سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هدايت الانشاء

باب: 2

صفحو :5

 

فصل ٽيون

 

هدين ۽ تحفن موڪلڻ ۽ ان جي شڪر گذاري جي خطن ۾

 

محبت جي واڌاري لاءِ، هدين ۽ تحفن جهڙو ڪو عمدو سبب نٿو ڏسجي- جيئن ته حديث شريف ”تهادوا وتحابوا“ مان به ٿو سمجهجي- اهو به ڪڏهن عام ڪڏهن خاص طرح سان ننڍن، وڏن ۽ هڪجيڏن جي وچ ۾ ڏنو- ورتو ٿئي ٿو، تنهنڪري القابن کان منهن موڙي ان جو مختصر نمونو ڏيکارجي ٿو.

 

4- خط، حاجيءَ پاران تبرڪن موڪلڻ بابت

دوستا، هن طرف جي دل تودد منزل ۾ اها آرزو رهندي هئي، ته ڪنهن پاسي خصوصاً حرمين شريفين ڏي سفر ۾ اوهان جو همرڪاب هجان؛ پر اوچتي قسمت سان هيڪلوئي وڃڻ ٿيو، ۽ تمنا اڃا به ساڳي آهي، من پروردگار پوري ڪري، آمين. ٻيو ته انهيءَ پار جا تبرڪ سڳورا مشفق ”فلاڻي“ جي هٿان خدمت شريف ۾ موڪلجن ٿا. خواهش اها هئي ته اوهان کي هتي اچڻ جتي تصديع ڏجي، پر ڳري تڪليف سمجهي اتي ٿا موڪلجن- واڌو ڇا لکجي.

 

 

9- خط، انبن موڪلڻ جي ذڪر ۾

”قدر مسڪينيءَ جي موجب، مون هي هديو موڪليو،

ناهه مسڪين جو هديو جوڙ، آهنجي شال سان.“

آڳاٽي هليل چليل رسم آهي جو هيٺانهان، اڀرن ٽولن موڪلڻ سان گستاخي ڪندا آهن، ۽ مٿانهان لطف ۽ عاطفت جي حڪم سان ان کي قبوليت جي شرف سان مشرف رکندا آهن، تنهنڪري گستاخيءَ جي قدم سان انهيءَ دليريءَ جو رستو ماپيو ويو؛ باوجود حقارت جي به قبوليت جو شرف اميد رکيو ويو- هڪڙو سؤ انبن جو، جي هن نيازمند جي باغيچي جا آهن، روانو ٿو ڪجي. شال روح جي راحت هجن! جيڪڏهن ذائقو پسند اچي ته ٻيو به سؤ موڪلي ڏجي. هديو توڻي حقير آهي، پر جڏهن سندس موڪليندڙ مرد فقير آهي، تڏهن توقع، ۽ طمع تي قبول رکندا ۽ رد نه ڪندا! زياده نياز، والسلام.

جي گهران تان مٿانءِ ڪي گهوريان،

تو اڳيان ڪهڙو تحفو زيبا هوءِ؟

ڳوليان جيڪڏهن رضا تنهنجي،

ڪهڙي خدمت ڳنام برجا هوءِ؟

 

جواب نيازمنديءَ ۽ شڪرگذاريءَ جو

”قدر منهنجو نه اِي، جو مون کي تون،

موڪلين تحفو، پڻ تون عذر ڪرين!“

سڳورائيءَ جا نشان، جناب جي سڳوري تحفي موڪلڻ مان پيدا آهن، ۽ مهربانن جون موچارايون، ان مخلص نواز جي اعزاز مان هويدا آهن.

”دوستن جو رسي ٿو جو تحفو،

سو ٿو بخشي حزين دل کي ذوق.

خُلق تنهنجو اي خوش خصال پسي،

اَڄ اڳوڻي کان ٿيو ڏهوڻون شوق.“

انب عجيب ۽ مغز ڀريل ان مشفق جا موڪليل رسيا، ساهه جي تارونءَ کي مٺو ڪيائون. اڳي اهڙي مٺي شڪل وارا اک نه ڏٺا ۽ اهڙي مٺي مزي وارا ڪَن نه سئا!

”زمرد تان کلِي ٿي اُن جي سبزي،

بهاري جن ۾ تازي ٿي نمودار.

پڇڻ ويرا ٿين ٿا، عاشقن جيئن،

پسڻ ۾ ان جا پڌرا زرد رخسار!

ڏٺي سهڻن سندين صورت مٺي، تان

ٿين چپ ان جي چوسڻ لئي خريدار!

عجب ان جي پڪائي زردرو ٿي،

ٿيا محبوب پڻ تن جا طالبگار!

هجن شيرين ڪم فرهاد جا ڪن،

ڪندا ان ڳالهه تي باور خبردار.“

شال الاهي رحمت ۽ نعمت واڌو هجي! جيڪڏهن انب زياده هجن ته وري موڪليندا، جي نه، ته تڪليف فرمائڻ نه گهرجي. ڇا کان، جو هي هوا- خواه محبت جي ميٺاج جو ڳولو، نه ڪنهن نفساني لذت ۽ طمع جو گولو آهي. زياده لطف هجي- فقط، والسلام.

10- خد، ڪيوڙي جي ڦر، هديي آيل جي شڪر گذاريءَ ۾

مٺو ڪيلو، جو ان شڪر زباني جي آسمان جي چنڊ موڪليو هو، رسيو. اهڙو مزو بخشيائين جو چپ چپ کي چٽڻ لڳو! مجبوبن جي ابرن ان جي شڪل هجڻ سببان اکين تي جاءِ ڏني، ۽ نئون چنڊ ان جي صورت تي هجڻ ڪري آسمان تي پهتو!

سڄئي ڪيلو مٺو پُر مغز، جنهن مان،

زبان کي چاشني لذت چڱاِ.

وڌڪ اڀ تي جي ڳولي تان جڳائيس.

نوان چنڊ جو ڪئين هڪ جا پسائي.

 

11- خط، علمي تحفي موڪلڻ جي مذڪور ۾

عرض هي آهي ته هنن ڏينهن ۾، جامد طبع ۽ ناقص خيال کان، اختصاص جي لوح تي اخلاص جي قلم سان ڪجهه تحرير پذير ٿيو، جو في الحقيقت انهيءَ مجلس مبارڪ مان فائدن حاصل ڪيلن جو نتيجو آهي، سو جمع ڪريو ”اخذنا من البحر و نشرنا عليہ“ جي قانون تي ان کي ماڪوڙي وانگر ان جناب جي انوارل- چنڊ جي آثارن جي روشنين ۽ راسين تي جلوو ٿو ڏجي- اگرچ دُرّ عدن ڏي ٿو موڪلجي يا زيرو، ڪرمان ڏي، يا لعل، بدخشان ڏي، يا پاڻيءَ ڍڪ دجلي ۽ عمان ڏي، يا قلم جي اک جو لڙڪ، آب حيوان ڏي، يا خاڪ جي مٺ، آسمان ڏي يا واٽ جا ڪنڊا ۽ ڪک، بستان ڏي، يا مڪڙ جي ٽنگ، سليمان ڏي، يا بضاعت مزجات، ان سڳورائين جي مصر جي عزيز عاليشان ڏي- پر جڏهن حضور جن هميشہ درويشن جي دعا کي قبوليت جي جاءِ تي پهچائيندڙ آهن، تڏهن لطف ۽ نوازش تي نظر رکي، گستاخيءَ جا پير وڌايا ويا. اميد ته سهوَ ۽ تقصير ٿيل جي اصلاح فرمائيندا، ۽ عيب ڇپائيندا! زياده نياز.

 

جواب

 

هزار هزار نيازمندءَ سان عرض:

”ٿيان مثل سوسن جي ساروئي زبان

ته پڻ شڪر تنهنجو ڪو مون کان ٿئي!“

ڪلام بلاغت انجام، اُن زماني جي سبحان جو رسيو. هن بي پروبال کي ڇا مجال جو اُن تي آڱر ڌري، جنهن جي اشارن جي موتين موچارن، آبدارن جي بوتلن هارن کان ڪَتين جي عقد جي بازار ڀڳل، ۽ نثر جي الفاظن، پُر انوارن جي جواهرن زواهرن کان بلاغت جي جوهرين جي دڪانن جي درن جا طاق هڪٻئي تي لڳل- اُن جي ڪهڙي تعريف ڪجي ۽ توصيف ڇا چئجي!

”اول ڳالهه اُڀ کان لٿي سر زمين،

سا هاڻي رسائين ٿو تون اُڀ تي.

ڍڪايئي بلاغت کي خلعت نئين،

ٿيو شان تنهنجو سرس سڀ تي.“

جيڪي اُن ۾ مستجاب دعا جو التفات فرمايل هو، تنهن کي قلب جو تعويذ جان جي پناهه سمجهي، اُن سان جديد مودت جو رابطو ۽ تازيءَ محبت جو قاعدو محڪم ڪيو ويو. هن طرف جي يارن جون اکيون، اُنهيءَ ڪحل الجواهر سان منور ٿيون، ۽ هوادارن جي فڪرن جون آرسيون، شبهي ۽ پاڻ ڀانئڻ جي غبار کان صفائي کي رسيون.

”زبان بند ٿي شرم نئڙو شرم،

نه مون کي اچي شڪر تنهنجي جو هوش.

