شوقيو بهاري
”ههڙي ’بهار‘ ۾ هَئي هجرانُ ٿيو نصيب!
ورتم نه ’گل‘ هٿن ۾ ’ڪنڊا‘ پير ۾ لڳم‘“
هنن ڏينهن موچارن، آسائش وارن ۾ جهان جي ’چمن‘ جو ميدان، قسما
قسم مکڙن ۽ رنگا رنگ ’گلن‘ جي گهڻائيءَ کان، توڻي،
’بهشتي باغ‘ جو نمونو بلڪ ’رضوان جي باغيچي‘ کي
رشڪ ڏياريندڙ آهي، پر جنهن کي ’مکڙيءَ‘ مثل ’گل‘
جي فراق جو ’ڪنڊو‘ دل جي پير ۾ لڳل هوندو، تنهن کي
ان جي تماشي مان ڪهڙي ڪشائش ۽ آسائش سرندي؟ جي ڪجي
انصاف، ته پاڻ اڳوڻي کان اڳري حسرت جي آفت مٿس
ڍرندي!
”يار جي رخ سوا هي ’فصل بهار‘،
ٿو رهي شرمسار، ڇا کلندو‘
ناهه ’گل- رخ‘ جي منهنجي مجلس ۾،
’باغ- دل‘ جو ’بهار‘ ڇا کلندو!“
اميد ته وصال جي هير سان اميدن جي مکڙي کلندي فقط.
شوقيو بهاري، جوابي، محبوب کان
بعد گذارش ڪرڻ سهسين سلام، هزارين تحيتن جي، جن جي محبت جي
’ڪڪر‘ جو ’وسڻ‘ اخلاص جي ’باغ‘ کي ’تازگي‘ بخشي- ۽
لکين پدمين ثنائن، جن جي مودت جو ’مينهن‘ اختصاص
جي ’گلبن‘ کي رونق ڏئي، فڪر منور ۽ دل انور تي
ظاهر ٿو ڪري، ته الحمدلله والمنة لہ، جو موچارن
وقتن ۽ سڳورين ساعتن ۾، دوستيءَ جي ’گلزار‘ مان
’سرهيءَ‘ ’هِير‘ لڳڻ سان اميد جي ’مکڙيءَ‘ جو کلڻ
ٿيو، ۽ راحت وارن ’وائن‘ ورڻ سان تَن ۾ نازائيءَ
جو پرتوو پيو:
”مون ڏي قاصدَ آندو خط ’گلَ- پيرهن‘
يا ’صبا‘ آندو ’چمن‘ مان ’پنُ- سمن‘!“
نٿو ڄاڻان ته اهو مُشڪ وسائيندڙ خط، ’بنفشو‘ هو ’سمن‘ جي صفحي
مان اڀريل، يا ’سنبل‘ هو ’گل‘ جي ’ورق‘ ۾ ويڙهيل؟
”معطر ڪيو منهنجو قاصد دماغ،
ڏنائينم خط، پر سو ٻيڙو ’ختن‘:
نه سو خط، تحفو سندو ’باغبان‘،
’بنفشو‘ هو ويڙهيل منجهه سمن!“
ان جي رَسڻ کان وصال جي ’گلشن‘ جو شوق واڌو ٿيو، ۽ دل جي
’مکڙين‘ ۾ وڇوڙي جي ’ڪنڊي‘ چڀيل زياده سور ڪيو.
انشاءالله تعاليٰ، انهيءَ مراد جو ’گلشن‘، ’کلڻ‘ ۽
’شگفتگيءَ‘ ۾ ايندو؛ ۽ انهيءَ آررزو جو ’چمن‘
’سرسبزي ۽ تازگي‘ قبوليندو! جڏهن مدعا فقط دعا
هئي، تڏهين ان تي اڪتفا ٿئي:
”تو مٿي ڪو غبار غمِ وارو،
شال اي ’سروَ‘ نوجوان مَ رسي!
حسن تنهنجي جو هيءُ جو آهه ’بهار‘،
تنهن تي ڪڏهين ’بلا- خزان‘ مَ رسي!
اِي ’بنفشو‘ جو تنهنجو ’خط- سبز‘ آهه،
تنهن مٿي ’رنگ زعفران‘ مَ رسي!“
شوقيو، نو روز جي تلازمي ۾
”منجهه وڇوڙي، جو آئينو نو روز،
دل ۾ تنهن ڪيو سجاڳ تازو سور!
مون کي نو روز جي اچڻ مان ڇا؟
بخت پنهنجي کان جو ٿيس بد روز!“
جڏهين ان دل- افروز جي جدائيءَ ۾ ’رات رات‘ ’روز روز‘ سڀ هڪجهڙا
اٿم، تڏهن غم- اندوز دل کي فصل بهار جي وصل مان
ڪهڙي ’خوشي‘ ۽ ’راحت‘ رسي؟ پاڻان، ان ’شمع شب
افروز‘ کان پري پوڻ سببان پنهنجي بدبختيءَ جو
ڏينهن دراز ٿي ڏسي:
”فصل نو روز جو مٿم آيو،
مون کي تنهنجي فراق ۾ اي ماه-
ڏينهن غم جو وڌي دراز ٿيو،
رات عشرت جي گهٽجي ٿي ڪوتاهه!“
اميد ته هجر جي ’رات‘ مٿي ايندي ۽ وصال جو عشرت اندوز ’ڏينهن‘
’روزبروز‘ وڌندو.
طبع سڳوريءَ جي ملامت جي خوف کان، اشتياق جي ذڪر ۾ طوالت کان
گوشو ڪري، دعا تي اڪتفا ڪئي ويئي. شال عمر مديد، ۽
عزمزيد، ۽ عيش رغيد، ۽ فتح ۽ تائيد، ۽ سعادت جديد
جي شرفن سان، اوهان جو سڀڪو ’سال‘ خوشيءَ سان لڳل،
۽ سڀڪو ’مهينو‘ ۽ ’هفتو‘ ۽ ’رات‘ ۽ ’ڏينهن‘
شادمانيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان ڀريل هجي:
توکي نوروزي جشن هر روز هوءِ،
تنهنجي دل دائم سرور انداوز هوءِ!
رات، رنج غم کان جي سهواً پير پاءِ،
تنهنجي مجلس عيش جي ۾ روز هوءِ.
رات مون تي جا رسِي نو روز جي-
جنهن ۾ مون کان ڌار دل- افروز هوءِ،
روز روشن جو ڪڪر ڪڪرن سوا-
آه سا، ۽ ڏينهن سارو سوز هوءِ!
شوقيو، عيد جي تلازمي ۾
منجهان دل منهنجي، تنهنجو غم، وڃڻ هن عيد ۾ مشڪل، ڀلا هڪ ڏينهن
۾ سالن سندا سَوَ سور ڪيئن ويندا؟
جنهن ’عيد‘ ۾ ’ماهرو‘، ’هلال ابرو‘ جي فراق جي تکي تلوار جي غمن
کان دل آزاد نه هوندي، ۽ يارن جي ’مبارڪباد‘ جي
اميد تي به شاد نه هوندي، تنهن مان ڪهڙي خوشي ۽
فرحت پيشاني پَسائيندي! بلڪ ڪيترائي غم ۽ اندوهه
اُها عيد اچي وڌائيندي:
”ٿي عيد، دل جا درد وڌي پاڻ ٿيا وڏا،
ماتم- مُٺن کي عيد مان ماتم ٻيو ٿئي!“
اميد ته وصال جو ’هلال‘ اتصال جي پاسان سگهو پيدا ٿيندو، او
حسن، جمال، فضل ۽ ڪمال جي آسمان جو ”چنڊ“، ”مبارڪ‘
جي مِهَه تي تشريف فرمائيندو:
”تو سوا ٻي ڪانه اڄهي عيد مون کي اي پرين!
عيد ايءَ آهيم، جو توکي پسان اي ماهه رو.“
زياده، جناب جي طناب کي ’دعا‘ جي تيغ سان وڍڻ اوليٰ سمجهيو ويو-
شال هميشہ تنهنجي خوشيءَ جا سڀ روز نو روز هجن، ۽
تنهنجي سرهائيءَ جي سڀڪا عيد سعيد ۽ فيروز هجي:
”عيد عردم هجيم تنهنجي ڏٺي،
تو بنان عيد پڻ محرم هوءِ!“[1]
(التماس: جڏهين سڀ طرح سان سڀڪنهن جي سڀڪا رٿ پوري ٿيڻ لاچار
آهي، بلڪ اختصار سان ڪنهن به فن جي ڪليات ۽ جزئيات
جو جمع ڪرڻ به دشوار آهي، تڏهن اهو هوَس ڦٽو ڪريو،
باقي رٿيلن نمونن جي ذڪر سان ڪلام جو طول نٿو ڪجي،
۽ بنا کان جيڪو مختصر ڪتاب ڪرڻ جو حڪم آهي، تنهن
کان عدول نٿو ڪجي. فهم ۽ درايت واري لاءِ هيترو
قدر به ڪفايت آهي.)
