حبشي حلوو
(هڪڙي سادي سودي آکاڻي، جيڪا شفيع بئنڪر ليکڪ کي
نئين ڪري ٻڌائي)
گهڻا گهڻا ڏينهن اڳ، هڪڙي ملڪ جا ماڻهو پنهنجو بادشاهه ڏاڍي
سولي، سڌي نموني ۾ چونڊيندا هئا.
جڏهن به هنن جو بادشاهه مرندو هو، ته ٻاهران جيڪو پهريون ماڻهو
سندن شهر جي دروازي مان لنگهي اندر ايندو هو، اُن
کي هو پنهنجو بادشاهه بڻائي ڇڏيندا هئا ۽ جيسين
اُهو جيئرو هوندو هو تيسين اُن جي حڪمن جي هو پوري
پوري تابعداري ڪندا هئا.
اُنهيءَ طرح هو عام چونڊن، محلاتي سازشن ۽ جاءِ نشينيءَ جي
جهنجهٽن کان سدائين ڇٽا پيا هوندا هئا.
هڪڙي ڏينهن، سندن بادشاهه سلامت جي فوت ٿي وڃڻ تي، جيڪو پهريون
ماڻهو سندن شهر جي دروازي مان لنگهي اندر وٽن آيو،
اُهو هڪڙو ڪو بکيو پينڙاٽ هو، جنهن جي سڄي عمر جي
سڌَ هئي ته هڪ دفعو پيٽ ڀري ڪڏهن حبشي حلوو کائي
ڍؤ ڪري.
”حضور بادشاهه سلامت جن پنهنجو وڏو وزير ڪنهن کي مقرر ڪرڻ پسند
فرمائيندا؟“ تعظيمي سجدا بجا آڻيندي، هن کان پڇيو
ويو.
”منهنجو وڏو وزير اهو بڻبو، جيڪو بهترين حبشي حلوو ٺاهي
ڄاڻندو.“
” ۽ عالم پناهه، حضور جا ٻيا وزير؟“
” اُهي به حبشي حلوي جي ٺاهڻ جا ڪاريگر هئڻ کپن.“
” حضورِ، ٻين مٺاين بابت به ڪو حڪم آهي؟،
” نه،
مان هڪ ئي ڳالهه ٿو چوان ته حبشي حلوو سڀڪجهه
آهي.“
”بجا ارشاد، ٻڌوسون ۽ مڃيوسون، بس ائين ئي ٿيندو“، هنن چيو.
۽ پوءِ شاهي درٻار جا سڀيئي نورتن ۽ اُنهن جا نائب ۽ نائبن جا
نائب ۽ اُنهن جا ننڍا نائب مڙيئي حبشي حلوي جا
ماهر حلوائي اچي گڏ ٿيا.
۽ ڳالهه سڄي ملڪ ۾ هُلي ويئي.
پوءِ جيڪو تيڪو ۽ سڀيئي، جيڪي هر قسم جو ٻيو حلوو کائي ڪڪ ٿي
پيا هئا، ۽ حلوو هنن کي ڀانءَ ڪونه ٿي پيو ۽ حلوي
جي نالي ٻڌڻ سان هنن کي اوڪارا ٿي آيا، اُهي به ٽپ
ڏيئي حبشي حلوي جي گاڏي ۾ چڙهي ويٺا ۽ اُن جي
عالمي اوصافن جا گيت ڳائڻ، نعرا هڻڻ ۽ هوڪا ڏيڻ
لڳا.
جنهن به ڪجهه ٿيڻ چاهيو ٿي، تنهن هڪڙي هٿ ۾ حبشي حلوو ٿي کنيو ۽
ٻئي هٿ ۾ اُن جي صفت ۽ ساراهه جا پترا ۽ ڪاغذ ٿي
جهليا، ۽ اڳتي ٿي آيو.