ڇڏڻ شڪر ۾ عذر ناهم ٻيو،

مگر جيئن مڃي عجز ٿيئڙس خموش.“

 

فصل چوٿون

 

وعدن ياد ڏيارڻ ۽ ان جي وفا گهرڻ جي خط ۾

جڏهن آيت شريف ”واوفوا بالعهد ان العهد ڪان مسئولا“ جي حڪم موجب، عهد ۽ انجام جي پڇا ٿيندي، تڏهن ان جي وفا گهرڻ، خاص محبت، سچائيءَ ۽ شفقت کان سمجهجي ٿي. هتي اُن جي ٿورن نمونن جو بيان ڏجي ٿو ۽ وعدن جي ذڪر کي وقت جي مناسبت تي موقوف ڇڏجي ٿو.

 

12- خط

اخلاق نهاد، شفقت بنياد، صادق الوداد، راسخ الاتحاد، صيب عن الشرو الفساد، بحر مت النون والصاد، سنت اسلام جي سلامن ۽ شوق لاڪلام جي پيامن کان بعد، دعا سان مدعا ٿو لکي ته انهيءَ وقت کان جو لطفن ۽ احسانن جو وعدو فرمايو، انهيءَ وقت کان جو لطفن ۽ احسانن جو وعدو فرمايو، انهيءَ صورت سان هن ڪميني تي نوازش ڪئي هيوَ: اڄ تائين انتظار  جي اک گهٽيءَ ۾ نهاريندڙ آهي، ته انجام پاڙڻ جي صبح جون بشارتون، انهيءَ ٻول جي ڪنار کان اُڀرن، ۽ موچاريءَ وفا جا تارا، وعدي ڪيل مطلع کان طلوع ڪن، ۽ اُن حضرت جي همت جو پلؤ خلاف وعدي جي ميرائيءَ کان پاڪيزه رهي ۽ هوا- خواهه جي خاطر ۾ ڪا بدگماني واٽ نه لهي!

”وفا فرض آهي سڳورن مٿي،

ملامت لڳي تن سين جي ڪن خلاف.“

 

جواب

مُحب دلنواز، دوست دمساز، همدم همراز- سلمہ الله تعاليٰ! سلامن، نيازن ۽ شوق دراز کان پوءِ ظاهر هجي، ته مروت جي شرع ۾ وعدن جي بنيادن کي خلاف جي وائن سان دٻائڻ کي بيوفائيءَ جي هٿن سان ڊاهڻ ڪم، لازم الملام آهي، ڇا کان جو هي مخلص ”والموفون بعهد هم اذا عاهدو!“ جي ٻاريءَ ۾ داخل آهي، ۽ ”اذا وعد خلف“ جي دائري کان ٻاهر نڪتل آهي- تنهن ۾ جيڪا تقصير واقع ٿي ته عنقريب ان جو تدارڪ وجود وٺندو.

”جو ڪيم ٻول تنهن ۾ ناهي خلاف،

سو وفا ٿيندو جي ڪئي عمر وفا.“

 

13- خط

دلين جو عزيز، سراپا تميز، يڪدليءَ جو جنسار، يڪجهتيءَ جو سينگار- سلامت بااخلاص! جي سلامن ۽ اختصاصن جي بيانن کان پوءِ، پڌرو هجي ته جڏهن هميشہ اوهان جا احسان، وعدي ڏنلن تي، جي مهربانين جا گهرندڙ آهن، تڏهن نيازمند اُميدوار آهي، ته جناب جي عنايت جو ڇڪيندڙ ان جي جاري ڪرڻ ڏي ڪاهيندڙ هوندو،۽ نه هن انتظار ۾ ”اوفوا بالعهد“ جو آواز ڪن کنهندڙ ٿي پوندو.

”رعايت دل اسان جي ڪرم سان ڪر سڄڻ سائين،

وفا جي واٽ ۾ وعدي ڪيل جون سوَ اٿم آسون.“

 

جواب

مخلص ميٺ رکندڙ، مشفق قرب ڪندڙ، دوست دليون پرکيندڙ، سڄڻ سچائي ليکيندڙ- سدا سلامت هجي!

وداد جا سلام، اتحاد جا پيام ۽ دعا خيريت انجام عرض رکيو، عرض ٿو گذاري ته سچي مضمون ”الڪريم اا وعد وفا“ جي تمهيد کان پوءِ، خاطر فاطر ۾ گذريو ته جيڪڏهن صادر ٿيل وعدي ۾ هن ناقص کان ڪو خلاف وقوف لهندو، ته پاڻ کي ڪرم ۽ آزادگيءَ جي صفت سان (جنهن مان دنيا جو شرف حاصل ۽ دين جي سعادت ساڻس لڳل آهي) هرگز موصوف نه سمجهندو.

”آهيان وعدي انهيءَ تي جو ڪيم،

ناهه وعدو منهنجو حيلو ۽ خلاف.“

 

14- خط

سدا سنڀاريندڙ، ڪڏهن نه وساريندڙ، دوستيءَ جو سچار، سچائيءَ جو سينگار- شال سلامت هجي!

خالص نياز جا سلام، اول ڪلام ۾ آڻيود، دوام بقا ۽ صحت عافيت جي دعا پاڻ تي فرض ڄاڻيو، عرض ٿو ڪجي ته ڪمال مهربانين جي وچ ۾ جيڪو وعدو ڪري، ان جي پارڻ جو تاڪيد ۽ پڪائي فرمائي هيو، تنهن ۾ جيڪڏهن ”الجزالحرما وعد“ جي معنيٰ موجب، چڱيءَ صفت ۽ موچاريءَ طرح سان ان جي وفا ۾ ڪوشش ڪندؤ ته محبت جي اثرن جي واڌارن و سبب ٿيندو.

”اٿم آس ٿيندو سو بيشڪ وفا،

ڪيئي ٻول جيڪو، نه پسندس جفا.“

 

جواب

قدر ڄاڻندڙ، دليون سڃاڻندڙ، سچائين سان سوگهو ڪندڙ، احسانن سان دل وٺندڙ، ڳُڻن سان ڳهندڙ، مهربانين سان موهيندڙ- شال مقصدن سان شاداب، ۽ مڙيني مرادن سان ڪامياب هجي!

نياز جي سلامن، بندگين، ادبن، تعظيمن ۽ سرافگندگين بعد عرض ته:

”جي سچي يار سان ڪجن وعدا،

ڪئين وري تن ۾ پوءِ دير خلاف؟“

محبا! خاطر مبارڪ جمع فرمائجو، ۽ وفا جي اميد ڌاران ٻئي ڪنهن پاسي مَ موٽائجو! انشاءَالله تعاليٰ العزيز، مروت جي ذمي کي، امانتن جي بارن کڻڻ ۽ انجامن جي قرضن لاهڻ کان، ”العدة دينن“ جي مقتضا موجب، جلد هلڪو ۽ آجو ڪندس ۽ همت جي ديباچي کي ڪڌن جي سيرت ۽ کوٽن جي صفت کان- جا ”خلاف المعياد و من الاخلاء من اخلاق الاعداءِ“ آهي- پناهه ۾ رکندس!

”وفا وعدي هميشہ منهنجي عادت،

انهيءَ عادت کي سمجهان ٿو سعادت.“

 

 

 

 

فصل پنجون

 

عتابن ۽ ان جي جوابن جي خطن ۾

جڏهن عتاب جو جواب، دوستن جي دلين مان ڳجهي ناسازش جي مرائي ڌوئي صاف ڪندڙ، ۽ محبت ۽ مودت جي اصل کي ثابت رکندڙ آهي، تڏهن دوستن تي دوستن جو عتاب ڪرڻ، واکاڻيل ۽ وڻندڙ آهي. انهيءَ سببان چوندا آهن ته عتاب جي باقي هجڻ تائين دوستيءَ جي بقا ۽ چٽا آهي ۽ جي ڪنهن واجبي عتاب ظاهر نه ڪيو ۽ دل ۾ رکيو، يا ڪنهن ٻئي جو واجبي توڻي ڪُواجبي عتاب نه سَٺو ۽ نه کنيو، ته نه دوستي آهي، نه وفا آهي بلڪ دشمني، بيوفائي، ڪڌائي ۽ دغا آهي. عتاب محبت وارن جي پَرُ، ۽ صحبت وارن جي رسم ۽ آڇلائيءَ جو اصل اصيل آهي! عتاب، اخلاص ۽ اختصاص جو ڀلو برهان، سچائيءَ ۽ صفائيءَ جو پڌرو دليل آهي- اگرچ اُن جون طرحيون ۽ صورتون گهڻيون ٿيون ڏسجن، پر هتي نموني لاءِ ڪي ٿوريون بيان ٿيون ڪجن.

 

15- خط، خبرچار نه موڪلڻ جي عتاب ۾- وڏي ڏانهن

سائين منهنجا! هيڏي دراز مدت گذري ويئي، جنهن ۾ باوجود ٿوريءَ فرصت ۽ گهڻيءَ مشغولي جي ڪيترا لاڳيتا عريضا خدمت عاليءَ ۾ موڪليا ويا آهن، يقين ته ملاحظي شريف ۾ آيا هوندا. حيف صد حيف مون کي جو هڪڙي جي جواب سان به معزز ۽ ممتاز نه ٿيو آهيان! اَڀلائي ٻانهي جي طالع جي سڳورائي آهي يا ڪنهن چغل جي چغلي ڪارگر ٿي آهي، جو هن ضعيف کان خاطر عاطر ۾ ميرائي واٽ لڌي آهي. جيتوڻي، فدويءَ کان اهڙي ڪم التفاتيءَ ۽ ڪم توجهيءَ جوڳو قصور وقوع ۾ آيو هجي ته الرحم الراحمين لک تقصيرن جا عفو ڪندڙ آهي، ۽ جناب جي بنده نوازي ۾ به ٻانهي جي اُنهيءَ قصور جو عفو گنجائش ٿو رکي. اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا ته هميشہ جي مهربانين تي هريل کي، دل فيض منزل مان محو ۽ فراموش فرمائڻ سببان، هن ڪمترين کي ڪيتريقدر بيقراري، دوستن ۽ دشمنن وٽ شرمساري حاصل ٿيندي؟ زياده حد ادب.

