشادا ٿيا. امر عاليقدر موجب، جناب استاد
صاحب جي خدمت شريف مان رخصت گُهريم، پر نه مليم.
ڇا کان جو ڪتاب (فلاڻو) تماميت کي ويجهو آهي، ۽
هم- سبق اُن جي درس معطل ڪرڻ ۾ راضي نٿا رهن. تنهن
۾ اُن جي پوري ٿيڻ تائين عذر قبول رکندا ۽ انهيءَ
وچ ۾ پنهنجي، پنهنجن عزيزن ۽ دوستن جي سڀڪا خبرچار
لکندا. انشاءالله تعاليٰ فرصت جي وقت رخصت لهي،
خدمت سڳوريءَ ۾ اچي حاضري ڏيندس- زياده، نياز
والسلام.
خط ڀانيجي جو مامي ڏي (15)
سراپا شفقت، سراسر رحمت، نيازمند جو قبلو، حاجت وارن جو ڪعبو،
جناب ماما صاحب- دامت افضالہ! سنت اسلام جي سلامن،
فرمانبرداريءَ جي لوازمن، ۽ خدمتگاريءَ جي رسمن
ادا ڪرڻ بعد، نياز جي عرض سان تمنا پرداز آهي ته
منهنجو حال، حضرت ذوالجلال جي افضال سان لڳل ۽
مزاج جي صحت جو هميشہ سوال گُهريل آهي- مطلب ته
مدت ٿي جو لاڳيتن عريضن موڪلڻ سان به جواب جي
سرفرازي نه سَري؛ دل ۾ تردد، هِنئين ۾ خيرت آهي!
وڏو عجب جو ڪيترن ڏينهن کان ميان (فلاڻي) جي هٿان،
مبلغ معلوم جي طلب ۽ هتي جي قرضخواهن جي تنگ
طلبيءَ ۽ حال جي خرابيءَ بابت، خدمت شريف ۾ عريضو
روانو ڪيم- ڀلي ٽپال وارا خط تلف ٿي ويا هجن؛ هٿو-
هٿ جي عريضي کي ڪهڙي بلا آڏي آئي جنهن جي نڪا خبر
نڪو جواب رسيو، نه بي التفاتي جي ماڳ پيو؟
تهيدستيءَ جون پريشانيون جن جو هٿ گريبان ۾ آهي،
نه سڻائڻ جهڙيون، نه لڪائڻ جهڙيون، ۽ قرضخواهن جي
گهِر گهِر جون پشيمانيون، جا ساهه سان لڳيون آهن،
نه گذرڻ جهڙيون نه گذرڻ جهڙيون ايتري سان به ادب
جي پاس ۽ فدويت جو لحاظ نٿو ڇڏي ته ڪو پساهه ٻهر
ڪڍي يا جيڪا ڳالهه مزاج عالي تي ڳري ٿئي، سا زبان
کي سپاري! اوهان مشفقن کي پاڻهي خيال هوندو؛ جي نه
ته پريشان حال جي صورت ۾ ملاحظي کان پوءِ مراد جو
نقش، ڪرسيءَ تي ويهڻو هوندو- شال هميشہ التفات
عالي، نيازمندن جو پاليندڙ هجي! فقط والسلام.
جواب
سعادت پيوند، بخت بلند، نور بصر، جان جگر- سلمہ الله تعاليٰ!
سلام خيريت انجام ۽ صلاح جي دعا ۽ فلاح جي تمنا کان پوءِ واضح
هجي ته خط رسيو. تڪڙ جي ڏاڍائيءَ ۽ تقاضا جي تاڪيد
کان حيرت آئي! نامعلوم ته دعويٰ استحقاق جي بنا تي
آهي، يا ضرورت ۽ اتفاق جي حڪم سان؟ تنهن جو اطلاع
ڏيڻ گهرجي. جي اڳوڻي بقايا بابت ڪو اڃا خيال باقي
آهي، ته حساب وارو دفتر موڪلجي ٿو، سو ڪافي آهي؛ ۽
جي احتياج جي سببان سوال آهي، ته عبارت جي طرز ان
سان مخالف ۽ منافي آهي؛ جي فرزندي استحقاق ۽ ناز ۾
ڳالهه آهي ته آءٌ ۽ جيڪي منهنجو، سو سڀ تنهنجو
آهي! مگر اي پُٽ پيارا، سڀڪنهن حال ۽ سڀڪنهن ڳالهه
۾ انهيءَ حال ۽ ڳالهه جي رعايت واجب آهي، جو
سڀڪنهن مضمون جي عبارت ٻي آهي، سڀڪنهن مفهوم جي
اشارات ٻي آهي. تيز زباني ۽ گرم بياني ڪهڙي قياس
تي آهي؟ شال سالم راءِ ۽ ڪامل عقل ميسر هجيوَ!
