سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هدايت الانشاء

 

صفحو :1

هدايت الانشاء

هدايت الله ”مشتاق“

 

 

ناشر طرفان ٻه لفظ

 

ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا ويندا آهن ــ ۽ انهن جي بر وقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي ـــ پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشہ لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.

زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن ـــ سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان ۽ نهايت آب تاب سان هميشہ نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هوــ نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سوَن اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وِٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشہ وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هي به رکيو آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان ڪيترائي ڪتاب جهڙوڪ ــ گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ـــ اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن؛ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هڪ وڌيڪ ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

هيءُ ڪتاب سنڌ جي هڪ قابل شاعر، اديب ۽ عالم مولانا هدايت الهه ”مشتاق“ صاحب سنه 1312هه ۾ لکيو هو. وري هن محنتي مرد ان جي ڪتابت به پاڻ ئي ڪئي، ۽ مخدوم محمد عبيدا: صاحب جي ’فيض سبحاني‘ ليٿو پريس ۾ ڇپيو ـــ جو ان وقت تائين سنڌي ٽائيپ ۽ سندس ڇپائي عام ۽ آسان نه هئي.

سنڌ جي ماڻهن جي پنهنجي علمي دولت کان بيپرواهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو، جو هي ڪتاب انهيءَ پهرئين ڇاپي کان ٿورا ورهيه پوءِ صفا ناياب ٿي ويو. وري 1950ع ۾ مرحوم مسٽر غلام محمد شاهواڻي، سيد باز محمد شاهه، ۽ خان صاحب محمد اسماعيل ڪاڪيزئيءَ کي خيال آيو، ته ناياب قديم ڪتاب ڇپائڻ گهرجن ته جيئن اهو ذخيرو ضايع ٿي نه وڃي، تن ”ينگ مينس مسلم ائسوسئيشن“ جي هٿان هن ڪتاب جو پهريون اڌ شايع ڪرايوـ پر ڪجهه عرصي بعد مسٽر شاهواڻي وفات ڪري ويو. ٻيو حصو ته نه ڇپجي سگهيو، پر اڳتي هلي اهو پهريون حصو به ناياب ٿي ويو ـــ ۽ ڳچ عرصي تائين ڪوبه ادارو هن قديم ذخيري کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو.

انهيءَ ڪري سنڌي ادبي بورڊ هن اهم ادبي خدمت بجا آڻڻ لاءِ تيار ٿيو، ۽ ڪتاب جي جهونيءَ صورتخطيءَ کي سڌاري، بيهڪ جي نشانين ۽ جديد طرز سان، جديد ٽائيپ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿس. انهيءَ ڪم ۾ بورڊ کي جيڪا محنت، اهتمام ۽ خرچ ڪرڻو پيو آهي، تنهن جو اندازو اصل ڪاپيءَ ڏسڻ بعد ئي ٿي سگهندو.

لائق مصنف هن ڪتاب لکڻ ۾ جيڪا دماغ سوزي ڪئي آهي، انشاء پردازيءَ جا جيڪي جواهر چونڊي جمع ڪيا اٿس، تنهن جو مثال سنڌي زبان ۾ مشڪل لڀندو. اڄوڪي زماني موجب سندس ڪجهه حصو ڪارآمد نه رهيو آهي، تڏهن به ادب جي هن حصي جي پرغور مطالعي کان سواءِ سنڌي ادب تي ڪامل عبور ڪري نه سگهبو.

اسان جي نئينءَ ٽهيءَ لاءِ هن جي مطالعي کان محروم رهڻ هڪ افسوسناڪ ڪوتاهيءَ برابر هو ـــ سنڌي ادبي بورڊ، انهيءَ ڪوتاهيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ انهن اڳيان هي ناياب ڪتاب آڻي، اميد ٿو رکي ته هو سنڌي ادب جي هن شعبي جو به مطالعو ڪري، پنهنجي پياريءَ ٻوليءَ جا ماهر بنيا.