 

جواب

منهنجي اکين جا نور، تنهنجو خط مسرت نمط هن طرف جي جواب نه رسڻ جي شڪايت ۾ رسيو. سو اي پيارا! ضروريءَ مشغوليءَ فرصت نٿي ڏني ۽ قلب ان ڪم ۾ راضي نٿي رهيو. ٻيو ڪو خيال دل ۾ نه آڻجو ۽ هن طرف کا دعا گوئي ڄاڻجو. فقط، والسلام.

 

16- خط، ننڍي وڏي

پيارا! عجب صد عجب آهي جو هن ٿوري پنڌ تي، هيتريءَ مدت ۾، پنهنجي خوشنوديءَ جي خوشخبريءَ سان هڪ مرتبو به ياد نه ڪيئي! انتظار ۽ نگراني رکان ٿو ۽ تنهنجي ڳري هٿ کان بدگماني رکان ٿو! دل ۾ اهڙي سگهه نٿو ساريان، ته زبان تارونءَ ۾ ويهاريان، لاچار گلا تي ٿو اچان. ڇو نه اچان؟ جو تنهنجي بوءِ سان ٿو جيان، سا نه مون کي ٿي پهچي، ۽ آءٌ نه ان کي ٿو پهچان. رڳو تنهنجي جدائيءَ کان جو رنج ٿو رسي، سو شال مَ ڪنهن تي پوي، ۽ مَ ڪو پسي! روز و شب ”الحفيظ ۽ الامان“ ورد زبان آهي- معاذالله، جيڪڏهن خطن جا دروازا به بنديا ته ڪهڙو حال ٿيندو، ۽ ڪم ڪٿي رسندو؟ جنهن حاج جي تو ۾ اميد ڪانه هئي، سا هرگز مَ ڪج، ۽ قلم جي چپ کي سادي منهن ڪاغذ جي چمڻ کان جهليل مَ رکج، ۽ نازڪ مزاجي ڇڏي قلم کڻڻ جي تڪليف سهج! جي اڄ خط جا ٻه حرف دشوار آهن، ته سڀاڻي قبر تي اچي فاتح پڙهڻ جي تصديق ته تمام لاچار ٿيندي! شال هر جاءِ خيريت سان هجين- زياده دعا.

 

جواب

حضور عالي! عنايت نامو فيض شمامو، هن پار جي خط ۽ خبرچار نه رسڻ جي گوشماليءَ ۾ ورود سان مشرف ٿيو. تنبيہ مناسبي ۽ ڇينڀ واجبي آهي، پر ٻانهو اتان رخصتياب ٿي، هتي اچڻ سان، هن زمين جي آب ۽ هوا جي ناموافقت سببان، تپ جي بيماريءَ ۾ گرفتار رهيو، ٻيو اڃا عافيت منهن ڪڍيو، ته جناب مستطاب فلاڻي جي امر عاليقدر سببان، واٽ ڦريندڙ چورن جي ڳولا ۾ ڪيترا ڏينهن بيابان ۽ ڪوهستان ۾ سرگردان ٿيو ۽ خط موڪلڻ کان لاچار رهيو. ٽيو دل ۾ چيم ٿي ته ڪو وجهه ملي ته پاڻ وڃي روبرو قد مبوسيءَ سان ڪامل ملاقات جو شرف حاصل ڪريان، ۽ پرپٺ جي اڌ ملاقات تي ڪهڙي دل ڌريان. چوٿون، جناب جي خاطر مبارڪ تي هن طرف جي نيازنامي جي مطالعي ڪرڻ، وري ان جي جواب لکڻ ۽ موڪلڻ جي تصديع ڳري سمجهي به، انهيءَ ڪم کي ترڪ ڪيو ويو هو؛ ڇا کان جو آڳاٽو هڪ عريضو هلايو ويو هو، تنهن جي جواب سان نيازمند سرفراز نه ٿيو هو، پنجون ته موڪليل ۽ عريضي جي جواب ۾ بيشمار انتظار کان تنگ ٿي، خاطر جي پريشانيءَ کان خيال ۾ مضمون تراشي ۽ عبارت نويسيءَ جو نقش صورت نه ٻَڌندڙ سمجهي، خطن جي تحرير مصلحتاً ڇڏي ويئي هئي، ته من شڪايت جهڙي مضمن سان هي مجهور ياد به اچي! سو انهيءَ ڊگهي اميد جي فڪر، دل گهربل نتيجو ڏيکاريو. هاڻي جي هن طرف جو طومار خاطر شريف تي بار نه آهي، ته جواب اچي يا نه اچي، غلام کي خط موڪلڻ کان عار نه آهي. اڳ ۾ جيڪي گذريو سو ڪجهه مجبوريءَ ۽ ڪجهه بي پروڙيءَ سببان هو. اڳتي اهڙو ڪم نه ٿيندو. هي قصور معاف ٿئي! واڌو حد ادب.

 

17- خط، هڪ جيڏي ڏي

مشفق منهنجا! مدت مديد گذري، جنهن ۾ نه سلام، نه ڪلام، نه خط، نه پيغام! هتان لاڳيتا خط موڪليا ويا، هڪڙي جي جواب سان به خوش نه ڪيوَ، ۽ ڪڏهن ويسر سان به خبر نه ورتوَ، ته ڪهڙو حال آهي، راحت آهه يا ملال آهي؟ روبرو پاڻ کي دوستيءَ ۾ سچو قرار ٿي ڏنوَ، پوءِ هيءَ ويسر ڇا لاءِ؟ بار بار هن مخلص کان خطن موڪلڻ جو اقرار ٿي ورتوَ، پوءِ هيءَ گيسر ڇا لاءِ؟ هائو، دعويٰ ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ دعويٰ ۾ پورو اچڻ ٻي ڳالهه آهي! هن عاجز، ان مشفق کي دوست بيريا ٿي ڄاتوَ ۽ ٻٽاڪين جهڙو ڪري نٿي سڃاتوَ، پر پَروڙ غلط هئي. هن ٻِه- رنگي زماني ۾ حال ٻيو آهي ۽ قال ٻيو آهي. اڃا ته وچان گهڻو پرانهون پنڌ به ڪونهي، جنهن ۾ خط جو پهچڻ مشڪل ڏيکاري- شال ذوالجلال اوهان جي دل کي سچائيءَ ڏي واري! واڌو ڇا لکجي؟ فقط، والسلام.

 

جواب

مهربان منهنجا! اتحاد نامو، سلام ۽ پيام نه رسڻ جي شڪايت ۾ آيو. ي مخلص هن جدائي ۾ ايتريقدر پريشان آهي، جو پنهنجي خبر به ڪانه اٿس؛ پوءِ مضمون گهڙڻ ۽ عبارت لکڻ جو حال ڪيئن معلوم هوندس؟ واهب الجود جي وجود جو قسم، ته ان اهليت جي چمن سينگاريندڙ ۽ وفا جي تازي نهال وهائيندڙ جي خدمت لازم المسرت ۾، ٿورا مراسلا لکڻ ۽ موڪلڻ، ٿوري دوستي ۽ محبت کان نه آهن بلڪ هن سببان، جو هر هر اِن دانش جي نقد پرکيندڙ ۽ پيس جي سِڪي توريندڙ جي نالي، قلم کڻڻ ۽ خط لکڻ، سڀڪنهن ڪَچي جو ڪم ۽ ناتمام جو مقدور نه آهي!

”سڄڻ تنهنجي جي لائق ڳالهه چئجي،

روا رک عجز کان ٿيندي زبان بند.“

مگر اهڙو ڪو وقت نه ٿيو، جنهن ۾ دل جو وڪيل دعائن جي صحيفن رسائڻ ۾ ويهڻ اختيار ڪري، يا خاطر جو قاصد، محبت شوق جي مقدمن جي تمهيد ۾ڪو قصور سان قدم ڀري- واڌو شوق، والسلام والڪرام.

 

 

 

18- خط عتابي

محبا! اُهي دوست ڪٿي جن پاڻ کي بيريا ظاهر ٿي ڪيو؟ اڃا گهڻي مدت به نه گذري، ته سچائيءَ جو اثر محو ٿي ويو! نه ڄاڻان ته گهڻيءَ مدت ۾ ڇا پيدا ٿيندو ۽ ڪهڙو نتيجو ڏيند0؟ شايد مٿڇري محبت هئي جا ٿوريءَ فرصت ۾ساهه ڇڏي ويئي، يا واٽهڙو دوستي هئي، جا اکين کان پاسي ٿيڻ سان لڏي ويئي! هائو، هن زماني ۾ دوست جو نالو سڻجي ٿو ۽ پاڻ ڪونه پَسجي ٿو. سڀڪو دوست، دوست چوي ٿو ۽ ڪين ڄاڻي ٿو ته دوست ڪير آهي ۽ دوستي ڇا آهي؟ فقط، والسلام.

