سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: محڪريءَ جا مضمون

باب :1

صفحو :8

درحقيقت اُها جمهوريت رڳو ڪنهن حڪومت جي سرشتي جي ڳالهه به ڪانه هئي، اُها ته انساني عظمت ۽ شان جو اُهو هڪ اصول هو، جيڪو جمهور (عوام) جي هر ماڻهوءَ جي اصل ممڪنات کي ائين اُڀاري ۽ آزاد ڪري ٿو، جو ننڍڙي پتڪڙي انگلنڊ جو دارالعوام هڪ پاسي روس جي گادي سينٽ پيٽرس بزرگ ۾ ويٺل روسي شهنشاه پيٽر اعظم جي دل کي گرمائي ۽ جوش ۾ آڻي ٿو ڇڏي، ۽ ٻئي پاسي سينٽ هيلينا ٻيٽ جي هيڪليءَ هڪ قبر ۾ نيپولين جهڙي سڄي يورپ جي فاتح کي دفنائي ٿو ڇڏي، ۽ پاڻ ساڳيو خوش طبع انگلنڊ بڻيو، ڳائيندو، نچندو، شاعري ڪندو ۽ ڊڪنس جا ناول ”پڪو ِڪ پيپرس“ ۽ ”سن گراسز“ لکندو ۽ تخليق ڪندو رهيو.

قائد ۽ اُن جي همعصر هنن محب وطن عظيم شخصن جيڪا برصغير جي جامع حقيقت ۽ جملي صورتحال ڏِٺي ۽ اُن کي هُنن بدلائڻ جي همٿ ٿي ڏيکاري ۽ سعيو ٿي ڪيو، ۽ اُهو به رڳو پنهنجي ذهني قوت ۽ ارادي جي روحاني  زور سان ۽ پنهنجي انساني حد کان به اوچيءَ پُر اميد بلند نگاهيءَ سان اُن سندن همت ۽ سعيي کي ڏسندي ۽ خيال ۾ آڻيندي، اڄ به اسان جي دل امنگ ۽ جذبي ۾ ڀرجي ٿي وڃي، ۽ پاڻ کي خوش نصيب ٿا سمجهون ته اسين به اُن دور ۾ رهياسين.

هنن تاريخ تي نگاهه رکندڙ سڄاڻ شخصن هندستان ۾ فڪري، سماجي ۽ ذهني موت ۽ تباهيءَ جا کنڊر ڏٺا، موريه شهنشاهيت جا، گپتا شهنشاهيت جا، اڪبر جي شهنشاهيت جا، ۽ پڻ ٽيپوءَ جهڙن بهادرن  جي سرويچيءَ ۽ خود قربانيءَ جا.

۽ اُنهن کنڊرن جي وچ ۾ هُنن اڪثر اُهي راجائن ۽ نوابن جي صورت جا ڪوئا به ڏٺا، جيڪي انگريزي عملدارن جي آڏو ڏڪندا، پگهر ڳاڙيندا ۽ اُنهن جا پير چمندا ٿي رهيا ۽ پنهنجن ماڻهن کي اُهو ئي پنهنجن پيرن هيٺيان چپيندا ۽ ڳاهيندا، بي عزت ۽ بي مانو ڪندا ٿي رهيا، ۽ اُهي ئي پنهنجي غريب ملڪ ۽ ماڻهن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي آڏو، جن تي هو تڳي رهيا هئا، ڀتيون بڻيا بيٺا هئا، ۽ پنهنجين رياستن جون آمدنيون ملڪ کان ٻاهر پئرس جي طوائف گهرن ۾ لُٽائيندا ۽ وڃائيندا ٿي رهيا.