اخبارن جو ڪو ايڊيٽوريل يعني اداري نوٽ تيسين پورو نه ٿي ٿيو،
جيسين اُن ۾ حبشي حلوي جي خوبين جو ذڪر نٿي ٿيو،
اديب، ليکڪ ۽ ريس ڪورس جا رپورٽر گهوڙي سوارن تي ۽
خود گهوڙن تي حبشي حلوي جي پوريءَ خوراڪ جا اثر
بيان ڪرڻ لڳا. سئنيمائن ۾ فلمي آکاڻيون ۽ اُنهن جا
پلاٽ حبشي حلوي جي رنگ، ذائقي، سرهاڻ ۽ هاضمي جي
هلڪاڻ تي رٿجڻ ۽ بيان ٿيڻ لڳا.
”ڇو نه اسين به وڌي وچ ۾ بيهون ۽ انبوهه جا اڳواڻ بڻجون!“
دانشورن سوچيو، جن کي ڪالهه تائين حبشي حلوي جي بي
مثال مٺاڻ جي ڳالهه ٻڌڻ سان آت ٿي آيا.
اِئين ، ”هو ڏسو- هي آسمان جا تارا به ته حبشي حلوي جا ٺهيل
آهن!“ فلڪيات جي ماهرن رڙ ڪئي.
”اسان جي هن ڌرتيءَ جو ڳڀ به حبشي حلوي جو جڙيل آهي“، ارضيات جي
عالمن اعلان ڪيو.
”ڪيميا جو اثر حبشي حلوي جي ملاوٽ کان سواءِ بي معنيٰ شيءَ
آهي“، علم ڪيميا جي ڄاڻن چيو.
اقتصاديات جي عالمن ظاهر ڪيو ته ”جڏهن حبشي حلوي جي در آمد ۾
توازن پيدا ٿيندو، تڏهن حلوانيا ۾ خوشحاليءَ جو
دور ايندو ۽ هر ڪنهن کي پيٽ ڀري حلوي کائڻ ۽ شڪر
ڪرڻ جو موقعو ملندو.،
حياتيات جي عالمن پڌرائي ڪئي ته ”حبشي حلوو ئي حياتياتي جوهر جو
اصل مادو آهي.“
”سڀ کان مجرب ۽ يڪ ٽڪ علاج ٽي- بيءَ، ڪئنسر ۽ ذيابيطس جو حبشي
حلوو آهي“، شاهي طبيب پڙهو گهمايو.
پوئتي نه پوندي ۽ هار نه مڃيندي، شاهي جراح هوڪو ڏياريو ته ” هر
قسم جي جراحت (آپريشن) کان پوءِ پيدا ٿيندر هر
تڪليف، ايذاءَ ۽ خرابي جو آزمايل بچاءُ حبشي حلوو
آهي ۽ ٻيو ته حبشي حلوي جي آڏو هاڻوڪا سڀ برقي ۽
ريڊيائي علاج جا طريقا بي اثر ۽ بيڪار ثابت ٿي چڪا
آهن“.
”حبشي حلوو نفسياتي طرز علاج جي ڪيموٿراپيءَ کان به گهڻو اڳتي
وڌي ويو آهي!“ هيءَ نئين دريافت نفسيات جي ماهر
معالجن جي هئي.
”حبشي حلوو اکين جي ڪڪري کي ۽ پڻ ڪاري پاڻيءَ کي ائين ٿو ڳاري
ڇڏي، جهڙو جادو!“ اکين جي ماهر سرجن اعلان ڪيو.
”گهر؟ هائو، دلپسند ۽ آرامده گهر—سيمنٽ ۾ اوترو ئي حبشي حلوو
ملائي اوساري کڻڻ سان جهٽ پٽ سستو اڏي سگهجي ٿو“،
ماهر عمارتسازن اِها پڌرائي ڪئي.
۽ وسري ويل فنڪار ۽ مصور، جيڪي پاڻ کي بدلائي خوش رقم ڪاتب بڻجي
پيا هئا، تن ” حبشي حلوي“ جي ٻن لفظن جي صورت کي
ڦيرائي گهيرائي، اُنهن جي اهڙي ته انگڙ ونگڙ، حبشي
طرز جي نقش نگاري ڪئي، جو خود حبشي حلوي کان به
وڌيڪ اُهي فنڪار پاڻ سڀني جي ڌيان جا مرڪز بڻجي
پيا.
فيلسوفن جي قلم مان، جيڪي بدلجي حلويسوف ٿي پيا هئا، سوين
مضمون،ڪتاب ۽ ڪتابچا نڪرڻ شروع ٿي ويا ۽ نڪرندا
رهيا.
