سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هدايت الانشاء

باب: 2

صفحو :4

باب ٻيو

 

فصل پهريون

ملاقات کان اڳي ۽ پوءِ دوستيءَ جي ڄاڻائڻ جي خطن ۾ صورت جي ملاقات کان مَهند، ٻن شصن جي وچ ۾ سچائيءَ جو رستو جاري ٿيڻ، ۽ هڪٻئي جي دل ۾ دوستيءَ جو خيال پوڻ، ازلي سڃاڻپ ۽ ميثاق واريءَ محبت جو نتيجو آهي. انهيءَ ازل ۾ مقرر ڪيل ملاقات جون نشانيون دنيا ۾ پڌريون ٿين ٿيون، ۽ جسمن جي گڏجڻ کان اڳي، سندين علامتون ظهور ۾ اچن ٿيون. پوءِ آيل آهي، ته ضرور خطن موڪلڻ ۽ خطابن پهچائڻ سان، محبت جي بنا ۽ الفت جي پاڙ محڪم ۽ پڪي ٿي پوي- ته قلم جي قطرن جي برڪتن سان دوستيءَ ۽ محبت جا باغ سدا ساوڪ ۽ تازگيءَ ۾ هجن- انهيءَ سببان هي نمونا ميثاق واريءَ سڃاڻپ تي ٻڌل، ۽ مڪتوب اليہ جي موچارن صفتن ٻُڌلن تي بنا ڪيل ٿا ڏيکارجن: هن فن ۾ ڪاملن جا فڪر اڃا عالي آهن.

 

خط _ 1

دوستن سچارن جو ڌئل، يارن وفادارن وٽ وڻيل، پارکن جو پسند ڪيل، سڀ ڪنهن ڀلائيءَ ۾ بالا ٿيل، ميان (فلاڻا)- سلمہ المنان!

سلامن ۽ دعائن جا لوازم، جي وفا جي مجلسن کي معطر ڪرڻ ۾، سحرخيزن جي صافين وردن جي خوشبوءِ سان برابري ڪن، ۽ تحيتن ۽ ثنائن جا مراسم، جي صدق ۽ صفا جي محفلن کي راحت بخشڻ ۾، شب نشين جي وافين فڪرن جي روشنائيءَ سان مشابهت رکن، بالغدو والاصال، اُن اقبال جي قبلي ڏي متوجہ ڪريو، عرض ٿو گذاري ته جيتوڻيڪ جي هوا- خواهه، اڃا اُن سڳوري جي ملاقات ۽ مشاهدي جي دولت ۽ پاڙي ۾ رهڻ جي سعادت مان بهرياب نه آهي، رڳي پرپٺ نالي ٻڌڻ ڌاران، ٻيءَ ڪنهن طرح سان خوش ۽ شاداب نه آهي- عرف ۽ عادت جي قاعدي ۾ ايتريقدر نسبت ۽ خصوصيت، مراسلن ۾ گستايءَ جي رخصت نٿي ڏئي، ۽ خطن ۾ ڪشادي منهن حجت ڪرڻ لاءِ نٿي ڏئي، ۽ خطن ۾ ڪشادي منهن حجت ڪرڻ لاءِ نٿي ڇڏي، پر جڏهن هن وقت ۾ وفا ۽ صفا وارو، سچن ۾ سچارو، ميان (فلاڻو)، جنهن دير کان پوءِ صحبت شريف جي شرف سان درويشن کي مشرف ڪيو، ۽ آڳاٽو هن طرف جي دل جي صفحي ۽ خاطر جي صحيفي تي، اوهان جي ڪامل صفتن جي اکرن ۽ ڀلن وصفن جي نقشن کي ٿي لکيو- انهيءَ اُستادن سعادت نشان جو قصد ڪري، انهيءَ دولتخاني جي بساط چمڻ ڏي توجہ جو منهن آنڊو، تڏهن ”اذا احب احد ڪم اخاه فليعلم“ جي حڪم سان، خالص عقيدي ۽ اتحاد جا ڪي لفظ، محبت ۽ وداد جي دروارن کولڻ جا ڪي ڪلما، اخلاص جي قلم سان، اختصاص جي ورق تي لکيا ويا- قوي اميد ته خوشنوديءَ ۽ رضا جي اک سان نهاريل، ۽ ملحوظ ۽ موچاري سڻڻ سان سنواريل ۽ محفوظ ٿيندا، ۽ حضرت ذوالجلال جي افضال سان صورت جي مانعن جا وچان پردا سِگها کڄي ويندا- والسلام ولاڪرام؛

 

جواب

ساراهيلن اخلاقن جو سينگار؛ پيلن احوالن جو جنسار، مروت جي محفل جو زيور، فتُت جي مجسلن جي زينت، وفا جي اصل، صفا جي طينت- شال هميشہ ان جي زندگانيءَ جو صحيفو ڪامرانيءَ جي چٽن، ۽ شادمانيءَ جي نقشن سان مزين هجي. آمين!

سلامن جا مراتب، جن جي مطالع جي هڳاءَ مان ڪمال مودت جون خوشبويون دوستن جي دماغ کي معطر ڪن، ۽ دعائن جا لوازم، جن جي گذارش جي مشاهدي کان صفائي عقيدت جون روشنيون پڌريون ۽ چمڪندڙ رهن- آناءَ الليل و اطراف النهار، اُن شفقت شعاع جي مجلس جو هديو ڪريو، مقصد ظاهر ٿو ڪري ته صحفو روحاني- سڃاڻپ ياد ڏياريندڙ، ۽ جسماني الفت ۽ سازش جو شوق وڌائيندڙ، جنهن جو عنوان محبت جي قاعدن سان سنواريل، ۽ مضمون مُودت جي شاهدن سان سينگاريل هو- موچارن وقتن ۽ مبارڪن ساعتن ۾ رسيو: قسمين قسمين خوشيون پيدا ڪيائين، ۽ هن طرف جي قلب کي پنهنجي عجيب شڪل جو شيدا ڪيائين. سچ ته سارو مرادن ۽ اُميدن جو نقش نڱيل هو؛ اُن قلم جي مُنهن کي آفرين، جنهن جو اِهو نقش ڪڍيل هو! جان تفڪر ڪيم، تان منهنجي قلم کي سا سگهه ڪانهي جو ان جي مقابلي ۾ ڪو حرف لکي؛ تنهنڪري اِنهيءَ مٿي کان قلم موڙيو، ۽ انهيءَ منهن کان خط ويڙهيو، دعا جي وظيفي ادا ڪرڻ تي ڪوتاهي ٿي ڪجي. توقع ۽ طمع، ته جمال وصال جي مشاهدي کان پرانهينءَ جي حجابن کڄڻ تائين، وداد جي واسطي، اتحاد جي قاعدي کي محڪم رکندا- دولت دوجهاني ۽ سعادت جاوداني شال هميشہ حاصل هجيو! والسلام.

 

1. اڻ ڏٺل کي دوستيءَ جي ڄاڻائڻ جو خط

دلين جو مقبول ۽ پيارو، سونهارين صفتن ۽ موچارين وصفن وارو، صدق ۽ صفا جو افتخار، محبت ۽ وفا جو جنسا، سڳورائين سان موصوف، ڀلاين سان معروف- سدا سلامت هجي!

”اڻ ڏٺل آن دوست دل جي کي رسائي ڪير اَڄ: منهنجي پاران لک نياز، لک دعائن، لک سلام؟ توڻي اک ديدار اُن جي سان مشرف ڪين ٿي! واٽ ڪَن جي کان گهِڙي دل ۾ سنديس صورت تمام!“

توڻي صورت پٽاندر، ملاقات سڳوريءَ جو شرف ۽ مجلس مبارڪ جي تشريف ميسر نه آهي، پر ”الارواح جنود مجندة“ جي مضمون موجب، هن اکين جي وَنِنِ جي ٿوري ٿيڻ ۽ عبارتن جي وچ ۾ پوڻ کان سواءِ هميشہ معنيٰ جي اک جمال خيال جي مشاهدي سان مسرور آهي، ۽ آسرو رکندڙ دل بي غل؛ هاتف غيبي کان ”يحبهم ويحبونہ جي ندا سڻڻ ڪري، خيال وصال جي هجڻ کان مجبور آهي:

”وصف تنهنجي خُلق جي پرپٺ سيم،

ساهه دل سان دوستي تنهنجي ڌيم.

اينءَ ڪئي تو منهنجي دل جو اک ۾ جاءِ“

ڄڻڪ توسان سال ڪي صحبت هيم!“

اميد ته ارواحن جي آشنائي، جسمن جي ويجهڙائيءَ جو وسيلو، ۽ معنوي اتصال، صوري وصال جو واسطو ٿيندو. جڏهن جِبلي اختصاص، دوستيءَ ۽ اخلاص جو غرض ڪرڻو هو، تڏن واڌو ذڪر، ادبن مان نه سمجهي، دعا جي ٻن ڪلمن تي اڪتفا ڪئي ويئي: ”رسرالله لڪم خير والسلام.“

 

جواب

شرف ۽ ڀلائيءَ ۾ مشهور، زماني جو صدرالصدور، توصيف کان اعليٰ، تعريف کان بالا، ميان (فلاڻو)- سلمہ الله تعاليٰ.

اخلاص جا سلام ۽ اختصاص جا پيام عرض رکيو، غرض ٿو لکي ته هت عالم ۾ اڪثر هڪڙا ٻين کي ڏسڻ سان دوست رکن ٿا، مگر هڪڙو آءٌ اوهان جو آرزومند، گهڻيءَ مدت کان، اوهان جي نوزشنامي جي اچڻ کان آڳاٽو، فقط اوهان جي چڱين صفتن سببان، اوهان جي محبت ۽ دوستيءَ ۾ بيتاب رهان ٿو، ۽ قسمت جي قيد سبب جدائيءَ جا سور ۽ صدما سهان ٿو. ڀانيم ٿي ته اُن جي ڄاڻائڻ ۾ پيشدستي ڪندس، پر اها سعادت اوهان لاءِ هئي؛ مون کي حاصل نه ٿي ته ملاقات جي آرزو ٿيندي! زياده خيروالسلام.

 

جواب جو جواب

دوستن جي اميد جي جاءِ، لفظن ۽ احسانن جو درياء، ڳڻن سان ڳهندڙ، مهبت سان مُهندڙ- زادت اشفاقہ!