ملڪي ترقيءَ جي آڏو اُنهن اسان جي باخبر بزرگن ٻيون ڇپون ۽ ٻيا پٿر به پيل ڏٺا، جيڪي هنن جاگيردارن ۽ انعام دارن، خانبهادرن، راءِ بهادرن سردار بهادرن، هنن بهادرن ۽ هُنن شاهه شغالن ۽ ٻين اهڙن جي حضورن جي صورت ۾ ڏٺا، جيڪي برطانوي ڪليڪٽرن ۽ اُنهن جي ديسي ايجنٽن جي آڏو اِئين پڇ لوڏ لايو بيٺا هئا، جو پنهنجن اُنهن آقائن جي رڳو اک جي اشاري تي ئي هو پنهنجي عزيزن قريبن مان ڪنهن جي به پٽڪي لاهڻ ۽ مٿي ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ تيار هئا، هنن کي فقط پنهنجن آقائن جي خوشنودي گهربي هئي_ ايتري قدر،  جو هڪڙي مزاحيه شاعر چئي ڏنو_

خانبهادر ني جو دم توڙا تو بولي هنس کي موت،
قبر مين اب لاٽ صاحب آئينگي امداد کو.
 

 ۽ اڪبر الهه آباديءَ کي چوڻو پيو_

جدهر صاحب ادهر دولت، جدهر دولت ادهر چندا،
 جدهر چندا ادهر ”آنر“، جدهر ”آنر“، ادهر بندا!
 

اُهي سڀئي فرض بردار جيوڙا پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي آسپاس جي انساني ۽ سماجي حقيقتن کان ايترا پري هئا، جو لارڊ مانٽيگو پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته هندستان جي سياستدان ۽ محب وطن اڳواڻن سان ڳالهائيندي، اُنهن جي علم، دل جي اون ۽ اوسيڙي ۽ ذهني بلندي تائين رسندي رسندي، هن جو مغز چڪرائجي ويندو هو، ۽ ٻئي پاسي جڏهن هو راجائن ۽ نوابن سان ڳالهائيندو هو ته کيس رڳو اُنهن جي پريشانيءَ جون ڳالهيون سندن ڪتن جي صحت، اصل نسل ۽ سک سلامتيءَ بابت ۽ انهن جي ڪُتين بابت، سندن ڀولڙن، سندن گهوڙن ۽ سندن ڪبوترن بابت ٻڌڻيون پونديون هيون، ۽ اُن لاءِ وقت بوقت ۽ هر هر کيس هنن سان هائو ۾ هائو ملائڻي پوندي هئي!

قائد ۽ سندس همعصر مشاهيرن کي آزاديءَ، جمهوريت ۽ انساني روح جي اوسر ۽ ترقيءَ جي آڏو انهن ڇيڏڪن، رڪاوٽن ۽ بندن سان منهن ڏيڻو پوندو هو.

۽ انگريزن جي طرف هُنن کي وري، هتي هندستان ۾، انهن انگريزن سان منهن ڏيڻو پوندو هو، جن کي هندستانين جو ايترو خيال به ڪو نه هوندو هو جيترو پنهنجن گهريلو پاليل ڪتن جو.

جيڪي انگريز هندستان ۾ آيا ٿي، خاص طرح اُهي جيڪي 1857ع جي جنگ آزاديءَ جي هار کان پوءِ عملداري يا حڪمراني ڪرڻ لاءِ هيڏانهن ٿي آيا، تن مان اڪثريت جي تجاهل جاهلانه يا تجاهل عارفانه، ۽ هوڏي روشِ جون ڳالهيون سچ پچ ته ماڻهوءَ جي دل کي جلائڻ لاءِ ڪافي هيون.

سر سيد جهڙي وڏي ماڻهوءَ کي به هڪڙي بنهه معمولي انگريز عملدار چيو، جڏهن سر سيد هن جي گهر هن سان ملڻ ويو،” بوٽ لاهي پوءِ اندر اچ!“ ۽ سر سيد اهڙيءَ بي عزتيءَ جي سهڻ بدران اُتان ئي پٺ ورائي موٽي ويو.

پر سر سيد جهڙا ٿورا هئا ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ هئا، گهڻا اهڙا به هئا، جن نه رڳو اهڙين بلڪ اِن کان به وڏين جٺين کي قبوليو ٿي، ۽ نه رڳو قبوليو ٿي، پر اُنهن تي فخر ٿي ڪيو. ڪنهن موقعي تي جڏهن هڪڙي انگريز عملدار کي هڪڙي ننڍي گند جي نالي تان ٽپڻو ٿي پيو، تڏهن هڪڙو ناميارو سردار وڌي اڳيان اچي بيٺو، ۽ صورتحال کي ڏسي، هڪدم ٽپ ڏيئي گند جي نالي جي ڪني پاڻيءَ ۾ چيلهه سوڌو گهڙي، پُٺي ٻيڻي ڪري بيهي رهيو، ته جيئن اُهو انگريز بهادر هُن جي پُٺيءَ تي پير رکي، صحيح سلامت گند جو نالو ٽپي، پار ٿي سگهي!

