سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هدايت الانشاء

باب: 4

صفحو :8

فصل پهريون

 

عشق جو ڄاڻائڻ جي خطن ۾

 

شيخ دائود انطاڪيءِ، پنهنجي ”تزيين الاسواق“ ۾، حضرت عقبه بن عامر رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آندي آهي ته”حضرت رسول الله ﷺ جن فرمايو،”اِن الله ﷺ جن فرمايو، ’اِن الله لَيُعِجب من شاب لاصَبَوة لہ‘ (تحقيق الله عجب ڪري ٿو انهيءَ جوان کان، جنهن کي ڪوئي عشق نه آهي). عجب ڪرڻ جو وجہ هيءُ ته اُن کي نفس جي واڳ تي حڪم ڪرڻ، ۽ اُن سڌن مان ڀريل نفس کي سڌن کان ٽاهڻ جي قدرت آهي. پوءِ قلب جي نرمي- جا رحمت ۽ محبت جي بيخ آهي- ڇا لاءِ نٿي ٿئيس؟ هن مان به عشق کان خالي هُئلَ دل جي اڻپورائي معلوم ٿي.

ڄاڻڻ گهرجي ته عشق جي پيوند جو سبب، ڪڏهن هڪ ڀيري ڏسڻ آهي؛ ڪڏهن هميشہ ملڻ ۽ گڏجڻ کان پوءِ، ڪنهن وقت جي پسنديءَ کان. ڪڏهن اهڙي سبب کان جو عاشق کي به معلوم نه هوندو؛ ڪڏهن پر پُٺ صفت سڻڻ سببان- پوءِ ڪڏهن بي اختيار ٿئي ٿو، جهڙو حضرت يوسف کي ڏسي زالن جا هٿ وڍڻ ۽ ٻين جو مري پوڻ. ڪڏهن اختيار سان، جهڙو پهرين ڪنهن جي وصف سڻڻ، پوءِ ڏسڻ جي سڌ جاڳڻ، پوءِ ويجهڙائيءَ جو خيال ٿيڻ، پوءِ گفتار جو شوق ڪرڻ- ان کان مٿي وڌڻ بي اختياري آهي، ۽ عشق جو ڄاڻائڻ اختياريءَ ۾ نه گهرجي- ۽ اضطراريءَ ۾ دل دانهن ري نه رهندي!

 

خط

موچارائيءَ جي باغ ۾ نئينءَ مکڙيءَ وانگر ٽِڙيل، محبوبيءَ جي گلزار ۾ تازي گُل وانگر کِڙيل- شال الله تعاليٰ حُسن وڌائين! آمين!

محبت جي سلامن، پِرت جي پيامن ۽ خدمت جي ادبن کي مثل غلامن ادا ڪرڻ بعد، هزار نياز ۽ عجز بي انداز سان عرض ته جنهن ڏينهن کان ان نازنين، ماه جبين، تي هن جزبن، اندوهگين جي نظر پئي، تنهن ڏينهن کان عشق جو فراش، هن آفت هَنيل جي پردي فاش ڪرڻ پٺيان ٿيو- ۽ عشق جي حاڪم، غم جي فوجن کي هن فرمان ڏنو ته صبر ۽ آرام جو تنبو، هن جي دل جي مُلڪ مان ٻاهر ڪڍو؛ ڏکن ۽ محنتن جو خيمو هن جي سيني ڪشادي تي، آه جو سرخ وچان اُڀياري کوڙيو. اک جي اڳيان حيرت جي قنات کُپائي، سندس هوش جي گهر ۾ بيهوشي ۽ سلامت جي گهٽيءَ ۾ وحشت ڇڏي ڏيو: راحت جي شڪل مَ ڏيکاريوس، ماٺ جي صورت مَ سيکاريوس!

”اچي پرتوو بيخوديءَ جو پيو،

اگهاڙائيءَ مان انگ جو اوڇڻ ٿيو؛

رهِي عقل جي اُت نه بخيه- گرِي،

نه مستيءَ جي هرگز ڪا پرده دري.“

تنهن ۾، جيڪڏهن ان ماه تمثال جو جمال ٻيهر نظر ايندو، ته هي خيال، ڪثير الاختلال ۽ احوال برملال ڪنهن ٿوڀ ۾ ٿيندو.

”جدا توکان جاني جيئڻ آهه سخت،

هجي هن حياتيءَ کان موچار موت!“

زياده حسن جي بازار، جلادار ۽ محبوبيءَ جو گلزار بهار هجي! والسلام.

 

جواب

محبت جي بيان جو پريشان، دوستيءَ جي واديءَ جو حيران، سلامن کان پوءِ سچائيءَ جي زيادتيءَ ۽ محبت جي واڌاري جي دعا گهريو، مقصد ٿو لکجي ته بيوس عشق جي جذبي ٻڌڻ ۽ بي اختيار شوق جي سوزش سڻڻ کان، هردم دل اوهان جي خيال ۾ رڌل آهي. تنهن ۾ وصال جي دولت ملڻ تائين دماغ جو تنقيو ۽ قلب جو تصفيو ضرور ڪرڻ گهرجي- فقط.

 

خط

آشنائيءَ جي اک کي روشني بخشيندڙ، محبت واري قلب جي محنت وڃائيندڙ، دل جو قرار، ساهه جو سينگار- شال الاهي حفظ ۾ هجي!

نوڙت، نياز ۽ شوق بي انداز جي سلامن کان پوءِ عرض،

”ٿيم ڪَنَ تو مان پُر ۽ اک خالي،

چڱو، جي ڪَنُ ڇڏي، ڏينِ اک تي پير:

ونِي اک جي آهين ڪَن جو نه زيور،

ڪَنن ۾ ڪيم لِڪ، ڪر اک تي سَير!“

جيتوڻيڪ ديدار پوڄيندڙ اک اڃا ان زماني جي يگاني جي رخ زيبا کان بيگاني آهي، مگر جڏهن اوهان جي حسن، جمال، وهم، فهم ۽ فضيلت جي ڪمال جي موچاري وصف ڪنن کي رسيم، تڏهن دل تي ڪم اهڙو تنگ ٿيو، جو ڏينهن جو اشڪباري ۽ رات جو اختر شماري-

”رهي ديوان دل تولَي سڄو ڏينهن،

تنهنجي ڳالهين تي ڪَن پَرڀن سڄي رات!“

تنهن ۾، جيڪڏهن ملاقات کان مَهند، پنهنجي مڪتوب خوش اسلوب سان غلام تي نوازش فرمائيندا، ته هن آرزوءَ جي آتش سان سڙيل بدن تي ڪو ڇنڊو لڳندو- يا خدا، او ڪهڙو وقت ٿيندو، جنهن ۾ ان دل افروز بزم جو پروانو ٿيندس!

 

جواب

مشفق مهربان، اخلاص نشان- سلامت!

بعد سلامن جي معلوم هجي، ته جڏهن باوجود پرانهينءَ مڪان جي، اخلاص جي باغن مان قرب جون سُرهيون بُويُون سونگهيو سگهجن ٿيون، تڏهن جاءِ جي پرانهين سارڻ نه گهرجي، ساهه جي ويجهڙائي نهارڻ گهرجي. خلوص ۽ صفا جي ٽارين مان، محبت ۽ وفا ڌاران ٻيو ڪو ميوو مُنهن نه ڪڍندو، ۽ سچيءَ نيت جي نهال تي، موچاريءَ مراد سواءِ ڪو ڦر ظهور نه ڪندو.

”ڇا، جي مڪان آهي پري تو ۽ ميون وچان؟

جسمن جو ٿيندو حائل قلبن جو ڪين هَڏ.“

 

خط

دلين جو محبوب، ساهن جو مرغوب، سڀڪنهن خصلت ۾ خوب، منهنجو مطلوب شال خدا سلامت رکيس!

هن غلام جا سلام قبول فرمائي، هوش کسيل جي حال تي گوش ڏيو- ته جنهن ڏينهن کان هن ڪمتر جو نظر ان ماه مثال جي جمال تي پيو، دل ۽ محبت جي منزل ۾ شوق پيدا ٿو، تنهن ڏينهن کان ٻنهي پاڻ ۾ جڳهڙو شروع ڪيو- دل اکين کي چوي ته اوهان کي مقصد سَريو، مون هڪڙيءَ کي مارڻ ۾ اوهين ٻه، ڪوشش ڇو ٿيون ڪريو؟ هو جواب ڏين ته واه ظالم، پاڻ کي مظلوم چوائي، گونگي ٿي ڳالهائي” حڪم تنهنجو، اسين تابع؛ اسان کي طمع ۾ تو وڌو- اول تون طامع. تون موڪليندڙ، اسين پيغامي! پوءِ اسان جي ڪهڙي خطا، ڪهڙي خامي؟ تڏهن چيم ته هن جو مثال انڌي ۽ ڀڀريي جهڙو آهي- هُن هِن کي کنيو، هِن باغ مان ميوو پٽيو- اک کي عتاب ڏيان، يا دل کان خفا ٿيان؟ مون کي جفا ٻنهي پهچائي. سائين منهنجا، هاڻي ڳالهه اوهان جي هٿ آهي، جي ڪو غور ٿيڻو هجي ته باقي ڇا گهرجي! زياده حد ادب، والسلام.

 

جواب

سڪايل يا سَڌايل، وسان ويل يا هوَس ۾ پيل- سلامت!

سلامن بعد- مرقوم ته اسان کي نامعلوم ته ستت ٿوري پنڌ تي، اوهان جي طبع ۾ جوش خروش ڇا کان پيدا ٿيو؟ باوجوديڪ، اها صورت ساهن جي ميلاپ ۽ روحن جي ملاقات کان مانع به نه آهي: جيڪڏهن روح روح کان گڏيل هوندو ته پوءِ اکين کان پاسي ٿيڻ ۾ ڪهڙي حرڪت! شايد هيءَ بيت ياد نه آيو اٿوَ:

”ٿيو پاسي اکين کان يار اُو، پر

ڪنهين دم قلب کان غائب نه آهي.“

 

خط

جيءَ جياپو، جِيءَ جيارو، سؤ مرتبا ساهه کان پيارو، سهڻيءَ صورت ، سونهاريءَ سيرت- سدا سلامت رهي!

سلام قبول فرمايو، ته وڏو ٿورو لايو. منهنجو حال، سراپا اخلال هيءُ آهي، جو يا ته عيش ۽ آرام سواءِ ڪا ڳالهه دل تي نٿي آئي- يا ته اوهان جي حُسن ۽ جمال باڪمال جي وصف سڻڻ سان، ڏکن ۽ سورن سان صورت پَسائي، جو الحفيظ والامان!

ڪئين مرتبا، ديدار جي اُداس، ۽ پسڻ جي پياس ۾ وڏيءَ آس سان آيس، پر طالع جي نارسائيءَ ۽ بخت جي برائيءَ محروم ڪري موٽايس! هاڻي طاقت تمام ۽ قلب جي بي آرام آهي، ڪا نوازش ٿئي، ته ڪهڙو حُسن جو انجام آهي؟

”اُهو تون شاهه، جنهن جي ڇت تي هيڪر، ڪبوتر جي وِهي، مَٽجي ٿئي باز! اُڀيٺو در اُتي مسڪين محتاج، وِهي سو، يا وَري- ڪيئن ٿو چوي ناز؟“

 

جواب

سيڪ جو سينگار يا هوَس جو هوشيار، شوق جو سچو يا قول جو ڪَچو- سلامت!

بعد اسلام عليڪم جي مطالع ڪجو ته جي دعويٰ ۾ سچا هجو. ته ڏاين ڏنگاين ڏي نه ڏسجو، نه ته رستو وٺجو!

”وِهين مَر، جي هجين داناء فاضل،

سِگهو وِستو اسان سان ٿيندين همراز.

