سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: محڪريءَ جا مضمون

باب :1

صفحو :9

پر، شاگرد جنهن حالت ۾ هئا، ۽ جنهن ۾ هُـنن پاڻ کي ڏٺو ٿي، اُن ۾ هو سڀ چپ چپ تي چاڙهيو، خاموش ويٺا رهيا ۽ ڪنهن به ڳالهه جو ڪو اظهار ڪو نه ٿي ڪيائون.

سواءِ سندن هڪڙي نٺر ڇوڪري جي.

 پر اُن به ٻيوڪجهه ڪو نه ٿي ڪيو.

هُو فقط سوچيندو رهيو، سوچيندو رهيو، فقط سوچيندو، سوچيندو ۽ سوچيندو رهيو_ بس، اهو ئي ڪجهه سوچيندو رهيو، جو ڪجهه اهڙي ماڻهوءَ لاءِ سوچي سگهجي ٿو، جيڪو بڇان لائق هجي.

ان شاگرد ۾ اهڙي ڪا خصلت هئي يا ڪا ڳالهه هئي، جيڪا اُن بڇان لائق ڊرل ماسٽر کي ڏاڍي خراب ٿي لڳي، ٿيندي ٿيندي، اُها هُن جي سهڻ کان ٻاهر ٿي ويئي.

ان جي تدارڪ طور هن اُنهي شاگرد کي ڏاڍيءَ ڪنهن سخت سزا ڏيڻ جو خيال ڪيو، ته اُها جيئن ٻين لاءِ هڪڙو مثال رهي.

پوءِ، هڪڙي موقعي تي، جڏهن ڊرل جو پيرئڊ هو، ۽ ڊرل هلي رهي هئي، ته هُن اُن شاگرد ۾ اکيون وجهي، گهوري گهوري، هن جي منهن ۾ ڏٺو، ۽ زور سان رڙ ڪندي، هن کي چيائين: ”اِها، پنهنجي منهن تان اِها....... هٽائي ڇڏ!“

”ڇا هٽائي ڇڏيان؟“ شاگرد حيران ٿيندي، پڇيو. ”اها راءِ پنهنجي منهن تان هٽائي ڇڏ!“

”اِها راءِ، آءُ ٿو چوان اِها راءِ منهن تان اِها راءِ هٽائي ڇڏ!“

”پر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ شاگرد پڇيو.

”ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڪيئن ٿو ٿي سگهي...... ڪيئن ٿو ٿي سگهي....!“ هوا ۾ پڙاڏو گونجيو.

”نٿو ٿي سگهي..... نٿو ٿي سگهي........نٿو ٿي سگهي.........“ چوڌاري آواز اُٿيو.

 

سلام انهن تي جي آزاد آهن

مهتاب چنا، جيئري ئي، لافاني ماڻهن جي صف ۾ شامل ٿي ويئي.

لافاني ٿيڻ لاءِ سقراط جو ڏسيل نسخو رڳو هيءُ آهي ته ڇا به ٿي پوي، ماڻهو پنهنجن اصولن سان سچو هجي ۽ اُن لاءِ جا به قيمت ڏيڻي پوي، تنهن جي ڏيڻ لاءِ تيار رهي.

”اوهين جيڪي طاقت ۾ آهيو، منهنجي مارڻ مان اوهان کي ڇا ورندو؟“

سقراط پڇيو هو ”آءُ هونئن ئي پوڙهو مڙس آهيان ۽ مهينن ۾ قدرت ئي پنهنجو ڪم ڪري ها ۽ پير سنيءَ ۾ ئي آءُ مري وڃان ها.۽ منهنجي مارڻ مان هاڻ، اوهان کي ڇا ورندو، ڇو ته آءُ ته امر آهيان؟“

”ڪيئن ٿو چوين ته تون امر آهين؟“

”انهيءَ ڪري ٿو مان ائين چوان، ڇو ته آءُ جيڪو سچ ٿو سمجهان اُهو چوان ٿو ۽ اُن سان ناتي نباهڻ جي مون ۾ همت آهي ۽ اُنهيءَ پنهنجي ناتي جي حق جو بچاءُ آءُ پنهنجي ساهه سان ڪريان ٿو.“

”ڇا اها تمام وڏي قيمت ڪانهي؟“

”اها ڪجهه قيمت ڪانهي. امرتا ذهن جـِي، روح جـيِ، هڪ ڪيفيت آهي. گوشت پوست جي نه رت جي نه جن جو هڪڙي ڏينهن ته نڌان ٿيڻو آهي. امرتا آزاديءَ جي زندگي آهي، جيستائين اُها زندگي ڌرتيءَ تي قائم آهي. امرتا آزاديءَ جو امنگ آهي. جيسين منهنجو ضمير مون سان گڏ آهي، تيسين آءُ تنها نه آهيان، جيسين سچ منهنجي خوراڪ آهي، تيسين آءُ ڍاول آهيان، ڏاڍ ۽ راڄ _ هٺ َ آڏو آڻ کان انڪار_ زندگي جي سفر ۾ منهنجي روح جيِ اُڏند کٽولي اها آهي.“

”تو سوچيو به آهي ته جيڪڏهن سڀئي ماڻهو، خاص طرح اٿينس جا ڳڀرو جوان، ائين تنهنجي پٺيان هلن، ته ڇا ٿيندو؟“