 

جواب

مشفقا! ادب موڪل نٿو ڏئي، ته سڀڪنهن يري ان ذات، تعريف کان بي نياز کان استعمال ٿيلن لقبن ۽ هليلن چليلن عبارت سان سينگاري، ۽ اُن وجود توصيف کان بيپرواهه کان پراڻين وصفن ۽ ميرن استعارن مان آلودو ڪري- انهيءَ سببان جيڪڏهن مراسلن موڪلڻ ۽ رسمن يارن جي پيروي وٺڻ ۾ ڪنهن قصور واٽ لڌي، ته سو هن کان سواءِ آهي، جو مودت جي مادن ۾ ڪو فتور واقع ٿئي، ڇا کان جو هن مخلص جي دوستيءَ جو درجو، اُن سچارن جي ڌئل جي خدمت ۾، ان کان بالا آهي، جو رسمن ڇڏڻ ۽ تڪليفن وڍڻ سببان ڪمال جي مرتبي کان گهٽجي هيٺ وڃي! الحمدلله، جو معنوي محبت ۽ حقيقي رابطو واڌاري ۾ آهي، ۽ هي فنا في الشوق ٻيائي ڪانه ٿو ڄاڻي ۽ ”آءٌ“ کي زبان تي نٿو آڻي. پوءِ خط ڪنهن کي کي، ۽ سلام ڪنهن کي رساڻي” پاڻيهي پاڻ سان سخت خطاب نه ڪريو، ۽ پاڻيهي پاڻ تي عتاب نه ڪريو! فقط، والسلام.

 

19- خط عتابي

ڪيڏي مدت، انتظار جي سختيءَ ۽ شدت سان گذري ٿي، جنهن ۾ نوازش نامو نٿو اچي، بلڪ ڪو سلام يا پيغام به نٿو پهچي! ڪنهن چُغل ڪن پُر ڪيو، يا ڪنهن اوهان جي دل کي نهوڙي نِيو، يا دوستيءَ جو خيال ڇڏي ويو؟ لله في الله قصور هوندو ته معاف ڪندا، ۽ جواب جلد لکندا.

 

جواب

 منهنجا دوست پيارا، شال چڱيون اميدون اوهان سان همراهه هجن! هن آرزومند سَڌ ٿي ڪئي، ته پرانهينءَ جي گهڻن رنجن مان سڀڪجهه لکجي، پر قلم روسياه، هَٿ ۽ ڪاغذ ڪوتاه هجڻ سبب، لاچار دل جي دل ۾ رکي، سراسري حالت تحرير ٿو ڪري: خوش آهيان جو اوهان جي خوشخبريءَ جا لاڳيتا خط رسيا. پنهنجي گناهه بخشيءَ جي آرزو ڪئي اٿوَ- اوهان جي لياقت آهي، نه ته هن وقت ۾ اهڙي ڳالهه جي خيال تي ڪير ٿو اچي؟ آزمايو اٿم ته هڪڙي دم ۾ هزار ڏوهه ڪريان ٿو ۽ بخشائڻ جي دروازي تي هٿ به ڪونه ڌريان ٿو. سؤ کي وائي! اوهان کي آفرين هجي! جهانن جو بخشيندڙ سدائين انهيءَ دانش تي رکيوَ! هن کان اڳي، ڪن سببن کان (جي هينئر وساري ڇڏيم) ڪجهه شڪر رنجي هئي، جنهنڪري قلم جي مشڪي گهوڙي کي ڪاغذ جي ميدان ۾ نٿي ڊڪايم.

هاڻي جڏهن اُنهيءَ آزادگيءَ ڏي واٽ لڌيوَ ۽ پاڻ نياز جي حوالي ڪيوَ تڏهن اوهان جي خوشخوئيءَ جو نقش دل جي تختي تي ڪڍيم، جو ڪڏهن ناپديد ٿي نه سگهندو ۽ هن کان پوءِ حياتيءَ تائين هي مخلص ڪڏهن ان رستي ۾ پير نه رکندو!

”جيڪا گذري سا سڀ وساري مون،

دل مان آزردگي اُٿاري مون.

تون سراهي سين يادگيري ڪج،

خوش خبر، دوستن کي دم دم ڏج.“

 

20- خط عتابي

او دوستن جي گلا کي پسند رکندڙ ۽ بيپرواهيءَ ۾ حد لنگهندڙ! ڪئين خط موڪليم، جواب جي نوازش نه رسيم. شايد ان انتظار ۾ ٿا رهو ته هن طرفان ڪا گلا هلي! سو آءٌ دوستن جي خواهش جو غلام آهيان؛ چڱي دستور ان جو سامان پهچائي ڏيندس، دعويٰ ڪين ڇڏيندس!

 

جواب

يار پيارا، شفقت وارا! اوهان جي گِلا بجا آهي، منهنجو ڪم بيجا آهي. جتي هيڏا ڏينهن گذرندا خط نه ملندو، تِتي دوستن جي دل ڪيئن نه رنج ٿيندي؛ ڪنهن کي اتي ڪاوڙ نه ايندي؟ هاڻي گُهرجي ته بخش ڪجي. خدا ڄاڻندڙ آهي ته بيپرواهي نه ڪيم، روزمده جي ڪمن واندڪائي نه ڏنيم ۽ ٻيءَ به ڪنهن ڪار جي فرصت نه ٿيم! منهنجي دل تي اک سپاريو، ڪي نهاريو، ته هميشہ دل ۾ ٿا گذاريو. جتي واءُ کي به دخل ڪونهي، تِتي فراموشي کي ڪهڙي مجال؟ ڪجهه وقت صبر ڪريو، پوءِ آءٌ به نامه نگاري ۽ اوهين شڪر گذاري! فقط، والسلام.

 

21- خط عتابي

منهنجا مهربان! ڪهڙي مهرباني آهي جا مون لاءِ روا رکي اٿوَ؟ ڪڏهن ڪاغذ ٽڪر تي پنهنجي خبرچار به نه لکي اٿوَ! نه ڄاڻان ته اها مَٺي عادت ڪهڙي بيوفا کان سِکي اٿوَ؟ دوستيءَ جو ناتو بدنام ٿا ڪريو، ۽ پاڻ کي لازم الملام ٿا ڪريو! هن طرفان ڪهڙي ملالت جهڙي ڳالهه هلي، جنهن جي هيءَ سزا ملي؟ انهيءَ جوانمرديءَ تي آفرين هجي، ۽ ان وفاداريءَ تي تحسين هجي! صدقي وڃان انهيءَ سچائي تان، گهوري وڃان انهيءَ صفائي تان، قربان ٿيان انهيءَ دلداري تان، فدا ٿيان انهيءَ غمخواريءَ تان! توکي دلي دوست دين ڪريو سمجهيم ٿي، ۽ دل کان ڌَيم ٿي، ارڏاين تي ڪين ڪُڇيم ٿي، لاغرضيءَ جو سبب ڪين پڇيم ٿي، تنهنجيءَ رضا کي مهند رکيم ٿي، پنهنجي مرضيءَ کي پوءِ ڪيم ٿي- اڄ به اُها محبت جي پاسداري ياد ٿي رهي، تنهن ۾ ڪا ويسر يا گيسر واٽ نٿي لهي! گهڻي ماٺ ڪيم ته من پاڻهي سمجهو ۽ سوڌي دڳ تي اچو، گهڻو انتظار ڪيم ته من پاڻيهي سِکو ۽ ڪڏهن خط کڻي لکو! گهڻيئي ڪاوڙ کاڌم، جنهن آڦري لائي، گهڻيئي غم جي گرمي لِڪايم، جنهن اندر آگ مچائي! ڪئين دفعا معافي به ڏنيم، پر ڪم نه آئي، ڪيترا ڀيرا لاحول به پڙهيم، پر اوهان جي عادت اُهائي! ڇو دشمن کي خوشي ڏيو ٿا ۽ دوستن کي غم، ۽ اغيارن کي عد ۽ يارن کي ماتم؟ جيڪر مون ڏي قصور هجي ها، ته اکين مان پير ڪري اچي بخشايان ها، ۽ پٺ ورائي نهاريو ته اسان جون اکيون هميشہ چؤ واٽن تي اُڀيٺيون رهن، ۽ اوهان جي خبرچار لاءِ انتظار جا آزار ٿيون سهن! شايد اوهان جي خاطر انهيءَ ۾ خوشي آهي، ته ڪڏهن نه ڪڏهن ورچي من آسرو کڻي لاهي، سو جي سر ويندو، ته به قلب ۾ اهو خطرو نه ايندو! هاڻي اها عادت جلد مٽائجو، ۽ وڌيڪ پورهيو پلئي مَ پاڻجو- فقط، والسلام.