حيدرآباد سنڌ                               محمد ابراهيم جويو

10_8_1956ع                                       سيڪريٽري

        سنڌي ادبي بورڊ

 

 

مقدمون

 

بسم الله الرحمن الرحيم

وڏا وڙ وڏي رب رحمان جا، جنهن زبان کي ڳالهائڻ ۽ بيان جي سونهن سان سينگاريو، ۽ اُن کي قلب کان ترجمان ٿيڻ جو سڀ دستور سيکاريو، ۽ انسان کي لکڻ ۽ پڙهڻ جي اهڙي حڪمت عطا فرمايائين، جنهن جي وسيلي هزار منزلن تي هڪڙي جي جيءَ جو حال ٻئي کي وڃي رسي، ته ٽئين کي پرو به نه پئي سگهي، ۽ ري تڪليف اُتي پيغام وڃي پهچي، جتي لنگهڻ به نه ٿي سگهي. انهيءَ احسان بي پايان جو شڪر ڪهڙي زبان سان ادا ڪجي، ۽ ڪهڙي قلم سان انشاء ڪجي. آل جال ڀلايون ۽ ڀال حضرت حبيب اڪرم، رسول افخم، شفيع اعظم، ﷺ و اصحابہ وسلم جا، جنهن اسان جي آزاديءَ جو سرخط يعني دستاويز، اڃا اسين موجود نه هئاسون، تڏهن قضا ۽ قدرت جي منشيءَ کان لکايو، ۽ اڳوڻا علم سِکي، جيترو اسان جي سمجهه موافق ضرور سمجهيو، سو به اسان کي سمجهايو. شان اُن جي آل، اصحابن، تابعن ۽ احبابن تي صلات، سلام ۽ برڪت عام جا ڪڪر وسندڙ ۽ پالوٽ ڪندڙ هجن، جيسين تائين علمن جا نور اهل ادب جي محفلن ۾، ۽ ادبن جا شعاع اهلِ علم جي مجلسن ۾ روشن ٿيندڙ ۽ چمڪندڙ هجن.

پڄاڻا حمد ۽ صلات جي، معنائن جي جمال جي مشتاقن ۽ خوش بيانيءَ جي عروسن جي عشاقن تي پڌرو هجي. ته اگرچ تقرير جي زلف کي ڦڻي ڏيڻ ۽ تحرير جي رخسار اڳيان آرسي رکڻ جو مايو ڪونه رکان ٿو، پر ڪن محبن مهربانن ادب جي خونچي تي مهمانن وٽ ماحضر پيش ڪري ان جي خدمت ۾ حاضري، خصوصاً جناب مخدوم عبيدالله صاحب جي امر جي بجاآوريءَ لاءِ، هن ڪتاب ”هدايت الانشاءُ“ ۾ ڪي خطابي، ڪي جوابي ــ خطن جا نمونا، جي منهنجي ڪم حوصلي ۽ ڪم استعداد کان خبر ڏيندڙ آهن، پنجن بابن ۾ لکان ٿو. اميد ته اونهيءَ نظر ۽ انصاف پرور فڪر وارا، حسن ۽ قبح تي متوجهه ٿيڻ ڌاران انڪار جي تکي تلوار سان نه ڪاٽيندا ۽ جيڪي ظاهري صورت ۾ لفظي ترڪيب ۾ مخالف هوندو، ته خطا جي اثبات ۽ نقصان جي تحقيق سواءِ، بي انصافيءَ جو ڏنگ ڏيئي اعتراض جي وهه سان نه وهاٽيندا. شال حضرت ذوالجلال پنهنجي لطف سان مقبول فرمائي، ۽ ذي فهمن منصفن کي منجهانئس چڱو نفو ۽ موچارو فائدورسائي.

لکي لايم سڳورو وقت پنهنجو،

جٽيندس ڪين آءٌ، هوندو هي ياد.،

الاهي! عام رحمت ڪج اُنهن تي،

مرڻ پٺ جي ڪندم الحمد سان شاد..

هاڻي هي ڪي فائدا لکجن ٿا، جن ۾ ضروري قاعدا تحرير ڪجن ٿا:

انشاء جي بِنا روزمره جي محاوري تي آهي، جهڙيءَ طرح اميرن، شريفن ۽ علمائن جي مجلسن ۾ مرتبن جي نگهبانيءَ جو لحاظ رهي ٿو ۽ ڪمال، ڪلام جي نرمي ۽ ڪناين جي موچارائي سان گفتگو ٿئي ٿي ـــ جيئن ته بزرگن کي چون ته: ”سائين منهنجا! جنهن امر جو عرض ڪيم، تنهن ۾ ڪهڙو ارشاد آهي؟ حڪم عاليءَ جي تعميل واجب. سڀاڻي قدمبوسيءَ سان مشرف ٿيندس.“ ننڍن کي: ”ابا! جيڪي چيو هوم، تنهن ۾ ڇا ٿو چوين؟ تنهنجي استدعا انجام کي رسندي. سڀاڻي ايندس.“ برابر مرتبي واري کي: ”مشفق منهنجا! جنهن باب ۾ چيو هوم، تنهن ۾ روشن فڪر ڪهڙي تجويز ٿو فرمائي؟ مهربانيءَ جو اشارو جاءِ آڻيندس. سڀاڻي حاضر ٿيندس.“ عليھ هذا القياس ــ هن مان معلوم ٿيو ته مرتبن جو تفاوت مٿانهينءَ هيٺانهينءَ ۽ برابريءَ تي آهي.

2. انشاء جي عبارت جا ٽي حال آهن:

(1) خطاب، يعني جنهن ڏي خط لکجي ۽ ان کي مڪتوب اليہ به چون، تنهن جو مذڪور.

(2) غير جو ذڪر، يعني ڪنهن ٻئي شخص يا شيءِ جو بيان ڪرڻ.

(3) پنهنجو ذڪر، يعني پنهنجي ڪمن ۽ پنهنجي ذات جو مذڪور.

انهن سڀني صورتن ۾ جنهن ڏي خطاب هجي، ان جي مرتبي موافق لکڻ گهرجي. مگر جي خبر طور ڪنهن ٻئي جو ذڪر وچ ۾ آيو، ته ڪاتب جي نسبت ۽ ان جي مرتبن جو خيال واجب آهي ۽ اُتي مڪتوب اليہ جي مرتبن جي لحاظ جو ضرور ڪونهي.

3. جڏهن انشاء جو اصل، محفل جي اديبن ۽ روزمره جي محاوري تي قائم ٿيو، تڏهن خيال ڪرڻ گهرجي ته جي خبر ڏجي وٺجي ٿي، ته پوءِ ٻيون ڳالهيون ٿين ٿيون ـــ سوخط ۾ به خطاب جي بجاءِ القاب يعني تعريف جا اهڙا ڪلما، جي مڪتوب اليہ جي مرتبن سان موافق هجن ۽ اُن جي صفتن کي وڌرو ڪن، ۽ سلام جي بجاءِ ادب، يعني اُهي ڪلما ۽ فقرا، جن مان تعظيمون ۽ نياز لڀن، دعا يا شوق جا مضمون ۽ سلام جا لفظ پروڙجن، ۽ کينڪار جي بجاءِ طرفين جي خيرعافيت ۾ ڪي لفظ يا فقرا لکجن، پوءِ به دعا جا لفظ لکڻ گهرجن. پر جي دعا، شوق يا ڪنهن ٻئي مطلب سان موافق مضمون ۾ ڪو بيت خط جي اول، آخر يا وچ ۾ لکبو، ته ڳالهه جوزيب ٻيو ٿيندو، ۽ نظم نثر کي پوريءَ زينت جودل وڻندڙ وڳو ڍڪائيندو. اگرچ نثر جمال جي منهن کان سونَ وانگر آهي، ۽ نظم حسن ۾ گوهر وانگر. سون ۽ گوهر ڌار به زينت ڪن ٿا، پر جڏهن پاڻ ۾ گڏبا تڏهن ڪهڙو نه جنسار ڪندا!

4. هي جيڪي ذڪر ٿيو، تنهن مان ڪي ڇڏجي ويو ته ڀؤ ڪونهي، مگر سلام، جو اسلام جي سنت آهي، اُهو ڪڏهن به نه ڇڏبو. ڪن، وڏن ڏي عريضن ۾ رڳن اديبن تي اڪتفا ڪئي آهي، تنهن جو ڪو دليل نظر نه آيو. هائو، جي وڏن جي محفلن ۾ رڳن ادبن تي اڪتفا ٿيندي هجي ۽ سلام جي رسم نه ادا ٿيندي هجي، ته بيشڪ اُنهن ڏي عريضن ۾ به سلام ڇڏي، فقط ادبن کي لکجي. ٻيو خلفائن جي وقت ۾ جيڪي ٻاهريان ڪاغذ وٽن ايندا هئا، سي سڀ لقبن کان پوءِ سلامن سان شروع ٿيل هوندا هئا ـــ تنهنڪري ڪنهن به صورت ۾ سلامن جي ڇڏڻ جي واٽ ڪانهي.