مختصر ڳالهه هيءَ ته هندستان ۾ انگريزن جو، خاص طرح 1857ع جي واقعن کان پوءِ، ايترو ته خوف ۽ ڏهڪاءُ هو، جو قائد ۽ سندس روشن صفت همعصر شخصن جو اڀرڻ ۽ اٿي حالات سان منهن مقابل ٿيڻ، ائين هو جئين مثالي ققنوس پکيءَ جو ڪنهن چندر گپت ۽ ٽيپو سلطان جي رک مان ٻيهر جي اٿڻ_ جن ٻنهي امر انسانن پنهنجي حمله آورن جي اکين ۾ اکيون وجهي، ٽانڊن وانگر ٻرندي، اُنهن ۾ جوُهه وجهي ڏٺو هو ۽ سينو تاڻي اُنهن جي آڏو اٿي بيٺا هئا.

قائد جي هڪڙي اهڙي ئي همعصر لافاني شخص، فيروز شاهه مهتا، جو اِهو ڪو معمولي سورهيائيءَ جو ڪم نه هو، جڏهن هُن ائين چيو هو ته ”جيڪڏهن اسين هندستاني رڳو اٿي بيهون ۽ سڀ گڏجي هڪڙي هڪڙي ٿڪ اڇلايون، ته سڄا برٽش آئلس، (انگلنڊ، اسڪاٽلنڊ ۽ آئرلنڊ) هوند اُن ۾ ٻڏي وڃن!“

اُن وقت جڏهن اسين لکين ڪروڙين عام ماڻهو سياسي طور پنگلا هئاسين، اسان جا راجا ۽ نواب ۽ ”بهادرن“ مٿان ”بهادر“، انگريزن جي ڇانو ۾ ويٺا، اُنهن جي پوسل جي مِٽي چٽَي رهيا هئا، ۽ هُنن کي قومي وقار ۽ شخصي عزت جو ڪو احساس ڪو نه هو ۽ کين ڀلجي به اِهو ياد نه ٿي آيو ته ڪو اسان جو به انسان ذات جي تاريخ ۾ شمار ۾ اچڻ جهڙو ورثو هو، ۽ اُن دور ۾ جڏهن اڪثر انگريز عملدار اسان جي منهن ۾ نهاري کلندا هئا جڏهن اسان مان ڪنهن پنهنجي قديم عظمت ۽ ذهني حاصلات جي ڪا ڳالهه ٿي ڪئي، ۽ هو  اسان سان سواءِ ڪنهن ضرورت جي ڳالهائڻ به گوارا نه ڪندا هئا ۽ ائين سمجهندا هئا ڄڻ اسين گداگر هئاسين_ اُن دور ۾ ۽ اُنهن  حالتن هيٺ، اُهو قائد هو، جنهن پنهنجي ذاتي لياقت ۽  صلاحيت تي ڀروسو رکندي، پوريءَ خود اعتماديءَ سان ۽ پنهنجي عزت نفس جو احترام رکندي، انگريزن جي غلاميءَ جي ٽي هزار رپيا ماهياني پگهار جي نوڪريءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چي ”ايترا پئسا ته مان هڪ ڏينهن ۾ ڪمائيندس!“ ۽ اُهو سامي وويڪانند هو، جنهن اسان کي پڪاري چيو: ”ڀائرو، هيءَ اُها قديم سرزمين آهي، جنهن کي فلسفي ۽ ڏاهپ پنهنجو پهريون گهر بڻايو هو، ۽ پوءِ فلسفو ۽ ڏاهپ دنيا ۾ ٻئي  ڪنهن ملڪ ڏانهن ويا هئا: هيءَ اُها سرزمين آهي، جتان هڪ ڀيرو وري به روحانيت جون ويرون اٿنديون ۽ زبونيءَ ڏانهن مائل انسان ذات کي ٻيهر زندگيءَ ۽ طاقت عطا ڪنديون. هيءَ ئي سرزمين آهي، جيڪا دنيا جي ڪنهن به پهاڙ کان وڌيڪ مضبوط ۽ اڏول بيٺي رهي آهي. هيءَ اُها سرزمين آهي، جنهن پنهنجي اَمر سگهه ۽ اَجيت روح سان سوين ڪاهون ۽ حملا، تهذيبن ۽ سڀيتائن جا، سَٺا آهن ۽ پوءِ به سلامت بيٺي رهي آهي، ۽ اسين سڀيئي واقعي اهڙي هڪ عظيم ۽ لافاني ملڪ جا سپوت آهيون.“