 

جواب

خط سڳورو عتاب گڏيل ۽ شڪايت ڀريل رسيو. چمي جي اکين تي رکيم ۽ سيني سان لايم، اُهو عتاب جو خطاب دل تي آب زلال کان لذيز نظر آيم- اُهو عتاب ڪهڙو نه مٺو آهي، جنهن ۾ دوست کلئي منهن ڳالهائي، ۽ ناز ۽ غمزي جي بڇ ڪرائي؟ سئو ثوابن ان خط سان نه پڙي، جنهن جو ڏوراپو يار پاڻ ڌري- وڏا وڙ، وڏا ٿورا، پر بيحساب، نه ٿورا! هيءَ ڳالهه زور عيب ٿيندي، جي دوستن کي خيال ۾ ايندي، ته منهنجو خط نه موڪلڻ بيوفائيءَ کان هو، يا صفائيءَ ۾ ميرائيءَ کان هو، يا دوستن جي مٿانهين مرتبي ۾ خلل پهچائڻ لاءِ، يا دوستيءَ جي رستي گهٽائڻ لاءِ، يارن جي يادگيريءَ جي ويسر کان، يا ڪنهن ڪم جي مشغوليءَ ۽ گيسر کان، يا ڪنهن واجبي ڪي ڪُواجي عذر ۽ اهمال کان، يا ڪنهن لاچاريءَ جهڙي حال کان، يا پرانهين تي صبر سهڻ سببان، يا بيپرواهه ٿيڻ سببان، يا مس ۽ قلم جي سوس سببان، يا ڪاغذ ۽ لفافي تي افسوس ڪرڻ سببان، يا ڪاغذ ۽ لفافي تي افسوس ڪرڻ سببان، يا لکڻ ۾ وقت کرڻ سببان، يا موڪلڻ ۾ تڪليف ڪرڻ سببان- ڌڻي ڄاڻندڙ آهي ته انهن سببن مان ڪو سبب نه هو! ڄاڻي ٻجهي اُها وک کنيم، جنهن ۾ ادب نه هو؛ هڪڙو خط موڪليم. ٽنهن جو جواب نه رسيم، تنهنڪري قلم بند ڪيم ۽ پاڻ کي روڪيل رکيم. تنهن ۾ قلب راضي نٿي رهيم، پر مشهور قول تي عمل ڪرڻو پيم-

”درد دلِ دوست بهر رنگ رهي بايد کرد،

طاعتي گرنه بر آيد، گنهي بايد کرد.“

شوق ۽ آرزومنديءَ جي داستان جو بيان، ٻٽاڪن جو شيوو ٿي سمجهيم، پڌري پٽ محبت جي ذڪر ۾ اظهار جو چپ اُپٽڻ، خودنمائي ۽ تڪليف خيال ٿي ڪيم- اهو ڪن کنهڻ ۽ هوشيار ڪرڻ جو شرف اوهان لاءِ ٿي ڇڏيم، سو مقصد مراد موجب حاصل ٿيم! اڄ معافي ملي، اڳتي اهڙو ڪم نه ٿيندو، جنهن جو ڪو ڏک ڏوراپو ايندو. سچ وسهو، ته هروقت اُن مروت ۽ مردميءَ جي دائري جي مرڪز جي يادگيري (جا سچائيءَ جي شيوي اختيار ڪندڙ جي الفت جو محڪم رڪن آهي) خاطر اخلاص ماثر ۾ هئي ۽ آهي، ۽ ڪنهن ويل ان سڳوري جي مٿانهين مرتبي جي نگهبانيءَ ۾ ڪو ناهي ڪندڙ نه هو، ۽ نه آهي.

”نه تنهنجي ياد کان مون ماٺ ڪو دم، فراموشي، فراموشي ٿيم ڄڻ.“

 

22- خط، خلاصي ڪاغذ نه موڪلڻ جي عتاب ۾

”پرائي خط جي پاسي تي ڪيئي ياد،

نه ڄاڻان ڪيئن محبت برطرف ٿي!“

دوستا! ”فلاڻي“ شخص جي خط جي پاسي تي مون کي ياد ڪيوَ، سمجهيم ته برباد ڪيوَ؛ ڪاغذ جو ٽڪر ڪونه ٿيو هو، يا قلم قسم کنيو هو، جو منهنجي نالي ڪاغذ ڪونه لکيو؟ يا دوستي وڌي پوڻ جي گمان کان پاڻ کي گوشي ۾ رکيوَ؟ انهيءَ تي مَرڪان ٿو جو اڃا به ياد آهيان، ڪجهه دلشاد آهيان! اڳتي، جي گرميءَ جي رت مان ڪجهه رهيل آهي ته اهڙو طلم مَ ڪجو، جي نه، ته معاف رکجو. پرائي خط تي به ڪيم لکجو؛ ڇا کان جو دل جو ڳجهه ٻين جي ڪاغذ ۾ لکڻو، ڄڻ ڇت تان ٿالهه اڇلڻون آهي! واڌو ڇا لکجي- فقط، والسلام.

 

23- خط، خوشيءَ جي محفل ۾ نه ڪوٺڻ جي عتاب ۾

منهنجا نوازش فرمائيندڙ! ٻڌم ته خوشيءَ جي مجلس سينگاريوَ، ۽ هن اڀري دوست ڌاران، سڀني جي طلب ڪيوَ. واه واه! ڪم تمام بجا، مبارڪ ۽ زيبا- تنهن ۾ هن مسڪين کي ياد نه آڻڻ، ڄڻ ڪڏهن ڪنهن سبب کان سواءِ فقط ويسر کان آهي ته ڇٽل آهيو[*] ۽ جي ٻي طرح، ته آگاهي فرمايو ته يا مٿو گريبان سان ڍڪيان[†]، يا اوهان جي اکين تي آستين مهٽيان؟[‡]

24- خط، ڀرپاسي اچي منهن نه ڏيکارڻ جي عتاب ۾

دوستا ٻڌم ته هن گردنواحيءَ ۾ اچي مڙيني دوستن کي پنهنجي ملاقات کان مسرور ڪيو، مگر هن مخلص کي محروم رکي، موٽي دولتخاني ڏي منهن ڏي منهن رکيوَ- شايد اسان غريبن وٽ اچڻ عيب لڳوَ، جو پڙهڻ پراڻا اٿئون! هائو، تهيدست کي ڪير ٿو پڇي؟سڀڪو زر واري جو پاسو ٿو وٺي! خير، اها مڙئي هن دوستدار جي قسمت جي ياري ۽ طالع جي مددگاري ٿي ڏسجي، ۽ ٻئي ڪنهن کان گلا ڪانه ٿي ڪجي- فقط، والسلام.

 

جواب

مهربانيءَ ڀريل خط، نيازمند جي قصور خدمت جي شڪايت ۾ وارد ٿيو. ٻانهي کي ملازمت جي شرف اندوزيءَ جي آرزو ڪمال درجي جي هئي، پر ري طلب ۽ ري اجازت دولتخاني ۾ پير پائڻ ادب جي اُبتڙ ڄاڻي ياد آوريءَ جو منتظر رهيو. هاڻي جي حياتي باقي آهي، ته هفتي يا ٻن ۾ پاڻ کي اتي ٿو رسائي! فقط، والسلام.

 

خط، گلا جي عتاب ۾

مشفق منهنجا! معلوم نه آهي ته ڪهڙي قصور سببان هن مهجور کان رنجيدگيءَ جو مذڪور اوهان جي حضور ۾ هلي ٿو؟ محبت جو شرط هيءُ آهي، جو جيڪڏهن مرضي مبارڪ جي مخالف سو حرڪتون سمجهيو، ته به چشم پوشي ڪريو! زماني جو ڊول اهو ٿيو آهي، ۽ اهو پيارو ڪنهن شڪايت جو ڳولو آهي. هائو! هي زمانو ۽ دل جي محبت معاف ڪري؟ ڪهڙو محال خيال آهي!

 

جواب

”رهي خوش، ڪيس جنهن گلا ساڻ ياد،

ڪيئي دل ڏنل پنهنجي ان ڍول شاد.“

جيڪر هن پاسان ڪا گلا نه هلي ها، ته هي پنهنجي مقصد يعني اوهان جي يادگيري ڪرڻ کي هرگز نه ملي ها. خداوند تعاليٰ جو شڪر، جو منهنجي گلا، يادگيريءَ جو نشان بخشيندڙ ٿي! ياد هوندو هڪڙي ڏينهن زبان سڳوريءَ تي جاري هو ته ”جيڪڏهن انهيءَ طرفان ڪا حاج يا ڳالهه هلندي، جا ڇينڀ جوڳي هوندي، ته به زبان کي گلا جو آشنا نه ڪندس.“ هينئر دوستي هڪ پاسي رکي انهيءَ ڳالهه تي اچي بيٺا آهيو! ازروءِ آزمائش، ڪن روشن (يعني خطن لکڻ) ۾ جي وکون مهند کنيون هُيم، تن ۾ جوابن جي دير سببان ڪوتاهي ڪيم، ۽ اوهان جي جوابن جي ڊگهي انتظار جي آزار جي گفتار ڪن دوستن وٽ زبان تي آنديم، آخرڪار جڏهن دل کي زبان جو دوست ۽ آشنا نه ڏٺم، تڏهن ڄاتم ته هيءَ واٽ چوڻ جي آهي، نه هلڻ جي- هن کان پوءِ ڪڏهن هن عاجز کان اهڙو ڪم نه ٿيندو، يعني ڪنهن جي قول تي دل کي ڀروسو نه ڏيندو- فقط والسلام.

 

26- خط، ڳجهيءَ ڳالهه جي نه لڪائڻ جي عتاب ۾

دوستا! ڪيترن ريزالين کان درگذر ڪيم، ۽ زبان تي نه آنديم. ڄاتم ٿي ته هوش هٿ ۾ اٿوَ، انهيءَ روش کان ڪڏهن اُڀيندؤ بلڪ ٻيو به جيڪو هن ڳجهه تان پردو کڻندو، تنهن کي بند ڪندؤ. پر افسوس جو اوهان پاڻان وک وڌائي ۽ هن طرف جي ڳالهه سڀڪنهن مجلس ۾ آکاڻي ڪري ٻڌائي! موچارائي اٿوَ جي انهن حرڪتن کان پٺتي ورو، يا سا واٽ وٺو، جنهن مان اوهان کي فائدو به سري، ۽ سڀڪو اوهان جي تعريف به ڪري!