5. جڏهن مطلب خط جو اصل آهي، تڏهن گهڻو ڪري ان جي شروع ۾ مڪتوب اليہ جي مرتبي سان مناسب لقب آڻجن ٿا ته مخاطب جو پورو توجهه حاصل ٿئي.

6. ننڍي کي لائق نه آهي، ته ڪنهن وڏي تي حڪم ڪري، مگر ضرورت جي وقت حتي المقدور مجهول جو صيغو لکڻ بهتر آهي. جهڙوڪ فلاڻي شيءِ جي عنايت فرمائي ٿي، يا فلاڻي امر ۾ توجهه ڪيو ٿئي.

7. استعمال جي حڪم موجب مخاطب کي جمع جي صيغي سان ياد ڪرڻ گهرجي. مگر جي وڏو، ننڍي ڏي واحد جو صيغو لکي، ته عيب نه چئبو.

8. عبارت توڻي مطلب جي لفطن ۾ وڌيڪ ۽ بيڪار فقري جو بار بار تڪرار نه ڪرڻ گهرجي؛ بلڪ نه اهڙي ڊيگهه هجي جنهن کان طبيعت بيزار ٿئي، نه اهڙي ڪوتاهي ۽ اختصار هجي جنهن مان مطلب سمجهڻ دشوار ٿئي.

9. جيڪڏهن خطن ۾، مثلاً شڪايت جي لفظن ۽ مخاطب تحقير جي فقرن يا سخت ڪلمن يا طعنن جي مضمونن لکڻ جي ضرورت ٿئي، ته ان کي ڪمال احتياط ۽ نرميءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصاً جتي وڏن جي نسبت هجي، تتي نهايت ادب ۽ تعظيم جو خيال رکڻ گهرجي، ڇا لاءِ، جو ڪڏهن ڪنهن جي نسبت سخت ڪلمو ۽ حقارت جا مضمون لکڻ جائز نه آهن. بلڪ سخت ڪلامي انشاء جي ادبن جي اُبتڙ آهي، تنهنڪري ضرورت جي حالت ۾ فقط ڪنايي ۽ اشاري جي طرح اهڙو مضمون تحرير ڪرڻ گهرجي. مثلاً وڏي کي لکجي ته: ”منهنجي ناقص عقل ۾ هيءَ مصلحت آهي، ته حضور جن اهڙن نالائقن ڪلمن تي توجهه نه فرمائيندا“ يا ”شانِ عاليءَ جي برخلاف اڪثر ڪلما ٻڌجن ٿا، مگر تعجب آهي ۽ يقين نٿو ٿئي ـــ رهيل طلب جي عنايت فرمائڻ ۾ سائينءَ جن جي ڪم التفاقيءَ کان نيازمند جي زبان شڪايت جهڙي ذڪر کان بند آهي.“ ننڍي کي ته: ”جو ڪم في الحال اختيار ڪيو اٿوَ، ڀلو نه آهي“، يا ”انهيءَ اوهان جي امر کان تعجب آهي“؛ يا ”سعادتمنديءَ جي اُبتڙ آهي“. برابر کي ته: ”جيڪي هاڻ روشن فڪر جي تجويز ۾ آيو، سو آڳاٽيءَ مهرباني کان بعيد آهي“ يا ”مخلص نوازيءَ جي واٽ کان ٻي مُنه نتي آهي“. اهڙيءَ طرح طلب جا مضمون به ڪنايي ۽ موچاري اشاري سان ادا ڪرڻ گهرجن. سڀڪنهن فن جي عبارت جو شان جدا آهي، جيسين تائين ان جا اصطلاح ۽ متعلق نه ڄاڻبا، تيسين تائين موچاري ڳالهه چئي نه سگهبي.