ڀَلو هيئن- جي هجين نادان جاهل،

کڙهه کسڪي لنگهج، پَوئِي متان باز!“

 

 

 

 

 

فصل ٻيون

 

بيوفائيءَ ۽ بيپرواهيءَ جي سوز گداز سان به نوڙت نياز جي خطن ۾

 

محبوب محبن لاءِ توڻي مسيحا آهن، پر علاج ڪرڻ کان عار سمجهن ٿا. پنهنجي بيمار جو نالو نه وڻين، بيوفا ته ڪين چئبين، مگر جور ۽ جفا کي پيار سمجهن ٿا. هڪ مرتبو سِيني مان دل چورائڻ، ڪم عام اٿن؛ مگر ٻيهر شڪل پَسائڻ پنهنجي مذهب ۾ بلڪل حرام اٿن. جي انتظار جو ڪُٺل ڪو ذڪر ڪندو، ته غمزي سان منهن ڦيرائيندا: حسن جي مغروري سڻڻ نٿي ڏئينِ، پوءِ ڀلا جواب ڪٿان ڏيندا! ڪاڪل خمدار جي گرفتار جي هيءَ تمنا، ته ڪڏهن زيات نصيب ٿئي ته سيني مان جان زار ڪڍي، نذرانو ڏيئي، جيئڻ جو جهڳڙو چڪائجي. هتي اهو دماغ، ته جيڪڏهن ديدار جو طالب اوچتو منهن سامهون اچي، ته صورت نه ڏيکارجي، ناز جي نقاب سان منهن لڪائجي، جيئن ٿو عاشق بچي، تيئن هن کي مزو ٿو اچي!- تڏهن ان کي مزي ڏيارڻ لاءِ، سوز ۽ گداز سان به نوڙت ۽ نياز جا ڪي نمونا لکجن ٿا.

 

 

 

خط

غم- ڪَٽ غمخوار، ڪاري رات ورونهيندڙ غمگسار، سڙيل سيني جو ڪافوري مرهم، سڪايل ساهه جو همراز ۽ همدم، عاليجناب، عز ۽ اقبال جي آسمان جو آفتاب، وفا جي بُرج جو روشن ستارو، سدا سچو، سچي دوستيءَ وارو- شال مدام شاد ڪام هجي!

خالص نياز جا سلام، اول ڪلام ۾ آڻيو دوام، ۽ بقا جي دعا پاڻ تي فرض ڄاڻيو، عرض ٿو ڪري ته ڏينهن ۽ رات، غم جي بستر تي، هن ڳالهه جي ڳڻتيءَ ڳاريو اٿم ته مفت قضا بدنام ٿيندي. تنهنجي بيپرواهي جي سور ماريو اٿم. قسم عنبرين خال ۽ زلف مسلسل مشڪنام جو- جو دل جي پکيءَ ڦاسائڻ لاءِ هڪ داڻو، پيو دام آهي- جيڪڏهن اها رات اهو ڏينهن، ته هن ناڪام جو ڪم تمام آهي! انهيءَ ارڏائيءَ سا آفت پَسائِي، جنهن کان جان چپن تي آهي. ڏينهن پَسائِي، جنهن کان جان چپن تي آهي. ڏينهن بيقراريءَ ۽ روئڻ زاريءَ ۾ ڪٽجي ٿو، رات جو بيتابيءَ کان جگر پٽجي ٿو، سِيني ۾ جوش آهي، چپ تي خروش آهي؛ دل الغرضائيءَ جي ايذاءَ کان بيهوش آهي، دنيا وما فيها بلڪل فراموش آهي، ملڪ الموت جو پيغام آهي- افسوس، جو دل جي مڇي وصال جي پاڻيءَ سواءِ بي آب آهي. جگر فراق جي باهه ۾ جليل ڪباب آهي؛ نه دل ۾ طاقت آهي، نه جگر ۾ تاب آهي؛ رڳو هڪ- ٻن دمن جو حساب آهي. جي وصال ٿيو ته ڪجهه آرام ڏسبو، نه ته اهو قبر ۾ همراهه نِبو- پر اُتي به فراق جي تپ کان ننڊ نه ايندي، اونداهه ۽ سوڙهي جاءِ جدائيءَ جي رات جو لطف ڏيندي.

 

”ٿيو ته بلبل کي ڇا ڪندو بهار خزان،

ناهه جنهن جو چمن ۽ نفس ۾ ماڳ مڪان؟“

 

خط

محبوبيءَ جي تخت جي رونق وڌائيندڙ، حسن جي ڪلنگيءَ سان سلطاني تاجن جي جوت جهَپائيندڙ، پاڻ وڻنديءَ پنهنجا حڪم هلائيندڙ، زلف جي ڪمند ۾ هزارين سِڪندڙن جا هِنيان قابو ڪرائيندڙ، حسن جي غرور کان ڪنهن مجهور ڏي لوڻو نه ڦيرائيندڙ، ڏکوين جو ڏڍ، بيوسن جو ڀر سُڀر، منهنجو محبوب منور- شال مڙئي مقصود موجود هجنس، آه ۽ زاريءَ جا سلام، اندوهه ۽ اشڪباريءَ جا پيام، شال سلامت پهچنس!

”انهيءَ توڏ سين، سچي چوَ ڪو بيقرار جئي- مري، مري نه سگهي، جي جئي، ٻُهار جئي؟“

نهارَ تنهنجي گل رخسار ۽ منهن موچاري ڏي ويم، ۽ سنين دل تي اتڪل نه پيم- ڪَيَم، ڀَريَم، خيال اجايا ٿيا، دل اُڏامي ويئي! ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي، مڙئي منهنجي هٿان پيئي-

”اي ڏٺو هوم مُنهن اها عادت،

پاڻهي پاڻ کي بلا ۾ وڌم!“

هَي، جي مُنهن جهڙي عادت ڌاريو، دلِ ڏنلن کي ڏمر ڏيکاريو.

”مَ موڙ يار تون مُنهن کي نياز وارن کان،

ته نازنين ڀَلو آهي، جو نه آزاري.“

نه ڄاڻان ته ڪهڙي حاج ڪيم، جنهن پٺيان بي التفاتيءَ جي سزا  مليم؟ جگر جليلن سان جاڙ نه ڪجي، پينارن سان پارو جهاڙ نه ڪجي.

”دل توکي ڏنيم- نٿي ڄاتم،

دل لُٽي پوءِ شوخ هيئن ٿيندين!“

انهيءَ جگر جي درد کان ڪم اچي تمام ٿيو، مرڻ جو انجام ٿيو- تنهن ۾، ڪا نوازش فرمائيندا ته پنهنجو شان وڌائيندا! واڌو، حد ادب.

 

خط

مچ مچائيندڙ، دونهان ڌڳائيندڙ، باهيون پڇندڙ، چاهون چوريندڙ، آڙاهه ٻاريندڙ، آتشون اُٿاريندڙ، کُنورا کُپائيندڙ، ٽيانڊيون ڏيندڙ، چُواٽيون چکائيندڙ، عشق اُجاريندڙ، سِڪ سينگاريندڙ، بي ڪهل، بي ترس، سهڻن سڀن کان سرس- سلامت!

سلامن کي قبوليت سان سينگار، ۽ مون ڏي ڪا نگاهه ڪري نهار، ته ڪهڙي رنج ۾ مبتلا آهيان! تنهنجو غلام سڏايو اٿم، توڻي ڏيهه جو نِڪار آهيان. جي ڪا دلداري ٿي ته آرام سان گهاريندس، نه ته پاڻ نيستيءَ کي سپاريندس؛ پوءِ تون ڄاڻيندين تنهنجو ڪم، تون رهندين، تنهنجو دم!

افسوس، جو جان تي کيڏيم، مون کي جانباز نه سڃاتئي، دل جي اخلاص، جگر جي سوز کي تپاس سان نه ڄاتئي! ڪڏهن نه پڇيئي ته ’ڪير، ڪٿي جو آهين، ڪهڙو سُرُ ٿو ڳائين؟‘ منهنجون ڳالهيون سراسر بيهوديون سمجهيئي، ڪنهن دم زبان سان درد نه پڇيئي-

روئڻ بيتاب آڌيءَ منهنجو ٻُڌيئه،

چيئي، ’لوڌيوس، هن ڪيو تانخ ننڊ کي!

اندريون سوز لکيم، جواب نه آيو، مون پيام مُڪو، تو زنجير اڇلايو. مون کي ديوانو خيال ڪيئي، منهنجي پيام کي چرين جو ڪلام سمجهيئي! ڇا ڪريان، تنگ ٿيل، وس کان ويل آهيان؟ ڪوٺِين، جي لوڌِين- تنهنجي در تي پيل آهيان!

”وڃايم وس، ڏسي مُنهن تنهنجو موچارو،

نه ڄاتم تان ڪر اهڙو تون!“

 

خط

نازن سان نهوڙيندڙ، ماڻن سان موهيندڙ، کيڏ سان دل کسيندڙ، سدائين ڏک ڏَسيندڙ، فڪر سان ساهه ڦٽيندڙ، ڊول سان جيءُ جهٽيندڙ، دڙڪن سان دٻائيندڙ، متيون منجهائيندڙ- شال سدا سلامت رهي!

نياز جي سلامن کان پوءِ عرض سُڻو، مَن ڪِي سُور لهي! جنهن ڏينهن کان نينهن جو نيزو سَڃي، معذرت نه مڃي، هن بيقرار کي اک گريان اٿم ۽ دل بريان، سِينو ڀريل درد، آه نهايت سرد، گريبان چاڪ در چاڪ، مٿو مٿي خاڪ، ڏينهن جو بيتابي، رات جو بيخوابي-

”رسيو اي شوخ! توڻي حال هيءُ اِت،

اڃا پڻ مهر جون آسون اَٿم چِت.“

تنهنجي بيپرواهيءَ جي جهوريءَ کان اُتي رسيس جتي ڪوبه نه رسي. تنهنجي لاڏ ۽ لاغرضيءَ کان اهڙا ڏُک ڏٺم، جهڙا ڪونه ڏسي. ڏينهن اشڪباريءَ سان، رات اختر شماريءَ سان گذارجن ٿا؛ هردم حياتيءَ جا دم سارجن ٿا.

”اکين تنهنجو مُنهن جي ڏٺو هو نه شوخ،

نه اڄ دشت کي هوند دريا ڪيئون.“

جي دوستيءَ جي گلشن کان ڪا سُرهي هِير لڳندي ته جانِ وڃي تڳندي، جي نه ته جيڪو حال ٿيندو سو پاڻيهي سُڻڻ ۽ ڏسڻ ۾ ايندو! فقط، والسلام.

 

 

فصل ٽيون

 

وصل جي کوٽائيءَ ۽ فراق جي ڊگهائيءَ جي خطن ۾

 

”جدائي“ محبوبن جو هڪڙو ناز آهي، تنهن کي ساهه تي سهندڙ هڪ عاشق جانگداز آهي. معشوقن وٽ اهو پيار آهي، ۽ عاشقن وٽ عشق جو وڏو آزار آهي ۽ ’وصل‘ نااُميديءَ جي مقام ۾ آيلن عاشقن وٽ ناممڪن الوجود شيءِ جو نالو آهي، جا پاڻ معدوم ۽ اصل سندس نامعلوم، گوگر سرخ آهي يا لعل سُپيد. ڪنهن حاذق کي هٿ نه آئي اهڙي شيءِ ناپيد: مگر سندس خيالي تصوير سان دل پرڀائين ٿا، ۽ ان کي ننڍي پار وانگر پرچائين ٿا ۽ بار جي صورت ڏسڻ لاءِ دل جي آئيني ۾ ڪنڌ جُهڪائين ٿا، مرهوم شڪل سان پاڻ وندرائين ٿا ۽ اميدوارن جو حال ته نه چوڻ جهڙو، نه سُڻڻ جهڙو: جي ڏينهن ٿئي ته انتظار ۾ هڪ- هڪ دم قيامت جي ڏينهن کان وڏو، ضعف سبب چُرڻ کان چُور، بلڪ سَڪتي جو دستور- پڙڇ تي پيل نه سڃاڻجي ته ڪهڙو هِي، ڪهڙو تڏو! رات ٿئي ته سؤ چنڊ چمڪندڙ ڪاري نقطي جهڙا نظر اچنس، تارا ڳڻي ڳڻي بيتاب ٿي قيامت تائين، ته به اوجاڳا نه ڀَڄنس، ۽ جيڪڏهن طالع ياري ڪريس، ڪا ملاقات سَريس، ته هزار ورهين جو وقت وڄ- چمڪو ٿي گذريس ۽ محبوب جو مشاهدو، ڪڏهن اک ڪين ڀَريس- غرش ته جنهن جو نالو آرام، سو عاشق لاءِ حرام، پوءِ سدا يار جي تات هونديس، هيءَ وائي وات هونديس!