”نظريي اضافت جو جامع- دائرائي اصول فقط تڏهن پوريءَ طرح سمجهي
سگهبو، جڏهن حبشي حلوي جي ڇڄي ڌار ٿيل ذرات جي
آزاد ۽ اجهل عملي ڪيفيت جو بغور مطالعو ڪبو!“
حلوانيا جا اعليٰ ماهر طبيعات چوڻ لڳا.
”رنگين فوٽو گرافن جي رنگن ۾ چمڪاٽ آڻڻ لاءِ حبشي حلوو بهترين
ڪم ڏئي ٿو“، فوٽو گرافرن پنهنجي تجربي جي ڳالهه
ٻڌائي.
”حبشي حلوي کان ٽي- ويءَ ۽ سئنيما ۾ حسن آرائيءَ ۽ حسن افزائيءَ
جو بهترين ڪم وٺي سگهجي ٿو“، حسن سازيءَ جي ماهرن
تجربي جي بنياد تي اِها پنهنجي ماهرانه راءِ ڏني.
”انسان ذات لکن سالن جي جاکوڙ کان پوءِ نيٺ حبشي حلوي جي صورت ۾
ٺوڙهه تي وارن ڄمڻ جو علاج ڳولي لڌو آهي“، سڪيءَ
پاڪيءَ سان مٿن ڪوڙيندڙن ۽ جديد ماهر گيسوڪارن
پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت جي شهرت لاءِ پترا ۽ هئنڊبل
ورهايا.
ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته انساني زندگيءَ، انساني فڪر، انساني
کوجنا ۽ ايجاد جو ڪو هڪڙو به اهڙو پاسو ڪو نه هو،
جنهن ۾ حبشي حلوي جي عمل، دخل ، هاڪ ۽ ڌاڪ موجود
نه هئي.
۽ اُن سڀ لاءِ ظاهر هو ته حلوانيا جا رهواسي پنهنجي بادشاهه
سلامت جا شڪر گذار هئا، جنهن کين حبشي حلوي جي دور
سان اِئين روشناس ڪرايو هو.
۽ هوڏانهن عاليجاهه حضور بادشاهه سلامت هو، جنهن پنهنجي ڳالهه
ڪا ڪانه ٿي ڪئي، پر سڄي ساراهه حبشي حلوي جي پئي
ڪئي ۽ چيو ته حبشي حلوي جي ڀلاين ۽ فضيلتن جي آڏو
هو پاڻ هڪ ڪمزور، فاني شخص، ڪجهه به ڪين هو. ”
حبشي حلوو سڀني انساني دکن جو علاج آهي!“ هن
ڏاڍيءَ نمرتا سان اعلان ڪيو،جنهن تي بادشاهه سلامت
جي حق ۾ وڌيڪ نعرا لڳا.
پر جڏهن حلوانيا ۾ هٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانن ۾ آزمائش طور باضابطي
اُڏامندڙ ڏور- مار توبن ۽ نيم ضابطي توڙي بنهه بي
ضابطي ڏور- مار اُڏامندڙ توبن جي ٺاهڻ ۾ حبشي حلوي
جو استعمال ڪيو ويو، ته پاڙي واري بادشاهه جون
پوريءَ طرح وايون بتال ٿي ويون ۽ هو پنهنجي سلامتي
خطري ۾ محسوس ڪرڻ لڳو ۽ وڌيڪ ڪا خطرناڪ دير پئجي
وڃي ۽ مهل هٿان نڪري وڃي، تنهن کان اڳ هن ” اڳرائي
بچاءَ جي بهترين صورت آهي“ واري آزمايل اصول تي
عمل ڪندي هڪدم حلوانيا تي حملو شروع ڪري ڏنو.
حلوانيا جا ماڻهو پنهنجي بارود، بمن، گولن، ٽئنڪن ۽ توبن ۾ حبشي
حلوو ڀري، ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيا، پر دشمن ڪنهن
طرح سندن شاهي محلات جي ٻاهرئين در تائين پهچي
ويو.