فصل چوٿون
واجب التعليم قانونن جي بيان ۾
ڪتاب جي اول ۾ به ڪجهه انشاء جا ادب لکيا ويا آهن. انهن کان
سواءِ ڪي قانون، جن جو سکڻ واجب ٿو ڄاڻجي، اختصار
سان هتي به لکجن ٿا ته فائدو عام هجي. انهن قانونن
سکڻ ساڻ به ڪاتب هشيار گهرجي، جو علمن ۽ ادبن ۽
ڪلام جي سهڻي ترڪيب ۽ ڳالهه جي موچاريءَ ترتيب سان
موصوف هجڻ کان سواءِ به، سڀڪنهن فريق جي احوالن کي
ڄاڻندڙ، ۽ سڀڪنهن طبقي جي هڪ- هڪ جي مرتبي کي
سڃانندڙ هجي- تان ”اَنزلِ الناسِ مَنَازِ لَهُمّ“
جي حڪم سان، سڀڪنهن جي حال سان مناسب تعريف کي ادا
ڪري، ۽ عبارت جي گهٽائڻ ۽ وڌائڻ جي جاءِ جي نگاهه
رکي، ته حال جي مقتضا تي ڳالهه برابر اچي، ۽ ڪڏهن
نابليغن، غير فصيحن سان بلاغت ۽ فصاحت جي رسم نه
رکي، ۽ اديبن فضيلت وارن ڏي غير فصيح عبارتون ۽
الفاظ نه لکي- ته ”ڪَلِمُوا الناسِ عَليٰ قَدّر
عَقُوّ لِهِمّ“ جي واٽ جي رعايت به ٿئي، ۽ ڪنهن جي
به شان ۾ گهٽ وڌ وک کڻڻ کان به بچي، ۽ ڪنهن به اهل
ادب جي طعن ۽ ملامت هيٺ به نه اچي- ڀلا اڪ جي ڦلڙي
ڪ ٻٻر جي ٻور کي، جي گل بنائيندا، سي ملامت هيٺ ڇو
نه ايندا!
قانون پهريون: خط جي ابتدا ۾، مضمون سان موافق، الله تعاليٰ جي
ڪنهن به اسم سان تبرڪ ڳولڻ گهرجي- جهڙو عفو جي طلب
۾ ”هُوَالّغَفُور“، ۽ وفات جي خبر ڪ تعزيت ۾
”هُوَالحَي القَيومِ“، ۽ بيمار کي پُڇڻ ۾
”هُوَالشافِي“، يا ان ۾ مڪتوب اليہ جي نالي يا
مرتبن ۽ صفتن جو ملاحظو ڪجي- جهڙو
”هُوَالّمُحّسِنُ“، ”هُوَالّعَزِيز-“ انهن نالن
وارن جي نسبتَ، يا ”هوالعليم“، ”هوالحفيظ“،
”هوالحڪيم“ عالمن ۽ حافظن ۽ حڪيمن ڏي- ۽ اهڙا تصرف
ڪاتب جي ذهن سان تعلق رکن ٿا.
قانون ٻيون: خط جي شروع جي هڪڙي واٽ مُعيّن ٿيل ڪانهي، سڀڪنهن
طبيعت جي گُهر سان، ”ڪُلّ حِزّبِ بِمَا لَدَ
يّهِمّ فَرِحُوّنَ“ جي حڪم سان واٽ ڌُئي آهي، ۽
جدا جدا قسم ڏي ميل رکيو آهي: ڪن مڪتوب اليہ جي
منصب سان مناسب دعا سان، ۽ ڪن محض القابن سان، ۽
ڪن اڃا ٻين طرحن سان شروع ڪرڻ پسند ڪيو آهي- جهڙو،
دعا سين شروع. سيد پاڳاري ڏي- ”مٿانهين قدر واري
نقابت جي مسند ۽ اتانهينءَ عزت وارو!
”سيادت ۽ نجات جو تخت سڳورو، ذات ڪريم الصفات جناب والا خطاب
حضرت شاهه صاحب جي سان سينگاريل ۽ تعظيم ڪيل هجي،
۽ سڳورن ڏينهن ۽ ڀلن ماڻهن جي دلين جيون آرسيون،
ان حضور جي الطافن ۽ اعطافن جي صيقل سان روشن ۽
صاف ٿيلون هجن!“
قانون ٽيون: ڪن وقتن ۾، مڪتوب اليہ جي تعريف جي عنايت ۽ توصيف
جي نهايت کي وصفن ۽ لقبن جي اختصار سان آڻين ٿا،
يا ڪماحقه، وصفن ادا ڪرڻ ۾، عقلن ۽ فهمن جي لاچاري
ڏيکارڻ سان يا ان جي مشهوريءَ تي اڪتفا ڪرڻ ۽
تعريف جي محتاج نه هجڻ سان، يا ڪماليت جي وصفن جي
گهنائي ۽ حساب جي حد ۾ نه اچڻ سان، يا انهن جي ذڪر
۾ پنهنجي عجز ۽ قصور مڃڻ سان- جهڙو:
نهايت مٿانهين ڏي- ”شيرين ادا ناطق زبان کي جناب جي مٿانهين
صفتن مان ڪنهن ڀڻڪي جي بيان ۾ گفتار جي قوت ڪانهي،
۽ فلڪ ماپيندڙ فڪر جي پير کي ان جي سڳورين ساراهن
مان ڪنهن نڪتي جي تحقيق جي واٽ ۾ رفتار جي طاقت
ڪانهي؛ پوءِ بي قوت زبان ڇا ستايش ڪندي ۽ فڪر جي
مَنڊي پير کي ان جي ادا جي ميدان ۾ ڇا مجال رهندي؛
’واٽ ناهس، سو ڪيئن شروع ڪجي‘؟“
يا: ”جناب جي مناقبن جي گهڻائيءَ ۽ مراتبن جي ظهورَ، يا نهايت
مشهوريءَ کان، جڏهين جهان جي پاسن کي گهيريو، ۽
فضيلت ۽ شرف وارن جي زبانن ان جي ڪمال جي هوڪي ۽
جمال جي دٻدٻي سان اورين پرين جي ڪنن کي ڀريو آهي،
تڏهين ان جو ذڪر ڪرڻ- جو تحصيلُ حاصلَ جو آهي-
لائق نٿو ڄاڻي.“؛
يا: ”جناب جي ذات فائض البرڪات جون برڪتون ۽ موچاريون صفتون
ايڏي مرتبي آهن، جو عبارتن جي واسطي ۽ استعارن جي
وسيلي سان، ان جي ادا ڪرڻ جي حرم جي آسپاس ڦرڻ به
مشڪل ۽ لاچار، سو اُن جي ٿوري حصي مان ٿوري حصي جو
پورو بيان ڪرڻ ته نهايت دشوار آهي.“
يا: ”جڏهين روشن ضمير وارا فاصل ۽ اگس تدبير وارا عاقل، جناب جي
وصفن جي بيان ۾، عجز کي تقصير جو وسيلو ڪن ٿا،
تڏهين ٻانهو همت جي فتور ۽ فهم جي قصور سان ان ۾
خوض ڪرڻ لائق نٿو ڄاڻي.“- عليٰ هٰذالقياس.
بلاغت وارا اِن ”افتتاح مقبول“ چون ٿا: پر خاص مٿانهين مرتبي
وارن کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڏي لکڻ ۾ نه ايندو؛ جي
لکبو ته عيب ٿيندو.
قانون چوٿون: ڪڏهين، سلامن ۽ تحيتن کان پوءِ، اختصاص جي صفت ۽
اخلاص جي صور کي مڪتوب اِليہ جي روشن دل جي آئيني
تي جلوو ڏياريو، ان جي چٽائيءَ ۽ بيان ۾ خوض نه
ڪريو، ڳالهه مختصر بنايو، مطلب شروع ڪن ٿا: ۽
انهيءَ لطافت واريءَ شروع کي ”احوال جو سپارڻ“ چون
ٿا، ۽ گهڻو پسند رکن ٿا- ۽ ڪڏهين، مڪانن جي
پراهينءَ ۽ جسم جي ويڇي کي قلبي ويجهڙائيءَ ۽
روحاني گڏجڻ جو منع نه ڪندڙ ڏيکاريو، مڪتوب اليہ
کي حقيقت ۾ حاضر ڄاڻيو، شوق جي بيان سان شروع نه
ڪريو، مطلب لکن ٿا: ۽ انهي موچاريءَ ۽ دلپسند
ترتيب کي ”قرب معنويءَ سان شروع“ چون ٿا- ڪڏهين،
مڪتوب اِليہ جي ذڪر ۽ يادگيريءَ جي هميشگي ثابت
ڪريو، اُن مان ”مَنّ اَحَبّ شَياً اَڪثَرَ
ذِڪّرَه“ موجب محبت جي گهڻائيءَ جو دليل وٺيو،
مطلب ڏي ورن ٿا، علم ۽ فضيلت وارا ان کي گهڻو پسند
رکن ٿا- انهن چئني نمونن جا مثال، ڳوليندڙن کي، هن
انشاء مان به ڪي هٿ ايندا.
قانون پنجون: شوق جو ذڪر، دوستن ۽ هڪجيڏن جي خطن ۾ جهڙي مناسبت
رکي ٿو، تهڙي ٻئي ڪنهن قسم ۾ نه اٿس ۽ اهو مضمون،
ڪڏهن اشتياق جي بيان ڪرڻ، ڪڏهن فراق جي ذڪر عيان
ڪرڻ سان ٿئي ٿو- پر اهڙيءَ طرح، جو منجهانئس گڏجڻ
جي آرزوءَ جي بوءِ اچي، ۽ ملاقات جي دعا ڪ انهيءَ
مثال ڪنهن فقري تي ڳالهه پوري ٿئي- ۽ اشتياق جي
بيان ۾ عجز ظاهر ڪرڻ، ۽ فراق جي ذڪر ۾ زمانن جا
ڏاڍائيءَ ۽ ڏکن جي گهڻائي ۽ محنت جي آزار جي
ججهائيءَ جو مذڪور آڻڻ، موچارين مان آهي؛ ان کان
پوءِ دعا جو لکڻ به ضرور آهي.