 

خط

صنوبر جي قد، گل جي خد، لالاجي راءِ، کٿوريءَ جي خوشبوءِ، عنبر مُوءِ، سنبل گيسوءِ، چمن منهن، مُشڪين خال، خورشيد پيشاني باجمال، محراب آبرن، مِرگهه اکين، شرابي نيڻن، مست چشمن، خمار ڀريلن، نستر پنبڻن، نَڪ ڪُنڊي تلوار- آمي ڦار، لال لبن، ياقوت چپن، مکڙيءَ دهن، گوهر ڌندن، مرجان مالَين وڄ جي مُرڪڻ، کنڊ کِلڻ، طوطي جي تنوار، بلبل جي گفتار، صوف کاڏي، ڪونج ڳچي، سيمين ڪرائي، سج جهڙي هٿ حنائي، سِپ جهڙي نُهن، عاشقن جي رت جگر مان رتل پيرن، ڪبوتر جي هلڻ، ڊيل جي ٽِلڻ، ڪڪر جي لطف، درياءَ جي عطا، بهار جي عادت، صبح جي سخا، ننهن کان چوٽيءَ تائين سارو ناز، دلين جهٽڻ لاءِ شهباز، بيقرارن قرار، پنهنجي مرضيءَ ۾ مختار- سدا سلامت!

سلام عنبر نسيم، پيام عبهر شميم (جنهن جي صدق ۽ صفا جا اثر زماني جي صفحن تي پيدا، مهر ۽ وفا جا نور عالم تي هويدا آهن)، ديدار، مبارڪ آثار جي آرزومنديءَ سان (جنهن جي شوق جو شرح اوهان جي موچارن اخلاقن وانگر نهايت نه رکي)، خدمت يا برڪت ۾ گذارش ڪريو عرض ٿو گذاري، ته صبر ۽ شڪيبائيءَ جي وٿن، تاب ۽ توانائيءَ جي جنسن کي، هم آغوشيءَ جي اشتياق جي  جي آتش ۽ همدوشيءَ جي آرزوءَ جي سوزش ساڙي ايترو نه بچايو، ۽ پساهه جي آه سڀ کي اُڏائي ايترو نه رهايو آهي، جنهن جو ڪو اثر يا نشان وجود جي جهان ۾ نظر اچي- انهيءَ برباديءَ تي دل پاڻيهي پيئي لُڇي ۽ پَچي! رڳو ايتري تي قياس ڪريو ته جدائيءَ جي ڏينهن ۽ پري پوڻ جي راتين لنگهڻ سان، هن بيدل جي دل تي ڇا گذريو هوندو؟ پوءِ ڪهڙي سگهه ساري، ڪهڙي قلم سان احوال لکندو ۽ ڪهڙي زبان سان چوندو؟

”ڳنا دل دانهن جي ڪريان ته پهچي سا ثُريا سين،

اکين مان آب جي هاريان ته سيئن تحت الثريٰ پهچي!“

خداوند تعاليءِ منهنجي دل جي دار کي رسي، ته ڪامل ملاقات يا نصف الملاقات جو شرف ڏَسي!

 

خط

دلبر نينهن نباهيندڙ، يار رُسڻا رِهائيندڙ، محبوب محبت وٽيندڙ، پريتم پريت پروڙيندڙ، مخلص ميٺ رکندڙ، مشقق ٻاجهه ڪندڙ، دوست دليون پرکيندڙ، سڄڻ سچائي لکيندڙ، جانب جيءُ جياريندڙ، ساجن ساهه سينگاريندڙ، جاني لاثاني- شال هميشہ شان شاهاني هجيس!

سلامن سَهس هزارن ۽ بندگين بيشمارن بعد، عرض ته هيءُ بندو شرمندو- وفا جو طالب، صفا جو راغب، اشتياق جي آتش جو ساڙيل، فراق جي مچ جو ٻاريل، آشنائيءَ جي زنجير جو ٻڌل، محبت جي واهولن پيل- جدائيءَ جي دم کان هن دم تائين تهڙي حال ۾ آهي، جهڙو مڇيءَ جو آب سواءِ، ساقيءَ جو شراب سواءِ، سَپ جو عمل سواءِ، بلبل جو گل سواءِ، قُمريءَ جو سَرؤ ۽ ان جي شوق سواءِ، ڳيري جو ڳاني ۽ طرق سواءِ، ۽ پکيءَ جو داڻي سواءِ، ۽ وارن جو ڦڻيءَ سواءِ، پيالي جو شربت سواءِ، ڳائيندڙ جو رغبت سواءِ، ۽ فرهاد جو شيرين سواءِ، ۽ يعقوب جو يوسف مہ جبين سواءِ! تنهن ۾، عرض رسائين هِن کي واجب ۽ اونائڻ اوهان کي واجب.

”صبا! ڪج ڪو گذر منزل تي ان جي،

اُڀي هن حال کان ڪج تنهن کي خبردار:

”اسان کي هِت جلائي ٿي جدائي،

اوهان کي اِت ويو وسري هي بيمار.

اسان جي موت کان بدتر حياتي،

سوا آهنجي جيئڻ سڀ آهه بيڪار!

ملڻ جي مهر ڪريو، تان اسان تان،

لهي لحظي اندر اندوهه آزار!“

 

خط

خوبروئيءَ جي مجلس جي رونق وڌائيندر، حسن جي شمع تي هزار ساهه جي پتنگن کي جلائيندڙ، علي الدوام زلف جي دام ۾ دل ۽ روح جي پکيءَ کي ڦاسائيندڙ، ارڏائيءَ ۽ الغرضائيءَ جا آزار عاشقن جي سر تي سهائيندڙ، خود مطلبيءَ جو چالاڪ، اُڪنڊيان جي اک ڏسڻ کان پاڪ- شال ذوالجلال ان کي وصال جي توفيق ڏئي، ته جڏي کي حيراني ڇڏي! آمين!

”سَوَ سلامن جا مُنجان ٿو سوکڙي،

مانَ ورنديءَ ۾ چوين تون هڪ ’عليڪ!‘“

نياز جي هنج کي تنهنجي ناز جا پير چمايُو، ڦٽيل دل جي اک کي تنهنجي وصال جي واٽ ۾ انتظار جي غبار سان روشن ڪرايو، عرض ٿو ڪجي ته ڪيتري مدت فراق جي سختيءَ ۽ شدت ۾ گذاري جنهن ۾ ميلاپ جي نعمت ته ڪانه سري، پر ڪڏهن دل جي زخم جو مرهم- اوهان جو خط يا نياپو، جيءَ جو جياپو- به نه آيو! انهيءَ انتظار به گهڻو آزار وڌايو.

”نه توري مون حيلو، نه توکان مون صبر،

نه توري مون سرندي، نه تو ري ڪا واٽ.“

ٻه جي قلب هونم- جيان هيڪ سين، ٻيو مر اوهان جي سهي اُڃ اُساٽ!

هزارين ڏسان در ۽ واٽن جا لک،

سوا قلب ڪهڙي گِهڙان گهيڙ گهاٽ؟

تنهن ۾، انهيءَ زلف مشڪين جي صدقي، ۽ ن خال عنبرين جي صدقي، ۽ ان اک سرمگين جي صدقي، ۽ ان نگاهه نازنين جي صدقي ۽ ان ابروءَ خمدار جي صدقي، ۽ ان نڪ ڪُنڍي تلوار جي صدقي، ۽ ان رخسار گلابيءَ جي صدقي، ۽ اُن منهن مهتابيءَ جي صدقي، اُن لب لعل زينتدار جي صدقي، ان ڏندن موتين جي هار جي صدقي- هن بيڪسيءَ تي خيال ڪريو، تنهائيءَ جي ملال تي لطف وصال جو نظر ڌريو، مفت ۾ اسان جي جان تلف ٿئي ٿي، فراق جي رات- ڪاريءَ بلا جي ڏنگيل ڪين جيئي ٿي، جو چون ٿا ته دنيا ۾ سڀڪنهن شيءِ کي هڪڙيءَ حالت تي قرار ڪونهي، خوشيءَ تي ڀروسو ۽ غم تي اعتبار ڪونهي! ڪڏهن وصال جو صبح اچي، ڪڏهن وڇوڙي جي رات پهچي! واه طالع جي رسائي ۽ بخت جي ڀلائي، جو انهيءَ قول تي قرار نه رهيو، تنهن مان هڪڙو ئي نصل ٿيو، جاڳندڙ نصيب پير ڊگهاري سمهي پيو. تنهن کي ايتري وار ٿي، جو جان زار جيئڻ کان بيقرار ٿي ڇا کان، جو حياتي بيڪار ٿي، سا سِيني بيقرار مان اڄ ئي نڪرڻ لاءِ تيار ٿي- جي اڄ نه ته سڀاڻ، ترسڻ ۾ لاچار ٿي!

اسان جي نحوست جي اثر کان فلڪ جي گردش بدلي، وصال بابت ڪا تدبير نه هلي. اسان جي بيتابيءَ کي خلق چريائي ۽ چرچو ٿي ڀانئي، ۽ هي خيال ڪونه ٿو وينجهائي ته هن گردون جي ستايل جو ڪيئن نه برو حال هوندو، جنهن کان جدا اوهان جهڙو محبوب خوب خصال، پري تمثال، يوسف جمال هوندو؟ نه- ملڻ جي آندوهه کان هٿ، پير، مُنهن زمين تي هڻجن ٿا، ۽ گَهجن ٿا. سور ڪو سورن جهڙو آهي، جنهن کي ساهه ٿو سهي، پر زيان تارونءَ ۾ بند ٿي رهي! خدا جي سواءِ ڪنهن بيدرد بندي سان ڳالهه نٿي ڪجي؛ دل ۾ سانڍيو به نٿي سگهجي. نٿو ڄاڻان ته منهنجي ٻاڏائڻ ۽ اوهان جي نه اونائڻ جي انتها به ٿيندي يا نه؟

”ايندو دل جان ۾ قرار ڪڏهن؟

موڪلائيندو انتظار ڪڏهن؟

گل نه مکڙي نه باغ ۾ بلبل،

هن خزان جو ٿيندو بهار ڪڏهن؟

سال ٿيا جنهن کي دل سِڪي، ساري،

اُو اڱڻ منهنجي ايندو يار ڪڏهن؟“

 

جواب محبوب وٽان

نا آزمودگار يار منهنجو- سلامت!

سلامن کان پوءِ مطلب ته، اوهان جي يادگيري ساهه ۾ آهي. جي هتان خط نه آيو، ته به اوهان جي موچاريءَ عادت کي جُڳائيندڙ هو، ته عتاب جي خطاب کي پسند نه رکو ها- خير اڳتي ڌيان رکجو!

صورت جي فراق ۽ ضرورت جي پرانهينءَ سببان جا حڪايت پُرشڪايت هئي، تنهن کي قلبن جي ميلاپ، دلين جي سڃاڻپ، روحن جي ڏسڻ ۽ ساهن جي ملاقات ۾ دخل ڪونهي.

”هِنئين کي هِنيون آهه ويجهو جڏهن،

ٿئي ڇا تڏهن، جي ٿي منزل پري!“

جيڪر ان تي نظر ڪريو ها ته هوند هميشہ وصال جي خيال جي مشاهدي کان محفوظ رهو ها! سمجهو ته اها اشارت ڪافي آهي، ڊگهيءَ عبارت جو احتياج ڪونهي.

”توسين جي ناهه صورت جو تون ڀؤمَ ڀانئي،

معنيٰ ۾ جان ۽ دل تو ساڻ گڏ سدا.“

 

جواب عاشق وٽان

پيءُ پيارو، جيءَ جيارو، پِرت جا پنا پاڙهيندڙ، سِڪن جا سبق سمجهائيندڙ، نينهن جا نُڪتا سيکاريندڙ عشق جا علم سيکاريندڙ، مجاز جا مڙئي فن ڏيکاريندڙ، هر رمز ۾ هُشيار، سِڪندن جو سردار، سراپا ناز، عاشق نواز- شال ڪَجڪُلاهيءَ جي ڌوم رهيس ۽ عاشقن جي دل جان محڪوم رهيس!