”بادشاهه سلامت!“ ڪنهن حلوانيائيءَ ڊپ ۾ ڀرجندي رڙ ڪئي، پر وري
به ڏاڍي ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيو:
”جان جي امان ٿو گهران حضور، پر دشمن شاهي محلات جي ٻاهرين در
تائين پهچي ويو آهي!“
”دشمن کي ته جيڪو سبق آءُ هاڻي سيکاريندس، سو پاڻ ته هو ڪڏهن نه
وساريندو پر سڄي دنيا تا قيامت ياد ڪندي!“ بادشاهه
سلامت پنهنجي گدائيءَ جو ڪشتو، جيڪو حبشي حلوي سان
ڀريل هو، پنهنجي هٿ ۾ جهلي، غائبانه دشمن تي
اُلاريندي، بيحد زور سان رڙ ڪئي.
”ڪهڙو عبرتناڪ سبق حضور جن دشمن کي سيکارڻ ٿا گهرن؟ هاڻي ته هو
محلات جي اندرئين دروازي تي اچي پڳو آهي!“ حبشي
حلوي جي شاهه ڪاريگر ۽ قابل صنعتڪار، وڏي وزير،
بادشاهه سلامت جي اڳيان جُهڪي، زمين بوس ٿيندي،
پڇيو.
”ٻڌو اوهين سڀيئي جيڪي هتي حاضر آهيو!“ حضور سلامت تمام وڏي
دانهن ڪندي چيو—سندس آواز ۾ ايترو ته ڇوهه ۽ زور
هو، جو محلات جون سڀيئي ڀتيون سچ پچ ته ڪجهه ڪجهه
لڏي ويون. ”ٻڌو، اوهين سڀيئي جيڪي هتي حاضر آهيو!
هاڻي، جو هو اسان جو غلط، نالائق دشمن، جنهن سان
اسين بي انداز نفرت ٿا ڪريون، اُتي پهچي چڪو آهي،
جتان هن جو موٽڻ محال آهي ۽ پاڻ ئي اندر اچي اسان
جي وڪڙ ۾ ڦاٿوآهي، اُن تي آءُ ، جيڪو حلوانيا جو
چونڊيل ۽ ڌڻيل بادشاهه آهيان، ڪو رحم نه ڪندس ۽ نه
هن کي معاف ڪندس ۽ جيڪا وڏي طاقت، بي انداز قوت،
همت، بي مثل هيبت ۽ حشمت مون کي حبشي حلوي کان ملي
آهي ۽ ملي رهي آهي، اُن سان، ۽ پنهنجي خالص آزاد
ضمير جي اجيت آواز جي مدد سان، ۽ حلوانيا جا جيڪي
مون تي فرض ۽ جوابداريون عائد ٿيل آهن، ۽ جيڪي
ذميداريون ۽ بار مون کي پنهنجي وفادار ۽
فرمانبردار ماڻهن طرفان سونپيل آهن اُنهن جي تعميل
۽ اُنهن جي پوري ادائگي ڪندي، هاڻي آءُ مجبور
آهيان ته آءُ پنهنجو اُهو غير معمولي، اصلوڪو ۽
مطلق شاهي اختيار استعمال ڪريان ۽ اُن کي ڀرپور ۽
پورو پورو ڪم ۾ آڻيان- ڇو ته اُهو اَجهل ۽ اڻ موٽ
۽ اصلوڪو شاهي اختيار جيڪو خالصاً ۽ مطلقاً ۽
سڌيءَ طرح حبشي حلوي کان مون کي مليل آهي، اَهڙن
ئي هنگامي موقعن ۽ وقتن تي استعمال ۾ آڻي ٿو
سگهجي—يعني بلڪل اڄ، بلڪ هن گهڙيءَ ۽ هاڻي، جڏهن
حلوانيا پنهنجي اُنهيءَ انتهائي نازڪ ۽ بلڪل هڪ
نئينءَ ۽ اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل صورتحال سان دوچار آهي،
جو سندس دشمن جنهن کي ڪاوڙ جو ڪو به سبب ڪونه
هو.......“
”پر حضور جي سربخت جو خير آ، حضور جو اُهو غير معمولي، اصلوڪو،
شاهي اختيار آهي ڪهڙو، سو ته ٻڌائين!“ درٻارين مان
حلوانيا جي حبشي حلوي پسند بادشاهه کان ڪنهن هِن
ڏکئي سوال جي پڇڻ جي گستاخي ڪئي.