”ڪنهن لاءِ به منهنجي پٺيان هلڻ ضروري نه آهي. هن کي فقط پنهنجي ضمير جي پٺيان هلڻو آهي. ۽ اِهو به مٿن ڇڏيل آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي ضمير جي پٺيان هلندا، ته آءُ سمجهان ٿو ته هو مون وانگر پاڻ کي آزاد محسوس ڪندا. مون ڪڏهن به هنن کي پنهنجي پٺيان هلڻ لاءِ نه چيو آهي. مون رڳو هنن کان سوال پڇيا آهن_ هائو، سوال پڇيا آهن_ اِنهيءَ ڄاڻڻ لاءِ ته ڇا،  هو ڄاڻن ٿا ته هو ڇا ٿا ڳالهائين ۽ ڇا بابت ٿا ڳالهائين_ انهيءَ ڄاڻڻ لاءِ ته ڇا، هو اُنهن لفظن جي معنيٰ ڄاڻن ٿا، جيڪي هو استعمال ٿا ڪن ۽ استعمال ڪندا ٿا رهن: ڇا ڪاڻ ته لفظن جو غلط ۽ اَجوڳو استعمال کين سندن پنهنجي مقصد جي ابتو ڏس ڏيئي سگهي ٿو ۽ گمراهه ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجي پٺيان هلڻ لاءِ مون  ڪنهن کي ڪڏهن ڪو نه چيو آهي. اُنهن وٽ پنهنجي اندر جو آواز آهي. جنهن جي پٺيان هو هلي سگهن ٿا ۽ ائين امرتا جو احساس ماڻي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پوءِ، سندن پنهنجي اندر ۾ جيڪو سچ آهي، اُن سان سندن ناتو جڙندو ۽ هو اُن سان گڏجي هڪ ٿي ويل هوندا.“

جُــڳن کان، لافاني انسان، وڏا ۽ ننڍا، ڄاتل اڻ ڄاتل، ٻيو نه ته اِن آزاديءَ جي احساس سان مالامال رهيا آهن _ ۽ جيڪڏهن انهيءَ ڪري ٻيو ڪجهه هنن کي ملي نه سگهيو آهي، ته اهو آزاديءَ جي احساس جو احساس ئي هُنن لاءِ ڪافي رهيو آهي. اُهو احساس ته هو غلام نه آهن، اُهو احساس ته هو ڪامل شخصيت جا، جامع وجود جا، مالڪ آهن.

”قابل نفرت حڪم ڏيڻ کان بدتر ڳالهه آهي اُن قابل نفرت حڪم کي مڃڻ“ انساني آزاديءَ ۽ انساني فضيلت ۽ شان جي هڪڙي سورهيه سرويچ جو اِهو قول اڄ به اسان لاءِ برق جي تجليءَ مثل آهي. ۽ مهتاب چنا، جنهن اهڙي هڪڙي حڪم کي نه مڃيو، جيڪو هن جي نظر ۾ قابل نفرت هو، ائين ڪرڻ سان پنهنجي سگهه، سُرت ۽ پهچ مطابق گويا بني نوع انسان کي آزاديءَ جو گهربل هڪڙو ساهه عطا ڪيو آهي.

ڇاڪاڻ ته هر ڳالهه جي حد هوندي آهي_ چريائيءَ ۽ جهنگلي پڻي جي به،

ڏاڍ ۽ راڄ هٺ جي به هڪ حد هئڻ ضروري آهي، تنگدلي ۽ تعصب جي به هڪ حد هئڻ ضروري آهي. هن يا هُن جي نالي ۾ ٻين کي جڪڙڻ ۽ ٻڌڻ جي به هڪ حد هوندي آهي.

انسان ذات کي خوار ڪرڻ ۽ بي عزت ڪرڻ جي ڪوشش جي به هڪ حد هوندي آهي.

ٻين جي لاچاري ۽ بيواهي حالت مان اجوڳ فائدي وٺڻ جي حيواني سڌ جي به هڪ حد هوندي آهي،

ڇو ته ”جڏهن غلام سوچڻ شروع ڪندا آهن، تڏهن غلاميءَ جي خاتمي جي شروعات ٿيندي آهي“.

دائمي ڪمهلائپ ۽ مستعد بيوقتائيءَ جي جاهل حرص جي _ ۽ تازه دم ۽ نون دماغن کي مئلن جي هڏن سان چٿڻ ۽ ڀڃڻ جي به هڪ حد هوندي آهي.

خوشقسمتيءَ سان مهتاب چنا انگريزي شاعر ملٽن Milton:1608-1674 وانگر نه گگدام ۽ ڊڄڻي آهي. ۽ نه راڄ- گهاتڪ، جنهن پنهنجي ضمير جي پيروي ڇڏي ۽ ڊڪٽيٽر ڪرام ويل (Cromwell) جي پيروي قبولي هئي، ۽ ايتري ته ڪُرنش ۽ نيازمنديءَ سان اُن جي قصيده سرائي ڪئي هئي، جو ڊاڪٽر جانسن جي لفظن ۾، ”جڏهن رومن سپهه سالار سيزر پاڻ کي تاحيات ڊڪٽيٽر بڻايو هو تڏهن اُن جي به ايڏي ڪريل ۽ زمين بوس چاپلوسي ڪنهن ڪانه ڪئي هئي.“

ان جي عيوض، مهتاب چنا اڄ اسان سڀني جي دلين جي چهڪندڙ بلبل آهي ۽ اسين هن کي آزاديءَ جي پاڻ- وهيڻائيءَ جي، سورهيائيءَ جي، عظمت جي ۽ امرتا جي هڪ ديوي ٿا سمجهون، ۽ کيس سلام ڪريون ٿا.

هڪ ردي ۽ نامعقول حڪم جي عدولڻ سان هوءَ اسان لاءِ اڄ اُها هستي بڻيل آهي، جنهن لاءِ انگريزيءَ جي شاعر اعظم شيڪسپيئر جي لافاني لفظن ۾، اسين چئي سگهون ٿا ”انهي طرح، او ديوتائون، هيڻن کي اوهين ٻلوان ٿا بڻايو ۽ ڏاڍن ۽ راڄ هَٺِـيـَن کي شڪست ٿا ڏيو. نه پٿرن جا برج، نه لوهه جون ڀتيون، نه رڪ جا زنجير روح جي جاڳيل طاقت کي روڪي ٿا سگهن، ظلم ۽ ڏاڍ جي اُها صورت جيڪا اسين سهي ٿا وڃون ۽ پيش نٿا پئون، ۽ اُها اسان کي ڀوري نٿي سگهي، اُن مان اسين جڏهن چاهيون تڏهن آزاد ٿي سگهون ٿا.“

تنهنڪري، سلام آهي اُنهن تي، جي آزاد آهن.