”سڻ سياڻا ڪنهن جو پردو ڪيم ڦاڙ،

تنهنجو پڻ هوندو لِڪل پردي ۾ لنگ!“

 

جواب

الاهي آفت اُنهيءَ چغل تي ڌري، جو بهتان ڪري! انهيءَ دل دي رڌل، فتنت جي دوست، وچور وجهندڙ- بي سببي عداوت ۽ ڪُواجبي خصومت سان هن کان اڳي به جيڪي ڪيو، تنهن تي به من صبر جهلي ڪم ڪريم تي رکيو، هينئر اهو حيلو ۽ افسون هت چڙهيس، جو اُهو عدو خوش ٿيو ۽ آءٌ گهڻو ڪڙهيس- سائين منهنجا! خيال ڪريو ته اهڙو اَڀاڳو ڪيئن ٿيندس، جو ڪڏهن مهربانيءَ سان ياد فرمايو ٿا، تنهن جي شڪر کان هڪ دم به زبان کي بيڪار نٿو لهان، سو ٻئي طرف چَپ کي موڪل ڪيئن ڏيندس؟ خدا تعاليٰ ڄاڻندڙ آهي ته هرگز انهيءَ رستي کان نه ڪڏهن آيو آهيان ۽ نه ڪڏهن ايندس! فقط، والسلام.

 

27- خط، ڪم نه ڪرڻ جي عتاب ۾

منهنجا مهربان! ڪئين مرتبا ”فلاڻي“ ڪم بابت لڳيو ويو، پر اوهان سَهي جي ننڊ ۾ گذاري ڇڏيو- واه! چڱو جو خاطر جمع ٿي، اڳتي به اميد ٿي. محبا! ڪيترو ڪم هو، جو اوهان کان ٿي نه سگهيو؟ دنيا احتياج جو جهان آهي. جيڪر في المثل اهڙي حاج هجي ها، جنهن کي ڪم ڪري ڳڻجي ها ته پوءِ اوهان ۾ ڪهڙو آسرو رکجي ها؟ ”فلاڻي“ شيءِ نڪي ملڪ ۾ اَلڀ ٿي آهي، نڪي مَلڪن کڻي اُڀ تي نِي آهي مگر اُتي جي ڪن خاصيتن سببان ساراهيل، ۽ ڪنهن ضرورت ۾ ڪم آيل آهي، تنهنڪري تلاش ڪئي ويئي هئي- هاڻ پاڻ جهلجو، ۽ ڪِيمَ موڪلجو!

”پائي گدا لنگ نيست، ملڪ خدا تنگ نيست!“

ڪٿان به گهرائي وٺبي، ۽ اوهان کي تصديع نه ڏبي! فقط، والسلام.

 

فصل ڇهون

 

پنهنجي يا ٻئي جي پاران تقصير جي عذرن ۽ ان جي جوابن جي خطن ۾

ڀلارن وٽ جهڙي طرح عتاب ڪرڻ دوستيءَ ۽ دل جي اڇائيءَ کان آهي، تهڙيءَ طرح عذر ڪرڻ به سچائيءَ ۽ صفائيءَ کان آهي. جنهن کي پنهنجي تقصيرن جو عذر الله تعاليٰ اڳيان ڪرڻو آهي، سو ٻئي جو عذر جو قبول ڪندو. ٻئي کي مهت ڏيڻ مفت جو فائدو، جيڪو سمجهندس تنهن سندو! توڻي، عذن جون صورتون ڪيترن نمونن جون ٿينديون، پر تفصيل وقت جي مناسبت تي موقوف رکي، اجمال جي واٽ سان ڪي طرحون لکجن ٿيون:

 

27- خط، پنهنجي پاران تقصير جي عذر ڪرڻ ۽ عفو گهرڻ بابت

جڏهن اوهان جهڙن سڳورن، سونهارن، ڀلارن ۽ سچارن جي ڪريم عميم اڳيان هن آثيم جا ههڙا ڏوهه ڏسڻ، سارڻ ۽ ڳڻڻ سنڀارڻ جهڙا نه آهن، تڏهن:

”هلي جيڪا حالت، نه وجهه تون نظر،

جو آهيان هِريل تنهنجي احسان جو.

طمع عفو جي آءٌ ڪيئن لاهيان،

وڏو پاند، بخشش ڪه عصيان جو؟“

پر جڏهن خاطر شريف تي انهيءَ ذلت سبب گراني معلوم ٿي ٿئي، تڏهن نيازمنديءَ جي دامن ۾ محڪم هٿ وجهيو، عفو ۽ بخشش جو منتظر ٿو رهي.

”ڪانه آنديم ميڙ تو وٽ تو سوا،

ميڙ تون منهنجي، کمين پڻ تون خطا!

طمع تنهنجي عفو مان ڪيئن لاهيان؟

منهنجي ڏوهن کان وڏي تنهنجي عطا!“

هن آڳاٽي خادم جي ڪنهن گناهه جي صورت سببان، خاطر مبارڪ جي روشن آئيني تي ملال جي ويٺل غبار کي، جيڪڏهن ڪرم عميم جي آستين سان محو فرمائيندا، ۽ ”وصفح الصفح الجميل“ جي مقتضا موجب، هن ڪميني جي خطائن جي صحيفن ۽ ڏوهن جي دفترن تي عفو جو انگ لکائيندا، ته حاڪم ۽ مختار آهيو!

مون ڪيا سي ڏوهه، جن جي عذر ۾،

ڪونه ڪو هرگز ڪري سگهندو ڪلام!

مون ڪيو، جيڪي ٿيو منهنجي هٿان،

ڪر تون مون سان پنهنجو لائق- والسلام.

 

جواب

نيازمنديءَ جي ساري مضمون تي مطلع ٿي، معذرت ۽ بخشائڻ جي قواعدن جي مضبوطي سمجهي، تقصير گذريل ۽ خطا لنگهيل کي نه هئل ڄاڻي، عفو ۽ گذر جي بِنائن جي پڪائي ڪئي ويئي، ۽ خاطر جي رنجش جا سبب قلم مان ڪڍي، ڏمر جي باهه کي اک ٻوٽڻ ۽ نهار نه ڪرڻ جي پاڻيءَ سان ٺاريو ويو. هن کان پوءِ دل مان دغدغو لاهي ڇڏجو؛ عتاب جي خوف ۽ پاڙو جهاڙ جي ڊپ کان اَمن وارا رهي، پاڻ کي فڪر ۽ عم ۾ مَ گڏجو، ۽ محبت جي مرتبن ۽ دوستيءَ جي درجن ۾ ڪنهن قصو رکي واٽ مَ ڏجو! فقط، والسلام.

 

29- خط، معذرت جو پنهنجي پاران

شرمندگيءَ جي مقام ۾ هن ويچاري جي عذر جي زبان بند آهي. جيڪڏهن عاطفت بي غايت ۽ عنايت بي نهايت جي نسيم سان، عذر جي نهال کي قبوليت جي پرجهڻ ۽ سامائجڻ سان تازگي بخشيندا، ۽ معذرت جي باغيچي کي مهربانين ۽ بخشڻ جي سرهين هيرن سان ساوڪ ارزاني فرمائيندا، ته حاڪم آهيو!

”ڪا بوءِ باغ عفو ڪرم جي تون ڏي، جو ساهه

روضي رضا جي هير جو ’مشتاق‘ ٿو رهي!“

 

جواب

باوجود تقصير هن فقير جي، اوهان جو عذر ڪرڻ نهايت عجيب نظر آيو! هي ناقص ڇا، بلڪ اورين پرين تي تو ڌئلن جي چُنڊيل جي خدمتگاريءَ ۾ اُڀيڻ، لازم ۽ واجب بلڪ فخر ۽ نازش جو سبب آهي. تنهن ۾ قصور جي سببان، معذرت جي تمهيد، هن قصور ڪندڙ جو وظيفو آهي؛ نه تو ذره پرور ۽ احسان گستر جو-

”مون کان تقصير پيئي خدمت ۾،

عذر ان جو سدا سهائي مون.

تون ڪرين لطف ۽ ڪرين ٿو عذر-

اِي تو ري نه ڪم ٿئي ڪنهن کون!

عذر مون کان ٿئي ٿو هڏهين ڪونه،

ڇو لڄيءَ کي لڄي ڪرين ٿو تون؟“

 

30- خط

جنابا! جيڪڏهن ضعف جبليءَ بشريءَ جي بنا تي- جنهن ۾ ”وخلق الانسان ضعيفا“ وارد آهي- ڪو گناهه صادر ٿيو، ته هي لطفن ۽ احسانن جو هريل ڊگهي اميد رکي ٿو ته حضور جي عنايتن بي غايتن، ۽ بخشش جي نهايتن سان، بندن شرمندن جا ڏوهه ۽ پاپ محو ٿيڻ قبوليندا!

”دل ڊڄي منهنجي جنهن گناهه ڳنا،

تنهن جي بخشش کي سو ڇڏڻ آسان.

اڻ پڇي ڪر معاف مون کي خطا-

لطف تنهنجي جو بحر بي پايان!

مون ملامت سوال دم سرندي،

پڻ ڦڪائي جواب وقت عيان

تنهنجي رغبت رضا، سندم مرجع،

عذر جنهن سين وڻئي تون مڃ، ڏي مان!“

 

جواب

اوهان جو عذر ڪرڻ، زور عجيب آهي، اهو سڳورو شرف هٿ ڪرڻ به اوهان جو موچارو نصيب آهي! بيشڪ چڱا چڱائي ڪن ۽ ڪين سارين، اَڀرا ان وٽ بي ادبي ڪن، تنهن ڏي ڪين نهارين. خطا هن خطاڪار جي هئي، پوءِ به عذر فرمايو- انهيءَ صورت سان، هن فقير ڪثير التقصير کي حجالت ۽ شرمندگيءَ ۾ وڌايوَ.