سلامن کان پوءِ، صداقت جا لوازم ۽ رسوخيت جا دستور پڌرا ڪريو، عرض ٿو سينگاري ته صحيفي سونهاري، اوهان مشفقن واري، جا مندرج مضمون پڌرا ۽ روشن ٿيا. احسان ابديءَ ۽ لطف سرمديءَ جو ممنون فرمايائون ۽ اميد جا فال مراد موجب پيا.

”سري تنهنجي خط مان نوازش جي بوءِ،

رسين ڪنهن ڪم جي کي شايد ڳجهو.“

ڪيتريءَ مدت کان اهڙي دوست جي ڳولا کان (جو محبت جي پاس رکي سگهي) اک سِبي هيم، ڇا کان جو نظر نٿي آيم؛ گمان ڪيم ٿي ته اهڙو خلقيوئي ڪونه اٿن. اوچتو اوهان جي چڱي خُلق جي ساراهه سُڻڻ ۾ آئي؛ وري اوهان جي نوازشنامي به ساڳي صورت پسائي، تڏهن چيم ته پراڻي آرزو خط کي سپاريم، تنهن جي جواب، سئل وصف ڏٺل ڪري ڏيکاريم! تنهنڪري هاڻي اُداسيل دل ڪنهن عهد انجام تي نٿي وندري، ۽ پوريءَ سڃاڻپ کان پوءِ ملڻ جي دلاسي تي صبر نٿي ڪري: تنهن ۾ عرض ته يا وکون مهند وڌايو، يا مون کي اچڻ جي موڪل فرمايو! فقط.

 

جواب

دوستدار، صداقت آثار، يڪدليءَ جو جنسار، يڪجهتيءَ جو سينگار- سلامت!

گهڻن سلامن ۽ تعظيمن جي بجا آڻڻ، ۽ آرزوي ملاقات جي نهايت کان وڌيڪ شرطن رسائڻ بعد، ظاهر ٿو ڪري ته محبت وڃائيندڙ ۽ محبت وڌائيندڙ خط رسيو. ان جي مطالع مان شوق جو مچ پيدا ٿي پيو! لکيو اَٿوَ ته هن هيڻي کي ساراهيندڙن دوستن جي زبان تي ڪن رکيو اَٿوَ؛ سو ڪهڙو بوستان ۾ گل ۽ هندستان ۾ بلبل آڻي، تو ملڪ مهربانيءَ جي سردار کي ان تي آندو اٿن، ته هن غريبخاني کي نوشيروان جي بارگاه ڪريو!

اِي مڙيئي ساراهه ڪندڙن جي چڱائي آهي؛ نه ته آءٌ پاڻ کي پاڻهي ٿو سڃاڻان، ۽ پنهنجي قدر کي پاڻ ٿو ڄاڻان. هاڻ رنج ڪڍڻ نه گهرجي: نيازمند جمعي جي ڏينهن اچي حاضر ٿيندو- فقط والسلام.

 

 

 

 

 

 

فصل ٻيو

 

هڪٻئي کان خبرن ڏيڻ ۽ وٺڻ جي خطن ۾

 

الله تعاليٰ جل و عليٰ جو وڏو احسان، جنهن خطن کي خبرن ڏيڻ ۽ وٺڻ جو وسيلو ٺهرايو، بلڪ ان کي اڌ ملاقات، يا روحاني ڪامل ملاقات جو سبب بنايو! تنهن جي شڪر گذاريءَ لاءِ هتي خبرن جا ڪي قسم ڏيکارجن ٿا: مسافر ۽ شهري، خصوصاً حج تي ويل، جي خطن جا نمونا سيکارجن ٿا. جڏهن اهڙا ذڪر ڪنهن هڪڙيءَ جماعت سان مخصوص نٿا ڏسجن، بلڪ عزيزن، پيشوائن، دوستن ۽ ڌارين ڏي به لکجن ٿا، تڏهن القابن ۽ ادبن کي، اڳي معلوم ڪرائڻ سببان، ڇڏيو فقط مضمون لکيا ٿا وڃن. مگر ضرورت وقت انهن ۾ به ڪي فقرا تحرير ٿا ڪجن، باقي مڪتوب اليہ جي مرتبي موافق لفظن جو آڻڻ، دانشمندانہ ڪاتب جي فهم جي مناسبت تي موقوف آهي.

 

3. مسافر جو خط

مطلب ته عزيزن ۽ دوستن کان جدا ٿيس، ۽ پنهنجي مَسڪن ۽ پاڙي کان پري پيس؛ وطن کان نڪتس، ۽ هڪڙن شهرن کان لنگهي ٻين شهرن ۾ پهتس. ڪٿي بر ۾، ڪٿي شهر ۾، منزل وڌيم، ڪٿي دل تنگ، ڪٿي ڪشادي لڌيم. آخر مقصود جي منزل کي رسيس، ۽ مطلب جي پوري ٿيڻ سان وهيسيس تڏهن ورڻ واري ڪيم ۽ موٽڻ جي تياري ڪيم، پر هتي جي دوستن جلد رخصر نه ڏني ۽ منهنجي تاڻڻ سان قسمت جي قيد جي رسي نه ڇني، هينئر بدن هِتي، ۽ اُتي آهي- شال رب تعاليٰ وچون وچ جلد لاهي! تنهن ۾ وصال جي دولت ۽ ميلاپ جي نعمت سرڻ تائين، ’نصف الملاقات‘ کان فراموش نه فرمائيندا، ۽ پنهنجي سڀڪا خبر بهجت اثر لکي هلائيندا، ته هي هوا- خواه احسان جو وهيل رهندو، ۽ بي آرام دل ۾ ڪو آرام ٿي سگهندو- فقط، والسلام.

 

جواب

گهڻي اُداس، ججهي پياس سان مطلب تحرير ۽ غرض تقرير ڪجي ٿو:

”رسيو دلدار دل جي يار جو خط،

جياري جيءُ سونهن سينگار جو خط.

ڳڙو اُڀ کان ڳڙيو، يا وحيءَ وانگر

چيو دل ’آئيو دلدار جو خط‘!

اندر دم انتظاريءَ بيقراريءَ،

جڙيو اُن جوت جي جنسار جو خط.

هئي جا مثل مکڙيءَ ٻوٽيل دل،

کُلِي گل جيئن، پڙهي گل- يار جو خط.

چڱائي ڪيئن چوڻ ’نصف الملاقات‘؟

يقيناً هي سڄو ’ديدار‘ جو خط!

ڪنان ديدار جيڪي آهي حاصل،

ملائي سو مڙئي منٺار جو خط.

ڪيو رب ساڻ رحمت دوست لئي،

سبب دلڌير دلبر يار جو خط.

’ملڻ هي معنوي آهي‘ چيو روح:

’سوا شڪ اڄ هي پرين پار جو خط.‘

مَڏي مُوڙي نه منهنجي ٻي سوا ساهه،

ڪيم صدقي سني سردار جو خط.

ڪريان قاصد اڳيان آءٌ نذر ڇا،

جڙيم جنهن کان هِنئين جي هار جو خط.

الاهي! رک سدا تنهن کي سلامت،

وڏو ڏڍ دل جو جنهن دلدار جو خط.“

دوستا! اوهان جي ملڻ جي آرزوءَ ڌاران، هتي جي سڀ حالت خيريت سان لڳل، ۽ حمد ۽ شڪر کي واجب ڪندڙ آهي. تنهنڪري، اداسيل دل هر حال حضرت ذوالجلال کان اوهان جي وصال جو سوال گهرندڙ آهي.

غزل

”سڄڻ! تنهنجي سِگهي رب واڳہ واري،

جدائيءَ جا هي ڏکيا ڏينهن ٽاري!

مسافر آهيان آءٌ وطن ۾،

جڏهانڪر سانگ تي تون وئين سڌاري!

ايندين پرڏيهه مان، ٿيندس ته ڏيهي،

سوا تو ڏيهه منهنجو ڏيل ڏاري!

الاهي وار سي سانگي وطن تي،

سوا جنهن جان بت گوندر ۾ گهاري!