اسين، جي غلام آهيون، مهتاب چنا تي اسان جو سلام آهي.

ڏوهه___ڪهڙو؟ ۽ ڪنهن جو؟

اوهين پڇندا ته مسلمان ملڪن ۾ ائين ڇو آهي ته جيڪي اُتي طاقت ۽ حيثيت جا صاحب آهن، اُهي ائين سمجهن ٿا ته محب وطن آهن ته هو ئي آهن ۽ اسلام جا سڀ کان وڏا شيدائي ۽ محافظ به هو ئي آهن؟ هُنن جي نظر ۾ سندن سڀ مخالف ”ڪجهه نه“ آهن، بلڪ غدار آهن، دشمن آهن؛ ۽ ٻيو ته ڏاهپ ۽ عقل ۾ هو پاڻ ئي وقت جا افلاطون آهن بلڪ حرف آخر آهن!

سوال معقول آهي ۽ ضروري به آهي.

اُن جو جواب جيڪڏهن اوهان کي نٿو اچي ته شيڪسپيئر وٽ اُن جو جواب آهي. هُن جي ناٽڪ، ”جولئس سيزر“، ۾  رومن سينيٽ جو ميمبر، ڪيسئس، اهڙو ساڳيو سوال سيزر بابت پڇي ٿو ۽ جواب به پاڻ ڏئي ٿو_

”سيزر غريب، ڀلا، ظالم ڇو بڻيو؟ مان سمجهان ٿو ته هو بگهڙ ڪو نه بڻجي ها، جيڪڏهن رومن لوڪ رڍون نه ٿين ها. هو شينهن ٿئي ئي نه ها، جي رومن لوڪ هرڻ نه بڻجن ها. جيڪي وڌي، باهه جو ڀڀڙ بڻجن ٿا، سي شروعات ڇِينـڀَن سان ئي ڪندا آهن. هيءُ روم ڪيترو نه ننڍو آهي، نيچ ۽ هلڪو آهي، جيڪو ٻارڻ بڻجي، سيزر جهڙيءَ خسيس شيءَ کي چمڪائي ٿو! پيارا بروٽس! ڏوهه اسان جي ستارن جو نه آهي. ڏوهه اسان جو آهي، جو اسين اهڙا ڪک پن ۽ ڪوئلا آهيون.“

جڏهن مشرق جا ڪي ”شاعر-فيلسوف“، لفظن جي جادو بيانيءَ سان، اسان کي مڃائي ڇڏين ٿا ته

ديو استبداد جمهوري قبا کي پيکر،
تو اسي سمجها هي آزادي کي نيلم پري!-
 

۽ اسان کي راهه  ٿا ڏسين ته

گريز از طرز جمهوريت، غلام پخته کاري شو،
که از مغز صد خران فکر انساني نمي آيد
 

ته پوءِ بدنام ”مشرقي فرعونيت“ کان سواءِ مشرق کي ٻيو نصيب به ڇا ٿو ٿي سگهي!

”زنجير ايتري ئي مضبوط هوندي آهي، جيتري اُن جي سڀ کان ضعيف ڪڙي“—اِها آهي زندگيءَ جي وري وري آزمايل ۽ ثابت ٿيل حقيقت ڇو ته ڇڪ ۽ تڻاءَ وقت اها اُن ڪڙيءَ وٽان ئي ٽٽي ٿي، ٻي سڄي اُها ڪيتري به ڏاڍي ۽ اٽوٽ ڇو نه هجي.

هاڻي مسلمان ملڪن جي هيءَ سڀ کان ضعيف ڪڙي ڪهڙي آهي؟ ۽ واقعي ائين ڇو آهي ته جيڪي به انهن ۾ حيثيت ۽ طاقت جا صاحب آهن، اُهي ڇڙو پاڻ کي ئي حب الوطني جا پتلا سمجهن ٿا؟ ڪهڙي اُها شيءَ لڳ ڀڳ سڀني مسلمان ملڪن ۾ ساڳي آهي، جو اُتي جمهوري عمل جي روايت بنهه اُڀري ئي نٿي؟

اها اُنهن سڀني ۾ هڪڙي ساڳي شيءَ اُنهن جو ”عام ماڻهو“ آهي ۽ اُهو ئي سندن زنجير جي سڀ کان ضعيف ڪڙي آهي- ڇو ته اُهو وٽن ڪاشيءَ ئي ڪانهي، بلڪ اُهو وٽن عملي طور ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي سماجي فڪري سلسلي ۾ ڳنڍيو ئي نه ويو آهي.

مسيح ته واقعي چيو هو ته سبت (مذهب) ماڻهو لاءِ آهي ۽ ماڻهو سبت لاءِ نه آهي“ پر ڇا اسان جو عام ماڻهوءَ اسان وٽ ائين نٿو سمجي ته ”هو سبت فقط سبت لاءِ ٺهيل آهي ۽ ماڻهو جي حيثيت ۾ هُن جي ڪابه انفراديت، ڪابه شخصيت ڪانهي، بلڪ ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ هن کي هتي جيئڻ جو به حق ڪونهي؟ جڏهن ماڻهوءَ کي اِها سکيا ڏجي ته بنيادي طور هو غلام آهي، ته ڪير به هجي، اُن کي هو آقا مڃڻ لاءِ سدائين تيار رهي ٿو، هيسيتائين مسلمانن جي سڄي تاريخ انهيءَ هڪڙيءَ ڳالهه جي تشريح ۽ اِن هڪڙيءَ ڳالهه جو عملي مثال رهي آهي.