سلام، جي آشنائيءَ جي رسم کي تازگي ڏين، پيام، جي محبت جي واٽ کي زيادتي بخشين، ان حضور جو موفورالسرور ۾ گذارش ڪريو عرض ٿو ڪري ته سرافرازنامو نوازش سان ڀريل، تو پياري وفا واري جو موڪليل، اوچتيءَ خوشيءَ مثل آيو. ڌڻيءَ جو شڪر ڪيم، پريشان دل آلين اکين تي رکيم، هن جي اشڪباري هَٽي، هُن جي بيقراري گَهٽي؛ ڪجهه وڃي آرام ٿيو- توڻي دل جو سڄو مقصد نا تمام ٿيو!

حضرت ذوالجلال، عزت ۽ اقبال سان توکي سؤ ٽيهه سال سلامت رکي- هڪ دم دل سان اسان جو احوال سُڻڻ جي ڀلائي ڪريو، هن بيمار طبيع جي مسيحائي ڪريو. سائين منهنجا! وصال جي خيال جي مشاهدي سان هتي رسياسون، جو هڪڙي چاه غبغب جي تصور ۾ غن ۽ اندوهن جي کوهه ۾ ڪِرياسون! هاڻي سورن سَهڻ جي سگهه نه رهي، مرڻ ري واٽ ڪانهي. حياتي ٺهي پر هيءَ دعا آهي، آگي جي در التجا آهي ته هيڪار جيئري اوهان کي اکين سين ڏسجي، پوءِ ڀلي موت اچي. هيءَ مٽيءَ مُٺ سهانئي ٿئي، محنت برباد نه وڃي! هيڏي وڇوڙي جي ڏينهن راتين لنگهڻ سان، کَل ۽ هڏا وڃي رهيا. ڏسڻ جي آسري ۾، اڌ ساهه باقي آهي.سگهه ۾ سرت سڀ ٺهيا. نه جيئڻ آهي نه مرڻ آهي. مصيبت جي ڏينهن ۾ بلا جي چَٽي ڀرڻ آهي- اٺ ئي پهر گنهگهر گهارڻو آهي ۽ دردن ديوارن سان مٿو مارڻو آهي؛ نه ڪو حال پُڇي، نڪي ڪنهن کي خيال ٿئي، ڪير کِجي، ڪنهن جو ڪين ٿو زوال ٿئي. خلق ۾ کِل، اسان ۾ ماتم آهي؛ حيرت جو عالم آهي. توکي ڏسجي ته پنهنجو خراب حال ڏيکارجي. وَس ويا، پنهنجو قهر پاڻ تي ٿو ڍارجي (قهر درويش برجان درويش).

افسوس، جو نه آهي آه ۾ اثر، نه دعا ۾ تاثير آهي، هردم وحشت جو چنبو گريبان گير آهي! تنهن ۾، انهيءَ عشق جي مرض ۾ وصال جي شربت ڌاران، ڪنهن حڪيم جو نسخو ڪم نه ايندو. دل تي جو محبت جو زخم لڳو، تنهن کي تو دلبر جي هٿ سواءِ ڪوئي مرهم نه ڇُٽائيندو: جو اک جو ڀيرو آڳ لڳائيندو، اهو لطف جي نظر سان هڪ لمحي ۾ اُجهائيندو- زياده نياز.

جواب محبوب وٽان

مشفق مهربان، محبت نشان- سلامت!

سلامن بعد، مطلب ته خط رسيو، بيماريءَ جو ويساهه نه ٿيو؛ ڇا کان جو سندس نشاني ڪانه ٿي ڏسجي- پوءِ دوا ڇا جي ڪجي؟ اهي آهون دانهون بيجا آهن، ٺلها ڳالهين جا ٺهراءَ آهن! جي قسمت هوندي ته انجام سواءِ اچي نڪربو؛ تنهن ۾، مفت ڪو رنج ٿيو، ته تنهن کي ڇا ڪبو؟ واڌو نٿو لکجي، اشات تي بس ٿي ڪجي.

 

جواب عاشق وٽان

ڏاڍيءَ دل، نرم بدن وارو، کهريءَ طبع، نازڪ تن وارو، ڪشاديءَ پيشانيءَ، تنگ دهن وارو؛ نِمريءَ اک، گَهٻري ڪَن وارو؛ دل گَڏي، وري نه گڏيندڙ، گڏيل دل، ڇڪي ڇني ڇڏيندڙ؛ هيرائي، نه هيرائيندڙ، ڪنهن هير تي پاڻ نه رهائيندڙ؛ اڻپاڙهيل پروڙون وڃائيندڙ، اڻسيکاريل مَتون منجهائيندڙ؛ سُتن اطوارن وارو، ابتن آچارن وارو- شال ڌڻي سلامت رکيس!

بعد هزار هزار تسليم، ڪروڙ ڪروڙ تعظيم ۽ تڪريم جي عرض، توڻي اوهان جوي بيپرواهيءَ ڀريل عنايت نامو آيو، تان سمجهيم ته جان تن ۾ آئي، ڪو بهار جي موسم، خزان جي وڃايل گلشن ۾ آئي- دل مضطر تي رکي ڇاتيءَ سان لڳايم، اکين، ديدار جي اُداسيلن کي اوهان جو لکيو پَسايم.

”جواب تلخ نمي زيبد لب لعل شڪر خوار را.“

عجب صورت سان هوش ۽ حواس نيائين، صبر ۽ قرار جو گريبان دامن تائين ٽڪر ٽڪر ڪيائين. جان ڏڪڻ ۽ ڦڙڪڻ لڳي، سيني ۾ دٻيل باهه ڀڙڪڻ لڳي. اُٿلائي اُٿلائي پڙهيم، روبرو واري حالت پرپٺ نه ڏسي، هنيون ڪڙهيم- سمجهيم ته حسن جي غرور منهنجو عرض، توڻي سڻڻ ۾ آيو، ته به قَصداً سڻڻ نه فرمايو، نه ته ههڙو جواب هوند ڪين هلايو! بار بار حال جي بيان جو تڪرار ڪيو اٿم. جگر ٽڪر ٽڪر ٿيو وات کان ٿي نِڱيو، سو جيئن تيئن جهليو اٿم- ٻي نڪا بيماري، نڪو ناسور آهي؛ نڪو ايذاء، نڪو سور آهي؛ نڪو ڪنهن حڪيم جو احتياج آهي! فراق ۽ اشتياق جو مرض آهي، تنهن جي شفا لاءِ تو ماهروءَ جو مُنهن ڏسڻ علاج آهي! انهيءَ جدائي مان جنون جي صورت پيدا آهي. جي وصال ٿئي، ته صحت جو سبب هويدا آهي. جڏهن تو محبوب وچان حجاب آهي، تڏهن دل کي پيچ ۽ تاب آهي. رات ڏينهن بي آراميءَ جو بکيڙو آهي- ديدار ٿئي، ته پوءِ ڪهڙو سندس جڳهڙو ۽ جهيڙو آهي؟ اي ساهه منهنجا! آءٌ ان بيپرواهيءَ تان قربان، جو جنهن پکيءَ جا پر ڀڃي ڇڏيئي، تنهن جو نڪو چؤڻو، نڪو پاڻي، نڪو ڌيان- هاءِ ارمان، هاءِ ارمان!

اي الله سائين! مون کي محبوب سان ملاءِ، يا منهنجي مسيحا کي هتي پهچاءِ! اُن جي هٿان هن مئل کي جيار، ۽ ان جي ٻانهن جي ٻيليئپي سان بيماريءَ جي بستر تان اٿيار! افسوس جو ان کي نه دوا جي پرواهه آهي، نه علاج ڪرڻ جي خواهش آهي- هر طرح منهنجي جان کي ڪاهش آهي. فراق ڪهڙي بلا آهي، جنهن ۾ روزبروز نوان نوان ايذاءَ سهان ٿو؟ اکيون نه آهن، ڀريل نارا آهن- ري برسات رات ڏينهن وسن ٿيون! مٿو ڀتين سان ڪيئن نه ٽڪرايان؟ ڳچيءَ ۾ ڳراهٽي وجهڻ وارو ڪونهي! ڇاتيءَ ۾ غم جا ڀالا ڪيئن نه هڻان؟ سِيني تي هت رکڻ وارو ڪونهي! جان لبن تي آئي- ارمان آهي، دم، ڪو دم سِيني ۾ مهمان آهي!

”سدا هوندي جي هنپر بيقراري،

ته ري شَڪ وهم، هيءَ گذري حياتي.

اڃا ڪو ساءُ صحبت جو نه آيو،

وڇوڙي تان ڇني هيءَ منهنجي ڇاتي.

نظر نامِ خدا ڪر مون تي، مشفق!

نه تو سان مون ڏکن لئه پرت پاتي.“

 

خط

عقاب جيئن اڳ ڦٽلين جو چِت چنبن ۾ چائيندڙ؛ واسينگ وانگر گهنگهر گڏيلن کي گهؤرن سين گهائيندڙ؛ شاهينمثل دل جي ڪبوترن جو شڪار ڪندڙ؛ باز مثل هِنئين جي پکين جو مار ڪندڙ؛ بهريءَ وانگي قلب جهٽيندڙ، ساهه پٽيندڙ، باشيءَ وانگي نيڻڻ سين نهوڙيندڙ، آرام جو آکيرو اُکوڙيندڙ؛ لغڙ جيئن اکين سان لَڙندڙ، بيوس ٿيلن سين وڙهندڙ. سدا ماري، هيڻن جو شڪاري، بيپرواهه، بي نياءُ- سلامت هجي!

سلام، سڀ عجز ۽ نياز، ۽ پيام، سارو سوز ۽ گُداز، ۽ دعا، ملڻ جي اُميد ۽ آس، ۽ عرض، مُنهن ڏسڻ جي اُداس ۽ پياس آهي. اوهان جي مُنهن موڙڻ کان دل جو سڀ ڪم سرنگون ٿيو؛ سارو حال مَٽجي دگرگون ٿيو. نه رات جو فرحت، نه ڏينهن جو آرام؛ کاڌو وِهه ننڊ حرام! اَٺ ئي پهر غم تي غ۾! روئڻ پِٽڻ سان ڪم! رڳو ايترو پُڄندڙ به ڪونهي ته ’ڇو کِلين نٿو، اڳوڻي وانگر ماڻهن سان ملين نٿو؟ ڇا کان روئين ٿو- ڇا ٿو ڪرين؟ هردم آه زاريچڱي نه آهي، بيجا ٿو ڪرين!‘

افسوس، هي ڪهڙيون انڌاريون راتيون آهن! ساري رات دل ۾ دلبر جون باتيون آهن- ڪڏهن ديوانن وانگر بَڪڻو، سڀڪنهن جو مُنهن تَڪڻو؛ ڪڏهن سرد دم ڀرڻو ۽ پاڻيهي سان هي ذڪر ڪرڻو:

”نڪي ننڊ اچي ٿي جو سمهي رهان،

نڪو اهه مونس، ڪريان جنهن سان بات.