۽ علامه اقبال اسان کي پنهنجي روح پرور ترنم ۽ ذي حيات نوري شعاع رکندڙ لفظن سان ائين مخاطب ٿي جاڳايو ته_

چشتي ني جس زمين مين پيغام حق سنايا،
نانک ني جس زمين مين وحدت کا گيت گايا،
يونانيون کو جس ني حيران کر ديا تها،

ساري جهان کو جس ني علم و هنر ديا تها،
مٽي کو، جس کي حق ني زر کا اثر ديا تها،
ترکون کا جس ني دامن هيرون سي بهر ديا تها.
ميرا وطن وهي هي، ميرا وطن وهي هي.
 

”جتي ذهن خوف کان خالي،

۽ گردن فخر سان بلند هجي،

۽ جتي عقل جو نرمل چشمو مرده روايت جي خشڪ واريءَ ۾ گم نه ٿي ويو هجي،

.... اُنهيءَ آزاديءَ جي بهشت ۾،

او منهنجا رب،

 شل منهنجو وطن جاڳي اُٿي!“

۽ قائد پنهنجي شخصي زندگيءَ ۾ پوريءَ ڪاميابيءَ سان اِهو ئي ثابت ڪري ڏيکاريو ”جتي ذهن خوف کان خالي ۽ گردن فخر سان بلند هجي، ۽ جتي عقل جو نرمل چشمو مرده روايت جي واريءَ ۾ گم نه ٿي ويو هجي“: جيئن هن جي زندگيءَ جي ڪيترن اهڙن مثالن منجهان هڪڙي اهڙي مثال مان ڏسي سگهجي ٿو.

ٻيءَ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي موقعي تي قائد ۽ انگلنڊ جو تڏهوڪو وزير اعظم، بالڊون، اوچتو هڪڙي وڏي هال ۾ آمهون سامهون گڏجي ويا:”هيلو، مسٽر جناح!“ بالڊون چيو، ۽ ”هيلو، مسٽر بالڊون!،“ بس اِهو ئي موٽ ۾ جواب قائد جو هو! ۽ هو هڪ سيڪنڊ لاءِ به بالڊون جي منهن ۾ ڏسي مُرڪڻ لاءِ يا هن سان برطانيه جي آبهوا بابت ڪا ڳالهه ڪرڻ لاءِ، يا اهڙي ٻئي ڪنهن خوشامدي فضول ڳالهائڻ لاءِ ڪو نه ترسيو، ۽ ائين ئي ڪنڌ اوچو ڪيو، برطانوي وزير اعظم کان گهڙيءَ ۾ مٽي اڳتي هليو ويو. مسٽر بالڊون واقعي هيڪر ته سُن ۾ اچي ويو، ڇو ته هن کي پنهنجي هڪڙيءَ غلام رعيت جي ماڻهوءَ مان سچ پچ به ته ڪنهن وڌيڪ تواضع ۽ نياز مندي جي روش يا جواب جي اميد هئي، اِهو هو ”ذهن خوف کان خالي ۽ گردن فخر سان بلند!“

۽ جيتوڻيڪ هن کي ”قائداعظم“ جو لقب ٻئي نمبر تي مليو هو (پهرئين نمبر تي مسٽر گانڌي هو، جنهن کي 1925ع ۾ ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلوءَ ”قائداعظم“ جي لقب سان سڏيو هو). قائد ڪڏهن به غير واجبي يا تحڪمانه روش ڪانه ڏيکاري، ۽ ڪڏهن به هو ڪاوڙ ۾ تپي نه ڳاڙهو ٿيو، نه آپي کان ٻاهر نڪتو، ۽ نه ڪڏهن هن پنهنجيءَ ڳالهه کي مڃائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي، نه روزا رکيا ۽ نه ڪڏهن هن برت، جي ڳالهه ڪئي.