قانون ڇهون: سڀڪنهن قسم جي خطن جي اخير ۾، دعا کان اڳي، مضمون
جي ڊگهي ڪرڻ ۽ دعا جِي بِنا ٻڌڻ کان عذر ظاهر ڪرڻ
کي پورائيءَ جي موچارين مان ڳڻيو اٿن، پوءِ يا
اختصار ۽ دعا ٻيئي هجن، يا اختصار، جو دعا ڏي به
اشارو ڪري.
قانون ستون: گهڻو ڪري ڪاتب جو نالو، چئن جاين مان هڪڙيءَ ۾ ذڪر
ٿئي ٿو: اول، القابن کان پوءِ-
جهڙو ”نيازمند (يا دعاگو) فلاڻو هن طرح عرض رکي
ٿو“- اهو وڏن ڏي عريضن ۾ زور مناسب آهي؛ ٻيون
پڇاڙيءَ واريءَ سٽ هيٺان، پر نياز ۽ هيٺانهينءَ
سان- جهڙو ”ٻانهو“ يا ”دعا ڪندڙ“ يا ”محبت“ يا
”مخلص“ (فلاڻو)- ايءَ صورت به شرف وارن ڏي مڪتوبن
لکڻ ۾ پوري مناسبت رکي ٿي؛ ٽيون، خط جي ڪنار تي
ساڄي پاسي کان، ۽ اهو محبت ۽ ياريءَ، شوق ۽
هواداريءَ جي صفت سان گڏ گهرجي- جهڙو ”محب مشتاق“
يا ”مخلص هوا- خواهه“ (فلاڻو)- اها صورت دوستن ۽
هڪجيڏن ۾ لائق ٿئي ٿي؛ چوٿون، خط جي پٺ تي، ۽ ان ۾
نهايت ادب جي رعايت آهي، توڻي ڪاغذ جي کٻي پاسي
لکڻ به نوڙت کي نزديڪ آهي. ۽ اتي به ڪاتب جي حال
مناسب، نالي سان گڏ ڪا وصف لکڻ گهرجي- هي سڀ تڏهين
آهي، جڏهين ڪاغذ هڪ طرفو لکيل هوندو ۽ پلاند
(ڪنارا) به صاف هوندس.
قانون اٺون: ڪاغذ جي پڇاڙيءَ ۾، تاريخ، مهني، ورهه ۽ جنهن هنڌان
لکيو، تنهن مڪان جو ذڪر آڻڻ هميشہ وڻيل ۽ تاڪيد
ڪيل آهي، ۽ ان جي ڇڏڻ سان ڪيترا فائدا تلف ٿين ٿا.
قانون نائون: جوابي خطن ۾، الله تعاليٰ جي ڪنهن اسم سان تبرڪ
ڳولڻ- جهڙوڪ ”هُوالمُجِيّبِ“، يا ”وهُومُنزل
اُلّڪتابِ“، يا ”وَهُو الذي اَنزَلَ الڪِتابَ“- ۽
پوءِ خط پهچڻ جي ذڪر ۾ ڪو بيت لکڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن
خط جي پهچ جي ذڪر لکڻ وقت، ڪو بيت مناسب لکبو ته
به پسند ٿيندو.
قانون ڏهون: خط جي پهچ لکڻ ۾، پهرين مڪتوب اِليہ جي حال مناسب
تعريف جا ڪلما آڻي، پوءِ خط جي جُزيِي يعنِي
اجمالي وصف يا ڪلي تعريف لکڻ گهرجي- جهڙو:
”ان جناب، جلالت مان جو والا خطاب، لازم الاتباع، ۽ سڳورو ڪتاب،
واجب الاستماع خاطر، خطابن جي التفات سان
سينگاريل، ۽ ضمير منير جي اهتمام سان سنواريل
رسيو، ۽ ٻيهر جان کي تازو ڪيائين.“
يا: ”ان محبوب القلوب جو مڪتوب، محبن جو مرغوب، باغ جي هير
وانگر دل گُهلائيندڙ، ۽ دوستن جي وصال وانگر خوشي
وڌائيندڙ، برڪت وارن وقتن ۾ وارد ٿيو“؛
يا: ”ان پياري، وفا واري جي گوهربار قلمن جي قطرن جا آثار، ۽
دُر نثار ڪلام جي برڪتن جا انوار، التفات ۽ انعام
جي جنسن تي مشتمل، مبارڪ ساعت ۽ سڳوري وقت ۾ رسيا،
ساهه جي اک کي روشني بخشيائون.
قانون يارهون: جڏهن مڪتوب جي تعريف، حقيقت ۾ ڪاتب جي تعريف آهي،
تڏهن ان ۾ جيترو مبالغو ڪبو، ته تعظيم جو اثر زور
ظاهر ٿيندو ۽ اها تعريف ڪڏهين اکرن جي سهڻيءَ صورت
جي، ڪڏهين ترڪيب جي لطافت جي ٿئي ٿي، ۽ ڪڏهن لفظن
جي سلامت، فصاحت ۽ بلاغت جي رعايت جِي. ۽ اها
اميرن ڏي جوابن ۾ لائق نٿي ٿئي ڇو جو ان جي ڪاتب ۽
منشيءَ ڏي موٽندڙ آهي، باقي دوستن جي خطن ۾ ڪمال
مناسبت اٿس- جهڙو:
”مقصدن جي دفتر جو عنوان، ۽ مرادن جي حصول جو نشان، يعني خط
فرحت نمط- جنهن جا اکر سهڻن جي ڪاڪلن جيئن مسلسل
پُر دلڪشا، ۽ لفظ آب حيات وانگر سياهيءَ ۽ ظلمت ۾،
پُر روشن ۽ جانفرا هئا- موچارين ساعتن ۽ سڳورن
وقتن ۾، اکين جي نُور ۽ سيني جي سرور جو سبب ٿيو“؛
يا: ”ان دلارام، فرخنده فرجام جو ڪلام مبارڪ پيام، ۽ پيام سعادت
انجام، جنهن جو لفظ لفظ صبح جي وقت جيئن معنائن جي
سج اڀرڻ کي بغل ۾ رکندڙ ۽ حرف حرف سحور جي هِر
جيئن راحت ۽ ڪامرانيءَ جي هُڳاءُ اٿيڻ کي ڪڇ ۾
ڪندڙ هو، اوچتيءَ نعمت ۽ بي گمانيءَ لذت وانگر
ظاهر ٿيو“؛
يا: ”ڪامرانيءَ جي سببن جي موافق ٿيڻ جو مجموعو ۽ شادمانيءَ جي
اثرن جي ٻيلهه ٻڌڻ جو ديباچو، يعني نوازش نامو،
عنبر شمامو، جنهن جي روشن اڇائي، ڪرامت جي
سُونگيءَ مان موتيءَ جي جهلڪ جيئن جرڪندڙ هئي، ۽
لفظن جي روشنائي بلاغت جي برج مان سج جي شعاع جيئن
چمڪندڙ- موچاري التفات جو پرتوو پائيندڙ ٿيو، ۽
دوستن جي اکين جي روشنائي وڌائيندڙ“؛
يا: ”مڪتوب مرغوب، جنهن جي لفظن جي ابتدا ۾ ڪامل فصاحت جا اثر
پيدا، ۽ ڪلمن جي انتها مان بلاغت جا نُور هويدا
هئا، موچارن وقتن ۽ سڳورين ساعتن ۾ رنجورن جي
هيڪلائيءَ جو ورونهيندڙ ۽ مهجورن کي جدائيءَ ۾ ڏڍ
ڏيندڙ ٿيو“؛
يا: ”سڳورو ڪتاب، محبت جو خطاب، جنهن جي اڇائي آفتاب عالمتاب جي
شعاع وانگر نُور بخشيندڙ ۽ جهان سينگاريندڙ؛ ۽
ڪارائي، مشڪين نقاب، رات جي حجاب وانگر آرام
ڏيندڙ، ۽ خوشي وڌائيندڙ؛ بلڪ اک جي ڪارائي ان جي
اڇائيءَ ۾ حيران، ۽ دوڏي جي اڇائي ان جي ڪرائيءَ
ڏي نگران- مقصدن ۽ معنائن جي اکين لاءِ ’ڪحل
الجواهر‘ سنديس ڪارائي، ۽ مطلبن ۽ اميدن جي منهن
لاءِ پيشانيءَ جي روشني سنديس اڇائي: سندس سڀڪو
حرف هنرگستريءَ جي صفحي تي نقش دل آرا، ڪ سندس
اکر، سهڻن جي خال جي نقطي وانگر مشڪين، ۽ نقطا،
شَڪر- لبن جي لعلن وانگر نهايت شيرين، ان جي
عبارتن وچان سحر هلال پيدا، ۽ موچارين اشارتن ۾
بشارتون هويدا، دل آويزن لفظن جي سلاست کان،
داناءَ عقل کي تعجب جي آڱر جو مٿو ڏندن ۾، ۽
حيراني ۽ لطف آميزن ڪلمن جي ميٺاج کان، پري پسندڙ
فڪر کي تحيّر جي وادين ۾ سرگرداني آهي- آب حيات
وانگر ساهه بخشيندڙ ۽ هميشگيءَ جي عمر جي لذت
ڏيندڙ ٿيو.“
قانون ٻارهون:
وڏن جي مڪتوب جي تعظيم ڪرڻ واجب آهي، ۽ هڪجيڏن جي
خطن جي مناسب ۽ ان جي جاءِ مڪتوب جي تعريف کان
پوءِ چون ٿا- جهڙو:
”طاقت جي اندازي ۽ قدرت جي مقدار موجب خدمت جا لوازم ۽ عبوديت
جا مراسم پيش ڪري عجز ۽ نياز جي هٿن ۾ جهلي، فخر ۽
مَرَڪ جي چوٽيءَ تي رکيائين، ۽ اکين کي چُمائي،
بغل ۾ وٺي، جان جي آرسيءَ کي روشن ڪيائين؛“
يا: ”ان احسان جي فرمان ۽ سعادت جي نشان کي فخر جي ٻانهن جي قوت