وڏي رَين و رِهن جي، ڪنهن کي چوان؟

نڪو صبح جنهن ۾، هيءَ اها آهه رات!“

هن مصيبت ڏسڻ کان، جيئڻ کان بيزاري ٿي؛ پر سخت جانيءَ کان سخت لاچاري ٿي. نه ڪنهن ميڙ منٿ کي مڃي اوهان جو اچڻ آهي، نه ڪنهن ميڙمنٿ کي مڃي اوهان جو اچڻ آهي، نه هن نڌڪ ساهه جو نڪرڻ، بلڪل پُورن ۾ پچڻ آهي. خيال جي تصور ۾ سڄڻ جي صورت سان ڳالهيون ڪندي ڪندي بي اختيار دانهون نِڱيون. جواب نه مليو، تڏهن در ۽ ديوار سان مٿو هڻڻو پيو؛ تان به مقصد جي دروازي جو طاق نه کُليو. پنهنجو جگر کِيڻَو، دل جو رت پيَڻو آهي، مرڻ کان بڇڙو جدائيءَ ۾ جيَڻو آهي. دل چوي ته وڇڙيل جاسين تائين نه ملي، تاسين تائين ان جي ڳولا ۾ انتظاري بيقراري لڳي رهي. توڻي شمع جي صورت سر وڍجي وڃي، مگر پرواني جي طرح تات ۽ تاري لڳي رهي! جي انصاف ڪريو ته سائين منهنجا، اوهان جو ڇا بگڙيو؟ اسان جي جُڙي جڪي دولت ٽُٻجي ويئي- بخت- جي نارسائيءَ کان اها عادت پيئي! اوهان کان جدا ڪيائين ۽ هيڪلي جان هزار آفتن ۾ گرفتار ڪيائين- خدا ڄاڻي ته ڪهڙي خطا ٿي. جنهن پٺيان فلڪ اسان جي خرابي رٿي؟ اوهين جتي رهندا ته ماڻهو سردار ۽ بادشاهه چوندا! اَٺ پَهر پَريزادن جي ڪچهري، جهان جو نعمتون موجود، هر طرح جي راحت هوندي؛ اسين بدنصيب، حبيب کان دور، هيڪلائيءَ جي عذاب ۾ وحشين جي صورت ڏينهن ڪٽيون ٿا! نه جيئڻ آهي نه مرڻ؛ سارو ڏينهن ساري رات پنهنجو جگر پَٽيون ٿا! جي اوهان جي صورت نظر ايندي ته البت جان بچي ويندي، جي نه، ته ڪيترا ڏينهن ۽ رات جي دڙڪا سهون- بهتر آهي ته ساهه ڏيئي مري رهون!

 

فصل چوٿون

 

سفر سببان، وچ پوڻ جي آزار جي خطن ۾

ٻن دوستن وچان سفر جو وڇوڙو پوڻ عاشق لاءِ عذاب آهي- جي پاڻ تقدير سان مسافر ٿيو ته قضا جي چنبي جو جهٽيل، بيوس بيتاب آهي؛ جي معاذالله هُن سفر تي ڪمر ٻَڌي، ته ڄڻ عاشق مسڪين جي مارڻ تي تيار ٿيو: نه جهلڻ جي جاءِ، نه سور سهڻ جي سگهه- ڏاڍو لاچار ٿيو! تڏهن ضرور هي دانهون ڪرڻيون پونديون.

 

خط، سفر جي رخصت بابت، عاشق جي پاران

منجهه خدمت فيض درجت، بابرڪت، سهڻي صورت، سونهاريءَ سيرت، صاف سَريرت، خوب خصلت، عجيب عادت، صاحب سعادت، سڦري صفت، سالم صحبت، مٺيءَ محبت، موچاري موَدت، اڳريءَ الفت، نيڪ نيت، نرم طبيعت، رنجورن راحٽ، ڦٽين فرحت، جڏن جميعت، هيڻن همت، سراسر رحمت- سدا سلامت!

سلام شوق گڏيل، محبت جي سببن سان مضبوط هئل، هنج مسلسل وانگيان روانا ڪريو، عرض ٿو گذاري ته هن ڏينهن ۾، ڪن ضروري ڪمن سببان ”فلاڻي“ پاسي سفر جو اتفاق پيو- پر افسوس جو ڪا مدت دوستن جي صحبت کان فراق پيو!

اڄ روانو ٿيان ٿو، غمن جا جبل دل تي نيان ٿو. خدمت سڳوريءَ کان جدا ٿيڻ نهايت دشوار آهي ۽ هن وڇوڙي ۾ صبر جو بنياد بلڪل سست ۽ نا استوار آهي. آواريءَ دل، تقدير جي چنبي ۾ جهٽيل ۽ پريشان خاطر. قضا جي ڪمند ۾ گرفتار ٿيل کي سڀ سهڻ ۽ ماٺ ڪري رهڻ ڌاران ٻيو ڪهڙو علاج ۽ چارو آهي؟

”قدر دل لُٽيل جو جنهن ڄاتو نه هڏ،

ري لڳڻ لُٽڪڻ نه ڄاڻي سو علاج.“

اُميد نه محبت جي ڦاهيءَ جي ڇڪ موٽائي خدمت ۾ آڻينديم ۽ فراق جي بيابان ۾ واڌو سرگردان ٿيڻ نه ڏينديم.

”خوش اها ساعت جو ٿينديم جاءِ منجهه تنهنجي گهٽيءَ،

شوق جو جذبو ڇڪي تو وٽ وٺي ايندو ڪڻم!“

شال ٻنهي جهانن جون سعادتون روز هجن!

 

خط، رخصت جو

يار وفادار، هوت هِنئين جو هار، دلبر دلدار، گلبدن گلزار، سروقد، چيلهه مثل وار، کٿوري باس، عنبر نار، عطر هٻڪار، گل رخسار، خوب گفتار، ڪيڪ رفتارِ، نيڻن ٺار، قلب قرار، محبوب مُنهنجو، مطلوب تَن جو- سدا سلامت رهي!

سلامن ري نهايت، شوق بي غايت ۽ اخلاص جي دعا کان پوءِ مدعا هيءَ ته:

”سانگ سنڀران ڪين پنهنجي اختيار،

ري ضرورت ڪيئن هيءَ محنت سهان؟“

بي اختياريءَ، جدائيءَ جي ڏاڍائيءَ ۽ بيوسيءَ، وڇوڙي جي ڏکيائيءَ کان هڪوار اختيار جي واڳ ۽ صبر جي مهار هٿ مان نڪري ويئي! نه دل کي اڳتي هلڻ جي قوت، نه پيرن کي پوئتي ورڻ جي طاقت، نه امڪان ۾ هلڻ، نه وس ۾ ويهڻ! دل کي پَٽڻو ۽ قسمت جو قيد ڪٽڻو آهي.

زياده شال ٻنهي جهانن جي دولت ۽ ٻنهي منزلن جي منزلت نصيب هجي!

 

خط، عاشق مسافر جو

جيءَ جياپو، جيءَ جياريو، سؤ مرتبا ساهه کان پيارو، پري پِيَلن کي ياد ڪنڊر، درد گڏيلن جي دل شاد ڪندڙ، سدا سنڀاريندڙ، ڪڏهن نه وساريندڙ، دوستيءَ جو سچار، سچائيءَ جو سينگار، ٻاجهه ڀريو ٻاجهارو، ڀليريءَ بخشش وارو، محبوب منهنجو، مطلوب منهنجو- دامت اقبالہ!

سلام- بگانگيءَ ۽ وداد کان خبر ڏيندڙ، ۽ دعا به نهايت- اتحاد جِي نائب ٿيندڙ، پيش ڪريو عرض ٿو سينگارجي:

”نور اکين جي مثل، اي محبوب!

توکي پاڻان جدا ڏسان ٿو ڪين.

پر ڪِهو سُود مون کي، جو هرگز

توکي اي مہ لقا! ڏسان ٿو ڪين؟“

توڻيڪ، جسمن جي جدائي روحن جي ويجهائيءَ کي جهليندڙ به نه آهي، پر

”ڪيئن خيالن تي اک ٿئي قانع،

ڪيئن خبر تي ڪري قناعت دل؟“

لطيف جا لطف دلين جي داد کي رسن، ۽ هي پرانهينءَ جا حجاب، جي دمدم عذاب آهن، وچان کڄي وڃن، ۽ دل بي سروپا جو سدا مقصود جي دامن ۾ آرزوءَ جو هٿ پيو رهي، ۽ ظالم فراق جي جور جا سور صدما بلڪل نه سهي!

”چڱو جو تنهنجي طلب ۾ اڃا کڻان هڪ وک،

پَلؤ وصال جو هٿ ۾ اچيم اُن ساعت.“

انتظار آهي، ته محبت ۽ وداد جي هيرن سان خاطر جي صفحي تان اندوهه جا غبار لاهيندا، ۽ موَدت ۽ اتحاد جي وائَن سان، شوق جا شعلا هڻندڙ مچ جهَپائيندا.

”سعادت تو واڌو ۽ دولت زيادت،

جيئن سهس سلان بدولت سعادت!“

 

خط

سهسين ساهن کان پيارو، جڏي جيءَ جو جياريو، ڪٺلن جِي ڪَرَ لهندڙ، سڪايلن جي سنڀال ڪندڙ، خوش خُلق خوش صورت، خوش وضع خوش سيرت، وفا ۽ صفا وارو، لحاظ ۽ حيا وارو، وِرهه وَڍيَن کي وندرائدنڙ، ڏک ڏڌن کي پرڀائيندڙ، دل جو اڇو، قول جو سچو، ٻول پاريندڙ، وعدا نه وساريندڙ، يار منهنجو- نه نه سردار منهنجو، محبوب منهنجو، مَن مرغوب منهنجو- حفظہ الله تعاليٰ!

سلامن جي ساٿ هلائڻ، ۽ دعائن جي بار ڀرائڻ، ۽ نيازن جي گلي لَڏائڻ، ۽ سِڪ جي سامان پهچائڻ بعد ڄڻڪ وچيان حجاب پاسي ڪريو، ۽ پاڻ کي خيال جي مجلس جو جليس ۽ وصال جي محفل انيس سمهيو، يار جي سِيني سان سِينو لايو، ۽ دل ان جي دل سان ملايو، قلب جي زبان سان ان جي قلب جي ڪَن ۾- نه نه عمدن عجيين، اسرارن جي مخزن ۾- ڪي آڏيون اُبتيون، ڪي سُوڌيون سُبتيون، ڳجهيون پڌريون ڳالهيون، لوڪ جي چال چلت کان نراليون، سُرٻُر ڪجن ٿيون، اڻواقفن کي عبرتون ڏجن ٿيون.

يار پيارا، جيءَ جيارا، مون تي وسارڻ جي بدگمانيءَ مَ ڪج، پهرين پنهنجي منصف دل کي پڇج! آءٌ پرڏيهه ۾ پيل، قسمت جو قيد ڪيل، ڏيهاين کان ڏُور، دوستن کان دور- تون شهر ۾ رهندڙ، دل وڻندن ماڳن ۾ ويهندڙ، پُورن خيالن ۾، ساراهيلن احوالن ۾، يارن سان ريجهن ۽ رهاڻين، ۾ مجلسن ۽ معرڪن ۾، ڪڏهن ڪنهن طرف سئر ڪرين، ڪڏهن ڪنهن پاسي پير ڀرين! علي الدوام عالي خيال ڌارين، اُميد جي باغ ۾ مرادن جا نهال ويهارين، روح رچنديءَ مشغوليءَ ۾، هِنئين وڻندڙ حاج جي حصوليءَ ۾، جڏهن ڪا فراغت ٿئي، ساهه سيباڻن کان فرصت ۽ اسراحت ٿئي، تڏهن تڪڙ تڪڙ مان خط مختصر- جنهن جو هڪ- هڪ حرف مون لاءِ ماڻڪ ۽ گوهر، ۽ هڪ- هڪ لفظ جان جو ڀرسُڀر آهي- لکيو ٽپال ۾ اڇلائين. ڀَلو آهين، پاڻ ٿو ڀَلائين! هاڻ جي منهنجو بخت ڀڙائي، ته اها امانت مون کي مولا سلامت ملائي، نه ته جي اوهان وٽ سندس جواب نه آيو، ته وري ٻئي موڪلڻ جي نوازش نٿا فرمايو!

اوهان وٽ اوهان جو حرفي ٿيس، پر گُهر ائين ڪيس. خيال ڪريو! آءٌ مسافر بي رفيق، خدا ۽ خدا جي رسول ري نڪو مهربان نڪو شفيق؛ نڪو سُڌ لهي نڪو سنڀاري، نڪو پڇي نڪو نهاري؛ دل ۾ پورن تي پور، سيني ۾ سورن تي سور؛ جدائي جا جل بي نهايت، وڇوڙي جا وِرهه ري غايت، دوريءَ جا درد آزار اُٿاريندڙ، فراق جا ڦَچِ ڳَچُ ڳاڙيندڙ، سِڪن جا سور، ترار جا گهاوَ- جي گهٽ ته ڪاتيءَ جا ڪهڪاءِ، پر جي ڪنڊا ته سي به ننڍا نه، سيلهه ساهه ۾ چُڀيل آهن، ٻِسٽ ٻَهر نِڱيل آهن! هِنيون وڇوڙي ۾ ڳَڙ وانگر ڏکندڙ، جيئن لوڻ پاڻيءَ ۾ پَڄري تيئن وِ گهرنڊا! توڻي دل وصال جي دلاسند تي وسهي ٿي، ته به اندر کي ڪابه ڪين اُجهي ٿي- باوجود ان جي به حجت ڪانه رکان ٿو. خطا پنهنجي نالي لکان ٿو ته نيازنامن موڪلڻ ۾ مون کان غفلت ٿي، وڏي لاچار اهڙي هلت ٿي! پر رکي خدا، نه ائين، ته ڪڏهن اوهان کي دل تان وساريم، تنهنڪري خط کي ٽاريم!