 بجاءِ اُن جي، هن سياست جو هر مسئلو پوري جمهوري طريقي سان پنهنجي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي اڳيان رکيو، ۽ هندستان جي برطانوي وائسراءِ کي به هر ڀيري هو ائين ئي صاف ۽ واضح لفظن ۾ چوندو رهيو (جنهن کي پهريائين ته قائد جي اُن ڳالهه تي اعتبار ئي نه ايندو هو) ته هو پوريءَ طرح پنهنجي ورڪنگ ڪاميٽي جي فيصلن سان ٻڌل هو، جيڪي به اُهي ٿيا ٿي ۽ جهڙا به اُهي ٿيا ٿي_ ۽ اُن ۾ هن پنهنجي ذاتي خيالن ۽ راين کي به ڪنهن طرح دخل انداز ٿيڻ نه ٿي ڏنو.

اهو ئي هن جو پورو پورو معقول، پورو پورو جمهوري ۽ هر شڪ شبهه کان بالاتر ۽ پورو پورو ايماني عقيدو ۽ عمل هو، جنهن جو هن جي پوئلڳن مان هر هڪ کي پورو پورو يقين هو ته اُهو ئي قائد جو ورثو هو، جيڪو هو وٽن ڇڏي ويو هو_ يعني سڄي جو سڄو ۽ پوري جو پورو جمهوري فڪر ۽ عمل جو طريقو ۽ نظام.

۽ اهو ئي خاص هُن جو ورثو هو، جنهن سان هُن جي موت کان پوءِ اُها ڪار ڪئي ويئي، جيڪا ڪي عليل ۽ البيلا ٻار ڪنهن رانديڪي سان ڪندا آهن_ يعني قائد جو اُهو املهه ۽ ڳنڀير ورثو اُنهن جي هٿن ۾ سٽجي، ڪٽجي، ڦاٽي، بُج بُج ٿي ۽ بنهه پرزا پرزا ٿي ويو.

دنيا ۾ ”ڪليان“ نالي وڏي ۾ وڏي ۽ مشهور هيري جي هڪڙي ڳالهه مشهور آهي ته اُهو پهريائين هڪڙي آفريڪيءَ لڌو هو، جنهن کان هن جي پُٽ وٺي، اُهو پنهنجي هڪڙيءَ دلگهريءَ ٻڪريءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو، ڇو ته رڳو پري کان هُن لاءِ ان وڏي بي مثل هيري، شيشي وانگر  چمڪاٽ پئي ڪيا! ۽ پوءِ جڏهن هڪڙي انگريز اُهو ڏٺو ته معلوم ٿيس ته اصل ۾ اُهو ڇا هو، ڪيترو املهه هو ۽ ڪيترو اڻ لڀ، تڏهن هُن اُن جي مالڪ کان اُن جي قيمت  پڇي، جنهن نيٺ وڏيءَ خوشيءَ سان ٻن ٻڪرين جي عيوض اُهو اُن انگريز کي ڏيئي ڇڏيو!

بلڪل اُن طرح اُهي جيڪي قائد کان پوءِ آيا، تن هُن جي جمهوريت جو اُهو ورثو مسيح جي غدار ۽ يهوداه وانگر، ”ٽيٽيهن چانديءَ جي ٽُڪرن“ تي ڦُرائي ڇڏيو.

بي مغزائي...........سائين وڌيڪ مغزائي

سچ پڇو ته مغزائتيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي، مان ٿڪجي پيو آهيان.

۽ پڙهي پڙهي، به ٿڪجي پيو آهيان.

 ۽ ڏسي ڏسي ته هيڪاري ٿڪجي پيو آهيان. مان اقتصاديات جا ڪتاب پڙهان ٿو،

مان سائنس جا ڪتاب پڙهان ٿو_

اُهي به اُهڙا ئي مغزائتا.