جو تعويذ، ۽ عزت جي چوٽيءَ جو ڇٽ ڪيائين“؛
يا: ”ان جي ورود سان ’اِنِي اُلقِي اِلي ڪتابُ ڪريمّ، پڙهيو
ويو، ۽ ’الحمدلله الذي انزل عليٰ عبده الڪتاب‘ دل
جي زبان تي جاري ٿيو. ان جي اچڻ تان ساهنجو نقد
گهورجي، يا دلين جي موڙي پيشڪش ڪجي ته به تعظيم
اعليٰ اٿس؛“
يا: ’ان ڪتاب ڪريم ۽ خطاب عظيم جي ورود ۾، تڪريم جي دقيقن مان
ڪو دقيقو ۽ تعظيم جي وظيفن سانڪو وظيفو، ري رعايت،
نه ڇڏيو ويو‘[2]
يا: ”ان جي اڇائيءَ ۽ ڪارائيءَ کي، اکين جي اڇائيءَ ۽ ڪارائيءَ
تي مهٽي، ان جي ورود مسعود سان ’نصف الملاقات‘ جو
مقصود حاصل ڪيائين؛“
يا: ”ان مبارڪ خط جي ڪارائي ’ڪحل الجواهر‘ سمجهي، ساهه جي اک جي
روشنائي حاصل ڪيائين، ۽ ان جي اڇائيءَ کي جهان تاب
آفتاب خيال ڪري، اخلاص واري دل روشن رکيائين.“
قانون تيرهون: مڪتوب جي تعريف ۽ عظيم ڪڏهن اهڙيءَ طرز سان ڪن
ٿا، جنهن ۾ ان جي اچڻ سان صوري ۽ معنوي فائدا بيان
ٿين ٿا. ايءَ به وڏن جي نسبت مخصوص آهي، ۽ هڪجيڏن
جي وچ ۾ به لائق ٿئي ٿي- جهڙو:
”ان ڪامگاريءَ جي صبح جو طلوع ۽ ان بختياريءَ جي نُور جو ظهور،
قديمي چاڪرن جي نالي وڌڻ ۽ مٿانهين مرتبي ٿيڻ جو
سبب ٿيو؛“
يا: ”قلم فيض رقم جا نوازش فرمائي، سا سرافرازيءَ جي مرتبن جو
سبب، ۽ سعادت ۽ ڪارسازيءَ جو وسيلو ٿي؛“
يا ”ان عالي خطاب جي ڪڪر جي قطرن کان جي ارادت جي چائنٺ جي خاڪ
نشين جي دل جي زمين تي نازل ٿيا- مرادن جا نهال،
سعادت ۽ اقبال جي پنن سان سينگارجي ويا؛“
يا: ”پَسڻ جو نُور، جو جدائيءَ جي ڏينهن جي سِتّ کان، ’ظُلمات
بعضها فَوقَ بعض‘ جي پردي ۾ لڪل هو، ان نوراني
ڪتاب جي شعاع جي پرتوي کان- جنهن جي صفت ’يَڪادُ
سَنَا بَرقہ يَذهب بِاالابصار‘ هئي- ’نُورُ علي
نُورُ‘ جي وصف کي رسيو“؛[3]
يا، ”اميدن جي وڻ ۽ حياتيءَ جي نهال تي جيڪو جدائيءَ جي وهمن جي
گرم وائن لڳڻ کان سڪڻ ۽ ڪومائجڻ تي هو، سو خضر
خاصيت قلم جي قطرن سان دفع ٿي ويو، ۽ ٻيهر تازگي
حاصل ٿيس“،
يا: قِسما قِسم الطافن اعطافن سببان- جي ڪمال مهربانيءَ کان، ان
معنائن جي جواهرن جي سونگيءَ ۾ درج هيون- فخر جو
مٿو، آسمان جي اوج کان مٿي لنگهايان ٿو.“
قانون چوڏهون: لازم آهي ته خط جو مقابلو ”دعا“ يا ’عذر‘ سان
ڪجي- جهڙو:
وڏن ڏي- ”ذره پروريءَ جي قِسمن ۽ مرحمت گستريءَ جي فنن جو، عرش
پهچندڙن دعائن ۽ جهان مليندڙ ثنائن سان مقابلو ڪجي
ٿو“، يا ”هڪ- هڪ حرفَ مقابل، هزار خدمت ۽ دعا، ۽
هڪ- هڪ ڪلمي برابر، سؤ هزار مدح ۽ ثنا جِي روز شب
سان مهمات ڪري ٿو،“ يا، قديمي خادم کي انهن لطفن
سان سرفراز فرمايو اٿوَ، جي تقرير جي گهيري ۽
تحرير جي حد کان خارج آهن، پوءِ ان بنده نوازين جي
شڪر جي ذڪر کان قلم جي زبان ڪيئن نه قاصر هجي، ۽
چاڪر پروريءَ جي ذڪر جي شڪر ۾ زبان جو قلم ڪيئن نه
عاجز رهي!“
هڪجيڏي ڏي- ”ادب جي موچارائيءَ، ان مخلص نوازيءَ جي برابريءَ ۾-
دعا جي وظيفن ۽ مدح ثنا جي روايتن ڌاران- رحمت نه
ڏني“؛ يا: ”ان لطف عميم جي عيوض، قادر ڪريم اوهان
تي لطف عظيم فرمائي“، يا: ”آڳاٽن دلي دوستن جو
احوال پڇڻ ۽ قديمن خيرخواهن جي يادگيري ڪرڻ، تو
مخلص نواز جي موچارن اخلاقن کان عجيب نه آهي، ۽
راقم آثم کان، محض اخلاص جي دعائن سواءِ هڪ حرف جو
شڪريو ادا ٿيو نٿو سگهي.“
قانون پندرهون: ڪڏهن مڪتوب جي مضمون مان صحت، سلامت ۽ ڪاتب جي
احوال جي سعادت سمجهي، مڪتب اليہ بدران شڪر ادا
ڪجي ٿو- جهڙو:
وڏي ڏي- ”جناب جي سلامتيءَ جي دليلن جي گهڻائيءَ ۽ مٿانهن مرتبن
جي پڌرائيءَ تي؛ الاهي شڪر ۽ حضور جي ثنا دمادم
نيازمندن تي واجب آهي“، يا: ”ان عالي خطاب جو
مضمون پروڙ ۾ آيو، ته سبحاني فيض جا اثر، مرادن جي
صفحن تي پڌرا، ۽ رباني فضل جا نور، اقبال ۽
ڪامرانيءَ جي پيشانيءَ تي پيدا آهن، تڏهن الاهي
شڪر جو سجدو بجا آندو ويو.
هڪجيڏي ڏي- ”دوستن جي صحت ۽ سُرور ۽ جمعيت ۽ حضور جو احوال
معلوم ڪري، حمد جون رسمون ۽ شڪر جا لوازم مهند ڪيا
ويا“، يا: ”خط جو مضمون، بشارت جي نوهن تي مشتمل ۽
سعادت جي قسمن تي متڪفل هو، تنهن جي مطالبي، ۽ ان
تي اطلاع سبب، بالغدو والاصال حضرت ذوالجلال جو
حمد لاڳيتو آهي.“
قانون سورهون: مڪتوب جي جواب کان عاجزيءَ جو اظهار، پهرئين
ڪاتبَ جي تعريفَ تمام آهي، ۽ انهيءَ جوابي مڪتوب ۾
اول عجز جو بيان لکي، دعا تي اختصار ڪري، سگهوئي
احوال جي بيان تي اچڻ گهرجي ۽ عجز کي مڪتوب جي
پڇاڙيءَ ۾ آڻڻ به جُڳائيندڙ ٿو ٿئي- مثلاً:
”فضل ۽ ڪرم جا جواهر، جي سعادت رقم قلم جي واسطي سان، اظهار جي
هار ۽ اشتهار جي قطار ۾ پوتل هئا، ان جي برابر ۾،
بي مقدار ٺڪر ۽ اعتبار جي درجي کان ڪِريل ڪوڏيءَ
کي، جواب ڏيڻَ جي طبق تي رکڻ، عين جُهل ۽ محض بي
ادبي آهي“، يا: ”قلم کي، ان عالي خطاب جي مقابلي ۾
عجز جي مقام کان چُرڻ جي مجال ڪانهي ۽ خط کي ان
سڳورائيءَ جي ڪتاب جي برابريءَ ۾، دعا جي وظيفي
سان ويڙهجڻ ڪونهي.“
اهڙيءَ طرح ٻيا قانون گهڻا آهن، پر دانشمندن ڪاتبن کي ڪابه حاجت
نه آهي، ۽ سکندڙن لاءِ هيتري ۾ ڪفايت آهي.
ضروري التماس گوهريُن، قياس انصاف وارن،۽ جوهر شناس سيني صاف
وارن کان توقع ۽ طمع آهي ته هن ناقص تي- جو نه
ڪنهن جڳ ۾ آهي نه ڪنهن وڳ ۾- غير نظر رکِي، هن
انشاء جي مضموننن کي بي مقدار ۽ بي اعتبار سمجهي،
ان تي عيبجوئي نه فرمائيندا، بلڪ پنهنجي سڳوري شان
ڏي ڏسي، جناب حيدر ڪرار (ڪرم الله وجهہ و رضِي
الله عنہ) جي قول ”اُنظِر اِليٰ مَا قال، وَلاَ
تنظُر اِليٰ مَن قال“- يعني ’تنهن ڏي نهار، جيڪي
چيائين، ۽ تنهن ڏي مَ نه نهار، جنهن چيو‘- کي اکين
آڏو رکي، ڀُل چڪ ٿيل تي اصلاح ڏيندا، ته الله
تعاليٰ ان جو اجر ڪين وڃائيندو، ۽ ٻئي جي عيب
ڍڪيندڙ جو عيب ڌڻي تعاليٰ پاڻ ڍڪائيندو.