سياڻل يار! مشڪل هيءُ آهي جو سفر اڳتي ٿو هلي، دل پوئتي ٿي ڪاهي، نڪي سفر ٿو کُٽي، هلي، دل پوئتي ٿي ڪاهي، نڪي سفر ٿو کُٽي، نڪي دل دردن کان ٿي ڇُٽي- انيءَ اندوهه ۾ به خط لکڻ نٿا اُجهن، جي لکجن ٿا ته مرضيءَ موجب نٿا ٺهن، تن جي موڪلڻ ۾ روح راضي نٿو رهي، خطن جي رستي وڍجي وڃڻ جا سور ويٺو سهي. تنهن کان سواءِ، ساروڻيءَ سَگهائي وڃائي، اگهائي آئي- ڪا مدت مون ۽ بستر جي هڪ صورت هئي ۽ هڪ صفت! انهيءَ سببان به خط لکڻ ۾ دير ٿي ويئي! پر سڄڻ، سڀئي منهنجي هٿان پيئي. اوهين سردار، پنهنجي مرضيءَ ۾ مختار، آءٌ ڇا، جو اوهان تي حرف ڪريان، يا اوهان جي ڪنهن به ڪم تي عتاب جي آڱر ڌريان! جڏهن سورن جي سرس هجڻ کان سُست ٿي پيس، تڏهن جُڪس وسري ويس. تنهن ۾، جيڪڏهن پنهنجي خبرچار سان ياد فرمائيندا، ته احسان وڌائيندا. ٻانهي کي سردار توڻي نه سنڀاليندو، ته به پاڻ سردار جو پيو سڏائيندو، پر جي ياد ڪندس، ته مرتبو وڌندس، سرهو ٿيندو، فخر ڪندو، خوش رهندو، مرڪندو شال هميشہ اقبال جا اسباب حاصل ۽ اُميدن جا وجهه متواصل هجن!

خط

محبوبيءَ جي درياءَ جو دُرّ جوهر، خوبيءَ جي بحر جو لُؤلُؤ گوهر، يڪتائيءَ جي چمن جو سرؤ آزاد، بيپرواهيءَ جي باغ جو شمشاد، بيوفائيءَ جي نخل جو گلبن، خود نمائيءَ جي وڻ جي ٽاري ۽ پن، خونريزيءَ جي محل جو گلدستو، فتنه انگيزيءَ جي مجلس جو ڏيئو، غمزي ۽ انداز جو پايندڙ سارو ناز، مسيحا جي پساهه ٻاجهه ڪندڙ عاشق نواز، ڦٽيل دل جي زخم جو مرهم، بيقرار خاطر جو قرار ۽ همدم-

هجيئي شال ويرا وير وڌ ناز،

نه هرگز هوءِ تنهنجي ناز انداز!“

سلام، جن جي سِٽن جا ڏند محبت ۽ مودت سان مُرڪن، ۽ اخلاص جي قلم سان لکيل ان جا حرف جهَرڪن؛ سلام، جن جي سُرهاڻ کولڻ سان مڙئي ماڳ معطر ٿين، ۽ ڪاغذ جي آسمان ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر منور ٿين، ۽ اشياق جا مچ ۽ آڙاهه ۽ فراق جا ڦَچ ۽ سندن سرد پساهه- جي سڀ انهيءَ محبت مان پيدا ٿيل آهن، جا نه وڃي، توڻي جبل کِسي پڃن، ۽ نه فاني ٿئي، توڻي ڏينهن ۽ راتيون فنا قبول ڪن- جي ساري سنڀاري لکجن ته ڪاغذ جي سيني ۾ جاءِ نه ملي، ۽ اڻپورو بيان رهجي، دل مان حسرت ته نه نڪري، ٻيڻو ارمان رهجي. تنهنڪري، ان جو بيان نٿو لکان ۽ مِٺيءَ يا مُٺيءَ ماٺ کي پسند رکان ٿو.

”ڇا ٿيو، ڪونه تو سلام مُڪو،

پڻ پُڇا جو نه ڪوپيام مُڪو.“

ڪيتري مدت آزار ۾ گذري ٿي، جنهن ۾ دل شوق جي آراهن ۽ محبت جي مچن ۾ ٻري ۽ ٻري ٿي. وڏو افسوس جو اِن فراق جي باهه اڇلائيندر تي وصال جو ڪڪر ٺاريندڙ ڪونه وٺيو، ۽ اِن اشتياق جي آڳ کوري جيئن کانئيندڙ تي اتصال جو واءُ وسائيندڙ ڪونه وسيو!

”شمع جيئن سڙيل جدائيءَ جي جلن ۾ منهنجو بت،

ڪٿ روئڻ آهي، هڻي پاڻي جو منهنجي باهه تي؟“

باوجود محبت، وفا، صدق، صفا جي پرپٺ جي حالت ۾، مخلصن جي حال تي عاطفت جو پرتوو نه پيو، ۽ سڪايلن جي مجروح دل کي مهربانين جي شفا بخش مرهم مان ڪو وانٽو نه پڙ پيو- تنهنڪري به شڪايت جي رسم نه ورتيم، ۽ بيوفائيءَ جي حڪيات نه ڪيم.

”سڀ خلق جي زبان ۾ وائي هلي ته هي:

ڀريل قلم مان تنهنجي جهَلي تو زبان پڻ.“

اڳتي اُميد ته هن کان وڌيڪ فراموشيءَ سان نه ڦٽيندا، ۽ انتظار وارن جي دل جي ڦٽ تي وسارڻ جو لوڻ نه ڇٽيندا- شال لطفن ۽ عطائن جو پاڇو باقي هجي!

 

جواب

خالص محبت سالم دوستيءَ وارو، صفتن سهڻو اخلاقن موچارو، يار وفادار- سلامت!

سڪ جي سلامن ۽ پرت جي پيامن بعد، چاپلوسن چرب زبانن واري رسم نه رکيو، مختصر مقصد لکيو ٿو ٿئي، ته عتاب جي خطاب سان ڀريل خط فرحت اثر، اوهان جو موڪليل رسيو. هي ملاقات جو آرزومند، اوهان جي اچڻ جي انتظار کان، اڳوڻن خطن جو جواب موڪلڻ ۾ ٿي ترسيو؛ نامعلوم ته اڃا به اوهان کي سفر ۾ ڏينهن لڳندا، يا هاڻ سِگها وطن ڏي ورندا؟ اسان کي ديدار بهجت آثار جي آرزومندي ۽ وصال فرخنده مال جو شوق، تعداد ۽ شمار کان ٻاهر آهي! توڻي، محبت جي رقيمن سان اخلاص وارن جي حال جا صفحا جنساريو ٿا، ۽ مؤدت جي قلمن سان سدا ساڙيندڙن جي اُميدن جا صحيفا سينگاريو ٿا، پر جي ان تي دل وِندري، ته ملڻجي سڌ ڪير ڪري؟ شال سعادت جا ڏينهن هميشہ هجن!

 

جواب جو جواب

منهنجو محبوب پيارو، سدا سوڀارو، احسانن سان دل وٺندڙ، سچائين سان سوگهو ڪندڙ، ڳڻُن سان ڳهندڙ، مهربانين سان مُهندڙ، قدر ڄاڻندڙ، دليون سڃاڻندڙ، پاڻ ڀَلائيندڙ، ٿَڪن کي ٿورا لائيندڙ، ڏمر نه لَکائيندڙ، محتاجن تي ڪهل فرمائيندڙ؛ پرچائيندڙ، نه رُسائيندڙ؛ پاڻان ڄاڻي ڳنڍيندڙ، دوستي وڌائيندڙ، سوال سنيندڙ، معذرت مڃيندڙ، ڪامل ۽ عاقل، پوري پروڙ، درست ڌيان، سوڌي سمجهه وارو، منهنجو سو ساهن کان پيارو- شال سڀڪنهن مقصد ۾ مرام سان شاد ڪام هجي!

سرها سلام، جن کان کٿوري هڳاءُ اُڌاري، ۽ عنبر ان وٽ پاڻ نه پچاري، شوق جي لباسن ۾ جلوا ڏيندڙ، انهيءَ اشتياق مان پيدا ٿيندڙ، جنهن جان کي جلايو ۽ ننڊ کي ڀَڄايو، ۽ جگر جي دامن کي چِيري قلب جي گريبان سين پهچايو، ۽ ان کي محبوب جي زلف سنبل جيئن تارون تارون بنايو- خدمت بابرڪت ۾ هديو هلايو، نوازش جي شڪر گذاري ڪجي ٿي.

”تنهنجو خط منجهان چاهه چايو پڙهان ٿو،

ٿيم ياد، تان پڻ ورايو پڙهان ٿو-

ڏسي اک نه ڌارين، سُڻي ڪن نه ڪنهن جو،

روئان ٿو ۽ لوڪان لِڪايو پڙهان ٿو.“

الحمدلله، جو اميدوار اکَ جي ڪارائي، سج جهڙي صاف خط جي اڇائيءَ کان منور ٿي، ۽ سدا سُت گڏيل اَک جي دوڏي کي ان مُشڪ رسائيندڙ خط جي مطالعي کان روشني ميسر ٿي! ”عجب ناهي اکين جي روشني وڌي ان مان، مُڪو يعقوب ڏي يوسف نوشتو جو، سو هي آهي!“

ان جي هڪ- هڪ لفظ جي مقابلي، لک- لک تحيتون قبول پون!

جواب ۾ عرض ته هن سَقر جي نشانِ سفر ۽ ڪُربت گڏيل ربت ۾، جيڪي هيڪلائيءَ جا ڏولاها ۽ ڏک، ۽ جدائيءَ جا اندوهه ۽ اهک، ۽ صحبت کان پري پوڻ جا وَهم، ۽ مجلس کان پاسي ٿيڻ جا غم، ڏٺم ۽ سَٺم، تن جو بيان جيڪر ٿي سگهي ٿو ته لکجي، تنهنڪري هيءَءَ ڄڀ ٻڌي حال جي زبان سان مقال تي ڪجي:

”يا رب زراهِ لطف بهارِ خودم رسان،

دستم بگير و سُوي ديارِ خودم رسان!

از گريه همچو ابرِ بهاريست چشمِ من،

زخمي بکن، بتازه بهارِ خودم رسان!“

هاڻي، اميد ته بخت همايون جي مرافقت ۽ طالع ميمون جي موافقت سان، جلد وطن ۾ رسي، دوستن جي ملاقات خجستہ سمات سان پاڻ کي شاداب ۽ ڪامياب ڪندؤ، ڇا کان، جو هن کان واڌو، يارن کان جدا رهڻ جي قوت ۽ وطن کان پري پوڻ جي طاقت رکي نٿو سگهان.