مٿي ’مشتاق‘ من ويجها ورن سي،

جني جي شوق ۾ پلپل پڪاري!“

2. خط مسافر جو

مقص ته آءٌ اتان روانو ٿيس- ڏينهن جوانيءَ کان هٽيل، ۽ سج پوڙهائيءَ سبب زردي لباس ڍڪيل هو. ڌڻيءَ کي ساراهي واڳ ڇڪيم؛ ”في الحرڪة برڪة“ ۾ اميد ڪيم. واٽ سڻائي هئي، ۽ سنگت جي سچائي هئي: پنڌ سهنجو ۽ زمين هموار هئي. هوا وڻندڙ ۽ خوشبوار هئي. ري تڪليف هليس ٿي؛ راحت ۾ ويس ٿي- تان غرب پنهنجي دينار سج جِي موٽائي وٺڻ جي طالب ڏيکاري، ۽ زمين تي زعفراني چادر ڍاري. آخر سورج حجاب ۾ غائب ٿيو ۽ آسمان جي ڪنار تنهن جي فراق ۾ ڪارو لباس ڍڪڻ رٿيو. تان جو چوڏهينءَ جي چنڊ جو روشن منهن نڪتو، ۽ هٽين- پٽين سندس سوجهرو پهتو. خيال ڪيم ته زمين تي پگهاريل رپو ٽپندڙ آهي، يا پادري جو چشمو وهندڙ آهي! هير هِنئين سيبائيندڙ، ۽ زمين جي رونق ساهه سهائيندڙ هئي، ۽ چنڊ جي روشني، وڻن- وچ، ڄڻڪ حسن واري صورت پڃري پٺيان پاڻ پسائيندڙ هئي! ساري رات هلندي، ڏينهن جو منهن اچي پيدا ٿيو، ۽ صبح جي نسيم، وڻن جي عروسن کي چوري شيدا ڪيو. توڻي رات پنهنجو عنبر موٽائي نيو، پر صبح پنهنجو ڪافور هديو ڪيو! فجر نماز کان پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي آياسون، تنهن عجيب تماشا پَساياسون: موجن جو طبل وڄائيندڙ، ڄڻڪ اسان جي اچڻ تي نوبت هڻندڙ هو؛ ۽ پنهنجي گوڙ ۽ گاج جو ڪريهه آواز اسان اڳيان تحفو رکندڙ هو. ان جي ناخوش آواز کان ڪن ٻوڙا ٿي پيا، ۽ نه وڻندڙ بوءِ کان، سڀني خماريل وانگر ڪنڌ هيٺ ڪيا، ۽ مون تي اوجهراڻي اڙو غلبو ڪيو، ۽ آءُ گهوڙي جيئن عبادت يعني رڪوع ۾ پيس، ۽ هُو سجدي ۾ پيو. آخر ڪاهيندي، اُن جي منهن ڏسڻ ۽ آواز سڻڻ کان ڇوٽڪو لهي اڳتي وياسون، ۽ جبلن ۾ وڃي پياسون. ان وقت جي گرميءَ جي حالت لکڻ کان دل سرد ٿي ٿئي، ۽ ڀريل درد ٿي ٿئي: ڪجهه ذڪر ڪجي ٿو ته زبان ۾ ڇالا ٿا پون، ۽ ڳالهه ڪندي ڄڀ کي ڳنڍيون ٿيون اچن! اڃا سوا پهر کي ويجهو آفتاب هو، تان جيڪو پکي اُڏاڻو، سو ڪباب هو! اهڙو ٽڪرن جو ويڙهه، جنهن ۾ ڏينهن جو بي مهريءَ سان سج ساڙي، ۽ رات جو تارن تي آلن، ۽ چنڊ تي سج جو شبهو پوي! ڏٺوسون ته ڀر پاسي جا ماڻهو ڄڻڪ باهه جا سمندر هئا، پکي شمع جي صورت ماٺ ۾ جلندڙ، بيهوش ۽ بي پر هئا. گهرن ۾ به اهڙي سخت گرم هوا ٿي لڳي، سوچيو ٿي ته گهر هئا يا باهه ٿي ڌڳي! حرارت پنهنجي نوبت اِتي آڻي رسائي، جو طوطي کي ”حق الله“ ياد نه رهيو، زبان تي ”پاڻي- پاڻي“! هن کان واڌو جي اُن جي ذڪر ٿو ٿلي، ته قلم جي زبان ٿي جلي- غرض ته اڳتي هلڻ جي سگهه نه ساري، هڪڙي گهر ۾ لهي پياسون. انهيءَ تنگ ۽ جهوني مڪان، گلخن جي رشڪ، زندان جي غيرت ۾ قضا سان اچي ٿاني ٿياسون. گهر نه هو، ان ۾ رهندڙن لاءِ اڙدر هو، جنهن جون ڀڳليون ڀتيون ۽ ٽٽل در هو: اڱڻ جو طول، سخت نامعقول، ڇت مان آسمان ڏسڻ ۾ سج پسڻ ۽ مينهن وسڻ جا پرڻ وانگر سوراخ، پر ڪشادا ۽ اڻڳڻيل، آرهڙ ۽ شياري منجهس اُس جو سڪار ۽ ساوڻ ۾ پاڻيءَ جا مزا، لڌڙي جي دل وڻيل! قضا سان بادل ڀرجي آيا، ۽ پاڙي اوڙي جي پاڻيءَ اچي ويٺي ويٺي نئن جا تماشا پسايا. اڏاوت جي گپ ۾ غوطن کائڻ ۽ غرَ ٿيڻ جو وهم ٿي پيو! اڱڻ جو ته اڃا نرالو رنگ ٿيو: اسباب وهڻ لڳو ۽ هٿن کان ٽهڻ لڳو! سڀڪو بدحواس ٿي پيو، منهنجي بدن تي پاڻيءَ جو لباس ٿي ويو. گهر جو چُلهو جو گرميءَ ۾ جلندو هو، تنهن ۾ ”فارالتنور“ جو عالم نظر آيو، ۽ هيٺان مٿان پاڻيءَ طوفان جو نمونو پَسايو!

آخر ڍورو ڦٽو ۽ سڪاڪاري ٿي، اسان کي به وڃي ڪا هوشياري ٿي. خدا ڄاڻي ته اُن مڪان جي بِنا ڪهڙي وقت جي هئي- جنهن جي تاريخ ڪنهن مورخ کي ياد نه هئي- جو ساري وسين پراڻي وحشت جي نشاني هئي، آباد نه هئي! شايد ته نوح عليہ السلام جي طوفان جي پاڻيءَ جون اڃا جابجا علامتون ۽ نشانيون هيون، ۽ زمين خشڪ نه ٿي ٿئي- اُن وقت ڪنهن بي اٽڪل، هيٺانهين زمين ۾ کڏ کوٽي، هن گهر جي بِنا ڪئي هئي.

الحاصل، جهڙي تهڙي حال، اتان منزل کنئيسون. ٽي ڏينهن برابر ٽڪرن ۾ ڪاهيندي، رات جو حيوانن وانگر کانٽن ۾ آرامگاهه ٿي ڪئيسون. چوٿين ڏينهن جبل کان ٻاهر نڪتاسون ۽ مٺيءَ زمين ۾ رسياسون. رستي جي ٻنهي پاسن نهرن، چشمن، ساوڪن ۽ باغيچن ۾ اچي پياسون، وڻن جي ڪمال محبت سببان ٽاري، ٽاريءَ ۾ گڏ هئي، ۽ زمين تي سج جي شعاع پوڻ لاءِ ڪا واٽ نه ڇڏي هئي. هڪڙي باغ ۾ پيٺس. منهنجي دل وانگر تنگ هُئل مکڙي هٿ ۾ کڻي، هڪڙي ندِ4 جي ڪپ تي اچي ويٺس. وڻن جي سرهي هير لڳڻ سان پاڻيءَ ۾ سرود آيو، ۽ منهنجي ڏکويل دل جي خوش ڪرڻ لاءِ تماشو بنايو- پر آءٌ انهيءَ پار ۽ پاڙي جو اُداسيل ۽ يارن پيارن جي سِڪ ۽ صحبت جو اُڪاسيل، سرهو نه ٿيس؛ پاڻان انهن مجلسن ۽ محفلن جي يادگيريءَ کان وڏي غم ۾ پيس: چيم ته ڏاڍي جاڙ ڪيم جو سچن دوستن جي صحبت کان دوري ڌيم، پر قسمت ۾ لکيل اها مجبوري مهجوري هيم! نيٺ سِگهي موٽڻ جي طمع ۽ موچاري گڏجڻ جي دلاسي سان دل جي تسلي ڪيم- هاڻي وڏو مشڪل هيءُ جو سفر اڳتي ٿيو ۽ دل پُٺتي ٿيم! دوستن کان ڌار جيئن جڏو آهي. ڌڻيءَ جي لطف ۾ آسرو وڏو آهي.

 

بيت

”آءٌ ڪيئن ڇڏيان پاڙيچن پچار،

جَڙ جِني جي جان ۾ لڳي ري لهار!

ميخون محبت سنديون هنئين ۾ هزار-

پکا ۽ پهنوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا!“

هن غم جي ذڪر لکڻ کان قلم عذر ٿو ڪري، ۽ وڌيڪ پير نٿو ڀري، تنهنڪري خط کي تمام ٿو ڪجي ۽ طرفين جي مدعا پوري ٿيڻ جي دعا ٿي گهرجي- فقط.

 

2. خط شهر واري جو حج تي ويل ڏي

ٻنهي حرمن جي حاجين ۾ ڌئل، ٻنهي قبلن جي زائرين ۾ سڳورو هئل، حجر جي استلام سان تعظيم ڪيل، بيت الحرام جي طواف سان تڪريم ڪيل، حرم محترم ۾ مقيم ۽ قائم رڪن ۽ ملتزم جو ملازم، مروت ۽ صفا جي قدمن سان مقبرن جي مطاف جو طائف، الاهي عطا ڪيلن عملن سانمنا ۽ عرفات جي اسرارن جو عارف، مٿانهين مرتبي وارو، منهنجو ودست پيارو- سلمہ الله تعاليٰ!

”حرم کان آهه جنهن جي صاف ٿي دل،

رسيو رحمت جي هنڌ ڪعبي جي منزل

حرم عرفان جي کي رب رسائيس،

پنهنجي نور جو لمعو پسائيس:

هجي جت، تت رهي دائم سلامت:

سلامت با ڪرامت، سنئين قيامت.“

سلامن جا ساٿ، حرم آمن جي قصد ڪندڙن جيئن بيشمار، ۽ دعائن جا قافلا عرفات ۾ واقفن وانگر آپار، ڪمال اخلاص ۽ نهايت اختصاص کان هديو هلايو، هن طرف جي رشتيدارن ۽ يارن جي خيريت جي خبر پهچايو، ۽ جدائيءَ جي آزار جي پچار کان زبان تي صبر جي مهر هڻايو، ظاهر ڪجي ٿو ته قسمت جو ڪم آهي، جنهن امن جي حرم ڏي اوهان جي واڳ واري، ۽ رفاقت ۾ موافقت نه ٿيڻ جي حسرت ۽ ڏک ۾ منهنجي جان ڏاري! هيءَ جي قضا ياري ڪري ها، ۽ هيءَ آرزومند اوهان سان گڏ انهيءَ ڀلي پار ڏي پير ڀري ها، ته ڪهڙي نه دين ۽ دنيا جي سعادت هجي ها: هڪڙو دوستن جو دائمي وصال، ٻي الله تعاليٰ جي عبادت هجي ها!

”قطاري قافلو جن ڪيچ مڻيو،

سعادت تن سندي هينئڙي سين هڻيو-

ٿين لڱ لوڻ ۽ دل مان ڳرن ڳچ،

مٿي من مونجهه سيني تي ٻرن مچ!

اَڀا ڳائي مون کي آئي جا آڏي،

ٿيس لڏ ڪيچ جي سان ڪين لاڏي!

ڇڏي هت هيڪلو ساٿي سڌاريا،

بهاريءَ ڪيچ جي سان سي بهاريا.

حرم م، هُو مرمِ هِت مون کي ماري:

”حجر“ هُت هو چمن، هِت هجر ڏاري!

ملازم ’ملزم‘ ۽ ’رڪن‘ جا هون،

عرض ڪن ’باب رحمت“ تي، اُڀا روُن.

مقام ۾ مغفرت جا جوش ٿا ٿين،

’حطيم‘ ۾ فضل جو نارو وسائين.

پِيَن پُردَلوَ ’ومزم‘ جا وڃيو زود،

ٿين حاصل شفا، مليا سي مقصود.

ڪيون جان ’سعي‘، سعيو تان پسائِي،

’صفا‘ ’مرو‘ مروت ۽ صفائي.

’معنيٰ‘ کان سڀ مُنيٰ اُن لاءِ آسان،

رسي ’عرفات‘ ۾ رسيا سي عرفان.