10. انسان تي واجب آهي ته لازمي احتياط هٿان نه ڇڏي، ۽ شرع ۽ عرف جي ممنوعن آڻڻ سان عيب ۽ طعن ۾ ڦاٿل نه رهي. شرع جا ممنوع: جهڙوڪ پڌرو يا ڪنايو، خدا تعاليٰ سان شرڪ ڪرڻ يا الاهي تعظيم ڏنلن ڏي نسبت ڪرڻ، جا ان جي شان جي برخلاف هجي، يا انهيءَ شيءِ جي تحقير ۽ هلڪائي ڪرڻ، جا دين ۾ وڻيل ۽ سڳوري ٿيل آهي يا حرامن کي حلال ڪرڻ. يا ان جي اُبتڙ، جهڙو ”تو ڌاران منهنجو ڪو ڪونهي“، يا ”فلاڻو حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ريس ڏياريندڙ آهي“؛ ــ ٻيا اهڙا مثال، توڻي انهن کي مجاز مان ڳڻيو اٿن. عرف جا ممنوع: جهڙوڪ مخاطب جي شان سان مخالف ڪلمو آڻڻ، يا لفظ نه چٽا نه هليل چليل يا مطلب سان ناموافق لعن طعن يا ٽرڙن ۽ ڪميڻن جا اصطلاح ۽ ان جا مثال.

11. وڏائي، يا قرابت جي سببان آهي يا ڪمال جي سببان، يا دولت ۽ اقبال جي سببان. تنهن ۾ قرابت جي وصف اضافي خاص قريبن لاءِ معتبر آهي، جهڙوڪ پيءُ. پيءُ، پٽ تي بزرگ آهي؛ جيڪر اصلي بزرگي هجيس ها ته سڀني جي نسبت بزرگ ٿئي ها ـــ ۽ ڪمال جي وصف لازمي آهي؛ انهيءَ وصف واري کي به گهٽ ڳڻي نه سگهبو، مگر جي شاگرد هوندو. دولت يا اقبال جي وصف متعدي آهي، جا لاڳاپي وارن ۽ نه لاڳاپي وارن لاءِ ثابت ٿئي ٿي.

12. مٿانهين ۽ هيٺانهينءَ جا به ٽي درجا آهن:

(1) تمام مٿانهينءَ ۾ ــ جهڙوڪ مرشد ڪامل ۽ پيءُ ــ ماءُ ۽ دين جي علمن جو استاد ۽ حاڪم.

(2) وچولو مٿانهون ــ جهڙوڪ وڏو ڀاءُ، وڏا مائٽ ۽ قرابت ۾ پرانهان، ۽ هنرن جو استاد، امير ۽ حاڪم جو نائب.

(3) ٿورو مٿانهون، جو برابريءَ جي درجي کي ويجهو آهي. جهڙو سؤٽ، ماسات ۽ ٻيا اهڙا جي ڄمار ۾ وڏا هجن، ۽ اهل ڪمال جا مشهور سڳورا ۽ عام مالدار.

هيٺانهينءَ جا مرتبا به انهن جي مقابل آهن؛ ٿوري خيال ڪرڻ سان معلوم ٿيندا. انهن مڙيني جو تفاوت رکڻ، ڪاتب جي فهم جي مناسبت تي موقوف آهي. وقت پسندن ۽ ادب شناسن ڪڏهن عبارت جي شان سان، ڪڏهن بليغ لفظن جي بيان سان اهڙيون موشگافيون ڪيون آهن.