اِنهيءَ ڪري، ميوي تي  ڪهڙي ميار جو هتي پاڙ ئي”ماڻهوءَ جي آزادي“ جي دشمن آهي. ۽ اِهو ته اوهين پاڻ به ڏسي سگهو ٿا بلڪ پڇي ۽ پڙهي اِن جي تصديق به ڪري سگهو ٿا ته جيستائين  يورپ مسيح جي اِن خيال کي ريٽيندو ۽ رد ڪندو رهيو ته ”سبت ماڻهوءَ لاءِ آهي، ماڻهو سبت لاءِ نه آهي“، تيستائين اُن چوڏهن سئو طويل سال پنهنجي تاريخ جا ظلم ۽ جهالت جي اونداهن غارن ۾ بسر ڪيا. ساڳيءَ طرح جڏهن اسان وٽ اسان جا ”شاعر- فيسلوف“ ماڻهوءَ جي ذهن تي  اڄ به چٿر ڪن ٿا ۽ اُن کي ذليل ڪن ٿا ۽ فڪر جي آزادي کي ”شيطان جي ايجاد“ (”آزاديءَ افکار هي شيطان کي ايجاد......“) سڏين ٿا، جيڪا ئي دراصل جمهوري طرز حيات جو روح آهي،. ته پوءِ اهو ئي ڪجهه اسان جي ”قسمت“ (حصي) ۾ يعني غلاميءَ ۽ حيوانيت جو طوق نه ايندو، جنهنجو  ايترو زنانه وارو ماتم ڪيون ٿا، ته ٻيو ڇا ايندو؟

اسان کي ڪجهه پاڻ سان صاف گو ٿيڻ گهرجي. اسان 1958ع واري مارشل لا جي اشڪنجي ۾ اچڻ کان اڳ ئي پاڻ وٽ جمهوريت جي ڪهڙي نه پڇڙي گت بنائي هئي! قومي اسيمبليءَ جي ڪانگريسي ميمبرن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن هڪڙي ميمبر به ڪڏهن پارليماني فڪر جي جمهوري طرز عمل جو ڪو خيال يا ٿورڙو احترام به ڪيو هو؟ ڇا، سمورا جمهوري قدر ظاهر ظهور اسان جي آڏو برباد نه ٿي رهيا هئا؟ جن جو جمهوريت ۾ رتيءَ جيترو به ويساهه ڪو نه هو، اُهي جمهوريت جو ڍونگ رچايو ويٺا هئا، ۽ ملڪ کي سچ پچ هنن باندرستان بڻائي ڇڏيو هو.

ڇا، پاڪستان جي ماڻهن کي کليو کلايو، بنان ڪنهن رک رکاءَ جي، عام جلسن ۾، ڪو نه چيو ويو هو ته ”قومي مسئلن متعلق سوچڻ اُنهن جو (عوام جو) ڪم نه هو؟“ پوءَ، هاڻي، طوفان، جو سر تي اچي ڪڙڪيو، ته طوفان کي ڪهڙو ڏوهه ڏبو، جو هوا جو ٻج ته اسان پاڻ ئي ڇٽيو هو!

جمهوري زندگيءَ ۾ اِها تمام ضروري بلڪ اٽل ڳالهه آهي ته فڪر جي آزادي ۽ فرد جي حرمت فرد جا حق مڃيا وڃن_ هن جي مذهبي سڃاڻپ کان سواءِ.

ڇا، اسان ڪڏهن ائين ڪيو؟

ڇا، اسين ائين ڪيون ٿا، يا ڪرڻ چاهيون ٿا؟

 

 

ذهني عصمت فروش

”ف ر و ش“ اکرن جو ميڙ به عجيب آهي. جدا جدا اڳياڙين سان اُن جي ڳالهه ئي ٻي ٿيو پوي. مثلاً دوافروش، عطر فروش، ڪتب فروش، سرفروش هڪ پاسي، ته ڪفن فروش، اصول فروش، وطن فروش، ۽ دين فروش وغيره وغيره ٻئي پاسي.

اُن کان پوءِ، لفظ ”عصمت فروش“ به آهي. اُن جا به انيڪ ۽ الڳ الڳ قسم ٿين، هڪ قسم ته اُن جو اُها بي راهه يا بدراهه پراڻي قسم جي غريب تن، ويچاري عورت ئي ٿئي، جنهن کي هرڪو سڃاڻي ۽ ڦٽڪاري ٿو. ۽ پوءِ ٿيندي ٿيندي، ڳالهه وڃيو اوچي کان اوچي درجي ۽ طاقت جي چوٽيءَ تائين پهچي، مثلاً ”جنرل راڻي“ تائين، وغيره وغيره. اُنهن ”راڻين“ مان ڪي ته پوءِ ”فيلڊ مارشلن“ کي به پيون مردانگيءَ جي اوچ نيچ ڏاڪن جا سرٽيفڪيٽ عنايت ڪنديون آهن.

ائين، ”عصمت فروش“ جو هڪ ٻيو قسم به ٿئي، جنهن کي ٺلهو عصمت فروش به نه چئبو_ اُن لاءِ ٻي اڳياڙي ڪم ڪندي_ مثلۡا ذهني عصمت فروش، جنهن وٽ ذهن جو يعني علم ۽ عقل جو وکر هوندو آهي_ وڪري لاءِ.

۽ اُن جي وڪري جي قيمت وڌ گهٽ به ٿيندي رهندي آهي،

ظاهر ظهور به، ۽ رازداريءَ ۾ به.

ظاهر ظهور ذهني عصمت فروش اناڙي ۽ ڀورڙو ماڻهو ٿيندو آهي.

۽  رازداريءَ جا تاجر وري اُهي، جن جي منهن تي تجارت جو پڪو رنگ چڙهيل هوندو آهي.

اُهي، عاقل ۽ بالغ، پنهنجي پر ۾، پوريءَ خبرداريءَ سان ساڳيو اُهو رک رکاءُ، ناز نخرو ۽ نٽ نٽاءُ ڪندا ۽ البيلائي ۽ الاغرضائي ڏيکاريندا رهندا آهن، جيئن ڪا ڌنڌي ۾ گهاگهه ڪسبياڻي ڪندي آهي.