مليو تن ’مُزدلف‘ ۾ مزد غفران،

ڪيائون ’رميءَ‘ سان سڀ رمي عصيان.

پجا ’ونحر‘ جو آندو حڪم اُت جن،

ٿيو آسان تن کي نحر نفسن.

ڦٽن سک هي ٿئي ڪيئن حج مبرور،

نه ڏي جيسين سفارش نبي نُور.

ڪرهه ڪاهي ٻڌي سندرا منجهان سڪ،

جبل جهاڳا ڪيائون هوٿ ڏي ڇڪ،

يقينا ڪيچ- مالڪ جي ڪرام:

رسيا ’باب السلام‘ آيا سلامت.

تحيت جا ادب ساري سنڀاري،

هنجون هاري اُڀا پڃري جي ڌاري.

چين دل جي سان تنهن چائنٺ تي پيئڙا،

سلامن سَهسِ لک اُن عرض ڪيئڙا.

هوَس کان وڌ ملي سڀ مدعا تن،

شفاعت جي بشارت کان مزا ڪن.

وڃي جيئري ڪيو جنت جو هُن سير،

هتي دوزخ ۾ آءُ، هاءِ انڌير!

عزيزا! آس آهان جي رب پُڄاڻي،

ڪجو ڪو عرض مون مَهجور لائي:

ته ’اي اڀرن اَجها، عالم جا آڌار،

ولهن جا واهرو اُمت جا سردار!

’مٽار‘ ۾ رهيو ’مشتاق‘ مَهجور،

وڇوڙي جو وڏو سيني ۾ تنهن سُور:

اُڃايل وصل جو منجهه گهور گهايل،

وڃايل سار سگهه، تنهنجو سِڪايل-

صلاتن ۽ سلامن جي پڄاڻا،

مڱي هيءَ مدعا، سرور سياڻا!

ته توڻي آهيان ڏڏ ۽ ڏُهاري،

نه پڻ تو ۾ اَٿم اُميدواري-

وسيلو ٿي وسيلا ڪُل عالم،

تون ڪَٽ غمخوار مون غمگين جا غم:

ورائي ساڻ رحمت اِت رسائي،

گهُرائي پاڪ اِي پڃرو پَسائي!

تجلي ڪا حقيقي حُسن جي پاءِ،

مجازيءَ کا مجازيءَ کان تون موٽاءِ.

جمال حال جا ڏي منهنجي دل داغ،

ٿئي لالا لَڄايل جن کان منجهه باغ!

ڪري هي حال ڪاڪل جيئن پريشان،

چمن ۾ ڪر تون سنبل کي به حيران!

خماريل اک جو هن اک کي ڏيئي نوش،

نهوڙي نام نرگس تنهن جو کس هوش.

تجلي ’طور‘ واري ڪر، سڄو ساڙ؛

هنئين کي چاڪ پائي چير ۽ ڦاڙ!

جيئن توڻي مرڻ منجهه تنهنجي پاڙي-

نظر ۾ تنهنجي محشر جي ڏيهاڙي!“

دوستا! اوهان جي شفقت اَپار ۽ عاطفت بيشمار ۾ اميدوار آهيان، ته انهيءَ پار جي گلزار هميشہ بهار جي سرهي خبرچار سان، سڪايلن جي دماغ کي سرهو ڪندا ۽ بخت جي ڀاڱي ۾ اچڻ لاءِ، اتي اچي پهچڻ لاءِ، مڙيني متبرڪن قبوليت وارن مڪانن ۾ دعا جي سخا سان ياد ۽ شاد رکندا ۽ حضرت رسول اڪرم ﷺ جي حضور پُرنُور ۾ منهنجي پاران ليلائيندا؛ ۽ سلامن رسائڻ بعد منهنجو ڪيل عرض پهچائيندا- شال مڙيني مرادن سان شاراب ۽ ڪامياب هجو! فقط.

 

2. جواب حاجيءَ جو

بعد هديي هلائڻ لکين لکين سلامن جي، جن جي خلوص جا آثار، مشتاقن جي جان کي انتظار جي فڪرن کان نجات ڏين؛ ۽ تحفي پدمن پدمن دعائن جي، جن جي خصوص جا انوار، فراق جي واديءَ ۾ گم ٿيلن کي وڇوڙي جي ڪارونڀار کان وصال جي منزل تي پهچائين- هن سفر خيريت اثر جي سرگذشت ظاهر ٿي ڪجي ته عزيزن ۽ دوستن کان رخصتيات ٿي، مقصود جي منزل جو قصد رکي نڪتس. طالع جي ياريءَ ۽ قسمت جي مددگاريءَ سان، فلاڻي بندر تي اچي پهتس. واٽ جي خضر سونهپ ڪئي، ۽ منهنجو تختو درياءَ تي پيو: الاهي امن سان، لهرين ۽ لوڏن کان لنگهي جزيري ”قمران قرنطين“ جي مڪان ۾ پهچڻ ٿيو- چيم ته بهشت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳي، حساب ڪتاب لاءِ عرصات جي ميدان ۾ اُڀو رهڻ ضروري آهي. هت به هن حرم بهشت جي رشڪ ۾ پهچڻ کان پهرين ڏهه ڏينهن انتظار ۽ جدائيءَ جي بند ۾ باندي ٿيڻ ۽ پنهنجي ڪمن جي شامت کان غرامت ۾ ڪجهه ڏيڻ مجبوري آهي- ٺهرايل وقت گذرڻ بعد اُن بند کان خلاصي لهي، رفيقن سميت نڪتس؛ ۽ انهيءَ اسيريءَ ۽ غريبيءَ تي ڌڻيءَ جي ٻاجهه ٿيڻ ڪري، ”ميقات“ يعني احرام جي حد تي پهتس. سفر جي رنج ۽ واٽ جي تشويش جا ڏکويل، نوح گريءَ ۽ جامه دريءَ ۾ آيا: هٿ ڪوتاه، گردن دراز ٿين، سينو آتش ڀريل ۽ دل گداز ۾ آين. مڙيني حياتيءَ وارن جا عيش حرام ڄاڻي، پنهنجن جسمن کي ميتن وارا ڪفن پهرايا! گلشن جي بوءِ کان سڀني جو صبر ڀڳو، ۽ ”لبيڪ اللهم لبيڪ“ جو نعرو لڳو- تان ته نوح جي ڪشتيءَ وانگر، سلامتيءَ سان جودي تي يعني ”جدي“ جي ڪنڌيءَ تي رسياسون ۽ ڪمال خوشيءَ کان گل وانگر بدن جا لباس چاڪ ڪياسون. تقويٰ جي ثمر وارن جي عزم جي مرڪب جي تياري ٿي ۽ هَنجن جي قطرن جي، قافلي جيئن قطار جاري ٿي! رات جدي ۾ رهي، ٻئي ڏينهن اهل نجات جي قبلي ”مڪي“ مڪرم ۾ آياسون ۽ ان جي خاڪ، پاڪ اڪسير تي طعني هڻندڙ، خس ۽ خاشاڪ، گل کي خجل ڪندڙ جي پهرئين ڏسڻ سان عقل و هوش وڃاياسون- سبحان الله زمين جي واري، آسان جي تارن جيئن روشن! في الحقيقت معنوي جنت، جنهن ۾ ري کيڙڻ ۽ پوکڻ، بهشت جا بهار ۽ گلشن: گل ڪونهي، سحر جو واءُ مشڪبو اٿس؛ مئي ڪانهي، ميخاني ۾ زور شور سان هاءِ- هُو اٿس! جنهن بخت واري اُن جي گهٽيءَ ۾ مٿي مان پير ڪيا، سو بيعقل چئبو جي اُن، فلڪ تي جاءِ ڪري نه اُن جا سير ڪيا! جنهن جي وفا جي کاڻ جبل ابوقبيس آهي، ۽ اُن جي غم جي داغ کان داهيندڙ فرهاد ۽ قيس آهي! جهان ڪشادو تنگ ٿيو اٿس، تنهنڪري مٿانهين آسمان تي پاڇو پيو اٿس. مروه، صفا ۽ ٻيا، اُن جي دامن ۾ هڪ- هڪ پهڻ جيڏا ٿيا- ڪعبي جهڙو گل دامن ۾ اٿس، تڏهن ڪهڙو عيب، جي ڪنار تي لالا نٿو ڏسجيس؛ ههڙو يار بغل ۾ آيس، تڏهن ڇو نه فخر جو ڳاٽ فلڪ کان مٿي پهچيس! حاصل غرض ته عشا جي وقت کان ٿورو اڳي امن واري حرم ۾ دخول ٿيو، ۽ پري کان حرم جي ڏِين، باغ ارم جي گلن جيئن شعلو ڪيو- موسيٰ واري آتش دل ۾ ڌڳي ۽ ڏسڻ ۽ پسڻ جي ٻار ۾ شعلو پيو: اُنهيءَ نور تي اُنهيءَ طُور ڏي تڪڙا پير پيا ۽ ويجهو رسندي ئي گهڻيءَ هيبت کان اڱڙن سار ڇڏي، اکين جا پردا بند ٿي ويا! باز، اکين سِبيَل، واٽ جي گرميءَ کان بالن ۽ پرن سڙيل، مثل روح پرواز ڪرڻ لڳو، ۽ محبوب جي منهن ڏسڻ جي شوق ۾، درد ڀريل آواز ڪرڻ لڳو!- آخر اک اُپٽي ۽ پرين جو منهن محبوب، مشڪ جي انگ پيرهن پيل، اُڀيٺل نظر آيو، جنهن جي قد ”نخل سدرة المنتهيٰ“ ۽ ”طوبيٰ“ کي جهڪايو! نسيم لڳڻ سان اُن جو نقاب چُنريو، تنهن مان سج جي منهن کي ساهون سريو: ڪ اُن جي منهن کان مشڪين برقعو پاسي ٿيو، تنهن مان گل روشني لڌي، ۽ عنبر جو فخر ڀڄي پيو. ان جي جمال جي سج جان منهن ڏيکاريو، تان سڀني سجود جي زمين تي مٿو ڍاريو. ان گلروءَ جي سرهيءَ بوءَ کان دين جي دل کي قوّت آئي، ۽ ان باجمال جي مشڪين خال کان (جو نَونِ اُڀن جي دائري جو نقطو آهي) اسلام جي اک روشني پاتي- توڻي ڪاري لباس ۾ ڏيکائو ڏيندڙ آهي، پر چنڊ جي پيشانيءَ کي سهائو بخشيندڙ آهي! ازل کان مشڪ جهڙو وڳو، سندس هن اشارات لاءِ آهي ته ”آب حيات جي ظلمات ۾ جاءِ آهي“. رضوان کي ان طواف مان سرور، ۽ حور جي زلفن کي ان جي در جي خاڪ مان نور؛ ان جي هرطرف قنديلن جي ترتيب مان ساهه جي ستاري جو بيت الشرف ۾ هجڻ معلوم، ۽ ان جي آسپاس مُلڪن جي صفت، ڪبوترن جي اڏامڻ ۽ واءَ وانگر ان کي ڦِرڻ، ۽ پرواني جيئن ان ساهن جي شمع تي سڙڻ جو هجوم، فردوس جي ايوان وانگر حرم جي ڪشادائي، سدرة المنتهيٰ جيئن منارن جي ڊکهائي، حوض ڪوثر کان زياده زمزم جي صفائي ۽ سرهائي ۽ مٺائي، ۽ ان جا نار عاشق بيقرار جي هنجن جي هار مثل هردم اڌمندڙ، ۽ ان جا ٿورا قطرا وصال جي اڃايلن لاءِ دوريءَ جي درد ۽ مجهوريءَ جي مرض وڃائڻ ۾ مسيحا جي ڪار ڪندڙ. زمزم جي ويجهو منبر، ڄڻڪ ڪوثر جي ڀر تي طوبيٰ جي شجر!