دعوا نٿو ڪريان ته منجهس ڪا غلطي ڪانهي، جو آءٌ خود غلط آهيان.
خداوند تعالي جل و عليٰ ۽ رسولِ ﷺ کان سواءِ، ڪنهن
جو ڪلام سهوَ کان خالي نه آهي- جو آءٌ پاڻ
ساراهيان!
ٻيو ته اڪثر هَنڌن، پهرين مسودو يا رڳو خيال ٿيل به ڪونه هو. ري
خيال، جيئن قلم وهيو، تيئن ڪاپيءَ تي لکيل آهي،
وقت جي تنگيءَ ۽ مقصد جي جلد حاصل ٿيڻ سببان اهو
ڪم ٿيل آهي. سنڌي زبان ۾، هن طرز جي انشاء جو هي
پهريون نمونو آهي، تنهن ۾ ڪلام جي زينت ۽ ذوق
وڌائڻ لاءِ عربي ۽ فارسي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن،
ڇو جو سنڌي زبان اهڙي سولي نه آهي، جنهن ۾ انهن
ڌاران ڪا زينت ٿيندي، يا منجهانئس لذت ايندي، جي
رڳو سنڌي لفظن جو آڻڻ پاڻ تي لازم ڪبو، ته ڏکي ۽
هندوڪي ٻولي ٿيندي- بلڪ انهن جي آڻڻ سواءِ تڏهن به
نه سرندي، ڇو جو اهڙي آسان ٻولي نه آهي، جا انهن
کان بيپرواهي بخشيندي. ڪيتري درد سري ڪبي ته به
لفظ، غرض ۽ عرض، دعا سلام ۽ ٻين هزارن لفطن جو
سنڌي ترجمو هٿ به نه ايندو- جي ڪنهن جو ٿي هٿ آيو،
ته سڀڪنهن کي پروڙڻ مشڪل ٿيندو، جهڙوڪ ”تحقيق“ جو
ترجمو ”سوڏيتا“ يا عام طور استعمال ۾ نه هوندو،
جهڙو ”ڌوٻيءَ جي معنيٰ ۾ ”نِيون“، ۽ ”قلعيءَ“ جي
معنيٰ ۾ ”ٽُئو“، ۽ اهڙا ٻيا. سو، جيڪو اها سَڌ
ڪندو ته صاف سنڌي ڪو ڪتاب لکان يا هميشہ ڳالهايان،
ته تنهن ۾ تڪليف ۽ ڪوشش ڪرڻ بيفائدي اٿس. جيڪڏهن
عوام آدمي هن انشاء جا مضمون نه سمجهندا، ته ان جي
نه سمجهڻ جي ڪهڙي پرواهه- جو هن انشاء جي لکڻ مان
عرض رنگين عبارت آهي، سا عوام سمجهائڻ کان سواءِ
ڪٿان سمجهي سگهندا! سراسري مضمونَ سَوَ هزار پيا
لکن ۽ انهن ۾ هن کان اڳ ٻه انشائون چپيلون به ٿيون
ڏسجن، تنهنڪري سليس عبارت جي سيکارڻ جو ضرور به نه
آهي، ۽ اڳ حاصل ٿيل جو حاصل ڪرائڻ منظور به نه
آهي.
ٻيون، ته انشاء جو فن اهڙو نه آهي، جو استاد جي سيکارڻ کان
سواءِ، ڪنهن عقل يا علم جي زور تي ڪنهن کي برابر
اچي سگهي. فارس، عرب ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو سڀيئي،
جاسين تائين استاد کان تعليم نٿا وٺن، تاسين تائين
پنهنجي ملڪ جي زبان ۾ ٺهيلن انشائن مان پورو مطلب
نٿا سمجهن. اهو خيال ڪنهن جو نٿو ٺهي ته جنهن
ٻوليءَ ۾ عبارت شناسي ٿيُس، تنهن ۾، جنهن فن جو
ڪتاب هوندو تنهن مان احسان ڌاران، مڙيئي مطلب
سمجهي سگهندو- ڪنهن کي اها دعويٰ هرگز نه رسندي.
”هر آن کاري کہ بي استاد باشد،
يقين داني کہ بي بنياد باشد!“
تنهن ۾، سڀڪنهن فائدي وٺندڙ تي لازم آهي ته هن انشاء جا مضمون
سبق سبق ڪري استاد وٽان پڙهن- ته متان، پنهنجي بي
سمجهيءَ کان، پاڻ کي ڏوهه نه ڏيئي ٺلها سکڻا
اعتراض پيا ڪن:
”نه ڀؤ بي سمجهه جي باتين جو هرگز،
ڪري پڌري جو پنهنجي ناقصائِي،
انڌو چمڙو اهو چئبو جو بلڪل،
پسي ٿو ڪين سورج جي سهائِي!“
الحمدلله! جو سڳوري وقت، مهيني ذوالحج جي پهرئين ڏهي ۾، سال
1312هجريءَ ۾، هي ڪتاب لاجواب ”هدايت الانشاء“
ٺهي، سراپا گناهه ٻانهي هدايت الله، تخلص ”مشتاق“
جي قلم ساده رقم سان لکجي، شائقين جي خدمت ۾ هديو
ٿيو!
تاريخ ”هدايت الانشاء“ جي پوري ٿيڻ جِي، مصنف جي جوڙيل
”آهه هيءَ ’مشتاق‘ جي انشا عجيب“- 1312
”اهل انشا جي جو فخر آهي بجا“- 1312
”سنڌ جو سينگار انشا نقش نو“- 1312
ناهي انهيءَ ۾ ڪو مُنهن دعوا وَڌا.
جو ڏسي، وه ”خط فرحت جا“ چوي،- 1312
”وه جا ان جي طرز زيبا خوش نما“.- 1312
”اڄ ادا، ڪُل جو وڌائي ذوق شوق“،- 1312
”عشق وارن ڪاڻ تحفو بي بها“.- 1312
ڇو نه عاشق چوءِ ”تسلية الفراق“،- 1312
”سڪ جي سِڪيَن جو نسخو دلڪشا“.- 1312
سچ سخن منهنجي ۾ ناهي ڪا ”ڪَچي“،- (33)
”عاشقي معشوق ڪِي لاڪس روا“. 1345- (33)-12
واه جا تاريخ تنهنجي دل چئِي:
”ڏڍ ڏَڌل جا شوقيا ’مشتاق‘ جا“!- 1312
ٻي تاريخ
آهه اڄ انشا جو تازو ٿيو بهار،
خوب خطن جا کليا گلزار گل،
چؤ چمن بندي ڪري، ’مشتاق‘: ”واه“- (12)
”زيب جي دامن جا خوشبودار گل!“- (1300+12)-1312
تقريظ
موتين جيئن اڇلايل قلم، جواهر رقم. جناب مستطاب ميان محمد صلاح
الدين صاحب، فرزند جناب قاضي حاجي احمد صاحب
پينشنر مٽارين جي رهندڙ جي جِي، هن ڪتاب ”هدايت
انشاء“
سنڌيءَ تي
قادر ڪريم جل جلالہ جي قويءَ قدرت تان ڪوڙين ڀتين قربان ٿيان،
جنهن پنهنجي ڪمال ڪرم ۽ عين عنايت سان، علم جي
عمديءَ ميوات جو ٻج، انسان جي قلب جي زمين ۾ چئبو،
۽ ان علم جي باغات کي عقل جي پاڻيءَ سان ريج ڏيئي
اُڀاريو، ۽ سرسبز ڪيو؛ بلڪ ان مان ڪن زمينن کي،
انساني تيز خيالات جي عمدي ڄم سان ڀرپور ڪري، ويتر
واڌو ۽ ڀليءَ ڀت رکيو. اهڙين ڀلاين ڪري ڪهڙي طاقت
انسان کي، جو اهڙي واجب الحمد موليٰ سائينءَ جي
ڪرم بخشيءَ به بنده نوازيءَ جو شڪريو، زبان جي زور
خواه قلم جي قدرت تي ڀروسو آڻي، ڪماحقہ، ادا ڪري
سگهي؟ ۽ ڇو نه راتو ڏينهان، حضرت محمد مصطفيٰ احمد
مجتبيٰ عليہ و عليٰ آلہ و صحبہ الصواة والسلام تي
لَکين لَک صلواتن ۽ سلامن چوڻ سان رطب اللسان
رهجي؟ جنهن نئين نوع سان دين اسلام جي ’هدايت‘
’انشاء‘ ڪري، قديمي ديني هدايتن کان بديعن، حڪمتن
۽ بليغن نڪتن ڪري ساري کٽِي، ۽ خدائي حڪم ۽ مرضيءَ
پٽاندر، ڪل دينن کانسندس دين متين گوءِ کڻي، شهرهء
آفاق ٿيو- ۽ انهيءَ ئي هدايت، انسان کيمٿي چَيَلن
سندس تيز خيالات جي ڄم جا قسم جدا ڪري ڏيکاريا، ۽
ان ڄَمَ جو ڪهڙو قسم، ڪيئن، ڪيترو ۽ ڪهڙن شرطن سان
انساني طبع جي باغات ۾ ڪم آڻجي، سو نروار ڪري
ڏيکاريائين- جنهن جي سببان، خاص ڪري اسلامي ذهني
باغ، غير خيالات ۽ مخالف اختيارات کان گوشي گير
ٿي، مفيد ثمرات سان خوب طرح مثمر ٿي، عتابي خواه
عتابي مَهلي کان بچي پيو! ۽ لک ڀَلايون ۽ ڀال
محبوب ڪريم جي اصحاب ۽ آل جا، جن پنهنجي جسمي باغ
جي بَنَتَ کي ٻين به سڀني مسلمانن لاءِ هڪڙو عجيب
نمونو بنائي، ان مان مفيد نتيجا مزيدار ميوا
ڪڍائي، مڙني کي پنهنجي پنهنجي باغ سڌارڻ لاءِ وڌيڪ
رشڪ ڏياري همتايو! پر، هن آزادگيءَ جي زباني جي
زور، ۽ بي قيد دورنگيءَ دنيا جي دؤر ايڏو ڏڦير
وجهي ڏنو آهي، جو گهڻن جا مذهبي خيال، غير گاڏر
ٿي، دنيوي ڌنڌن جي مضمونن ۾ هڪٻئي کان سرسي کڻڻ
لاءِ پنهنجي ديني نفعات کان دست بردار ٿي رهيا
آهن، ۽ جنهن کي جو ٻج خواهه ڄم هِنئين ۾ هِچي ٿو
اچي، سو مذهبي ظاهري بندش ۽ هٿ- ڏس وارو نه ڏسي،
بيخوف، پنهنجي دل جي ڌرتيءَ ۾ اُهو وجهي ٿو، ۽
آخرين اُپت ۽ نتيجي جي نفعي نقصان کان پاڻ کي
پاڻيهي بيخبر بنائي ٿو، ان ڪري اگرچ ايترو آهي، ته
بالفعل، انهن لاءِ هر طرح جي آزادي، ۽ هر طرف جي
خيال ڊوڙائڻ لاءِ ڪشادو ميدان منهن ٿو چڙهي،
جنهنڪري اڳئين وقت جا قابل شاعر ۽ مصنف ۽ انشاء
برداز جيڪي هر قسم جي خيالن جا خاڪا ڇڏي ويا آهِن،
تن تي نقش نگارن جي چٽسالي ڪري ساڳين نمونن کي
ڪشادو ڪري، نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڏيکاري ٿو سگهجي،
جنهن لاءِ گهڻن انسانن جون گهڻيون عمرون پوريون ٿي
وييون، ته اڃا اها الٽ پلٽ نه پوري ٿيڻ جي، ۽ بي
انتها آهي- هر گهڙيءَ اهڙا تازا تر دل تي ويهن ٿا.