”وطن ۽ يار جو دل تي جڏهن پوي ٿو خيال، اکين جي آب کان منزل ٿئي ٿي مالا مال!“

 

خط، عاشق جو سفر تي ويندڙ يار کان نه موڪلائڻ جي عذر ۾

يار وفادار، سونهن جو سينگار، جوت جو جنسار، گُلرخ، گُلرخسار، صبح پيشانيءَ، شام گيسوئن، نانگ وانگوڙن، بسيهر زلفن، ڪماڻ ڀروئن، ڪان پنبڻين، افسوني چشمن، الماس اکين، عقيق چپن، پن گل جي کان نرمن، مصري ماکيءَ کان مٺن، ڏاڙهونءَ ڪڻن جهڙن ڏندن، موتيءَ جيئن جهرڪندڙن، مکڙيءَ جيئن مُرڪندڙ، کلندي خون ڪندڙن، مکڙيءَ جيئن مُرڪندڙن، کلندي خون ڪندڙن، قُمريءَ مثل ٻوليندڙ، روح روليندڙ، خوب گفتار، ڪيڪ رفتار، نيڻن ٺار، قلب قرار، ڳچيءَ ڳهه، هنئين جو هار، منهنجو محبوب مطلوب- سلامت! نيساسن ڀريل سلام، ڏُسڪن گڏيل پيغام سان عرض ۽ غرض هيءُ ته:

”منجهه وڇوڙي تنهنجي آهي ساهه سان سهکو وداع، موڪلاڻِي ٿوکان اي محبوب ممڪن ڪين هوٰ!“

اگرچ هي نيازمند موڪلائڻ وقت حاضر نه ٿيڻ سببان تمام شرمسار آهي، پر ساهه نڪرندو اُڀِي ڏسڻ به هن ناتوان کي نهايت دشوار آهي:

”جي نه ڪيو مون وداع عذر قبول،

ساهَه کان ساهه ٿي سگهي نه وداع.“

اُميد ته بخت ۽ اقبال جي مرافقت ۽ اُميدن ۽ مرادن جي موافقت سان صحبت ۽ سلامت جي وقتن ۽ غراضت، عافيت جي زمانن ۾ مقصود جي منزل ۽ مطلوب مقصد کي سگها رسندؤ.

”جو ويو، ۽ ساهه جا سؤ قافلا ساڻس هليا-

جِت هلي، جِت هوءِ، تِت سانيَم سلامت تون رکينس!“

توقع ۽ طمع، ته موٽي اچڻ ۽ وصال جي شرف سان مشرف ڪرڻ تائين، خدمت کان ڏور پِيَلن ۽مجلس کان مهجور ٿيلن کي خاطر مڪرمت ماثر کان محو نه فرمائيندا، وقت بوقت فراق جي ڦٽيلن جي تسليءَ لاءِ پنهنجي خبر خيريت اثر هلائيندا. شال حفظ ايزدي واٽ جو بورائو ۽ همراه، ۽ لطف سرمدي رفيق خيرخواه هجيوَ!

 

خط، عاشق شهر ۾ رهندڙ جو محبوب مسافر ڏانهن

منهنجي دل جان جو حبيب، برهه جي بيمار جو طبيب، پرت جون پَٽيون ٻَڌائيندڙ، وصال جو مرهم رکائيندڙ، محبت جي مريضن کي چپن جي چاشني چکائيندڙ، دل ڦُڙيلن ديوانن کي ملاقات جون معجونون کارائيند‏ڙ؛ منهنجو دلدار صادق، يار موافق، هن حال جو حاذق- سلمہ الله تعاليٰ!

سلامن کان پوءِ مُفرّحون خدمتون غم وڃائيندڙون، ۽ مسيح جي پساهن وانگر تحيتون ساهه بخشائيندڙون، تحفو موڪليو، عرض ڪجي ٿو ته آزارَ، فراق جي ڏينهن ۽ بحرانَ، افتراق جي زمانن ۾- جدائيءَ جي مختلف مرضن جي حرارت ۽ وڇوڙي جي بڇڙين بيمارين جي مرارت کان- ناتوان جي جان جي تارونءَ ۽ هِنئين جي قلب ۾ اهڙو ڪامل تاثير ڪيو آهي، جنهن ج وصال جي جلاب ۽ اتصال جي مِٺي شربت ڌاران، ڪو ڊَڀُ ۽ علاج ڪارگر نٿو ڏسجي! تنهنڪري، ان جي تشخيص ۾ ٻي ڪا تشريح نه ڪريو، هميشہ آه زاريءَ، اضطراب ۽ بيقراريءَ سان، حضرت حڪيم مطلق جي لطف ۽ احسان جي دارالشفا مان، دُوريءَ جي ڏکن جي دوا ۽ مهجوريءَ جي مرض کان شفا ڳوليندڙ آهي. اُميد ته حڪمت جي قانون ”و اِذا مرضت فهُو يشفِين“ سان، مفارقت جي مرض جو دارو مِلي، مباعدت جي رنج کان ڇوٽڪو ڪرامت فرمائيندو. تنهن ۾ عرض ته فيض بخشيندڙ ملازمت جي زماني اچڻ تائين، سدائين مزاج شريف جي چڱڀلائيءَ ڄاڻائڻ ۽ ذات حڪمت سمات جي صحبت جي خبرن پهچائڻ سان، مسرور فرمائيندؤ- جڏهن اخلاص ۽ اختصاص جي مادي جو تنقيو ۽ تصفيو عرض ڪرڻو هو، تڏهن زياده تصديع نه ڏنائين.

شال هميشہ هن سڪايل جي سيني جا سور- جي ’ابن سِينا‘ جي مَت مُنجهائين، ۽ محبت جي مفتون جا مرض- جي ’افلاطون‘ جو عقل اُجهائين؛ تو مسيح دوران، ثانيءَ لقمان جي علاج ۽ دوا سان شفاياب هجن! فقط، والسلام.

 

خط

محبوب منهنجا! هن فلڪ ڪجرفتار، مڪار، غدار جي رنگ برنگائيءَ ۽ بيوفائيءَ جو عجب ٿئي ٿو، جو ڪنهن دؤر ۾ ڪنهن سان هڪ دم به هڪجهڙو ڪين رهي ٿو! يا ته اهو وقت هو، جو مرواريد جي داڻن وانگر، خوشيءَ ۽ خرميءَ جي سپ ۾ هيڪاندا هئاسون، ۽ ٻن جاڙن ڀائرن وانگر بي غميءَ جي پينگهي ۾ گڏ ٿي ويٺاسون، يا ته اوچتو فراق جو ڪنڊو جگر ۾ چُڀيو ۽ ٽيڙن وانگر هڪٻئي کان جدا ٿي وياسون! جنهن هجر جي لذت ڪڏهن زبان تي نه آئي، تنهن جان جي دشمن پڌري صورت پَسائي. وڇوڙي جا ڏينهن آيا، ڪ ساهه تي بلائن جا سنيهه آيا، هردم زبان تي اهو مذڪور آهي ته ’با الاهِي، هيءَ ڪا بيماري ڪ ناسور آهي؟‘ سِيني ۾ سَل ڪير ڪڍي ٿو، ههڙي زور سان گردن ڪير وڍي ٿو؟ ظاهر ۾ ترار آهي نه خنجر آهي، نه زخم آهي نه سندس اثر آهي، جنهن کي ڪو مرهم لڳائجي، ڪ ڪنهن حاذق کان پٽي ٻَڌائجي؛ نه بيماري ثابت ٿئي ٿي، جا ڪنهن حڪيم کي سڻائجي ۽ ان کان پُڇي دوا کائجي؛ نه پريءَ جو گذر آهي نه جن جو اثر آهي! ڪهڙو پردو پئجي ويو، جو عقل فهم کَسجي ويو؟ پروڙ نٿي پوي ته ڏينهن آهي يا رات آهي، سانجهي آهي يا پرڀات آهي، نه بک ٿي ڀانئجي، نه اُج ٿي ڄاڻجي، نه کائڻ پيئڻ کي ٿو سڃاڻجي، نه پنهنجي پرائي جو سماء آهي، نه ڪنهن مان لاءُ ساءُ آهي؛ نه جيئڻ جي خوشي نه مرڻ جو غم آهي، رڪ جهڙي بدن کي ميڻ جو پتلو پروڙجي ٿو- ڪهڙو ڪو ستم آهي! عرض ته اهڙيءَ بلا ۾ مبتلا آهيان، جنهن مان نڪرڻ مشڪل، ۽ اهڙيءَ آفت جي گُهمري ۾ پيو وڃان، جنهن مان ورڻ مشڪل! پنهنجي ڏينهن کي روئڻو آهي، ۽ اکين جي رت سان منهن ڌوئڻو آهي، جيءُ پچي ٿو ۽ وصال جي وقتن جو عوض نظر اچي ٿو- اڳتي ڪڏهن اهڙي لاڳ نامعلوم، بدن جلي ٿو ۽ اڳ نامعلوم!

تنهن ۾، جي ڦٽيل قلب کي ۽ جدا ٿيل جسم ۽ جان کي سلام يا پيغام سان راحت ۽ جميعت بخشيندا، ته اوهان کي آسان آهي ۽ نسورو احسان آهي، ۽ جي هن اکين کي جمال جي نور سان ٺاريندا ۽ دل کي وصال جي سرور سان سينگاريندا، ته اوهان جي شفقت جي شان سان شايان آهي ۽ مون وسان وريل لاءِ عقل ۽ ڌيان آهي.

 

”وري وصل جو مانَ واروڪڏهن،

ورهيه وِره جا هي ٿين من تمام!

اچي پاڻهي منهنجو پيهي پِرين،

ته سڀ مَنَ مرادون پُنيون- والسلام!“

 

جواب

دعا ۽ سلام- صبح جو سرهيءَ هير وانگر دوستن جي سيني بي ڪِيني تان غم جو غبار وڃائيندڙ ۽ محبن جي دل، اخلاص منزل، اندوهه کان مکڙيءَ مثل ٻوٽيل کي گل جي طرح کُلائيندڙ- سچن يارن جي مجلس جو تحفو ڪريو، محبت جي عهدن کي تازگي ٿي ڏجي، ۽ ان صفا ۽ وفاداريءَ جي روشن فڪر تي ظاهر ٿو ڪجي ته ڪلام مبارڪ پيام ۽ پيام سعادت انجام، يعني خط سڳورو اوهان جو، چڱيءَ وقت ۾ رسيو:

”گلزار ساهه جي کي تازو اچي ڪيائين،

دل اهل شوق جي ۾ ٿيو ذوق ري نهايت.“

ان جي اشارتن تي واقف ٿيڻ ۽ عبارتن ۾ تامل ڪرڻ بعد، اوهان جي فڪر انور تي مصوّر ڪجي ٿو ته اگرچ مدت مديد ۽ عهد بعيد، سلامن ۽ پيامن ڌاران گذري ويو، جنهن ۾ ضروري دُوري شوق جي اک جو حجاب ٿي پيو- پر

”جڏهن دل منهنجي ٿو وٽ آهه هردم،

تڏهن توکان پري تن ٿيو، ته ڇا غم؟“

يقين ڄاڻندا ته صورت جي جدائيءَ جو پردو، معنوي مشاهدن جي خلوتن ڇپائڻ جو سبب بلڪل نه ٿيو. ڪا ساعت نه آئي، جنهن ۾ حال جي زبانَ هي نُڪتو ادا نه ڪيو:

”منهنجو توسان جڏهن محبت کان،

ٿيو مُيسر وصال روحاني.

ناهه اندوهه جي ٿيو پاسي،

وقت ڪو اتصال جسماني.“

انهيءَ سببان، ظاهري دعا ۽ سلام، خط ۽ پيغام جو به اهتمام نه ٿي سگهيو، تنهن کي ويسر يا گيسر تي حملو نه ڪندا، ۽ بيان ڪيل عذر قبول رکندا- فقط.

 

خط

آزار فراق جي زماني جي ڏاڍائيءَ، ۽ بيماريءَ اشتياق جي ڏينهن ۽ راتين جي ڊگهائيءَ جو ذڪر ڪجي ته نوح جي عمر گهرجي، ڪيئن لکان ته ’هيئن يا ههڙا حال اٿم‘؟ جو هردم دل جي زبان جو ورد هيءَ مقال اٿم:

”سگهو سفر کان سلامت اُو سروِ ناز اچي.“

مثال سرو ملي عمر اُن دراز، اچي.“

اُميد ته مدعا موجب اها دعا اثر ڪندي ۽ وجہ مرغوب تي ان مطلوب جي اچڻ سان دل راحت کي رسندي.

”سگهو محبوب اچ موٽي، مون کي ماري ٿي تنهائي،

جدائي صبر کي ساڙي، اُڏائيءَ ٿي شڪيبائي.

وڇوڙي وڌ سهڻ جي کان منهنجي تن ۾ نه طاقت اڄ،

ڪرم ڪر رب جي ڪارڻ، اچي جانب تون ئي جائي!“

شال حضور عاليءَ جي عزت متعاليءَ جا ڏينهن خوشحاليءَ سان لڳل هجن!