ذهني عصمت فروش، اوچتو اوچتو، خاص طور انهن حلقن وٽ ڏاڍا پيارا ۽ معقول ٿي ويندا آهن جن جو پهريائين” قلم جي طاقت“ ۾ اعتبار ئي نه هوندو آهي.

اعتبار ته اعتبار جي ماڳ، هو قلم جي طاقت کان لاٽاريندا، اُن کي مرڳو عدوليندا بلڪ ڌڪاريندا رهندا آهن. هو اُن فرينچ ظلمي آپيشاه وانگر ائين سمجهندا آهن ته هنن جي بادشاهي ”خسيس ڪک جهڙيءَ ڪلڪ“ کان سواءِ ئي پيئي هلندي

پر پوءِ، جلد يا ڪجهه دير سان، ۽ اڄ جي دور ۾ ته اڳي کان گهڻو جلد، اهو وقت به ايندو آهي،  جڏهن هو ڏسندا آهن ته ڪنهن هنڌ، ڪنهن نه ڪنهن طرح ۽ ڪجهه نه ڪجهه سندن پيرن هيٺان زمين کسڪندي ٿي وڃي_ ۽ ايتري ساري رعب تاب ۽ طاقت جي ڏِک ڏهڪاءَ ۽ بَم بکيڙي هوندي به هو ٿڙندا ٿا رهن.

۽ ڪنهن طرح هُنن کي اِهو محسوس ٿيندو آهي ته دلين جي پوري شدت سان هو ڌڪارجي ۽ ٿوڪارجي رهيا آهن، ۽ ماڻهو آهن، جي ڏانهن ِ هڪ ڀيرو نهارين ٿا ته ٻيو ڀيرو نهارڻ ئي نٿا  گهرن.

۽ کين ڏسيو، اُهي پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪريو ٿا ڇڏين.

۽ ائين ٿا اُهي چاهين ته سندن اکيون ڪڏهن کين ڏسن ئي نه ها، ته چڱو.

۽ هاڻي به کين ڪٿي ڏسيو، هڪدم پٺ ورائي هو هليا ٿا وڃن.

ڪتابن جا صفحا، اخبارن جا صفحا ۽ رسالن جا صفحا هو ورائي ڇڏين ٿا، ريڊين ۽ ٽي وي پيٽين جا بُـونب هو ڦرائيندا رهن ٿا_ انهيءَ لاءِ ته هو اُهو نه ڏسن جو هو نٿا ڏسڻ گهرن ۽ اُهو نه ٻڌن جو هو نٿا ٻڌڻ گهرن.

ايتري ڪجهه کان پوءِ اُهي دڙڳيل ۽ ڌڪاريل حلقا پوريءَ چستيءَ سان ”ڪلڪ ڌڻين“ ڏانهن رخ ڪندا آهن ۽ ذهني عصمت فروشن جي تلاش ۾ نڪرندا آهن_ جيڪي، غلامي جي مارڪيٽ ۾، هڪيا تڪيا ۽ تيار کين ملي به ويندا آهن.

پوءِ اُهي درجنن تي درجن ۽ ولرن تي ولر وٽن رسين ۾ ٻڌجي ويندا آهن.

۽ اُنهن کي کانئن ٽڪر ڀور ۽ ڍير جا هڏا جام ملندا آهن.

پر اُهي ڪسبڪار، يعني اُهي عصمت فروش، پاڻ ئي پوءِ سمجهي ويندا آهن ته هو ڌٻڻ ۾ ورتل آهن.

اُنهن جي قلم جا بي روح ذهني جولان تجارتي ڇاپخانن ۽ نشر گاهن جا ڪاروبار ته ضرور وڌائيندا آهن_ پر ماڻهن وٽ سندن ذهني عصمت جي اُنهن ويڪو قلابازين جي قلعي به کليل هوندي آهي.

جيتري گهڻي سندن ڪوشش ۽ ڪاوش، اوترو سندن ڪم جي پيداوار سان ”ابتي اثر جو قانون“ لاڳو_ ۽ هو جيئن پوءِ تيئن ماڻهن جي اڳيان ڪِنا ٿيندا ۽ ڪرندا ويندا آهن.

۽ نيٺ سڀڪو اُنهن کي سڃاڻي ويندو آهي.

ته اُهي عالم ۽ عاقل نه، پر ”جي حضور“ آهن.

هزارين ”جي- حضور“، ۽ هزارين “جي حضور“، ۽ فقط ”جي-حضور“.

۽ اُهي سڀ ”جي –حضور“ ڪٺا ڪجن، چونڊي چپوٽي سڀ ڪٺا ڪجن، ته به اُهي سڀئي ڪنهن  هڪڙي ايمل زولا * جي ڪنهن بوٽ پالش ڪندڙ موچيءَ ڇوڪري جيترو ملهه به نه لهن_ اُهو ايمل زولا، جنهن للڪاريو هو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪوٽ کي، ۽ دل لرزائيندڙ آواز ۾ هڪل ڪندي چيو هو اُن جي مردودن ۽ محافظن کي: ”اوهين ڏوهي آهيو!“_ ايمل زولا اُهو، جنهن جي زندگي، اناتول فرانس ** جي لفظن ۾، فقط ”هڪ گهڙي هئي_ انسان ذات جي ضمير جي!“

* (ايمل زولا_ فرينچ اديب، وفات 1902ع، جنهن راڄڊوهي ملزم ڊريفس شهيد جي بيگناهه ڦاسيءَ جي خلاف فرينچ پريزيڊنٽ ڏانهن ”اوهين ڏوهي آهيو“ جي عنوان سان کليل خط لکيو هو، ۽ ڪورٽ ۾ نئين سر فرياد داخل ڪري، ڊريفس جي ڦاسي چڙهي وڃڻ کان پوءِ، 1900ع ۾ هن کي بيڏوهي ثابت ڪرايو.