جمهوريت کي ڪيئن مارجي
”جمهوريت کي ڪيئن مارجي“- هڪ اهڙو موضوع آهي، جو جن تاريخ ۾
جمهوريت کي ماري ماري وري ماريو آهي، اُنهن اِن
جو، يعني اِن موضوع جو، پورو پورو مطالعو ڪيو آهي.
قديم تاريخ ۾ مئسيڊونيا جي بادشاهه فلپ ( سڪندر اعظم جي پيءُ) ۽
، اُن کان پوءِ روم جي ڏاڍي مڙس جوليس سيزر ائين
ڪيو هو.
فلپ اِن ۾ آسانيءَ سان ڪامياب ٿيو، انهيءَ ڪري جو شهري يونانين
جي ڀيٽ ۾ هو سچ پچ ائين هو جيئن ڊيموسٿنيز ڏاهي هن
لاءِ چيو هو: يعني ڏٺو وائٺو جهنگلي، مڙني اوچن
ويچارن ۽ اعليٰ قدرن کان خالي- جيڪي اٿينس جي شهر
واسين کي پيارا هئا.
اٿينس جي شهر کي اڳي ئي اسپارٽا وارن حملو ڪري، هيسائي، ترين ڀر
ويهاري ڇڏيو هو، سو هِن جهنگلي ڍڳي جي اڳيان پاڻ
جهلي نه سگهيو ۽ ڀڄي ڀور ڀور ٿي پيو.
۽ جتوڻيڪ پوءِ هُن جو پٽ، سڪندر،اعظم ئي اِن ڪري ٿيو، جو هُن
اُن ساڳئي اٿينس جي هڪ معزز رهواسيءَ، پنهنجي عزيز
استاد ارسطوءَ، کان اٿينس جي ئي تهذيب جو سبق
حاصل ڪيو ۽ ائين نه فقط پاڻ مهذب بڻيو پر اُن دور
جي سڄيءَ ڄاتل دنيا ۾ اُن تهذيب جو هو مشعل بردار
بڻيو: پر غريب اٿينس کي هُن جي جهنگلي پيءُ اهڙا
ته موتمار ڌڪ هنيا هئا، جو اُن جي سڄي جمهوريت
تاريخ جي ڦٽل دڙي هيٺ دٻجي دفن ٿي ويئي.
”رومن جمهوريت کي ڪيئن مارجي ۽ زمين ۾ پورجي“- اِهو روم جي ڏاڍي
مڙس جوليس سيزر جو به پهريون مقصد هو- جڏهن ته اُن
ساڳيءَ جمهوريت ئي کيس اُها فوج ظفر موج ٺاهي
جوڙي، هٿ ۾ ڏني هئي، جنهن سان هن فرانس ۽ انگلينڊ
فتح ڪيا هئا ۽ جنهن کان سواءِ هو، وڏي هام هڻي، هر
گز اِها دعوا نٿي ڪري سگهيو ته ”آيس، ڏٺم ۽ فتح
ڪيم!“
۽ جيتوڻيڪ سيزر کان اڳ سندس پيشرو فوجي جنرل- موريو، پامپي،
سولا- اُهڙا ئي نامور جنرل هئا جهڙو هو پاڻ هو، پر
اُهي شهنشاهه جيڪي کائنس پوءِ سندس جانشين ٿيا ۽
سندس نالي سيزر جي پٺيان سيزر سڏيا،اُهي سيزر ته
هئا پر جوليس سيزر نه بڻجي سگهيا.