”ڪري سگهان نه سڀيئي تنهين سندي ساراهه،

نه دفترن ۾ پڄي هِي، ته دستان به تنگ!“

غرض ته مطالف ته مطالف ۾ داخل ٿي، ان محبوب جو بيحد ڪرم ڏسي، سندس خال يعني ”حجر اَسود“ تي چپ رکي، تازي جان بخشيندڙ چاشني وڍي، آسمان جي دؤري جيئن چرخ کائي، ان نوراني شمع جو پروانو ٿي، عقل وڃايو ويو، ۽ مجنون جي صفت پيدا ٿي. دائري جا ست چڪر ڪڍي ۽ مرڪز ڏانهن منهن رکي، ’ملتزم‘ کي بغل ۾ جهلي، تعظيم جو هٿ پردن ۾ هڻي، ڌڻيءَ جي ڪرم تي تڪيو ڪري، دعا جا هٿ ڊگها ڪيا ويا. هجر جي رات جي غم مان، وصال جي صبح جي روشني هويدا ٿي. جڏهن ملڪن جي عرش تي طواف ڪرڻ واري سعادت حآصل ٿي، تڏهن انهن جيئن ”مقام“ ۾ قيام، رڪوع سجود ۽ قعود ڪرڻ سان، انهن جي نماز ۽ نياز جي صورت جي دولت به هن خاڪ جي مٺ سان واصل ٿي! ’زمزم‘ جو پاڪ پاڻي پيئڻ ميسر ٿيو، ۽ قلب شفا جي نورن سان منور ٿيو- پوءِ ”باب الصفا“ کان نڪري ”صفا“ تي پهچي، ان جي طاق رواص فلڪ جي رشڪ ۾، علو جي مرتبن جي چارهين تي اُڀي، ڪرم سرمديءَ جي ڪوهه ڏي پٺ ڪري، ملڪ ۽ ملڪوت جي قبلي کي سامهون ٿي، ۽ دل سان دعا گهري، پيغمبرن پيارن ۽ ولين ڀلارن جي تبعيت ۾ بر سرو يا ان واديءَ ۾ ڊوڙڻ پيس، ۽ ست دفعا ”صفا“ ۽ ”مروه“ جي وچ ۾ ڊوڙي، مروت ۽ صفا جو اميدوار ٿيس.

حج جي وقت ويجهي هجڻ کان، جڏهن رڳو حج جو احرام ٻڌل هو، تڏهن ان جو کولڻ منع ٿيل هو. فرصت کي غنيمت سمجهي، متبرڪن مڪانن جي زيارت تي ڪمر ٻڌيم. ”سوق ليل“ مان (جو جهان روشن ڪندڙ سج مطلع آهي) رضوان جي باغيچي جي هڳاءَ کي شمائيندڙ خوشبوءِ لڌيم، اصحابن ڪرامن جي سڪونت جي مقامن ۾ نياز جي پيشاني زمين تي گٺيم، ۽ معليٰ جي خاڪ پاڪ مان دل جي اک جو سرمو ڪري، ههڙي حقيقت ڏٺم ته مٿان مٽيءَ جي پردي جو نقاب آهي، ۽ اندر هرهڪ، هر طرف ماهتاب ۽ آفتاب آهي! ان سڳورن جي خاڪ مان مسيحائي بوءِ اچي ٿي، ۽ ان جي پاڪ دل جي روشني عرض سين پهچي ٿي- شال انهيءَ خاڪدان تي هميشہ زور زياده حق جي رحمت هجي، جنهن ۾ سجن ۽ چنڊن جو لڪل گَنج ٿو پسجي! جبل ”نور“، جنهن جي گوهر کان بدخشان جي لعل ۾ حسرت سببان جگر جي گوهر کان بدخشان، ۽ ان جي واريءَ جي جهلڪ کان طُور جي تجلي فراموش! ڇا، جي بدخشان ۾ لعل القامت ڪئي؟ هن ۾ در يتيم جي اعتڪاف جي جاءِ ٿي، ۽ جبل ”ثور“ جنهن جو مٿانهينءَ کان مٿو آسمان سان لڳل، ۽ سڀڪنهن اتانهينءَ جو اڳيانس ڪنڌ ڀڳل، تنهن جي غار ۾ مديني جي سج منزل وڌي؛ تنهنڪري ان اتانهين شان واري عزت لڌي- ٻنهي جي زيارت مان اشارت معلوم ٿي. ته هتي به ان ساڳيءَ جاءِ ٿي ڪئي، ۽ جنهن کي وڏن نشانن ڏيکارڻ لاءِ عرش اعظم تي ڪوٺ ٿي ٿئي: پر ذاتي شهود ٻنهي هنڌن هڪڙو ئي ٿيو هو، ۽ اُن ۾ ڪو فرق ۽ تفاوت نه پيو هو.

”غار ۾ پڻ شهود سو ساڳي،

عرش اعظم تي جنهن تجلي ڪي.“

الحاصل حج جي موسم اَئي، غم جي رات مان سعادت جي صبح ڏني ڏيکائي. قافلن جي ڪاهيندڙ زبان جو ساز ٿي ڪيو، ۽ اُٺن رقص ۾ اچيو پرواز ٿي ڪيو. مهلت جا پهر ۽ فرصت جا پَل گذري ويا، انتظار جا الم ۽ تانگهه جا غم وسري ويا. ذوالحج جي ستينءَ تاريخ ظهر نمازکان پوءِ حرم شريف ۾ خطيب خطبو ادا ڪيو، بيت الحرام ۾ خوشيءَ جو غلغلو وجهي، حرم جي ٿنڀن جا پير ڪڍي، زمين جي فرض کي برپا ڪيو، اُٺڙن حيرانيءَ ۽ شوق کان چرڻ بند ڪيا، ۽ مئلن خاڪ جي جيب مان مٿا ٻاهر ڪڍيا. اَٺينءَ جي صبح جو مڙيئي بي سروپا واٽ تي پيا: مجنون جي صفت ٿيا، ۽ مجنون کان ڪسر هئا. تڏهن چيم ته ڪهڙي مَي جو هي قطرو هو جو مَٽ ۾ وڌائين، سڀني جي دلين ۾ عجب مستي جو شور جهٽ پٽ ۾ وڌائين! توڻي گدا توڻي شاهه هن بزمگاه مان اٿندا ڀڄندا وڃن، سڀئي هڪڙي ڏس تي رخ رکيو ڪاهيندا هلندا وڃن، متان ڪا ليليٰ جي محمل وچ ۾ اچي پيئي، ماڻهو مڙيئي سندس مجنون ٿيا. ۽ اُنهن کي سمجهه سار ڇڏي ويئي! جان خيال ڪم تان ميدان مجنون مان ڀريل، ۽ ليليٰ پنهنجي ماڳ ۾ آهي: سڀيئي سندس تمثال تي حيران پريشان ڪاهيندڙ، مگر ليليٰ جو هٿ هن جي واڳ ۾ آهي!

قصو ڪوتاهه ڪاهي ”منا“ ۾ آيا؛ نائينءَ جي تائين ڪنهن ديدار جي دلاسي ترسايا. پرهه ڦٽي، اُتر هير لڳي، وصال جي ويجهڙائيءَ کان شوق جي باهه وڌاو ڌڳي. سج اُڀرئي بار ٻڌائون، جو فرصت نه رهي، قافلن ۽ مرڪبن کي تکو ڪاهيائون، جو مهلت نه رهي. سڀيئي سجايا سير ٿيا- ”مسجدالنمرة“ ۾ اچي پير پيا، جنهن ۾ خلق جي هجوم کان پاسن سان پاسا گسيندڙ، ۽ پاڻ ۾ محبت ۽ ورونهه سبب مٿن رحمت جا ڪڪر وسندڙ مڙيئي ظهر ۽ عصر جي جع جي ويچار ۾، زوال ٿيڻ ۽ خطيب اچڻ جي انتظار ۾. آخر سج لڙهيو، ۽ ظهر جي بانگ ۽ سنت بعد، خطيب منبر تي چڙهيو، شجر عندليب جي سوڌي شاخ وانگر، خطبي کي سنئون اُڀاريائين، اندر جي سوز مان اک ۽ دل کي خون ڪري، خون جي گٺ ۾ تاريائين. نمازن جي جمع پڃاڻا ڪنهن ڪا سٽ نه ساري، فراغت ۽ فرصت گم ڪري، ”عرفات“ ڏي منهن رکي، ”جيل اِلرحمت“ ڏي واڳ واري. سبحان الله! ڇا عرفات، جنهن جي فراخي حجاجن جي سينن کان واڌو ڪشادي هُيل ملڪ ۾ ماڻهو سندس دامن جي هڪڙي پاسي ۾، ۽ ساري دامن خاص خدائي رحمت مان ڀريل! جبل الرحمت تي. خطيب، وصال جي خوشخبري سڻائڻ سان، خلق جي دل عاشق بيدل جيئن شيدا ڪئي: قلبن ۾ سج واري گمي، ۽ بدن تي بيد واري ڏٻاڻي پيدا ڪئي. ”لبيڪ ۽ يارب“ جو نعرو فلڪ تي ويو، ۽ آهن جي تيرن کان آسمان زخمن جي جاءِ ٿيو. الاهي رحمت جو وسڪارو ٿيو، ۽ فضل جي درياءَ جو ڌڌڪار ٿيو، ڀلا جڏهن هڪڙِ ننڍي نينگر جو روئڻ به ڪرم ۽ سخا جي بحر کي جوش ۾ ٿو آڻي، تڏهن ههڙي ڏينهن، هيترن لکن دلين جي باهه، پنهنجو دونهون فلڪ تي ڇو نه رساڻي؟ ۽ هن اڪسير جي سونگي جبل جي گرميءَ سان، وجود جي نقد کي ڪيئن نه سون ڪري؟ ۽ دل جي ميرائي وڃائي. قلب جي قدح کي سڀڪنهن آلودگيءَ کان بيشڪ صاف ۽ پاڪ ڌري، ۽ دل جي آئيني تان يقيناً ظلمت جو زنگ لهي، ۽ پراڻي محنت کان ري خوف آسائش رهي.