مان سياست جا ڪتاب پڙهان ٿو:

افلاطون کان وٺي اڄوڪن ڏاهن جا لکيل ڪتاب_ نراجي، سلطان پسند، جمهوري، سڀ سڀوئي ۽ ڪُليـتي، فسطائي، اشتراڪي_

منهنجو اُنهن سان ڪو اتفاق هجي، يا اختلاف ان سان اُنهن جو واسطو ئي ڪو نهي.

مان ڪنهن سان اتفاق ڪريان يا اختلاف، اِهو منهنجو حق آهي.

پر اُنهن جي جنهن ڳالهه ڏانهن منهنجو ڌيان ٿو ڇڪجي، سا اِها ته هو ڪجهه مغزائتا آهن.

۽ اُنهن سڀني ۾ ساڳي به هڪ ئي اِها ڳالهه آهي ته ڪجهه مغزائتا آهن.

اِهي اديب هجن يا فيلسوف، پر ڏسجي ٿو ته هو سڀ ڄاڻن ٿا ته ڇا بابت ٿا ڳالهائين. اُنهن مان گهڻن ته پنهنجون سڄيون حياتيون سوچيندي سوچيندي گذاريون ته هن کي ڇا بابت ڳالهائڻو يا لکڻو هو....

هو ڄاڻو هئا، ماهر هئا.

جيڪڏهن هو حجام هئا ته ڌاتن کي رجائڻ جي ڳالهه هنن ڪانه ڪئي آهي. جيڪڏهن هو موچي هئا ته دل جي جراحت جي ڳالهه هنن ڪانه ڪئي آهي، وغيره وغيره

ڪي ماهر ته اهڙا ماهر آهن، جو اکين جو جراح، مثال طور، دندان سازيءَ جي ڳالهه نڪرندي ته چوندو ته هو دندان سازيءَ مان نه ڄاڻي.

 هنن ماهرن ڪتاب لکيا آهن، جن مان گهڻا ايترا ئي ڏکيا، ڪاريگريءَ وارا ۽ ڳوڙها آهن، جو مان اُهي پڙهي ئي نٿو سگهان. اُنهن کي سمجهڻ ۽ ڪم آڻڻ ته ٻي ڳالهه هئي.

پر پوءِ به هو ڳالهيون سڀ مغزائتيون ڪن ٿا.

 خود کِـل ڀوڳ وارا ليکڪ .......... اُهي به، بهرحال، شيڪسپيئر جي چرچائي ڪردار فالسٽاف وانگر، گهڻن عالماڻن ليکڪن ۽ ڏاهپ جي صاحبن کان پاڻ وڌيڪ مغزائتا معلوم ٿا ٿين.

سروينٽيس بلڪل غلط هو، جڏهن هن سمجهيو ٿي ته سندس ڪتاب ”ڊان ڪئگزوٽ“ رڳو بي مغزي کل مسخري جو ڪتاب هو، وغيره وغيره وغيره.

پر دنيا ته اُن کي شايد وڏن کان وڏن ڪتابن ۾ شمار ڪري ٿي، اصل ٽالسٽاءَ جي ڪتاب ”جنگ ۽ امن“ سان گڏ رکڻ جهڙو.

ساڳي اهڙي ڳالهه جو ناٿن شئفٽ جي ڪتاب ”گليور جا سفرناما“ جي به آهي.

اِنهيءَ ڪري، مان هنن مغزائتين، مغزائتين ۽ مغزائتين ڳالهين مان بيزار ٿي پيو آهيان، جيڪي سڀ رڳو ٻاهران ائين بي مغزيون ٿيون لڳن.

 مون کي خالص شيءَ گهرجي، خالص بي مغزي، خالص، بنهه خالص.

مون کان اِن ڳالهه ۾ ڪو کوٽ يا چالاڪي نٿي سَٺي ٿئي.

مان سچ پڇو ته بي مغزائيءَ جي تلاش ۾ آهيان، هر هنڌ، هر وقت.......