 

فصل پنجون

 

غيرت، عتاب ۽ اُبتيءَ دعا ۽ ڪوڙي خواب جي خطن ۾

 

غيرت کام ۽ کار آهي، جا عاشق کي پڪي شڪ يا ٺلهي گمان سبب ٿئي ٿي ۽ پهرينءَ کي ساراهيل ۽ ٻيءَ کي ڪُورايل ڪوٺين ٿا. ”الجنون فنون“ جي مضمون موجب، ان جا ڪيترا نمونا ٿين ٿا: ڪڏهِن عاشق کي ادب جو رستو ڇڏايو، عتاب جي خطاب ۾ مست ۽ شيدا ڪري ٿي، ۽ ڪڏهن محبت ۾ فساد پايو، منجهانس عداوت پيدا ڪري ٿي. عاشق جي لاءِ، غيرت جي وماس، حيرت سَرڻ، محبوب سان عتاب جي خطا ڪرڻ، دعا جي اُبتي ۽ خواب جي ڪوڙي ٿيڻ جو غم ۽ الم آهي، تنهن جو الله اعلم آهي. هي جيڪي نمونا لکجن ٿا، سو سڀ قال آهي، پوري ماهيت اهو پروڙي جنهن جو حال آهي.

 

خط، غيرت جو

بلبل جي فغان شايان آهي، جا گل جي دامان ۾ ڪنڊي جو مڪان ڏسي ٿي ۽ ڇڀجيس ٿو- باوجوديڪ مکڙي4 کان به مَهند هو ۽ نئون پيدا ٿيل ڪونه چويس ٿو. تڏهن خيال ڪريو ته اڄڪلهه جا آيل چاپلوس، چرب زبان، دغا باز، حيلي ساز؛ ماڻهن جا شيطان، جي نه ڪنهن قديم جو حق ۽ قدر سڃاڻن، نه ڪنهن سچي جو مرتبو ۽ درجو، ڄاڻن، فتنت ۽ فتور کي پسند رکندڙ، ڪڙا وڻ ۽ ڪڙا ميوا ڪڍندڙ، ڏيهه جا نِڪار، سڀ ڪم خراب ڪرڻ جا خبردار، اوهان جي مجلس ۾ خودمختار ۽ صاحب اعتبار جا ڏسي، دوستن جي دل ۾ ڇا ايندو ۽ ڪهڙو وڏو ڏک مُنهن ڏيندو؟ اڳوڻن زهر گڏيل ماکيءَ کان پرهيز ڪرائي آهي، ۽ نانگ تي ويٺل مک کان ڀڄڻ جي وصيت فرمائي آهي. جي منهنجي جيئڻ کان بيزاري آهي ته ڀلي منهنجي رت جي اڃايلن سان اوهان جي ياري آهي- جي نه ته تيئن ڪريو، جو افسوس نه رهي، ڪنهن رستي ۾ ڊوڙڻو نه پوي. ڌيان ڪريو ته اڃا ڪي ڪين ويو آهي! اها مجلس اها مَي، اهو ڪائوس اهو قَي. جي نه ته پوءِ افسوس جي هٿن مهٽڻ مان ڇا سُود ۽ ڀڳل شيشي جي ڳنڍڻ جي سَڌ ڪرڻ مان ڪهڙو بهبود؟ تير ڪمان مان نڪتو ۽ دل هٿان ويئي ته ساڳيا موٽي هٿ نه اچن. زياده نياز پهچن- فقط، والسلام.

 

خط

نه ڄاڻان ته وري به ڪهڙو ڪُوڪٽ ٻڙيو جو قاصد نيازنامي جي جواب سواءِ خالي هٿن وريو، ۽ اوهان فرمايس ته ‘ڪهڙو ضرور جو قلم سندس نالي گوهر هاري، ۽ اسان جو ۽ سندس وقت کاري‘!

سياڻل يار! هن ٻولن ٻڌل دل جي آسپاس جيتري ڪيتري ڦيري پاتي، ته انهيءَ سزا جوڳي ڪا خطا نه سڃاتي. انهيءَ تي آيس ته جي ڪي صادر ٿيو هوندو، ته ڇڏڻ ۽ وسارڻ جوڳو آهي، نه وٺڻ ۽ سارڻ جوڳو ڇا کان، جو وڏي شان وارن جي بخشش، ننڍن جا گناهه نه ڏٺا آهن:

 

”ٿور- ڏوهو ٿيڻ به آهي ڏوهه،

تنهنجي بخشش اڳيان، جا حد کان وڌ.“

 

خط

ڪمال تعجب آهي ته هن بيجا رنجش جو ڇا سبب آهي؟ شايد ته فتني انداز، دغاباز جي چُغلي ڪارگر ٿي! جگر ٿو جلي، ته ان خود غرض کي مزاج پاڪ ۾ دخلک جي جاءِ ڪيئن ملي؟ ۽ اوهان جو به فريبڪارن تي اعتبار رهيو! سڀڪنهن صورت ۾ اوهان وٽ انهن جو اختيار رهيو؛ تڏهن ڪهڙو سُنهن ويساهه ڏجي؟ هاڻي لائق آهي ته هن سورن سهڻ کان ساهه ڏجي!

 

خط

”ڏينهن گذريا رَسي نه بُوءِ وفا،

سِڪ سَٺا جان تي هزار جفا.

ڪوهه ڄاڻان ته سو ويو ڪاڏي،

روبرو جو ڏٺمِ ٿي صدق صفا؟“

جيترو ڪيترو اداس ۽ پياس مان آس جو هٿ هرطرف ڊگهاري ٿو ته مانَ اُتر هيِرَ، دلگيرن جي دل ڌِير يا صبا، خوش لقا جي واسطي، ڪو ان پار جو نوازش نامو، آسري جي آڱرين ۾ آڻي- تان صورت نٿو ٻَڌي ۽ جيترو ڪيترو شوق ۽ سِڪ ۽ هِنئين جي ڇِڪ کان، اميد جي اک چوپاسي اُپي ٿو ته واءَ ۽ واچوڙي جي وسيلي سان ڪڏهن هي جسم اُڏامي دوستن جي منزلن ۾ وڃي پوي، تان وقفو ۾ نٿو اچي؟

غرض ته ”اَلغريق يتعلق بُڪل حشِيش“ موجب جان کيلفافي ۽ ڪاغذ ۾ ويڙهي رکيو اٿس- ڪنهن قاصد انهيءَ طرف تي مُنهن نه رکيو، جنهن کي اتحاد جو صحيفو نه ڏنائين، بلڪ ڪنهن پکيءَ انهيءَ پاسي سامهون ٿي پرواز جي بال نه کولي، جنهن سين وداد جوڪتاب همراهه نه ڪيائين:

”ناهه پکڙانڊي پکيءَ، جا منهنجي خط کان رنج ناهه،

خط ٻَڌم پنبڻن ۾، جي ڪنهن جون اُڏاڻيون ٿي اکيون.“

مگر قسمت جي ياري ۽ طالع جي مددگاري، جو اغيار جمال مبارڪ سان پُرنور ۽ آءٌ محروم ۽ مهجور! بيشڪ مزاج عاليءَ جو رنگ برنگ ٿيڻ- جو ناز طبع سان لازم آهي- ٻي ڳالهه آهي ۽ هيءَ ڪو ٻيو دستور.

”صبا! ساري سڄڻ کي منهنجو هي پيغام پهچائج:

چڱو ٿئي ڪين ري چيٺڻ اوهان جي، منهنجو هي ڦچ ڦٽ.

هِنيون حيرت هَنيم هَي هَي پروڙڻ کان پري ٿيو پنڌ،

اَگهُرندن سين گهڻي الفت، گهڻو گهُرندن کان ٿين منهن مٽ!

ورهيه گذريام، وِرهن ۾ مُڪو تو ڪونه پِي پيغام،

خدا ڄاڻي ته انهيءَ بي چِتائيءَ هِي ڪيو چِت چَٽ!

نه ڄاڻان کيڏ ڪهڙيءَ سين ڪيو تو جمع ضِدن جو:

وفا ۽ بيوفائيءَ ۾ ملي ڪو تنهنجو مشڪل مَٽ!“

انهيءَ راموشڪاريءَ کان ايترو آزار پيدا ٿيو جو هاڻ ڪنهن دم جيئڻ جي آرزو ڪانه رکان ٿو، مگر سخت جانيءَ کان سخت لاچار رهان ٿو:

”ڪِهو تنهن کي آرام بخشي جيئڻ،

فراموش محبوب جنهن کي ڪري؟“

تنهن ۾ اميد ته آئيندي ان جي برخلاف- جو چوندا آهن ته ’جو اکين کان ڏور، سو دل کان دور‘- ڪيل وعدي کي ياد رکي، مشتاقن جي پاسخاطر فرمائيندا ۽ پريشان دل کي آرام بخشيندا.

”سڙيو سَڌ ۾ منهنجو وڃي ساهه، ووءِ!

ڪڏهن ساڻ پيغامَ دل شاد ڪر.

نِڌر تي نوازش جا تو ٻول ڪيا،

اُهي قول پنهنجا سڄڻ ياد ڪر!“

 

جواب

اوهان جو خط، ياد نه آڻڻ جي شڪايت ۾ رسيو. سو اوهان جي يادگيري هميشہ دل ۾ آهي، ٻئي پاسي ڪانه ويئي، جنهن جو آڻڻ درڪار ٿئي. ڳالهين جي ملوڪن ۽ چاپلوسيءَ جي چالاڪن جي رَوش پسند نه رکيم، تڏهن گمان نئان ته وسارڻ ڪَيَم- تنهن ۾ جي پروڙ اچي اتي اُڀيٺِي ته خدا حافظ، والسلام!

 

خط

مهجوريءَ جي ڏينهن کان التفات جي نورن نه نازل ٿيڻ، يعني نوازش نامي جي نه رسڻ ڪري، دل مُتردد ۽ پريشان آهي. باوجود وعدن جي، عنايت عاليءَ کان پري پوڻ جو سبب، عملن جي شامتن يا حسدن جي حرڪتن سواءِ ٻيو ڇا چئبو؟

”توڻي بخشايش جو لائق ناهيان،

ڪِيم ڏس مون ڏي ۽ ڏس پاڻ ڏي!“

جيڪڏهن ان خجالت جي زحمت، رحمت سان وڃائيندؤ، ته اوهان چڱن اخلاقن کان ڇا دور، ۽ ڪنهن کي عنايت سان قبوليندؤ، ته شفقت جي شان ۾ ڪهرو قصور؟

ڪوئي ڏڍ ڏيندڙ نه اٿم ۽ خاطر جي ڳنڍن ۾ ڳنڍين پِيَلن جو کوليندڙ نه اٿم: جي هٿ وٺندؤ ته فهُوالمُراد، نا ته حال برباد! فقط.

 

جواب

جا مدما ڪمال شوق ۽ نهايت بيقراريءَ سان اوهان قلم کان خط کي سپاري، سا معلوم ٿي ته زباني عبارت جي بازار ۾، معنائن جا جواهر آندو‘، ۽ جيڪا خط ۽ پيغام نه رسڻ ڪري اوهان تمام افسردگي ڏيکاري. سا ته ناآزمود گاريءَ ۽ ڪَچائيءَ جي علامت اَٿوَ. ڪيئن ٿا ڄاڻو- خطن ۽ پيغامن مان غرض محض خبرون پهچائڻيون آهن، يا دل کي آرام ڏيڻو ۽ پريشانيءَ کي ٽارڻو؟

جڏهن طرفين وٽ هڪٻئي جي روبروءَ جهڙي يادگيري مدام آهي، تڏهن اهڙي قسم جي طلب حرام آهي؛ اخلاص ۽ صفا وارن وٽ ڇا پري پا اوري، ڇا ڳُجهو ڇا پڌرو- سڀ حال برابر آهي. اوهان جي جاءِ دل ۾ آهي، ۽ خيال اکين ۾! خطَ، جي ٻيائيءَ ۽ پَرانهينءَ جي يادگيري ڏيارين ٿا، انهن جي صورت نٿي ڏسجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org