ٿوري ڳالهه ته سج لٿو ۽ چنڊ روشني ڪئي، ۽ خلق گناهن جي بار ڪيرائڻ ڪري هلڪي ٿي. اُهو سانجهيءَ جو وقت ٿيو، جنهن جي نسبت سببان دوست جا گيسو مشڪ- بُو رهن، اقبال جو ستارو اُن مان پيدا ٿئي؛ ۽ زهرو ۽ مشتري اُن کان روشني لهن. موڪل ملي- مڙيئي مڪڙن وانگر پکڙي پيا ۽ اُٿي ڀڳا. ڪمال خوشيءَ کان ڪنهن جا پير پٽ تي نٿي لڳا. ”مز دلفي“ جي سونهاريءَ زمين ۾ رسيا، مغرب ۽ عشا جو جمع ڪري، تسبيح چوندڙ، پهڻين جي ميڙڻ ۽ مغفرت جي فرمان ملڻ سان وهسيا. توفيق جي ياريءَ سان، مناجات ۾ رات گذري. صبح روش ٿيو. اُن وقت اُميدن جي مکڙين مان کلي، مرادن جو گلشن ٿيو. ”وقوف“ کان پوءِ، ڪنهن نه ڪنهن جو اظهار ڪيو: ”منيٰ“ جي شوق، قلبن مان قرار نيو. ”جمري عقبيٰ“ وٽ ”غزا“ جي ميدان واري صف جوڙڻ جو ارشاد ٿين. فنا ڪندڙ تڪبير جي نعري سان، سَتن پهڻين جا ست فَير ڪيائون- حقيقت ۽ معنيٰ ۾ جهاد ٿين- پوءِ ”قربانيءَ“ تي آيا، ۽ ابراهيمي تعليم اُن کي سڀ ادب سمجهايا: وفا جي تلوار، جان جي نرگهٽ تي هلايائون، ۽ ”ذبيح“ جي متابعت ۾، فرمان جي اڏيءَ تي، مڃڻ جو ڪنڌ رکي، عجز آڻي، علائقن جي قيد مان مٿو ڪڍي، دنيا جي زينت تي پاڪي وهايائون: ٻيهر زندگي جو آغاز ٿين، ۽ بدن تازي حياتيءَ جي وڳي سان ممتاز ٿين! تعجيل ۽ اصطراب سان حرم ڏي شتابي ڪيائون، ۽ دل وڻندڙ، طوبيٰ کان ڪمال ۾ واڌو قامت جي هوس ۾ بيتابي ڪيائون. پتنگ وانگر پر هڻي، ان سُهائن جي شمع کي وڃي ويجها پيا. مٿي مان پير ڪري، ان جي آسپاس ڦرندڙ ۽ شيدا ٿيا. هن دلين ج محبوب جِي بَردباري چئجي، ۽ ڪمال تلطف جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! خال تي چمي ڏنائونس، حال نه مٽايائين، دامن ۾ هٿ وڌائونس، ڪنهن کان ڪين ڇڏايائين، تضرع جي پيشاني سندس در جي خاڪ تي رکيائون، ڪنهن کان منهن نه ڦيريائين! رضا جي اک کوليائين، ۽ حسن جي خاصيت- ناز ۽ غرور تي پاڻ نه هيرايائين- انهيءَ شفقت، ۽ عاشقن جي قلبن کي پڪا پيوند پايا؛ مڙين ملتزم کي بغل ۾ جهلي، ڪلهن کان ڪنڌ نايا! الله الله! ڪعبو شريف جلوه گريءَ ۾ داربا آهي.

پر نه رخسار جي وجهه کان، نه دوتا زلف جي سببان آهي- جي منهن اٿس، ته نه ان يار جو، نه لائق سڀڪنهن پسڻ جي ديدار جو! مٿي جي اکين جو حوصلو ننگ آهي، ته محبوبن جو منهن ٻي رنگ ۽ هي ٻي رنگ آهي! يقين آهي ته هن رت ۽ پُون گڏيل اَک کي پڌرو ديدار نه ڪرائيندو ۽ هن فاني جهان ۾ پنهنجي عاشق کي منهن نه ڏيکاريندو! جنهن وقت حاجين جي مٿن جي وارن مان ڪاڪل چيلهه تائين رسندڙ، ڦڻي ڏنل ۽ ڳتيل هوندس، ۽ آن جي هنجن جي گوهرن، سندس دامن تي پيلن مان زيور پيل هوندس، تنهن وقت اُهو محبوب، سج چنڊ کان روشنن جو مسجود، عزت جي دامن کولي، دامن ۾ پهٽيل کي ان ۾ ويڙهيندو، ۽ پاڻ سان گڏ، پنهنجي فردوس واري مڪان ڏي، ڪمال محبت سان وڍي ويندو- توڻي انهن ۾ ڪو ڪنڊو هوندو، ته گل جي دامن کي ان کان ڪهڙو غم ٿيندو؟ المختصر، خلق واري ”منيٰ“ ڏي منهن ڪيو، ۽ اتي سڀڪنهن منيٰ جي حصول ٿيو. ”مسجد حنيف“ ۾ گهڻي نياز سان نمازون پڙهيائون، ۽ غار ”مرسلات“ جي زيارت سان دل جي غار جي ڪارونڀار ڇڙهيائون، ۽ يارهينءَ ۽ ٻارهينءَ تاريخ ”جمرن“ کي ماريائون، ۽ پوءِ نهايت حرم ڏي واڳ واريائون. تاريخ چوڏهينءَ، ”عمري“ جا احڪام پاريائون، ۽ طبيعت جي سڪ جا من تي مچ ٻاريائون، پاڻ کي پنڌن ۽ پيچرن بابت پچاريائون، ۽ فراق جي اُڃايل جيان وصال جو زلال نهاريائون: سڪڻ ۽ سوز جو ثمر سنواريائون، برهه جو بار ٻڌائون، رحمت الاهيءَ جي حڪم سان روانگيءَ جي رخصت لڌائون!

سڀاڻي ساٿ نڪرڻ جي تياري آهي، ۽ هنجن جي نئن اڳواٽ جاري آهي- شال ذوالجلال پنهنجي ڪرم سان مقصود جي منزل کي سلامت ملائي ۽ دوست جي ديدار سان روئندڙ اک کي کلائي!

اوهان جو خط، فرصت نمط، تنگ وقت ۾ رسيو، تنهنڪري ستت سندس جواب نه لکيو ٿيو. اهو تاخير معاف رکجو ۽ زيارت جو ذڪر ٻئي خط مان معلوم ڪجو: دعا سان هردم ياد آڻجو، ۽ هن مخلص کي به پنهنجو دعا گوئي ڄاڻجو- فقط، والسلام!

 

ب- خط، مديني منور جي زائر جو

سلام عنبر نسيم، ۽ پيام عبهر شميم،- جن جي صدق ۽ صفا جا اثر دؤرن جي صفحن سهائي وارن تي چمڪندڙ هجن، ۽ انهن جي مهر ۽ وفا جا نور زمانن جي روشن رخسارن تي جهرڪندڙن هجن- دعائن جي تحفن سان گڏ، جي صاحبدان جي اخلاص جي مواردن جيئن، عوائقن جي ميرائن کان مبرا، ۽ اخوان الصفا جي مشاربن جيئن، حقائقن جي خوشبوئين سان مصفا- انهيءَ مجلس شريف ۽ محفل منيف ۾ پيش ڪريو عرض ٿو گذاري؛ ۽ زيارت فيض بشارت جي سعادت حاصل ڪرڻ جي سرهائي ٿو ڏيکاري. عزيز! اڃا حج جو ڪم مس اچي پورو ٿيو، تان اَنر جي هير اچڻ سان وادي العقيق جي شوق جو مچ ڌڳي کُورو ٿيو. صبا جي واءَ گل جي دامن لوڏي، اَن جي خوشبوءِ پهچائي، ۽ وفا جي زبان، آواز جي واسطي ڌاران، هي حديث سڻائي، ته ”هن هٿ آندل نقد تي مهر هڻائڻ واجب آهي، ۽ ري مهر سون کي ٽامو چوڻ به نامناسب نه آهي؛ تنهنجو حج توڻي دين جو در آهي، پر ان پڍيان ٻيو به گهرجي، جو حج اڪبر آهي. شاهه جي مهر ڌاران، فرمان جي ڪهڙي حجت ۽ رونق ٿيندي، جنهن جي صورت، گاهه جي پن جي مرتبي کان گهٽ نظر ايندي! پيغمبرن جي سالار ﷺ جي دربار مان مهر هڻائي، ته سڀ محنت سجائي آهي، نه ته ٺلهي درد سري ۽ لامذهب جيئن، مفت ڌڪا ۽ ٿاٻا ۽ مشقت اجائي آهي!“ مطلب ته سڻائي بخت جي تقدير جاري ٿي، ۽ سڪ جي ساٿ جي ”فلاڻي“ تاريخ تياري ٿي. ڌڻي جا ڌئل، نياز جي بيٺ ٻڌي، دوست جي گهٽيءَ واري واٽ وٺي، پنڌ پيا، پاٽ جي ڪنڊن، گل جيئن سينا چيري گلزار ڪين، ۽ اُن ايجاد باغ جي بهار کي رسڻ جا اميدوار ٿيا. اُنهن جي پيرن جي تري، چوڏهينءَ جي چنڊ جا نشان پيدا ڪيا: شهيدن جي زيارت ۽ فاطمہ واديءَ“[1] جي آباديءَ مان مقصد ملڻ جي اشارت پُر بشارت شيدا ڪيا. رب جي احسان سان ”عسفان“ کان بار ڀري، ۽ ”قديمہ“ کان ڪوچ ڪري ”رابع“ ۾ رسيا. ”مستوره“ تي مستور شوق مشهور ٿين. ”بيرالشيخ“ تي محبت جي ميخ چت چور ڪين، تنهنڪري ”بير مجيرمي“ جي منزل تي به ٿورو ترسيا. آخر اُن منزل تي آيا، جتي جهان تاب خورشيد جي منزل ٿيڻ سببان، اُن زمين جي واريءَ جي ڪڻن چوڏهينءَ جي چنڊ جا چمڪا پسايا: ”بدر“ جو نالو مشهور اٿس، ۽ شهيدن جي دفن ٿيڻ کان، خاڪ جا ذرا نسورو نور اٿس! جڏهن ڪرم ۽ جود جي آفتاب جو مغرب مدينو آهي، تڏهن اُن جي زردي ”صفرا“ ۾ هن تي ظهور ڪيو؛ ”بير روحا“ تي راحت نه ڪيائون ۽ ”بيرالشريف“ تي شوق جي بار کان دل ضعيف کي دلاسي جو توڀ ڏنائون. ”مفرح“ تي پهچڻ طاقت کي چور ڪيو، مفرح خوشيءَ جي مستي جو شراب پيارين، ۽ دل کي هٿ مان ڪڍي هوش کي مٿي مان اُٿيارين- سائو گنبذ پريان پيدا ٿيو، جنهن جي تجلي کان طور به محو ۽ شيدا ٿيو! قديم خم ۽ خمخاني جو ظهور ٿيو، سڀڪو صبر جي واڳ وڃائي بيخودي کان مخمور ٿيو!