13. انشاء ۾ زور مشڪل اُهي صحيفا آهن، جي بادشاهن جي پاران بادشاهن ڏي لکجن؛ پوءِ اُهي جن ۾ ڪاتب ۽ مڪتوب اليہ جا مرتبا هڪٻئي سرتا هجن يا مرتبن ۾ هڪڙي کي هڪڙي قسم جي زيادتي ۽ ٻئي کي ٻئي قسم جي وڌيڪ هجي؛ پوءِ شاهي فرمان ۾ عريضا، تنهن کان پوءِ رواجي مراسلا. پر سڀني ۾ زور سولا دوستن جا مڪتوب آهن، جن ۾ رمزن، صنعتن ۽ شاعرن وارن تڪلفن جي گنجائش نٿي ٿئي. ٻين ۾ بلاغت وارن نڪتن، زور سهڻن ڪناين ۽ چِٽن لفظن ڌاران ڪي به خوش نٿو لڳي. هن ڪتاب ۾ ڪن مصلحتن سببان ڪيترن قسمن کان مُنهن موڙڻ واجب سمجهيو ويو، ڇا لاءِ جو بادشاهي صحيفا، فرمان ۽ ٻيا، علم جي ڪماليت ۽ فهم جي تيزي ۽ سونهائيءَ سواءِ ڪنهن کان برابر نه ايندا. هن زماني ۾ انهن جو احتياج به ٿورو ٿي رهيو آهي ۽ پڻ سڀڪو سِکندڙ اُن جي ادا کان قاصر ۽ متوسط، اڳوڻن ڪتابن جي وسيلي اُن جي حقيقت سان ماهر آهي. مرتبن جو تعارض يعني برابري به انهيءَ قسم کان آهي ۽ نفعو به ٿورو اٿس. اُن جي ٿوري وقوع ۽ هلڪي حسن سببان ڪنهن اُن جي بحث ڏي التفات نه فرمايو آهي، تنهنڪري اُن جو مختصر قانون لکجي ٿو ۽ مثالن کان، جي طوالت جو نتيجو ڏين، قلم کي روڪيل رکجي ٿو. عريضن ۽ قبضن جي قاعدن کان ليسن بردار زور واقف آهن ۽ اڪثر اُهي ٿا لکن؛ تنهنڪري فقط رواجي ڪاغذن، گهڻي استعمال وارن فقرن کي تقرير جي ماڳ ۾ قاعدن ۽ مثالن سميت تفصيل سان پڌرو ڪجي ٿو ــ انشاء الله تعاليٰ.

14. جڏهن ٻه مرتبا مخالف هڪٻئي کي آڏا اچن ۽ ٻنهي ۾ هڪڙي وات کان ننڍائي ۽ ٻي وات کان وڏائي هجي ـــ جهڙو ڪاتب استاد ۽ نوڪر، ۽ مڪتوب اليہ شاگرد ۽ رئيس ـــ تڏهن مرتبن جي ضعف ۽ قوت تي عمل ڪبو. ڪاتب جي جنهن درجي جي وڏائي ۽ ننڍائي هوندي، تنهن جي رعايت سان مضمون لکبو ـــ مثلاً ڪو شخص پنهنجي ڀائٽيي وٽان دين جو علم پڙهي ٿو، ته ٻيئي هڪٻئي جي تعظيم ڪندا؛ جيڪڏهن ننڍي ڀاءُ جو شاگرد آهي، ته استاد جي عظمت زياده ٿيندي ـــ غرض ته جيڪڏهن مخاطب هڪڙو درجو گهٽ هوندو ته رڳي شرافت ۽ تڪريم تي اڪتفا ڪجي، ۽ جي تعظيم جي مرتبن ۾ برابر هوندو ته پنهنجو انڪسار بس آهي، ۽ زور مٿانهين کي عزت ڏيڻ پنهنجي گهڻي هيڻائيءَ سان واجب آهي.

15. دولت جي ڪمال جي مٿانهينءَ جو هيٺانهون درجو تعارض آهي، تنهن بحث ۾ ڪو اعتبار نه رکي. مرشد ڪامل ۽ دين جي علمن جو استاد، ماءُ ــ پيءُ ۽ بادشاهه، اهڙي درجي ۾ سڳورا آهن، جن جي مقابل ڪوبه ٿي نه سگهندو. جڏهن اهي پاڻ ۾ مقابل ٿين، تڏهن هڪٻئي جو ملاحظو ضرور آهي. امير پنهنجي مرتبي جي رعايت سڀت رکندو، اها ڳالهه ٻين کي نه رسندي؛ ڇا لاءِ جو انهن جي اميرائي شان ظاهر ڪرڻ ڌاران نه آهي ــ بخلاف علمائن جي، جن جي لاءِ نياز ۽ انڪسار جوهر آهي. عاشق جي نسبت ۾ معشوق ڪير به هجي اهڙو مٿانهون مرتبو رکي ٿو، جنهن جهڙو هن وٽ ٻئي ڪنهن جو مرتبو نه آهي. اڪثر خودپرست، طبع جا آڏا، عقل جا ڪوتاهه، بيقدر، عشق جي مذهب کان بيخبر، ٻه ــ پڙا ڄٽ، باوجود وصف عاشقيءَ جي به، انهيءَ ادب جي رعايت نٿا رکن ــ انشاء جي ضروري ادبن ۽ قاعدن جو اهو بيان آهي؛ باقي هن فن ۾ ڪاملن جو وڏو شان آهي.

 

هدايت الله

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org