۽ رومن شهنشاهيت روم کي اهڙو ته نپوڙي نستو ڪري ڇڏيو ۽ اُن تي
اُها ته زبون حالي آندي، جو ڪٺور آٽيلا، جيڪو وحشي
هوڻ قوم جو حمله آور هو، روم کي تباهه ڪرڻ کان
پوءِ جڏهن واپس موٽيو، تڏهن هو ڇاتي ٺوڪي دعوا
ڪندو ويو ته ” روم جو ڪو هڪ پٿر ڪو هڪ مجسمو به
جتي هو اُتي اڄ ڪونهي!“
هيءُ اُهو ساڳيو روم هو، جنهن پنهنجي جمهوريت جي ڏينهن ۾
خونخوار هانيبال جي ڪٽڪ ۽ اُن جي مست هاٿين جو رڪ
جي ديوار بنجي مقابلو ڪيو هو ۽ بجاءِ اِن جي، جو
هو ررم کي اَڪ جي ماکيءَ وانگر لاهي کائي وڃي،
جيئن هن چاهيو ته ٿي ۽ دعويٰ ڪئي هئي، آخر ۾
جمهوري رومن عوام جي هٿان هار کائي، پنهنجي سڄي
لشڪر سميت روم جي گهٽين ۾ ڪُسجي فنا ٿي ويو.
هوڏانهن نيپولين جيسين فرانس جي جمهوريت جي شان لاءِ وڙهندو
رهيو تسين هو ايڏو ته اجيت هو، جو انگلنڊ جي بيمار
وزيراعظم وليم پِٽ جڏهن هن جي هڪڙيءَ سوڀ جي خبر
ٻڌي، تڏهن پنهنجن مصاحبن کي چيائين : ” اهو يورپ
جو نقشو هاڻي ويڙهي رکو- اِهو ڪجهه عرصي لاءِ هاڻي
ڪنهن ڪم جو ڪونهي.“
اُنهي ”ڪجهه عرصي“ جي وچ ۾ نيپولين، جيڪو جمهوريه فرانس جو
سربراهه اول هو، تنهن پنهنجي هٿن سان جيتوڻيڪ
فرانس جو ڇٽ کڻي پنهنجي مٿي تي رکيو ( جيتوڻيڪ اُن
تاجپوشيءَ جي رسم لاءِ هن روم جي پاپاءِ اعظم کي
به دعوت ڏني هئي)، ۽ اعلان ڪيو ته هو فرانس جو
شهنشاهه هو.
”ڇا؟“ استاد بيٿوون دانهن ڪئي، جيڪو اُن دور جي راڳ جو بي مثل
بادشاهه هو ۽ جنهن ”جمهوريت جي علمبردار“، ”بي
مثل“ نيپولين جي شان ۾ پنهنجو هڪڙو عظيم سازينو
قريب قريب ٺاهي تيار ڪيو هو- ”ڇا؟ ههڙو خسيس
ماڻهو؟!“ ۽ ائين چئي، هن پنهنجو اُهو سازينو پوءِ،
اُن ”محض شهنشاهه،“ ڏانهن منسوب ڪرڻ جو خيال لاهي
ڇڏيو.
۽ جيئن ئي نيپولين ائين ”محض شهنشاهه“ بڻيو، تيئن هو ماٺ ڪري نه
ويٺو- پنهنجي عزيزن مان جنهن تنهن کي بادشاهه
بنائيندو ويو، هڪڙي کي ڪنهن ملڪ جو، ٻئي کي ڪنهن
ملڪ جو ، تان جو پنهنجي سلهه ۾ ورتل پٽ کي روم جو
بادشاهه بنايائين- ۽ نيٺ ويلنگٽن جي هٿان پاڻ ئي
پنهنجي ”واٽرلو“ تائين پهچي ويو- ويلنگٽن، جيڪو
جمهوريه انگلستان جو خادم هو، جنهن جمهوريه،
نيپولين کي پوءِ قيد ڪري سينٽ هيلينا ٻيٽ تي بند
ڪري ويهاري ڇڏيو، جتي هو پنهنجي ماضيءَ بابت
سودائون پچائيندو رهيو، ڇوته پنهنجو مستقبل هُن
هميشه لاءِ پنهنجن هٿن مان پاڻ وڃائي ڇڏيو هو.
۽ فرانس کي نيپولين کان پوءِ يورپ جي فتح ڪيل سڀني ملڪن تان هٿ
کڻڻو پيو، ۽ وري به جمهوريه ئي بنجڻو پيو، ۽ پوءِ
ئي هو خود پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري بچائي سگهيو.