 

قصيدو[2]

”سِڪ، صبر سان مخالف، ڪر صبر کي سلام

يثرب جي يار جو اڄ آندو صبا پيام.

آئي نسيم ناز پِرين جي پار جي،

گلخن ۾ گلستان ٿيو اڄ بهار عام.

گلزار ۾ ڪيل گل پس چاڪ پيرهن،

ڇا لئي سدا سو ٻوٽيل مکڙي رهي مدام؟

ٿيو چهچٽو چمن جو هڳا پون هرطرف،

جن ڪيو ارم جي باغ سندو شرمسار نام.

گلشن جا در گُلن جيئن کليا سي سوبسو،

بلبل سين باغبان سڏي هي ڪيو ڪلام:

’تنهنجو سڻي سوال ڪيو رب هي بهار،

پاسا ٻيا وجهي ٻن! ڪر باغ ۾ مقام.

ڪيو گوش توڏي اڄ گل تون ڇڏ خروش کي،

ڪڍ خوف، لاهه خار جو خطرو خبيث خام.

جيڪي اندر جدائيءَ ڪٽيا تو سور سال،

سي سڀ وسار جيئن اڄ آهي وصال عام.

موڪل ملڻ جي بعد ڪرڻ دير نا درست،

عاشق جي لاءِ عشق ڪيو صبر کي حرام.

اي دل! مَ درد کاءُ تون، هن حال ٿو ٿئي،

سِڪ ساڙيل رميم منجهان تن جڙي تمام.

بَس رمز آهه روشن ’يحيٰ العظام‘ جي،

روح القدس جو مثل مسيحا جو ناهه ڪام.

آهي عقيق هي هنڌ تون هنج عقيق هار،

ٿي پاڪ پاڪ اک سين تون پس پاڪ جو مقام.

وادي المقدس آهه، اُجهو سلع خلع ڪر،

هن جسم جا علائق، ڀر روح ساڻ گام!

هو ڏي سلم سڃاڻ! اُجهو بان هو عَلَم:

جنات عدن، خلد ۽ فردوس ۽ سلام.

دربان در تي ويٺل ’روح لامين‘ ڏس!

چوڪيءَ جي ڪاڻ ‘ملاءُ الاعليٰ‘ جو اڙد هام.

دربان فيض بار اُنهيءَ شاهه جي اُجها،

جنهن جي سبب ٿيو سڀ عالم جو انتظام.

هي در اُهو ئي آهه جو ’بيت الحرام‘ پڻ،

”لبيڪ‘ ري نه مُور ڪري ات ٻيو ڪلام!

ظاهر قُباب قُبا جا، قَبا ٿي تنگ،

هن جان تي بدن جي ڪيو جان انهزام!

’هذي بيوت طيبہ، هذي قُبابها‘-

پَسجي چِٽو پيارل محبوب جو مقام.

مجنون سو نه آهه جو محمل پريان پَسي،

ليليٰ جي پوءِ ڪين خوشيءَ سين ڪري خرام.

رهه، روح! ڪيم هاڻ پَسي پرتوا اتي،

هن شمع جي شعاع تي پئو ٿي پتنگ، اڏام!

ويجهو ٿئي وصال جو وعدو، ته پاڻ هوءِ،

مچ من مٿي زياده، وڌ منجهه هِينئين حمام.

گنبذ پسي هِي سبز، رهي ڪير ڪو پلڪ؟

ٿيو فرسنگن هزار، ’جدائيءَ جو نيم گام‘!

هي ڏينهن آهي عيد جو، هي ڏينهن ديد جو،

هن ڏينهن ٿيو حبيب جو وه وه وصال عام!

تحقيق آهه ’طيبہ‘ جي هر ڳلي ۾ اڄ-

لئي ديد، اُن عجيب جي عالم جو اڙدهام.

’مشتاق‘ کي به پنهنجي وڙون يار ڪو ٿيو:

خوش ٿيا سڄڻ، تون حاسد، منجهه کار خام کام!“

الغرض صلات ۽ سلام جا نعرا هڻي، قلعي جي دروازي تي رسيا، ۽ ان واديءَ المقدس طويٰ ۾ نفس ۽ هواي خواهشن کي اُڇلائي، رخصت ملڻ لاءِ ترسيا. موڪل ملڻ ساڻ پيرن جي جاءِ، مٿا رکيائون، ۽ محبوب جي پيرن لڳل پٽ کي چمي، وصف جي گهيري ۾ نه ايندڙ چاشني چڱيائون. ڪمال هيبت ۽ حيرت کان زبانون پسڻ کان کيريون ٿي پيون! ”باب سلام“ تي رسندي، ”آدخلوها بسلام“ جو ارشاد ٿين؛ بهشتي باغ ۾ پهچڻ لاءِ الاهي عنايت ۽ حضرت جي حمايت جي امدار ٿين.

جيئري جاڳندي، دنيا ۾ ڪوثر جي ڀر تي منبر جو ڏسڻ سرين ۽ محراب منور ۾ نياز جي زمين تي منهن رکي نماز ڪيائون، طالع ورين! ڪهڙو محراب، جنهن کان جهان جي محبوبن جي ابرن کي خم آهي، ۽ فلڪ جي هلال کي اُن جهڙي نه ٿيڻ جو غم آهي؟ دعا کان واندا ٿيا ۽ حضور اقدس ۾ اُڀيڻ لاءِ اُٿيا، رُئڻ کان زبان بند  ٿي وين! اندرئين سوز جا چپ کولي صلاتون سلام ادا ڪيائون ۽ ڪنڌ ڪلهن کان جدا ڪيائون. اقبال جو تارومسعود هون، ڪم جي عاقيت ۽ انجام  محمود هون: مقصود جي محبوب منهن پَسادين ۽ دولت جو در کليل نظر آين. جناب ”شيخين“ ۽ ”اُم السبطين“ جو وسيلو وٺي دعا گهريائون، آرزو منديءَ جي دامن مرادن جي گلن مان ڀريائون.

 

قصيدو

”روشني تنهنجي کان روشن دين دنيا ٿيا-

تو تي صلواتون خدا جون هون، يا بدرالدجا!

ماءُ زماني جي نه ڄائو تو جِهو فرزند ٻيون،

اک نه عالم جي ڏٺو ڪو مثل تو حسن اللقا!

ڪيئن ڪيو ملڪن ٿي سجدو آدم خاڪي اڳيان:

نور تو اُن ۾، امانت جي نه هو، نورالهدا!

نوح طوفانان نڱيو، ڪنهن پر نه جي تنهنجي سين هجين،

نار نمرودي ڪئي، تنهنجي نور، باغ بي بها!

تو دران ٿيو دان ابراهيم اسماعيل کي،

ذبح سڀ ضد تو سندا، اي ٻن ذبيحن جا ويا.

سونهن تنهنجي کان سڄڻ! ڪي حسن، يوسف هٿ ڪيو،

ڪو ذرو دولت سليماني، سچا، تنهنجي سخا!

فيض تو فياض جي کان معجزا موسيٰ مڱيا،

تنهنجي غيرت غرق ڪيو فرعون ۽ فاجر ٻيا.

ڪيئن ٿئي مُڙدن ۾ داخل ڦوڪ سين، في الفور روح؟

آهه عيسيٰ کي سري ڪجهه قدر تنهنجي ڪيميا!

مانُ توکان ماڻيو جن، سي سمانان سڀ طرح،

جي ڌڪيا تنهنجي دران، تن دان ڪٿ ناهن ڪيا.

مور منزل تي رسيو هوند ڪونه ڪو حق اليقين،

ذات تنهنجي، جي نه ٿي ان راهه اندر مقتدا.

جود تنهنجي کان ٿيو ايجاد ڪل عالم سندو-

ناهه ٻيو مقصود ان ۾ ڪو سچا، تنهنجي سوا!

تو بهاريءَ لطف سين ڪو نين جو ڪيو سبز باغ،

تو نسيم فيض سين شاداب ڪيو روض الصفا.

ملڪ ۽ ملڪوت جو هو ڪونه هڏ جنهن دم وجود،

تهر تو ري ڪونه هو محرم حڙيم ڪبريا.

ڇا زمينون ڇا زمن ڇا اُڀ ڇا جنات عدن-

عرش اعظم کي به حاصل تو وٽان عزت علا.

ڪيئن نه درجي تنهنجي اسين، دام خجالت جا اسير-

روز شب پلپل به پل آڻيون عرض ۽ التجا؟

آسرو احسان تنهنجي ۾ شفاعت جو رکي،

بار ڏوهن جا ڀري آياسين يا پشت دُوتا.