پر تڏهين به، بيحد لائق ۽ نهايت فائق چئي سگهبا اهي ماڻهو، جن
اسلامي جائز رکيلن ۽ فقط ڪن مختصر منتخب خاڪن کي
پنهنجي حد ادب جي اندر وڌائي، هڪڙي عجيب نموني جو
نقش بنائي ڏيکاريو هوندو: اڄڪلهه جيڪڏهن انشاء
بنائي ڏيکاريو هوندو: اڄڪلهه جيڪڏهن انشاء پر دازن
جي تعريف ڪرڻي هجي، ته ڀلي ته اهڙن جي ڪجي، جن
لاءِ شايان شان ته بدرجه اوليٰ آهي، بلڪ ضروري کڻي
ڄاڻجي، ته به بجا آهي!
اهڙو هڪڙو مثال، اڄ هڪڙي معزز لائق، مڪرم فائق، انشاء پرداز بي
عديل، ڪريم المثيل، جناب قاضي حاجي محمد هدايت
الله صاحب، تخلص ”مشتاق“، ساڪن مٽيارن جي جو،
انهيءَ شائستہ نوع ۽ قابلَ تعريف رمز جو ڏسجي ٿو،
ته عبرت ٿي وٺي سندس قابليت مخزون، ۽ اهليت مڪنون
کان جا پنهنجي ”رسالا سرتاج انشاء“[4]
مسميٰ هدايت الانشاء ۾ رکي ڏيکاري اٿس! اهو ڪتاب
جهڙو آهي علم ”انشاء- جو داد بخش“، تهڙي آهي خطن
جي نمونن سکندڙن لاءِ منجهس علم ’انشاء- جي
مشاورت‘ ۽ مصلحت. ’انشاء جا نادر گفتا‘ هن ڪتاب ۾
ايترا ڪَٺا ڪيل آهن، جو ٻيون سڀ انشائون ڇڏي،
”نسخه مدار انشاء‘ کڻي سڏجيس ته بيشڪ جڳائي. ڀلي
ته ٻين انشائن جي مصنفن پنهنجي جوڙيلن ڪتابن کي
عام فائدي پهچائن جي مدنظر تي، ”نسخه انشاء مفيد
عام‘ نالو ڏيئي، کڻي تُحفي طريق ڪنهن يار دوست ڏي
موڪليو هجي، ته به هِن ”تحقيقات هدايت“ جهڙي ”بي
بها ارمغان“ ڪٿي آهي! هن انشاء جي هرهڪ خط پڙهڻ
کان اهڙو مزو ۽ اهڙي فرحت ٿي اچي، جو سندس سڀن خطن
کي اصلي ”خطوط فرحت“ کڻي نالو ڏجي ته شايان آهي، ۽
جي هرهڪ جي ظرافت ۽ حرفت ڏسي، ”خطوط حرفت“ سڏجين
ته به بيشڪ سزاوار آهي! جنهن مهل هن قانونن ۽ ادبن
جي جامع، ”رسم الخط الانشاء“ کي- جنهن کي پهرين
ڏسڻ سان ادنيٰ خواه اعليٰ، عجب ۾ اچيو چوي ٿو ته
”بلي! ’انشاء‘ سنڌي سخن ساز آهي“- زماني جي عام
شائقن جي مجلس جو هديو ڪري هلائجي، تنهن مهل ڀل ته
سندس پيشانيءَ تي لکجڻي ڇڏجي ته ”’سنڌي انشاء‘ ڀلي
هديہ عصر ٿي“؛ ۽ جي وري کيس اميرن سردارن جي دربار
جي زينت ڪري ڄاڻجي، ته بيشڪ سندس اڇي روپهري پني
جي سري تي سونهري اکرن ۾ لکجي ته ”’سنڌي انشاء‘
ڀلي زيب درٻار ٿي“- غرض ته، عيش عشرت وارا نوجوان
هڪٻئي ڏانهن ديداري ۽ مزيداري چهر ٻهر جا خط لکي،
حظ وٺي، کيس پنهنجي لاءِ کڻي ”ڪعبہ مراد عشرت“
ڪندا، ته انهيءَ لاءِ به هيءَ انشاء اڻگس آهي.
جهڙو ساءُ سندس عبارت آرئيءَ ۽ نثر مان اچي ٿو، تهڙو مزو سندس
رنگين نويسيءَ ۽ نظم مان ملي ٿو؛ جهڙي مصنف جي
قابليت، خطن جي نمونن ۽ ترتيب مان ڏسجي ٿي، تهڙي
سندس علميت، خطن جي صنعتن ۽ تلازمن جي ترڪيب مان
پسجي ٿي- پر افسوس جو ههڙن قابلن ۽ فائقن لاءِ،
قدردان سردارن ۽ منعم اميرن جو تحطالرجال پکڙي ويو
آهي؛ جنهنڪري سندس قابليت عام خاص کان ڍَڪِي، سندس
اندر ۾ رهي پئي آهي!... شال اهڙين سجاين محنتن جو
صلو ۽ اهڙين مفيد عام نيتن جو ڀلو ڀاڙو، ڏينهن جي
ڏاتار کان عطا ٿئين! فقط، والسلام.
- احقر محمد صلاح الدين عفي عنہ
(تاريخ (فارسي)
جناب ميان محمد صلاح الدين صاحب، تخلص ”احقر“
زهي انشاي سندهي شد هويدا
کہ گرديده است بروي قلب شيدا
براي راحتِ روح است ريحان
چہ ريحان بلڪ زو صد چند بالا
چہ نثرش نثر هر يک جملہ دلڪش
چہ نظمش نظم پروين چون ثريا
مضامينش لطافت خيز بوده است
کلامش پر ظرافت وه چہ زيبا
فَلِلَہّ درّ قائل چون نوشتہ ست
کلامي جامع از کلفت معرا
براي رسم خط قانونها نيز
بقيدِ کلک آورده ست هرجا
خطوطِ پر صنايع هم بدايع
گواهِ قابليت داد حقا
ز تصنيفاتِ قاضي زبدة الحاج
هدايت الله ”مشتاق“ است ’انشا‘
چہ گونه پس نه باشد قابلِ وصف
مصنف چونکہ باشد مردِ دانا
بعلم و فضل فوي سبق برده ست
بتقويٰ کرد خود را زيبِ دنيا
تعاليٰ الله باوصاف حميده
خمي معمور محبور ست طوبي
جو پرسيد ”احقر“ از هاتف سنِ انشا
”رباقم سندهِيء ’مشتاق‘“ گفتا
1312
ٻي تاريخ (فارسي)
نه اين انشا ست بل آشوب دلها
مضامينش همہ محبوب دلها
چو پرسيدم ز دل تاريخِ تصنيف
بگفتا: ”هديہ مرغوب دلها“
1312
تاريخ (سنڌي)
جوڙيل وڏي ڀاءُ، پيءَ جي جاءِ
قاضي محمد عنايت الله صاحب، تخلص ”اضعف“
تعاليٰ الله، زهي، عمده ترين انشا آهي ڇا پي!