اصل ”ڳوليان ڳوليان، ۽ لهان!“ واري ڳالهه وانگر مون اُن کي هتي ڳوليو، هُتي ڳوليو، هيٺ مٿي ڳوليو، اندر ۽ ٻاهر ڳوليو، ساڄي ڳوليو، ۽ کاٻي ڳوليو، ۽ بنهه وچ تي به ڳوليو.

مان ته هاڻي لڳ ڀڳ نا اميد ٿي پيو آهيان،ته ڪٿي مون کي ڪا نج، خالص، ملاوت کان پاڪ بي مغزي ڳالهه ڪڏهن ملي به سگهندي – ڇو ته اڄڪلهه هر شيءَ ملاوتي ٿي پيئي آهي.

خود ملاوت به ملاوتي ٿي پيئي آهي.

خراب ۾ خراب ڳالهه ته سچ پچ اِها آهي.

اِنهن حالتن ۾ ماڻهو جي دل سُسيو وڃي، ۽ ماڻهو هر نموني جي رڳو گاڏڙ ساڏڙ ۽ جڙتو شين سان هريو پيو آهي ۽ اُنهن سان جڙ جي ٿو وڃي.

مان اهڙي ئي هڪ اونهي دک ۽ نراسائيءَ جي ڪُن ۾ ورتل هوس،ته جان بُنيان، پنهنجو ڪتاب ”زيارتيءَ جو سفر“ نالي وارو، هٿ ۾ جهلي، مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين ته ”پرهه ڦٽڻ کان اڳ گهاٽيءَ اوندهه جي گهڙي به ايندي آهي، ۽ مسافر کي کپي ته نامراديءَ جي بحر مان لنگهندي، پنهنجي دل نه لوڙهي- ڇو ته روشنين جو شهر سامهون آهي! (اُهو روشنين جو شهر يقينن ڪراچي جو شهر نٿي ٿي سگهيو، ڇوته ڪراچيءَ جي بجلي ڪارپوريشن وارن جي روشنيءَ، وري وري گل ٿيڻ سان، مصنف بُنيان يا ان جي ڪنهن زيارتي مسافر جي دل ۾ ڪراچيءَ لاءِ ڪشش باقي ڇڏي ئي ڪانه آهي.)

ڇا به هجي،پر مان ترسيو رهيس، ترسيو رهيس...... ۽ اوچتو اوچتو ڇا ٿو ڏسان ته منهنجي آڏو خالص بي مغزائي بيٺي هئي- نه رڳو منهنجي آڏو پر مون جهڙن ٻين هزارن لکن بي دريافتن جي آڏو به، جن جي مٿان بي مغزائي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سزا ٻڌجي چڪي هئي، ۽ مان هوس، جو ههڙي صاف ۽ پڌري ڳالهه ڏسي نه سگهيو هوس!

هيءَ پڌري ۽ ڏٺي وائٺي ڳالهه ڪانه ڏٺي هيم، ڇاڪاڻ ته اُها ايتري پڌري هئي، ايتري پڌري هئي، اصل اکر به اکر، سنئين سڌي ۽ منهان منهن پڌري، جو اُن جي اُن پڌرائيءَ ڪري ئي اُها ڏسجي سگهي.

اُها سڄي جي سڄي، پنهنجي سر پاڻ منهنجي آڏو هئي، منهنجي اکين آڏو ....شل ڪا سولي ٿيئس! ننهن کان چوٽي تائين، سڄي ساري، سامهون ئي سامهون بيٺي هئي- بس، ماڻهوءَ کي ڪرڻو رڳو هيءُ هو، جو اُن کي ڏسڻ لاءِ هٿ وڌائي، ٽي ويءَ يا ريڊيو جو کڻي بٽڻ کولي--.

ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي

هڪڙي ڪنهن اُلڙيل اسڪول ۾ هڪڙو قيءَ جهڙو ڪو ڊرل ماسٽر هوندو هو، جنهن جي رڳو نالي کان به شاگردن کي دُر وڙيون اينديون هيون.

ايتري قدر، جو هنن جي دل ۾ هن جوڪڏهن خيال ئي ايندو هو، ته هو پنهنجي دل سان وڙهي پوندا هئا ته اُن اُهو خيال پاڻ وٽ اچڻ ئي ڇو ڏنو.