”عمر کان آءُ پيو مهلت گهران،

شڪر تنهنجي لطف جو، تان ڪي ڪريان.

پر نه ڄاڻان سا ڪندي مون سين وفا،

عذر جي حد ناهه ڪنهن پر دم ڀريان.“

 

31- خط

هن گنهگار جو حال، انڌارين راتين وانگر ظلمات ”بعضها فوق بعض“ جي وصفن سان موصوف آهي. جيڪڏهن، صفائيءَ ۽ معافيءَ جي پرهه ڦٽڻ جي اوائلن جي بشارت ان کي رسي، ته في الحال نور عليٰ نور جي صفتن سان سڃاتل ٿئي!

”ڏوهه جيڏي معذرت ناهيم پر،

آس احسانن ۾ آندي مون اَپر.

تنهنجي دائم بخشِ جو مجرم مرڪ،

عفو جا هريل مَ لوڌج در بدر!

تو سوا، تو وٽ نه منهنجي مِر ڪا،

پاڻ پس تون پانهنجو لائق ڪو ڪر!“

 

جواب

محبت جي سوڌي رستي کي لازم ڪري وٺڻ، مهر ۽ موَدت جي سنئينءَ واٽ تي هلڻ (جو مڙيني خيرن جي گڏ ڪرڻ جو سبب، ۽ سڀني فخرن جي ميڙي وٺڻ جو وسيلو آهي)، هن جو گهرندڙ ٿيو ته قبوليت سان معذرت جو مقابلو ڪجي، ۽ اوهان جي گناهن جي صحيفي تي عفو جو قلم ڪڍجي.

 

”ڪيئن جفا ساڻ توکي وٺندس؟ جو

پڪ پروڙيان ٿو تنهنجو حب صحيح!

دشمن کان چڱو، نه آهه چڱو،

دوستن کان قبيح، ناهه قبيح!“

 

32- خط

جڏهن جناب جو ڪرم عميم، هميشہ برڪرداريءَ جي واديءَ ۾، اڃايل کي مهربانيءَ ۽ بخشيش جو صاف پاڻي ٿو چکائي، ۽ گنهگاريءَ جي مجلسن ۾، گندي ڪپڙن ٿيلن کي، ٻاجهه ۽ لطف جو لباس ٿو ڍڪائي، تڏهن جي هن شرمندگيءَ جي ماريل کي، عفو جي خوشخبري ۽ رضامنديءَ جي مبارڪ رسائيندا، ته ڪُپر ۽ عجيب نه آهي.

”ڏوهين جا تون جڏهن هٿ ٿو وٺين،

ڪر ڪرم سان عذر منهنجو پڻ قبول.

ميڙ آنديم عاجزي، شرمندگي،

ميڙ منهنجي کي مَ تون مشفق عدول!“

 

جواب

فرمان عظيم الشان ”فاعفوا وصفحوا“ جي سان، گذريل جفا جي نيش کي وفا جي نوش سان کنيوسون، ۽ لنگهيل دل آزاريءَ جي خار کي مهر ۽ هواداريءَ جو گل سمجهيوسون. دوستن جي پاران معذرت ڪهڙي، جا لذت ڏيکاري ٿي ۽ دل ۾ ويٺل معذرت ڪهڙي، جا لذت ڏيکاري ٿي ۽ دل ۾ ويٺل وحشت کي اُٿاري ٿي؟

 

”زبان عذر ز ابروي خشم چين ببرد،

کلام چرب زبانان ز سينه کين ببرد.“

 

33- خط

خبر پهتي ته ڪن چغلن جي چيچيائيءَ کان (جن پنهنجي غرضن جي لالچن ڪري، انصاف جي سوڌي دڳ کان منهن موڙي، سچ جي برخلاف بي حاصل حڪايت ۽ سراسر ڪوڙِ روايت عرض رکي آهي، جناب جي خاطر شريف تي ملال جي لٽ جاءِ لڌي آهي! ممڪن آهي ته ڳري ساک کڻڻ ڌاران، نه کڄندي. آهي! ممڪن آهي ته ڳري ساک کڻڻ ڌاران، نه کڄندي. سو، الله تعاليٰ جي بزرگيءَ ۽ وڏائيءَ جو قسم ته هرگز فڪر جي آڱرين، اِنهيءَ حال ۽ مقال جا اکر هن ناقص جي خيال جي صفحي تي نه لکيا آهن، ۽ انهيءَ صورت جا مثل به هن خاطر تي نه رسيا آهن!

”اچي چغل آن وٽ ڪئي ڳالهه جا،

سا منهنجي چپن کان به ڪنهن ڪن سئي.

نڪي ڄڀ تي آئيم نڪي دل اُتي،

نڪي منجهه عقيدي منهنجي هئي.“

 

جواب

ڪن ماڻهن جي ڳالهه مان (جن تي ڪجهه ڀروسو هو، ۽ حقيقت ۽ نيڪ خواهيءَ جي صورت ڏيکاريائون ٿي) ٿوري خدشي منهن به ڪڍيو، ۽ اُن مان غرض ۽ لالچ جي بوءِ به آئي؛ اگرچ ”اِن الظن لايغني من الحق شيئا“ جي حڪم موجب، اڳيئي اُن جي چوڻ تي ويساهه نٿي ڄميو، پر وري اوهان به پنهنجي پاڪدامنيءَ کي ڳريءَ ساک سان اثبات ڪيو، تڏهن اسان به پري يقين سان مڃيو.

خاطر جمع فرمائجو ۽ دل ۾ ڪو حيلو مَ ڀانئجو! هاڻ محبت جي منهن ۽ صداقت جي وات کان سواءِ، جيڪو وحشت جو نڪتو پروڙيو ويو، سو اڻ چيل ۽ اڻ سئل ڄاتو ويندو.

”حاسدن جي ڪلام کي ناهي،

دوستن کي درست، داد ڏيڻ!

قول ڪوڙن جي ساڻ ڪيئن ٺهي،

يار صادق ڇڏڻ، ڪر ڌار ٿيڻ؟“

 

34- خط

هن وقت معلوم ۽ مفهوم ٿيو ته ڪنهن غرض وارن (جن جي قلبن ۾ مرش آهي)، بي اصل حڪايتون ۽ پنهنجو ٺاهيليون روايتون (جي نڪي هيون، نڪي چپ مان نڪتيون، نڪي ڪنهن ڪَنَ سُيون) حضور عالي ۽ خدمت متعالي ۾ تقرير ڪيون آهن! جناب جي پري پروڙ ۽ ڪامل عقل کان عجب آهي ته موافقن دوستن بابت، منافق دشمن جون ڳالهيون، ڪهڙيءَ طرح سڻڻ فرمايو ٿا، ۽ سڀڪنهن جي حال جي حقيقت جي ڳولا ۾، فڪر جو گهوڙو ڪونه ڊوڙايو ٿا!

”جنهن ۾ عش هوءِ، سو ٿئي پڌرو،

منهن ڪوڙي جو جيئن وني ٿو سياهه!“

سڀني وٽ ثابت آهي ته دشمن ۽ چُغل، پنهنجي اندرئين حسد سببان موچارائين جي جواهرن کي مَٺاين جي ڌاڳي ۾ پوئيندا آهن، ۽ سهڻيءَ صورت کي قبيح ڪپڙي ۾ ظاهر ڪندا آهن، ۽ موچارين عورتن سان پهاڄن جي رسم رکندا آهن، ۽ چڱيءَ کي مَٺي چوندا آهن؛ تنهن ۾ انهن جي چيچپائيءَ ڏي التفات ڪرڻ ۽ انهن جي محالن مقالن جو سڻڻ، دوستيءَ جي رستي ۾ نهايت خلل وجهندڙ آهي- جيڪي چيو اٿن، تنهن کان هي عاجز هميشہ پاسي رهندڙ آهي.

”سو نه منهنجو ڏوهه جو دشمن ڪيو،

تان به مڃيو مون ۽ آندم اعتراف.

هاڻ ڪر تون عفو جيئن اڳ پڻ ڪرين،

بخش تنهنجي ۾ نه سنڀران ڪو خلاف.“

 

جواب

جن اکرن کي فساد وجهڻ جو قصد ٿي ڀانيوَ، تن پر پُٺ ڳالهيون پئي ڪيون، مگر ڪنهن کي اها جرات نه ٿي، جو هن مخلص جي روبرو چپ کولي، ۽ نڪا هن کان پوءِ ڪا ڳالهه ٿيندي. هن طرف کي هميشہ ”سَبَڪَ مَنّ بَلَغَڪُ“[§] جي معنيٰ دل جي اکين اڳيان آهي، ۽ ”اِنّ جَاءَ ڪم فاسق بناءِ“ جو مضمون هِئين ۾ حل ٿيل آهي. ڪو اسان جي دوستيءَ جو رستو اهڙو جنهن ۾ بدگوئي ۽ حاسد جو دخل هجي، يا جنهن کي يقين سان يار عزيز سمجهجي، تنهن کي چغلن جي چيچپائن تي ذليل ڪجي- اَستَغفِر اللهُ العَظِيم!