** اناتول فرانس_ فرينچ اديب ۽ درويش. وفات 1924ع، جنهن کي عالمي ادب جي تاريخ ۾ ويهين صدي جو ”والٽيئر“ سڏيو ويو آهي._ مترجم)

شهادت ۽ قيامت

”توکي ڪهڙيءَ پنهنجيءَ شيءَ تي گهڻي کان گهڻو ناز آهي؟“

”پنهنجي حافظي تي.“

”پنهنجي صحت تي نه ؟“

”نه. تون پاڻ ئي ڏس. وقت مون کي ڪيڏو نه پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي! توکي ته خبر آهي ته، جڏهن آءُ يهوديا جو حاڪم هوس، آءَ ڪيڏو نه ديو جهڙو مڙس ۽ طاقتمند هوس. پر منهنجي حافظي کي ڏس! اُهو اڄ به اهڙو ئي تيز آهي_ آءُ پنهنجي انهيءَ وقت کي پيو ياد ڪريان ۽ ان تي ناز ڪريان_ ۽ اِها مون تي منهنجي  رومن خدائن جي مهرباني آهي_ شال، منهنجو سِرُ سدا اُنهن جي آڏو جهڪيل رهي!“

”مرحبا، پل اطس، مرحبا! ڪهڙي نه هوش واري ڳالهه ڪئي اٿئي! تنهنجو حافظو برابر تيز آهي- اصل مڃڻ کان مٿي. ۽ انهيءَ ڪري ئي ته اڄ تنهنجو هوش اهڙو ٺيڪ ۽ جائيتو آهي! مون کي ياد آهي ته اُن همراه جو جڏهن تو وٽ ڪيس ٿي هليو، جنهن تي الزام هو ته پاڻ کي هُن يهودين جو بادشاهه ٿي سڏايو، ۽ پاڻ کي ۽ پنهنجي قوم کي رومن لوڪ جي رعيت ئي نٿي سمجهيائين، تڏهن هڪڙي ڪنهن اٿي چيو هو ته ”سچ ته وڏي ۾ وڏي ۽ پڌري حقيقت آهي“_ تڏهن تو پاڻ واري پنهنجي هوش کان ڪم وٺندي، اُن سڄي بچاءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان ڀڃي ڀورا ڪري وڌو هو ۽ هڪ ئي ننڍڙي سوال سان تون ان جون ڌاڻيون ڪري ڇڏيون هيون. ’سچ؟ ڇا آهي سچ؟‘ تو پڇيو هو، ۽ تون جواب لاءِ به ڪو نه ترسيو هئين، ۽ پوءِ انهيءَ ڪوڙي دعويدار کي اوڏيءَ ئي مهل گهلي، وڃي صليب تي ٽنگيو هئائون.“

” ڪير هو اُهو؟ ڪير هو اُهو؟“

”هڪڙو ڪو هو. سمجهان ٿو ته يسوع نالو هوس. ناصره جو مسيح.“

”يسوع؟ يسوع؟ ناصره جو مسيح؟ منهنجي ذهن تي ته اهڙو ڪو ماڻهو ڪو نه ٿو اچي!“

”اُهو ئي، جنهن چيو هو: ’خدايا، خدايا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي‘“

”...................._ _“

يسوع اُهو هو جنهن کي، ٻن چورن سان گڏي، صليب تي چاڙهيو ويو هو، ۽ هو ”شهيد“ ٿيو هو، يعني ”شاهد بڻيو“ هو_ رومن ظلم ۽ رومن ڏاڍ جي انڌڪار تي_ ۽ پلاطس ۽ رومي لوڪن  لاءِ اِها ڳالهه ائين  هئي، جو ”وسرِي ته ڀلِي !“ اُن لاءِ سندن حافطو تيز ڪو نه هو.

پر دنيا لاءِ اُها ڳالهه ائين نه هئي، ۽ نه اڄ اُها ائين آهي.

يسوع جي قيامت جي، يعني هن جي وري اٿڻ جي ڳالهه سڄيءَ دنيا جي ڳالهه آهي.

دفن ٿيڻ کان ٽئين ڏينهن، چيو وڃي ٿو ته، هُن جي تربت خالي هئي ۽ اُن ۾ هن جو بوتو ڪو نه هو: پر لکين دليون هيون جن ۾ هو موجود هو، ۽ ڪروڙين دليون آهن جن ۾ هو موجود آهي، ۽ سڀ اُهي دليون هن جي محبت سان ڀريل آهن، ۽ هن جو روح آهي، جيڪو اُنهن کي چوري ٿو ۽ جيئرو ٿو رکي.

زندگي اِها آهي. طاقت اِها آهن.

دنيا جي سڄيءَ تاريخ ۾ فقط شهيدن کي (شهادت وارن کي، شاهدن کي) اِها طاقت آهي ۽ هوئي اِها زندگي ماڻين ٿا.

مارڪ ائنٽوني، سيزر جي لاش مٿان بيهي، سيزر کي سڏ ڪندي، جنهن کي بروٽس دولاب سان ماريو هو، جنهن بروٽس تي هن جو سڀ کان وڌيڪ اعتماد هو، اجائي ڪا اها الوداعي ڳالهه ڪانه ڪئي هئي: ”او ڌرتي ماءُ جا رت ۾ وهنتل جگر ٽڪرا، مون کي معاف ڪج، جو آءُ تنهنجن غدارن سان هٿ ملايان ٿو. تون انهيءَ عظيم انسان جو اجڙيل نشان آهين، جيڪو وقت جي اڪيچار دورن جو اڻ لڀ انسان هو. مون وٽ نه لفظ آهن، نه لياقت، ۽ نه مون ۾ اُها ڳالهائڻ جي قوت آهي، جو آءُ ماڻهن جي مئل دلين کي وري جيئاري ۽ اڀاري سگهان. پر جي آءُ بروٽس ۽ بروٽس ائنٽوني هجي ها،  ته پوءِ آءُ اُهو ائنٽوني هجان ها، جو ماڻهن جي روحن کي ڌوڻي، ولوڙي ۽ جاڳائي ڇڏي ها، ۽ آءُ سيزر جي هڪ هڪ گهاءَ جي زبان بڻجان ها، ۽ روم جي پٿرن ۾ به قيامت آڻي ڇڏيان ها ۽ اُهي پٿر به اٿي پون ها ۽ اُٿي بغاوت ڪن ها.