پر اُن بابت هو ڪري ڪجهه نٿي سگهيا، ڇو ته اسڪول جي هيڊ ماستر کي پنهنجي مقصدن ۽ مصلحتن جي سلسلي ۾، اُن همراهه جي ضرورت هئي.

انهيءَ ڪري ويچارا شاگرد اُن معاملي ۾ رڳو اِهو ئي ڪجهه ڪري ٿي سگهيا، جو اهڙين حالتن ۾ شاگرد ڪندا آهن- يعني بُڇان، بُڇان، بڇان، پنهنجي سڄي ساريءَ دل سان، سڄي ذهن سان، سڄي پنهنجي روح سان، هر پنهنجي ساهه سان ۽ پنهنجي پوري وجود سان،هو بڇان ڪرڻ لڳا، ۽ بڇان ڏيکارڻ لڳا.

هو خود ڌرتيءَ کان ئي بڇان ڪرڻ لڳا، ڇو ته هو اُن ڌرتي تي موجود هو. هو سج کان بڇان ڪرڻ لڳا، ڇو ته سج هن تي به اُس ٿي ڪئي. هو چنڊ کان بڇان ڪرڻ لڳا، ڇو ته چنڊ هن تي به چانڊوڪي ٿي ڪئي.

 سڀ کان وڌيڪ هُنن وڄ کان بڇان ٿي ڪئي، ڇو ته اُها ڪِري ٿي ته هُن جي مٿان ڪانه ٿي ڪري.

هنن پنهنجي قسمت کان بڇان ٿي ڪئي، جو هو اُن اسڪول ۾ اچي داخل ٿيا هئا، يا اهو اُتي اچي موجود ٿيو هو، جتي واقعي هنن پڙهڻ گهريو ٿي ۽ جتي هنن پنهنجي جواني ماڻڻ گهري ٿي، ۽ جوانيءَ جا تازا تازا امنگ ۽ خيال ماڻڻ گهريا ٿي.

هنن پنهنجي مائٽن کان بڇان ٿي ڪئي، جو هنن کين تڏهن ڄڻيو هو، جڏهن اُهو شخص کُپ کوڙي، ڊرل ماسٽر بڻجي، اُتي اچي ويٺو هو.

سڀ کان وڌيڪ هنن هيڊ ماستر کان بڇان ٿي ڪئي، جنهن انسان جي ويس ۾ هڪڙي ههڙي بڇان لائق پسونءَ کي پٻي ڏيئي، مٿي تي چاڙهي ڇڏيو هو.

پر هيڊماستر کي ڪا به پرواهه ڪانه هئي، ته شاگردن اُن باري ۾ ڇا ٿي محسوس ڪيو يا سمجهيو.

سچ پچ به ته هيڊ ماستر شاگردن جي جذبن ۽ اُمنگن جي اڳ به ڪڏهن ڪا پرواهه ڪانه ڪئي هئي.

هيڊ ماستر کي جيڪڏهن ڪو اونو هو ته رڳو ٻئي هيڊماستر جي مقابلي جو هو، ته اُهو ڪڏهن هُن کي اُتان هٽائي نه ڇڏي.

اِئين ٻن هيڊماسترن جي وچ ۾ شاگردن ويچارن جي مفاد ۽ ڀلائيءَ جي ته ڪا ڳالهه شمار ۾ ئي ڪانه ٿي آئي، ۽ ائين هيڊ ماستر بلڪل خوش هو ته ڊرل ماستر هن جو فرمانبردار هو ۽ ان جي بڇان لائق وجود مان هن کي فائدو هو.

هيڊ ماستر کي اِن ڳالهه جو خيال به ڪونه هو ته جيترو وڌيڪ بڇان لائق سندس هيءُ ڊرل ماستر ثابت ٿي ٿيو ۽ اُن جي هن پُشتي  ٿي ڪئي اوترو وڌيڪ سندس شاگردن ٻئي هيڊماستر جي طرف ٿي تاڻيو ۽ واجهايو- ڏاڍيءَ سڪ ۽ اُڪير مان – ته هو اچي هنن کي اُن بڇان لائق حيوان مان نجات ڏيندو ۽کين ڪنهن سولي ساهه کڻڻ جو وجهه ملندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org