والسلام.
خط وڏي ڀاءُ جو ننڍي ڀاءُ ڏي (16)
ڀاءُ ڀلايو، ساهه کان پيارو، سعادتمند سوڀارو، بلند بخت وارو،
ٻانهن جو زور، دل جي قوت، روح جي راحت ۽ هنئين جي
همت- شال سدا سلامن هجي!
شوق جي سلامن کان پوءِ مقصد ظاهر ٿو ڪجي ته ڪيترن ڏينهن کان خط
موڪليم ۽ اُن ۾ ٿورو ڪم رکيم، جواب سان خوش نه
ٿيس- خاطر مطلق آهي ۽ دل متردد! وڃڻ وقت اوهان کي
چيو هوم ته سِگها موٽي ”فلاڻي“ تي دعويٰ اچي داخل
ڪجو. اوهان غفلت اختيار ڪئي؛ ڳالهه هٿان ويئي،
معياد گذريو، دعويٰ جي مجال نه رهي! هاڻي پنهنجي
رءِ تي ۽ اعتماد تي افسوس کائڻ ڌاران، ٻيو حاصل
ڪينهي- تو ۾ دوربيني ۽ خيرانديشيءَ جون هزارين بلڪ
لکين اميدون هيم؛ نه هي جي ڏٺيم! آفرين هجيوَ،
سعادتمندي اها آهي! فقط والسلام.
جواب
ڀاءُ صاحب عالي جناب، فيض انتساب، اڀرن تي احسان ڪندڙ، هيڻن تي
هٿ رکندڙ، درياءَ جي سخا ۽ ڪڪرن جي عطا- عن
احسانہ!
نوڙت، نياز ۽ شوق بي انداز جي سلامن کان پوءِ، عبوديت جا لوازم
۽ رسوخيت جا دستور پڌرا ڪريو، ارادت جا نشان عقيدت
جي ميدان ۾ کوڙيو، فدويت جي پيشانيءَ تي بندگيءَ
جون آيتون لکيو، احوال عرض ٿو رکجي ته جناب جو
نوازشنامو، والا خطاب، پر عتاب، سراسر سَوَنتِ ۽
صواب سان ڀريل، موچاري وقت ۾ رسيو. ارشاد سڀ بجا
آهي ۽ جواب ڏيڻ نسوري بي ادبي ۽ بيجا؛ مگر معذرت
جي رسم سان، نه شوخيءَ جي گذارش سان.
جنابا! حضور کان دور ٿيس ۽ اڃا پنهنجي مڪان تي رسيس ته ”فلاڻي“
جي شاهديءَ بابت ڪورٽ جو سمن مليم؛ لاچار وڃڻو
پيم. اتفاق سان حاڪم گشت ۾ هو، ۽ رد انڪار ۾،
طرفين جي ڊگهي تقرير ٿي. نصيبن سان، منزل بمنزل
رلندي، منهنجي شاهدي وڇاڙيءَ ۾ پڇيِ ويئي: دل جي
نيت دل ۾، مٿان پيئي چَٽِي سوَ مان هڪ نه اُپٽي!
الحاصل انهيءَ حالت م مقدمي جن طوالت ۾ ٻه مهينا
گذريا. اُتان ڇٽس، وقت نه هو، معياد گذرڻ ڪري،
ڪنهن تدبير مان فائدو نه سمجهيو ٿيو- نه ته مون ۽
ويسريا گيسر ڇا لڳي! ۽ اوهان جي عقل روشن ۾ اهو
گمان ڪيئن جاءِ ڪري؟ شايد ڪن ڪوتاهه فڪرن وجهه لهي
زبان دراز ڪئي، ۽ طبع سڳوري، حلم ڀري، کانڌيري،
نيازمند جي گوشماليءَ لاءِ سنڀرائي- اها آڏو
ڏيکاريندڙ آرسيءَ جي حضور ۾ آهي، ته هي غلام
انهيءَ پاسي پير ڪيئن پائي؟ بيوقتي لات ڪندڙ ڪُڪڙ
جو ڪنڌ ڪپڻ جڳائي- زياده نياز.
|