۽ پوءِ روم جي پٿرن سچ پچ به ائين ڪيو. جيئن خود انهيءَ محسن ڪش بروٽس کي به، پنهنجو موت اکئين ڏسي چوڻو پيو (فلپيءَ جي جنگ جي ميدان ۾، جتي وڙهڻ لاءِ ۽ مرڻ لاءِ سيزر جي ئي ڀوت کيس زوريءَ گهلي نيئي بيهاريو هو):  ”سيزر جو روح ٻاهر آهي، سيزر ڏسي پيو ۽ سيزر هلي پيو، ۽ پنهنجي دشمنن جي سر تي برباديءَ جي ترار وسائي رهيو آهي..... او جولئس سيزر! ايترو ته اڌ ارادو به مون تنهنجي مارڻ لاءِ ڪو نه ڪيو هو!“

اُن کان اڳ سقراط، هي لفظ اچاريندي، جان ڏني هئي: ”مون کي مارڻ مان اوهان کي ڇا  ورندو؟ آءُ ته امر آهيان!“

۽ اُها امرتا ئي ته انعام آهي، جيڪو انسان ذات، رنگ، نسل ۽ عقيدي جي فرق کان سواءِ، هر اُنهي عظيم روح کي ڏئي ٿي، جيڪو حمله آورن، قاتلن ، ڦورن ۽ سامراجين کان پنهنجي وطن کي بچائيندي، پاڻ قربان ٿي وڃي ٿو، ۽ پڻ هر اُنهيءَ ماڻهوءَ کي  اُهو انعام ملي ٿو، جيڪو وسيع عوام جي ڀلائيءَ لاءِ قابض مفادن خلاف پنهنجو سينو سپر ڪري بيهي ٿو، ۽ جيڪو قطار درقطار هڪٻئي جي پشتيءَ سان بيٺل زور ۽ طاقت جي خلاف ۽ اُنهن جي نوڪرن، چاڪرن ۽ چوڪرن خلاف، جيڪي پنهنجي آقائن کي ماري پاڻ آقا بڻجن ٿا، پنهنجو سر تريءَ تي رکي، وڙهي ٿو يعني برونو جهڙن سرفروش سورمن، بهادرن ۽ پهلوانن کي ئي اُهو انعام ملي ٿو، جيڪي باهه جي آڙاهن ۾ اڇلايا ويا، جن ۾ هو جيئري سڙي خاڪ ٿي ويا، اِنهيءَ لاءِ، جو هنن ظاهر ظهور، اُٿي بيهي، اُهو ڪجهه چيو، جنهن کي هنن سچ سمجهيو.

اُنهن مان هڪڙو بي مثل ۽ عظيم انسان، ڪاري رنگ جو، شيدي نسل، مارٽن ليوٿرڪنگ به هو،  جيڪو جنوري جي پنجين تاريخ 1968ع ۾ آمريڪا جي ٽينيسي رياست جي ميمفس شهر ۾، هڪ سفيد رنگ آمريڪي شخص جي گوليءَ جو نشانو بڻيو هو ۽ شهيد ٿيو هو، يعني شاهد بڻيو هو، ۽ شاهد بڻجي امر ٿيو هو_ ۽  اڄ به هن جي ياد، هن جو امنگ ۽ هن جو عمل انسانيت جي اُنهيءَ جنگ عظيم ۾ اسان سان شريڪ آهي، جيڪا انسان مٿان انسان جي ڏاڍ ۽ ظلم  خلاف، ۽ ظالمن ۽ ڏاڍن جي ڪوڙ، فريب ۽ منافقت خلاف، دنيا ۾ هر اُنهي هنڌ جاري آهي، جتي اڃا انسان آزاد نه آهي: هن جي قبر جي پٿر تي هي لفظ اڪريل آهن:

آزادي!

آزادي!

خدا جو سنهن، آزادي!

 

ڪاغذ جون ٻيڙيون____ طوفان ۾

1914—1918ع واري عالمي لڙائي، جنهن کي پهرين مهاڀاري لڙائي چيو وڃي ٿو، اُن جي نتيجي ۾ جرمن شهنشاهت ۽ ترڪ شهنشاهت جو خاتمو ٿيو، ۽ پهريون ڀيرو آمريڪا عالمي سياست جي ميدان ۾ پنهنجا قدم رکيا.

اُن سان گڏ، برطانوي ۽ فرينچ شهنشاهتون اُڀامجي اُڀامجي ڦوڪڻا ٿي پيون. اصل ائين جيئن خوردبينيءَ ۾ شين کي ڏسندي، سائنسدان عجب کائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”هي کوکلا هوائي وستار ته ڏسو!“

۽ پوءِ بنهه ديو جهڙو اجهل ۽ وڏو روسي انقلاب نڪري ميدان تي آيو.

ساڳئي وقت هن لڙائي جي پيٽ مان ليگ آف نيشنس (جماعت اقوام) به جنم ورتو، جيڪا وڏي بيماني تي ڄڻ اسڪولي ٻارن جي هڪ ڊيٽنگ سوسائٽي هئي، جنهن ۾ دنيا جا سڀئي ملڪ، ننڍا وڏا، رنگ نسل جي فرق کان سواءِ، وڌي اچي شريڪ ٿيا.