”دوستيءَ جي پَڪي جا آهي پاڙ،

تنهن کي لوڏي حسود ڇا لوڏي!“

 

35- خط، معذرت جو ٻئي جي پاران

جنابا! جيڪي سچ ڪوڙ گڏيندڙن، ”فلاڻي“ جي بابت خدمت سڳوريءَ ۾ رسايو آهي، سو سڀ بهتان خالص ۽ ڪذب صريح آهي. جيڪڏهن في المثل جناب جي بي نهايت حلم ۽ ڪمال ڪرم جي ڀروسي، ڪا خطا واقع ٿي هوندي ته عفو ۽ عاطفت جوڳي آهي، نه پاڙو جهاڙو ڪرڻ جي لائق.

”ڪري ڪونه عالم ۾ جيڪر خطا،

ڪٿي عفو محسن جو ظاهر ٿئي؟“

 

جواب

جنهن دستور سان فرمايو اٿوَ، ”فلاڻي“ جي گناهن جي صحيفي کي (جو آرام جي رڪنن جي ڌٻڻ جو سبب ٿيو هو) درگذر ڪرڻ جي پاڻيءَ سان ڌوئي، ڌمر جي باهه کي بخشڻ ۽ ڇڏي ڏيڻ جي ڇنڊي هڻڻ سان ڍرو ڪيو ويو، ۽ اوهان جي فرمائش سبب ان جي خطا کان پاڙو جهاڙو جي واڳ موڙي، سياست جي حڪم کي حلم ۽ کانڌ جي مهربانيءَ گهرڻ سان موقوف ڪيو ويو.

”مون ڇڏيو، ڪو توجِهو آهي ڇڏائيندڙ ٻيو!

حڪم جاري تنهن جو جا، قول تو مقبول آهه.“

 

 

 

36- خط

پسند ڪيل عادت، جنهن کي موڙي ڪرڻ وٺڻ جو همت ۽ طاقت وارا اهتمام رکن ٿا، ۽ وڻيل خصلت، جنهن جي ڪسب ڪرڻ ڏي اختيار جا صاحب ميل ڪن ٿا، چڱي عفو جي موچارائي ۽ ڀلي بخشش جي پورائي آهي؛ تنهن ۾ جيڪڏهن ”اَلعَفوُ عِندَ القَد رُه“ کي اکين آڏو اُڀياري اڻ ڳڻيلن مهربانين سان (جي عام ۽ خاص سان شامل آهن) ”فلاڻي“ جي اجاين ڪمن ۽ قولن تي اک بوٽڻ ۽ درگذر ڪري پلؤ وجهي ڍڪي ڇڏيندؤ، ۽ ڪڏهن دل ۽ زبان کي اُن جي ذڪر جو آشنا ٿيڻ به نه ڏيندؤ، ته هن هوا- خواه تي لطف عميم ۽ احسان عظيم رهندو، ۽ هميشہ شڪر گذاريءَ کان وار وار جي زبان کي غافل نه رکندو.

”جود تنهنجي تي اميدن کي هزارين خرمي،

عفو تنهنجي جو گناهن کي سدائين افتخار.“

 

جواب

”فلاڻي“ جي خطا اهڙي نه هئي، جا عفو ڪجي، ارادو هو ته ڀلي اُن کي سيکت هجي؛ پر اوهان جي يار وجهڻ سبب ڏمر کي ”وَالڪاظمِين الغَيظ“ جي پاڻيءَ سان وسائي، ۽ ڪاوڙ جي ٻار کي ”خذالعفوِ“ جي واءَ سان اُڏائي، ”ومن عفا واصلح“ واري بيحساب ثواب ۾ محڪم اميد رکي، اُن يج سڀڪنهن خطا جي عيوض عطا جي واٽ ورتي ويئي. ”عفو اُن جا ڏوهه ڪيا مون في الحقيقت يار کي، ري گناهن، عفو جو او ڪيئن ٿئي ها آشنا؟“

 

37- خط

روشن راءِ ۽ سورج سهاءِ تي پڌرو ۽ ظاهر آهي، ته مٺائي جي آشنائن بيحيائن، فتنت جاڳائڻ جي چالاڪن بيباڪن، ماڻهن ۾ شيطانن بيڌيانن جي وسوسن وجهڻ ڪري ”فلاڻو“ لطفن ۽ احساسن کان (جن جو هميشہ هريل هو) نااُميد ٿي آستان بوسيءَ جي شرف کان وانجهجي رهيو آهي، سو هينئر وعف عنهم“ جي ”حيل متين“ ۾ هٿ وجهي ججهيءَ پياس، گهنيءَ اَداس مان عفو جي آس رکي ٿو؛ تنهن ۾ جي ”والعافين عن الناس“ جي حڪم موجب اُن جي خطائن جو بخشائڻ جي قلم سان تدارڪ فرمائيندؤ ته حاڪم آهيو!

”جي ننڍن کان ٿين گناهه عظيم،

عفو آهي وڏن سندو اعظم.“

 

جواب

اوهان جي خط مبارڪ جي مطالع کان پوءِ ”فلاڻي“ جي مَٺن مَٺائين کي عفو جا پاند سان ڍڪي، ان جي گناهن جي نقش کي خيال جي دفتر مان منهن موڙڻ جي پاڻيءَ سان مَحو ڪري، اوهان جي شفاعت جي صفحي کي اجابت جي رقم سان ۽ مطلب جي صحيفي کي قبوليت جي عنوان سان مزين ڪيو ويو، ۽ خاطر ۾ جيڪو غبار هو، سو محو ٿيو.

”آهه عالم ۾ انهيءَ کي غم ڪِهو،

ٿيو ڇڏائيندڙ جنيهن جو تو جِهو!“

 

 

 

38- خط

ڪنهن ٿوري ڏوهه سببان، جو اوهان جي سُڻڻ ۾ آيو آهي، ”فلاڻي“ جي احوال جي ٻيڙي ملامت جي گرداب ۾ پيل، پشيماني ۽ پريشاني جي موجن لڳڻ ڪري اڌ ٻڏل آهي.

”ڪو لڳي لطف جو، جي تنهن کي واءُ،

تان ڪنڌيءَ ڇوٽڪي جيءَ سان رسندي.“

 

جواب

موافق مضمون ”ڪفيٰ بالله شفيعا للمذ نب“ جي اڳي ارادو هو ته ”فلاڻي“ کي عفو جي اشارت ۽ بخش جي بشارت سان شاداب ۽ ڪامياب ڪجي. وري اوهان جي سفارش به اُن سان گڏي، تڏهن هر طرح اُن گناهه کان درگذر ڪري، اُن کي معافي ٿي ڏجي.

ڪيئن انهيءَ ڏوهيءَ سان پارو جهاڙو ٿيندي ڏوهه جي، تو جِهو ٿيندو ڇڏائيندڙ جنهين جي لاءِ اڄ!“

 

39- خط، معذرت جو معشوق بدران عاشق ڏانهن

دوستا! ”فلاڻو“ توڻي هن کان اڳي جِهل سببان سياهه دل هو، مٿي ۾ واءُ هوس ۽ نه ڪرڻ جوڳا ڪم ڪيائين- هاڻي جو پنهنجي ڪئي ڪمائيءَ کان موٽيو ۽ مٿو گريبان ۾ آندائين، ۽ اکيون پيرن تي سبيائين ۽ ڪک وات ۾ وڌائين، تڏهن اُن جي ڪيٻي تي اک مَ پائجو، ۽ اکين کان مَ اڇلائجو. اُن جي گناهن کان درگذر ڪجو، ۽ پنهنجن سچن دوستن مان ڳڻجو!

 

 

جواب

دوستا! جيڪي ”فلاڻي“ جي معافيءَ ۾ مرقوم هو سو معلوم ٿيو. ان جون بيواجبي جراتون ۽ بي مناسبي هلتون لکڻ ۽ ليکڻ کان ٻاهر آهن. ڪئين مرتبا درگذر به ڪيو ويو آهي، پر اک نٿي اُپٽجيس ۽ پاڻهي پنهنجي پير ۾ ڪهاڙي هڻڻ کان هٿ نٿو جهلجيس. اوهان جو فرمودو اکين تي، پر جڏهن ڀِترن اڇلائيندڙ کي پٿر لڳندا، تڏهن پروڙيندو، پوريءَ طرح پشيمان ٿيندو. هن عاجز وٽان هميشہ صلح ۽ سفائي هليل آهي، وٽائنس ارڏائي ۽ الغرضائي؛ جي ٻوڏ جي جواب ۾ جيءُ چئجيس يا گارين ڏيڻ تي تحسين ڪجيس ته به حيا ڪونه ٿئيس! منهنجو جيترو مقصد صلح ۾ آهي تيترو رُسڻ ۾ ڪونهي. جي اهو ارادو اٿس، ته منهنجي پڇڻ جو ڪهڙو ضرور؟ اوهين وٺي اچوس، آءٌ ڏوراپو ڪونه ڏيندس!

”دل ٽُٽل سڀڪنهن کي ٿي توکان بشارت امن جي،

جي رضا تنهنجي هجي، آهي اسان جي سا رضا.“


 


[*] . يعني ”معاف ڪيم“.

[†] . يعني ”جي منهنجو قصور هجي ته ڦڪو ٿيان“.

[‡] . يعني ”اوهين پنهنجي پشيمانيءَ تي روئندؤ، ته آءٌ آستين سان اوهان جون هنجون ”اُگهان“؟ ٻنهي فقرن جو حاصل ته ”يا آءٌ لڄي ٿيان، يا اوهين ٿيو.“

[§] . يعني گاريون توکي انهيءَ ڏنيون، جنهن توکي پهچايون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org