هجي هن فن جي شوقينن کي لک لک وار واڌائي!
’ظهوري‘ نثر تنهنجي تان ٿو گهوري نثر پنهنجي کي،
بلاغت نظم جي ۾ ڇو نه ٿئي حيران ’صهبائي‘!
ورهيه ڇاپڻ سندو هاتف چيو ’اضعف‘ کي ”کِل“ ڌاران(50)
”عجائب دلپسند انشا آهي مخدوم ڇاپائي“!
1362- (50-1312هه)
الحمدلله! هيءُ ڪتاب انشاء جي فن جو جنسار بلڪ سنڌي زبان جو
سينگار، بلاغت جو ذوق وڌائيندڙ، سحر حلال سان
معشوقن کي به پنهنجو عاشق بنائيندڙ، انشاء سکندڙ
لاءِ استاد شفيق، عشق جي آزاريل لاءِ ورونهيندڙ
رفيق، ڳالهه جي موڙي کي رونق ڏياريندڙ، پراڻن
مضمونن کي جياريندڙ- جنهن جي ڇپڻ جي تاريخ ۾ جناب
والا خطاب، بليغن جي مدار، فصيحن جي افتخار، زماني
جي جنسار، سُحبان جي يادگار، اعجاز بيان، نازڪ
خيال، عالي فڪر، عديم المثال، حضرت سيد حاجي غلام
محمد صاحب ”گدا“ ادامہ الله تعاليٰ بالفضل
والنديٰ، پنهنجي قلم جادو رقم سان تحرير فرمايو:
بارڪ الله ڇاپجي تيار ٿي،
هيءَ هدايت بخش انشا بي نظير!
نثر تي ان جي نگارستان نثار،
محو فقرن تي سندس مُلا منير!
ان جا طالب علم جا طالب تمام،
ان جا شائق جابجا برناؤ پير.
ان جي ڇپجڻ جي سگهو تاريخ خوب،
اي ”گدا“ لک: ”وه چہ انشا دلپذير“!
1312
۽ نڪته سنج، سخندان، شيرين بيان جناب حافظ عبدالحميد صاحب
”شائق“ فارسيءَ ۾ چيو:
حمد آن منشِيء حقيقي را
شد بانشاي او مکان و مکين
طبع شد اين ”هدايت الانشا“
بزمانِ سعيد و حين بهين
نسخہء نادرِ زمانہ نجيب
فرحت افزاي ناظرينِ مهين
بعباراتِ نثر دُرِ منشور
خوبِيء دلربائيء صفحانش
چون رخِ گلرخان هست حسين
همچو گيسوي عنبرين نگار
هي يکي سطره اش بزينت و زين
چون بود خال بر عذارِ حبيب
همچنان بر حروف نقطہ ببين
با هزاران عين خلق نه ديد
در چنين نثرنامهء رنگين
از پيء نفعه و فيضِ خلقِ جهان
کرد ”مشتاق“ بسکہ سعي همين
حق دهادش بفضل خير جزا
رحمتِ رب دائماش قرين
چون پيء سالِ طبع و تصنيفش
گشت ”شائق“ بخوض و فڪر چنين
هاتفِ غيب گفت: گو ”وه واه!-(23)
دلڪشا گلشنِ مڪاتب اين.
1289+(23)-1312هه
ڪتاب ۾ ڪم آيل عربي، فارسي فقرن ۽ بيتن جي معنيٰ
ص 1: بسم الله الرحمان الرحيم- شروع الله جي نالي سان، جو
بخشيندڙ مهربان آهي.
ص 15: سلمہ الله تعاليٰ- شل مٿاهون ڌڻي کيس سلامت رکي.
ص 17: سبحان ذي الملڪ و الملڪوت- پاڪ آهي اهو ڌڻي، جو ملڪ ۽
ڪائنات جو مالڪ آهي.
ص 19: يحبهم ويحبونہ- هو انهن سان ٿو محبت رکي ۽ اهي ساڻس ٿا
محبت رکن.
ص 19: يفعل الله... الخ- الله جيڪي ٿو چاهي سو ٿو ڪري، ۽ جيڪو
ارادو ٿو ڪري تنهن جو حڪم ٿو ڏئي.
ص 21: عليڪم... الخ- اوهان تي سلامتيون ۽ تعظيمون هجن.
ص 22: سلمہ المنان- شل احسان ڪندڙ ڌڻي کيس سلامت رکي.
ص 23: والقيت... الخ- مون توتي پنهنجي طرفان محبت وڌي.
ص 23: رب ارني- خدايا! مون کي پاڻ پساءِ.
ص 38: دام الله اقبالہ- شل الله سندس اقبال هميشہ رکي.
ص 39: دام اشفاقہ- سندس شفقتون سدا هجن.
ص 40: واحسنوا... الخ- چڱائي ڪريو، بيشڪ الله چڱائي ڪندڙن کي
پسند ڪري ٿو.
ص 41: دامت فيوضاضہ- شل سندس فيض هميشہ هجن.
ص 51: المامور معذور- حڪم ڪيل لاچار آهي.
ص 51: ادام الله... الخ- شل الله سندس ڀلايون مخلوقن تي هميشہ
رکي.
ص 53: والسلام... الخ- سنئين واٽ تي هلندڙ لاءِ سلامتي آهي.
ص 54: فاسئلوا... الخ- جي نه ڄاڻو ته ڄاڻپ وارن کان پڇو.
ص 59: خذبيدڪ... الخ- ٻهارو هٿ ۾ کڻي ڌڪ هڻينس ۽ قسم نه ڀڃ.
ص 59: اللّهم ارنا... الخ- خدايا! تون اسان کي حق، حق ڪري ڏيکار
۽ ان جي تابعداري نصيب ڪر، ۽ باطل، باطل ڪري
ڏيکار، ۽ ان کان پاسو نصب ڪر.
ص 60: و منها... الخ- ۽ انهن مان هڪ هيءُ به آهي، ته سال پوري
ٿيڻ کان اڳ مال پنهنجي ٻار کي بخش ڪري ڇڏي.
ص 60: قال في... الخ- ”تاتارخاني“ ۾ چيل آهي ته اسان جي عالمن
جو مذهب آهي ته جنهن به حيلي سان مسڪين جو حق باطل
ڪجي ٿو، يا منجهس شڪ آهي، سو خراب آهي.
”عيون“ ۽ ”جامع الفتاويٰ“ ۾ آهي ته جنهن حيلي وسيلي حرام کان
ڇٽي، حلال تائين پهچجي، سو سٺو آهي؛ ۽ فتوا انهيءَ
تي آهي ته ”زڪوات ٽارڻ لاءِ ڪوبه حيلو جائز ناهي“-
اهو امام محمد جو قول آهي ۽ اهوئي اعتماد جوڳو
آهي؛ ڪتاب ”دور و الغرور“ ۾ ائين آهي.
ص 61: نعوذ بالله... الخ- اسين انهيءَ بابت الله کان پناهه ٿا
گهرون.
ص 90: اللهم اني... الخ- خدايا! آءٌ توکان پناهه ٿو گهران اهڙي
علم کان، جو فائدو نه ڏئي؛ ۽ اهڙي قلب کان، جو
توکان ڊڄندڙ نه هجي؛ ۽ اهڙي پيٽ کان، جو نه ڀرجي؛
۽ اهڙيءَ دعا کان، جا نه ٻڌجي- ۽ انهن چئني کان.
ص 91: دام لطفہ- شال سندس مهربانيون هميشہ هجن!
ص 93: مدظِلہ- شال سندس پاڇو ڊگهو هجي! يعني گهڻو جيئي.
ص 95: مدظلڪم- شال اوهان جو پاڇو ڊگهو هجي.
ص 97: دامت افضالہ- شال سندس مهربانيون سدا هجن.
ص 103: بالغدو والاصال- صبح ۽ شام.
ص 103: اذا احب... الخ- جڏهين اوهان مان ڪو پنهنجي ڀاءُ سان
محبت ڪري، ته کيس علم سيکارڻ گهرجيس.
ص 104: اَناء الليل و اطراف النهار- رات جي اونداهين ۽ ڏينهن جي
ڪنارن ۾.
ص 105: الارواح جنود مجنده- سڀ روح ڪٺا ڪيل لشڪر آهن.
ص 106: يسرالله لڪم خير- شال ڌڻي اوهان لاءِ چڱائي آسان ڪري.
ص 107: زادت اشفاقہ- شل سندس مهربانيون وڌندڙ هجن.
ص 110: نصف الملاقات- (اڌ ملاقات) خط.
ص 112: في الحرڪة برڪةُ- حرڪت ۾ برڪت آهي.
ص 122: لبيڪ اللّهم لبيڪ- يا خدا! آءٌ حاضر آهيان، حاضر!
ص 136: يحيي العظام- هڏيون جيئريون ٿين.
ص 138: اد خلوها بسلام- هن ۾ سلامتيءَ سان گهڙو.
ص 141: الحمدلله والمنة لہ- ڌڻيءَ جون تعريفون ۽ ان جا احسان.
ص 144: الحمدلله الذي اذهب عنالحزن- ڌڻيءَ جون واکاڻون، جنهن
اسان تان غم ٽاريو.
ص 148: اخذنا... الخ- سمنڊ کان ورتوسون ۽ ان ۾ پکيڙيوسون.
ص150: و اوفوا... الخ- پنهنجا انجام پاڙيو، بيشڪ انجامن جو به
پُڇاڻو ٿيندو.
ص 151: لازم الملام- ڇينڀ جوڳو.
ص 151: والموفون...الخ- هو، پنهنجن انجامن کي ٻڌڻ بعد پاڙين ٿا.