ناهه دعويٰ تان ڪ تنهنجي واٽ ۾ لنگهياسون سال:

ساڳيا گمراهه سي اڄ واٽ تي آهيون پيا!

عجز، بيخويشي ۽ دلريشي ۽ درويشي ۽ درد-

عشق تنهنجي تي اسان آندا اِي سڀ شاهد سچا.

ري خطا ٻي ڪانه ڪنهن دم ڪٿ اسان کان ڪار ٿي،

تون ڀلائي پاڻ ڪر پنهنجي وڙون بخشش عطا.

نفس جي بڇڙي هوا کان منتشر ٿيا سڀ حواس،

انتشاريءَ تنهن کان ڪر، ڀالن ڀلا! ڀر جهل بچا.

نفس ۽ شيطان چاري ٿيا ٻڌي خيرت جي واٽ،

لطف جي پاڇي پناه ڏيئي ٿي رهبر رهنما.

جي ڪرم سانتون ڪندين شافع شفاعت يوم حشر،

تان ڪندو رحمت اسان تي رحم سان رب الوراه

تنهنجو در داتا جهليو توڏي وسيلو سي وٺون،

صدق سان سڀ عمر ڪئي جن صرف منجهه تنهنجي وفا.

تنهنجي پاڙي قرب جي ۾ اڄ اُهي آرام ۾:

تنهنجا تابع سڀ سچا اصحاب ۽ آل عباه

واٽ تنهنجي تي انهن آندو ڪُواٽن کي ڇڪي،

نا ته ڪيئن تنهن ضلالت کان ڇٽي خلق خدا؟

رب رحمت جي منجهان سيراب اُن جي خاڪ پاڪ،

هوءِ هردم هر زمان هر ويل تان روز جزا!

ڪر عنايت ڪارڻي اُن جي محابي سر سڀن،

تان لهن ه هُت مڙئي مقصود موجب مدعا.

هار ڪو قطرو ڪڪر مان جود جي، ۽ جام فيض،

اڄ اسان جي جان تن تي، جي گناهن ڪيا جدا.

اک اسان جيءَ کي عطا ڪر هن دران ڪجل البصر،

هن هوَس جنهن جي وَنِي ڪيو خون جيري کان جدا.

آهه دائم تنهنجي در مدعا ’مشتاق‘ جي،

وصل جي وٽ ڏي وٺي تنهن کي پرين پنهنجي هٿان

الله الله! هن شهر سڳوري جي خاڪ پاڪ جي.

وصف کي پروردگار سواءِ ڪير پهچي! ڪجهه ٿوري ذڪر ڪرڻ سان، ڪمال شرمندگي کان زبان تي بند ٿو اچي. جنهن جي بقيع جي زمين مان، ڪرسي جي تارن کان روشن نور چمڪن ٿا؛ توڻي سج جي شعاع سببان نقاب ۾ آهن، تان په آسماني سورج کان سرس جهرڪن ٿا. سبحان الله! سڀئي جيئرن دلين ۽ وجود کان فاني رهيل آهن؛ عدم جي گريبان ۾ مٿو لڪائيندڙ ۽ مخفي هئل آهن: جيڪر پنهنجي رخسار تان حجاب جو نقاب لاهين ها، ته هن سج ۽ چنڊ جو تاب گهڻو گهٽائين ها! عزيز! الحمدلله والمنة لہ جو انهن سڳورن سڀن تي سلام چوڻ جي دولت ملي، ۽ سعادت جي مکڙي کلي، مڙني مسجدن ۽ مشهدن جي زيارت ۾ ڀليءَ بشارت منهن پسايو؛ قُبا ۾، ڪمال حيرت کان، دل جان جي پير کي قَبا بنايو؛ ڪوثر کي ريس ڏياريندڙ بير آريس جي پاڻيءَ آب حيات جو هوَس وڃايو؛ جناب سيد الشهداد ۽ ٻين شهيدن جي مزارن پُر هوش کَسايو. انهن سڳورن تان سهسين ساهه فدا هجن، جن جي رت جي سرخيءَ جي اثر کان گردون جي دامن شفق گون آهي، ۽ انهن جو داغ دل تي رکي باغ ۾ لالا خوني ڪفن ۾ محرون آهي. اتي حيرت، گريبان ۾ هٿ هڻي چيو ته ’اهو عقل ڪٿان آڻيندين، جنهن جي وسيلي هن هنڌ جي توصيف، جيئن جڳائي تيئن ڪمال کي رسائيندڙ؟ هن زمين جي خاڪ پاڪ محبت ۽ وفا سان ڳوهيل آهي، جنهن کان بطحا کي صفا حاصل ٿيل آهي، تنهن جي تعريف ۾ دم نه هڻڻ ۽ عاجزي مڃڻ ادب آهي!‘ تڏهن طوطي وانگر آرسيءَ اڳيان حيران ۽ بيزبان ٿي پيس، ۽ عجز مڃي بيخود ٿي ويس. دهشت ۾ عقل ۽ شعور گمنام رهيو ۽ زبان تي هي ڪلام رهيو:

”مون کي ناهي مجال سارهه جي،

جا ڪيم وصف تنهن کان آيم شرم.“

عزيزا! اڃ ڪو وقت آرزو اٿم ته هن حرم اقدس ۽ شهر مقدس جو پاڙوسي ٿيندس. جي محض ڪرم سان پنهنجي پاڙي ۾ مدامي رهڻ جو ماڳ عطا فرمايائون، ته ڪهڙي جاءِ خوشنصيبي! نه ته ٺهرايل قسمت موجب موٽڻ جو پوءِ اطلاع ڏيندس. جيئن اوهان کي دعا سان ياد ڪندڙ آهيان، تيئن مون کي به ياد ڪجو- شال مڙيني مقصدن ملڻ سان دلشاد هجو! فقط، والسلام.

 

1. خط، موٽندڙ حاجيءَ جو وطن وارن ڏي

سلام، جن جي سرهيءَ بوءِ مان محبت جو خوشبويون دوستن وفادارن جي دماغ کي اچن، ۽ دعائون، جن جي دفترن کولڻ مان، مودت جا آواز صدق ۽ صفا وارن جي هوش جي گوش کي پهچن! هديو هلايو ظاهر ٿو ڪجي ته

”جتي جيتريون لکيون قلم لوح تي،

تتي تيتريون گهڙيون مون گهارڻ پيون.“

عزيزا، ڪهڙي خوش قسمتيءَ سان الله تعاليٰ عرب جو ڏيهه ڏيکاريو، ۽ ڪو دم اُن امن جي پاڙي ۾ ويهاريو! پر وري داڻي پاڻيءَ جي قسمت جي ڇڪ، پٺتي پير هٽايو، ۽ هو وصال فراق سان مٽايو: دل جدائيءَ تي راضي نٿي رهي، پر خدائي قضا جي ڪاني اڳ ۾ انهيءَ پر هئي وهي-

 

اڃا عشطان کي هٿ جام آيو،

نه پيتائين قضا تنهن کان کسايو!

اڃا بلبل جي گل تي نرت پيئي،

ته ڦاسي ڪُڙڪُ ۾ ويچاري ويئي!

اڃا صحبت سڄڻ سان ٿي نه دلخواه،

ته اکڇنڀ ۾ ويئي کسجي سا ناگاهه!

اڃا مليو نه ڳجهه ڳرهڻ جو وارو،

ته ناگهه هجر هي آيو هچارو!

ڪڏهن ڪنهن جي فلڪ ڪي ڪانه پوري،

ڪري جو آس عاشق جي اڌوري!

ڏسان سڀڪنهن کي دل جي دل ۾ رهجي،

ڪجي ڇا، سور ايءُ لاچار سهجي!“

دوستا، اڄ ”فلاڻي“ هنڌ رسياسون ۽ توهان جي اڳواٽ اچڻ جي آسري تي رسياسون ۽ توهان جي اڳواٽ اچڻ جي آسري تي ترسياسون، ته ٻين شهر وارن کان اڳي، اوهان پيارن جي ملاقات سري ۽ اشتياق جي آراهه تي ڇنڊو لڳي، سور وڃي ٺڙي. باقي، احوال ملڻ تي موقوف ٿو رکجي ۽ هن تنگ وقت ۾ هن ٻن حرفن سان اطلاع ٿو ڏجي- فقط، والسلام.

 

جواب

شوق جي سلامن ۽ سڪ جي پيامن کان پوءِ عرض ته حق جو قسم، جو ”قدوم بهجت لزوم“ جي مبارڪباديءَ کان، اميدن ۽ مرادن جي منهن تي فرحت ۽ شادمانيءَ جا دروازا اُپٽجي ويا ۽ ويجهڙائيءَ وصال جي خوشخبريءَ کان روح جو پکي استقبال جي رسم سان خوشيءَ ۽ پرواز ۾ آيو!

”مئل هئس، پيغام تنهنجي پرين،

وري جسم کي جان بخشي نوين.“

”الحمد الله الذي اذهب عنا الحزن“ جڏسن هي ديدار جو آرزو مند جلد زور قاصد جي پٺيان استقبال ۾ ٿو پهچي، تڏهين واڌو لکيو نٿو اچي!

”مَ رک احسان مون تي ان اچڻ تنهنجي جا اي ساجن!

نتيجو آهه اي منهنجي سڪڻ ۽ انتظاريءَ جو.“

شال هميشہ سعادت ابدي ۽ عزت سرمدي حاصل هجيوَ. فقط، والسلام.

نوٽ: اگرچ پاڻ ۾ خبرن ڏيڻ ۽ وٺڻ جا نمونا سڀڪنهن قسم جا گهڻا ٿا ڏسجن، پر ڪتاب جي طوالت ۽ پڙهندڙن جي ملالت جي خوف کان هيتري تي اڪتفا ٿي ڪجي.


[1] . هي هڪڙي رستي جي منزلن جا نالا آهن. قافلا انهن رستن ۽ ٻين رستن جي منزلن تي به ٿا اچن، جيئن واقفن کي معلوم آهي.

[2] . معلوم رهي ته هيءُ قصيدو، سال 1304هه جي ذوالقعد ۾، مديني منور جي پڇاڙيءَ واري منزل ۾ چيو ويو هو. وري نظرثاني نه ٿي سگهي. هينئر به تڪڙ سببان جهڙو تهڙو لکيو ويو آهي. منجهس تڪرار ۽ ٻيا سقم رهيل آهن- اُميد ته مصنف مزاج عيبجوئي نه ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org