آمريڪا جي صدر، ووڊرو ولسن، قومن جي حق خود اختياريءَ جو اصول پيش ڪيو، جنهن جو ننڍن قومن وڏيءَ خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو، ۽ وڏين قومن به ڪجهندي ڪرڪندي اُهو قبول ڪيو.

جرمن شهنشاهت ۽ ترڪ شهنشاهت جي اشڪنجي مان آجا ٿي نڪتل ٽڪر ٽوٽا، قومن جو روپ وٺي. تاريخ ۾ ’پڌرا ٿيا، جيتوڻيڪ اُنهن مان ڪيترن کي اوائلي ڪجهه ڏينهن لڙائيءَ جي فاتح قومن جي گود ۾ ۽ اُنهن جي محتاجيءَ هيٺ به رهڻو پيو.

21 سالن جي مختصر عرصي ۾، هڪ پاسي اڳ واري ترڪي رڳو پنهنجو خود مختيار ساهه ئي مشڪل سان محفوظ رکي سگهي، ته ٻئي پاسي اُن وانگر ئي هار کاڌل جرمنيءَ، پنهنجن اڪيچار علمي ۽ هنري وسيلن کان ڪم وٺندي، ايتري ته پنهنجي هٿياربند طاقت گڏ ڪري ورتي، جو اُها لڙائيءَ جي فاتح قومن کي، ڇاتي ٺوڪي، ٻيهر ميدان ڪرڻ لاءِ للڪاري سگهي.

۽ جرمنيءَ جي اتحادي ملڪ اٽليءَ به وڌي، ڪمزور ملڪ، حبش، کي ڳڙڪائي، ايڏو پنهنجو پيٽ ڀري ورتو، جو خود جماعت اقوام کي به ان اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون.

ڏور مشرق ۾ وري جپان ساڳيءَ طرح طاقت جي نشي ۾ اچي چين تي حملو ڪيو.

ائين جرمنيءَ يورپ ۾ پير پکيڙيا ۽ اٽليءَ آفريڪا ڏانهن چنبا وڌايا، ته 1939ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي، ۽ اُن ۾ آمريڪا جي خلاف جپان ٽپي اچي شامل ٿيو، ته اُها وڌي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويئي.

هن ٻئيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي سان رڳو جرمنيءَ، اٽلي ۽ جپان کي شڪست آئي، پر اُن جي نتيجي ۾ برطانوي، فرينچ، ڊچ، جپاني ۽ پورچو گيزي شهنشاهتون به ٽٽي پرزا پرزا ٿي ويون.

اُن جي پيٽ مان يونائيٽيڊ اسٽيش آف آمريڪا ۽ سوويٽ روس جي ٻن جاڙين مهاڀاري طاقتن جو جنم ٿيو.

۽ پڻ اڳينءَ جماعت اقوام مرحومه جي جاءِ تي، اقوام متحده (UNO) وجود ۾ آئي، ۽ 1917ع واري روسي انقلاب جهڙو چيني انقلاب، اُهڙو ئي ديو جهڙو اجهل ۽ وڏو انقلاب، واقع ٿيو؛ ۽ پڻ اُن سان ڪيئي نيون قومون پيدا ٿيون.

اُنهن قومن مان اڪثر قومن جي وجود جو وڏو ڪم ۽ ڪارج ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته رڳو هيءُ آهي ته اُهي هٿيار ٺاهيندڙ ۽ بارود بنائيندڙ ملڪن کان نت نئون بارود ۽ نت نوان هٿيار پننديون، ڇڏائينديون ۽ خريد ڪنديون رهن، جن پنهنجي اِها هٿيارن ۽ بارود ٺاهڻ جي واحد صنعت پاڻ وٽ ڄڻ قائم ئي اُنهن پوئتي پيل قومن جي ڀلي لاءِ ڪئي آهي!

۽ تنهن وچ ۾ ٻه مهاڀاري طاقتون، آمريڪا ۽ روس، پنهنجي بيشمار جوهري هٿيارن جي پيداوار ۽ ان جي بي انداز ذخيره اندوزيءَ سان وڌي وڌي ۽ ڦنڊي ڦنڊي مها- مهاڀاري طاقتون بنجي ويون آهن.

ٻي سڄي دنيا اُنهن ٻن جي وچ ۾ ائين پيل آهي، ڄڻ اُنهن جي آڏو هڪڙو ڪو تتر يا ٻٽير، ۽ ٻنهي مان هر هڪ اُن کي خاص پنهنجو لقمو بنائڻ گهري ٿي.

سڄي ڇڪتاڻ اها آهي. پر، هاڻي، ٻنهي طاقتن کي اِها سمڪ ٿي آهي ته ٻٽير کي ورهائي کائين ته چڱو_ ڇو ته سڄي اُن کي اڪيلي سر کائڻ جي ڪوشش ۾، ٻٽير سميت، هو ٻيئي ڪٿي پاڻ به پنهنجي جوهري بارود جو يڪو ئي لقمو نه ٿي وڃن.

اِنهيءَ ڪري، ”اثر جا دائرا“....... ”اثر جا دائرا“_ ٻٽير کي ورهائي کڻڻ جو خير صلاحي سرشتو اِهو آهي! ٻٽير جي پيٽ ۾ گهڻا هيرا آهن..... اُنهن جي ارضي دولت، زرعي ۽ معدني، ۽ پڻ انهن ڄٽن ۽ پست پيل ملڪن جا لکين ۽ ڪروڙين بکيا، اگهاڙا، بيمار، بي گهر ۽ جاهل ماڻهو، جيڪي هر سچي کوٽي ٺهيل مالڪ جا گراهڪ آهن.

هي مها- مهاڀاري طاقتون هڪٻئي جي خلاف جيڪي طاقتون مورچا پيون ٺاهين، ڊوڙي-ڊوڙي هنڌ پيون وٺن ۽ منچ ۽ مُـهاڙيون پيون ٻڌن، اُهي سڀ چوطرفي سمنڊ ۾ خطرناڪ طوفان جا آثار آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org