ص 152: اذا وعد خلف- جڏهين وعدو ڪري ته ٽوڙي.
ص 152: الڪريم اذا وعد وفا- سخي اهو آهي جو جڏهين وعدو ڪري ته
پاڙي.
ص 154: العدة دَين- وعدو قرض آهي.
ص 154: خلاف العياد... الخ- دوستن سان وعدو ٽوڙڻ دشمن جي لڇڻن
مان آهي.
ص 161: لله في الله: خدا ڪارڻ.
ص 161: در دلِ... الخ- دوست جي دل ۾ هرڪنهن رنگ سان واٽ ڪرڻ
گهرجي؛ بندگي نه پڄي ته گناهه ئي ڪرڻ جڳائي.
ص 172: پاي گدا... الخ- فقير جا پير منڊا ناهن ۽ خدا جو ملڪ
سوڙهو ناهي.
ص 174: وصفح الصفح الجميل- سهڻيءَ طرح سان معاف ڪر.
ص 175: و خلق الانسان صغيفا- انسان خلقيل ئي ضعيف آهي.
ص 177: ظلمات بعضها فوق بعض- اونداهين تي اونداهيون.
ص 178: فاعفوا و اصفحوا- درگذر ڪريو ۽ بخش ڪريو.
ص 178: زبان عذر... الخ- عذر جي زبان ڪاوڙيل ڀِروئن کان آرام
وڃايو، ۽ سڻڀيءَ زبان وارن جي گفتي سِيني مان ڪينو
ڪڍي ڇڏيو.
ص 179: ان الظن... الخ- گمان، حق کان هرگز بي نياز نٿو ڪري.
ص 181: ان جاء ڪم فاسق بنبا- جڏهين اوهان وٽ ڪو بدڪار ڪا خبر
آڻي (ته ان جي جاچ ڪريو).
ص 182: استغفرالله العظيم- عظمت واري ڌڻيءَ کان بخشش ٿو گهران.
ص 183: العفو عندالقدره- بخشڻ، سندس قدر موافق.
ص 183: والڪاظمين الغيظ- (چڱا ماڻهو) ڪاوڙ کائيندا آهن.
ص 184: خذالعفو- در گذر اختيار ڪر.
ص 184: ومن عفا واصلح- ۽ جنهن معاف ڪيو ۽ سڌارو ڪيو (ان جو اجر
خدا تي آهي).
ص 184: واعف عنهم- کين معاف ڪر.
ص 184: حبل متين- سڳوري رَسي.
ص 184: والعافين عن الناس- (چڱا ماڻهو) ماڻهن کي معاف ڪندڙ آهن.
ص 185: ڪفيٰ با الله للمذنب- گنهگار لاءِ خدا وٽ پار ڪندڙ ڪافي
آهي.
ص 190: القناعة ڪنز لاينفذ- قناعت اکٽ خزانو آهي.
ص 192: من ڪل... الخ- پر انهن رستن ۽ ڏکين پيچرن کان اچن ٿا.
ص 193: السلام عليڪم و عليٰ من لديڪم- اوهان خواه اوهان وٽ
ويٺلن تي سلام.
ص 199: التائب من... الخ- گناهن کان توبہ ڪندڙ اهڙو آهي جو ڄڻ
مٿس گناهه ئي ڪونهي.
ص 209: من دخلہ ڪان امنا- جيڪو منجهس گهڙيو سو امن وارو ٿيو.
ص 209: من زار قبري... الخ- جنهن منهنجي قبر جي زيارت ڪئي ان
لاءِ شفاعت واجب ٿي.
ص 211: لقد من... الخ- بيشڪ الله اوهان تي احسان ڪيو، جڏهين
اوهان جي جنس مان اوهان ۾ رسول مقرر ڪيائين.
ص 212: لئن شڪرتم... الخ- جيڪڏهن اوهين شڪر ڪندؤ ته ضرور آءٌ به
اوهان کي وڌائيندس.
ص 212: واما... الخ- ۽ تنهنجي رب جي نعمت کي بيان ڪر.
ص 214: الضرورات... الخ- ضرورتون ڪوتاهين کي به جائز ڪن ٿيون.
ص 217: لله في الله- خدا ڪارڻ.
ص 225: ان مع العسريسرا- مشڪلن سان گڏ آسانيون به آهن.
ص 233: تنزل... الخ- قرآن جي وسيلي اهو موڪليائين، جو مؤمنن
لاءِ شفا ۽ رحمت آهي.
ص 235: انما يعمر... الخ- خدا جون مسجدون فقط اهو اَڏائيندو؛ جو
خدا کي مڃيندو.
ص 235: التي لم... الخ- جنهن جهڙو ملڪن ۾ نه ٺهيو.
ص 235: والبيت... الخ- اڏايل جاءِ ۽ اتاهين ڇت.
ص 236: من بني... الخ- جنهن الله لاءِ مسجد ٺاهي، تنهن لاءِ
الله به بهشت ۾ گهر ٺاهيندو.
ص 239: انا لله... الخ- اسين الله جا آهيون ۽ ان ڏي ئي
موٽنداسون.
ص 239: ڪل نفس... الخ- هر شخص موت چکندو.
ص 244: انما... الخ- صابرن کي بيحساب اجر ملندو.
ص 248: ان الله. الخ- الله صبر وارن ساڻ آهي.
ص 249: دفن... الخ- نياڻيون پُورڻ به ڀلارو ڪم نه آهي.
ص 280: جواب تلخ... الخ- مٺاڻ چٻاڙيندڙ ڳاڙهن چپن کي، ڪڙو جواب
نٿو سونهي.
ص 288: حفظ الله تعاليٰ- ڌڻي سنڀال ڪريس.
ص 296: يا رب زراه... الخ- يا خدا! تون مهربانيءَ جي واٽ سان،
مون کي پنهنجي بهار وٽ رساءِ؛ منهنجو هٿ وٺ، ۽ مون
کي پنهنجي وطن طرف رساءِ! منهنجون اکيون روئڻ سبب
بهار جي ڪڪر وانگر آهن: مون تي ڪو رحم ڪر، منهنجي
تازيءَ بهاريءَ وٽ رسائينم!
ص 299: و اذا... الخ- ٻڏندڙ هر ٻُوڙي سان لٽڪي.
ص 309: فهو المراد- ته اهائي مراد!
ص 320: توڪلت علي الله- الله تي ڀروسو ڪَيَمّ.
ص 325: الجنون فنون- چريائي به هڪ هنر آهي.
ص 351: دررهِ... الخ- عشق جي واٽ ۾ منهنجي دل ڪنهن جي تير جو
نشانو بني؛ منهنجو زخم ڪنهن جي به تدبير سان چاق
ٿيڻو ناهي.
ص 352: بلبل از... الخ- بلبل جيڪڏهن توکي باغ ۾ ڏسي ته جيڪر گل
کي ڇڏي ڏئي، جيڪڏهن برهمڻ توکي ڏسي ته جيڪر بت
پرستي ڪيئن ڪري؟
ص 361: انما المومنون (اخوة)- مومن ته پاڻ ۾ ڀائر آهن.
ص 361: فاصلحوا... الخ- پوءِ پنهنجي ڀائرن ۾ صلح رکو.
ص 361: لا تتخذ وا... الخ- پنهنجن بنان ٻيا دلي دوست نه بڻايو.
ص 372: ومن... الخ- اسان هرڪنهن جنس مان جوڙا بنايا آهن.
ص 372: فعل... الخ- ڏاهپ واري جو ڪوبه ڪم ڏاهپ کان خالي نه آهي.
ص 372: ان مع... الخ- سختين سان گڏ آسانيون به آهن.
ص 377: من ڪثر... الخ- جنهن به ڪنهن قوم جي ٽولي کي وڌايو، سو
انهن مان آهي.
ص 401: الحمدلله والمنة لہ- الله جون واکاڻون ۽ سندس احسان.
ص 405: انزل... الخ- ماڻهن وٽ خيال سندن حال موافق پهچايو.
ص 406: ڪلموا... الخ- ماڻهن سان سندن عقل موافق ڳالهايو.
ص 406: هوالغفور- هو ئي بخشيندڙ آهي.
ص 406: هو الحي القيوم- هو ئي سدا جيئرو ۽ قائم رهندڙ آهي.
ص 406: هوالشافي- هو ئي شفا ڏيندڙ آهي.
ص 406: هوالمحسن- اهو ئي احسان ڪندڙ آهي.
ص 406: هوالعزيز- هو ئي عزت وارو آهي.
ص 406: هوالعليم- هو ئي علم وارو آهي.
ص 406: هوالحفيظ- هو ئي سنڀاليندڙ آهي.
ص 406: هوالحڪيم- هو ئي ڏاهو آهي.
ص 406: ڪل حزب... الخ- هر جماعت وٽ جيڪي آهي ان تي خوش آهي.
ص 409: من احب- جيڪو ڪنهن کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو، ان جو ذڪر گهڻو
ڪري ٿو.
ص 411: هوالمجيب- هو ئي جواب ڏيندڙ آهي.
ص 411: وهو... الخ- هو ئي ڪتاب موڪليندڙ آهي.
ص 411: و هوالذي... الخ- هو ئي اهو آهي جنهن ڪتاب موڪليو.
ص 415: اني... الخ- مون ڏانهن سڳورو خط اڇلايو ويو آهي.
ص 415: الحمد... الخ- خدا جا شڪرانا، جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب
لاٿو.
ص 416: ظلمات... الخ- اونداهين تي اونداهيون.
ص 419: ڪرم... الخ- الله سندس منهن سڳورو ڪيو آهي ۽ الله کانئس
راضي ٿيو.
|