”انگلينڊ جو بادشاهه شاهي ڪري ٿو پر حڪمراني نه، آمريڪا جو
پريزيڊنٽ نه حڪمراني ٿو ڪري نه شاهي، پر هندستان
جو وائسراءِ حڪمراني به ڪري ٿو ۽ شاهي به“- اِهي
سياست جا ڏاهپ ڀريا گفتا اوهان ضرور ٻڌا هوندا.
“جمهوريت کي ڪيئن مارجي“- هيءُ خيال اُنهن ماڻهن جي دل ۾ اُٿندو
آهي، جيڪي سمجهندا آهن ته اِن جي، يعني جمهوريت
جي، بري حالت آهي ۽ اِن جو بچڻ محال آهي.
سيرز اِن مان تنگ ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ته روم جو تڏهوڪو
( جمهوري) نظام حڪومت جيئن پوءِ تيئن هيڻو ٿيندو
ٿي ويو ۽ اُن ۾ اُهو جهلو نه رهيو هو، جو اُهو
ايڏي وسيع رومن شهنشاهيت کي يڪجاءِ جهلي ۽ قائم
رکي سگهي، جيڪا ايڏي وڏي شهنشاهيت هُن سمجهيو ٿي
ته هُن ئي کٽي روم کي ڏني هئي.
سيزر، ڏاهو بنجي، سوچيو ٿي ته جيئن جهاز جي ڪپتان جي حالت ۾
هوندو آهي، تيئن رياست جي سڀني آخري فيصلن لاءِ پڻ
هڪڙو، واحد شخص ذميوار هئڻ گهرجي.
معلوم ائين ٿو ٿئي ته جوليس سيزر کي ذاتي ڪو حرص يا ڪا لالچ
ڪانه هئي، جنهن جي سندس سياسي رقيب، ڪيسيس، مٿس
تهمت ٿي هنئين؛ نه وري هُن جو پنهنجي ڪنهن شاهي
گهراڻي جي قائم ڪرڻ جو ڪو مقصد هو، جيئن صديون
پوءِ نيپولين بوناپارٽ پنهنجي زال، جو سيفين، کي
طلاق ڏيئي ثابت ڪيو ته هُن جو هو، ڇو ته جوسيفين
مان هن کي ڪو اولاد ڪونه هو ۽ هُن کي ”وارث“ جي
گهرج هئي جيڪو کائنس پوءِ سندس تخت تي ويهي سگهي.
سيزر جي نظر ۾ رڳي ڳالهه هيءَ هئي ته پراڻو جمهوريه نظام پراڻو
ٿي چڪو هو- بس: اُن کي ختم ڪري، اُن جي جاءِ تي هڪ
نئون نظام قائم ڪرڻو هو ۽ ائين ڪرڻ ضروري هو.
اِنهيءَ ڪري (پر وري به) هُن اقتدار کي پاڻ ئي زوريءَ ڊوهي
پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ بدران، کليو کلايو سينيٽ کي چيو:
”مون کي اوهين شهنشاهه بنايو ۽ پوءِ ئي مون وٽ
اُهو اختيار ۽ اُها طاقت هوندي، جن سان آءُ اوهان
جي مشڪل حالات کي منهن ڏيئي سگهندس.“
رومن سينيٽ جي ”اڇين ڏاڙهين“ جي اکين آڏو، جيئن سيزر حقارت سان
اُنهن کي سڏيندو هو، ۽ جيڪي هُن جي فتوحات ۽
ڪمالات کان هڪ طرف ۽ ٻئي طرف پنهنجي آئيني
اختيارات جي بار ۽ پنهنجي نا اهليءَ جي احساس هيٺ
هيسيا ويٺا هوندا هئا ته سيزر کي ڪيئن منهن ڏين ۽
قبضي ۾ رکن، منجهائن ئي هڪڙي ميمبر، ڪيسيس، ذاتي
سببن ڪري ۽ ٻئي، بروٽس، ” اجتماعي فاعدي خاطر“،
ٻين چند صلاحين سان گڏ، سيزر کي اُتي ٿڏي تي خون
ڪري ڇڏيو- اُنهن سڀني غلطيءَ وچان ائين ٿي سمجهيو
ته هڪڙي اقتدار جو هُوسِيءَ سيزر کي ائين ميدان
تان هٽائي ڇڏڻ سان هو پنهنجي جمهوريه روم جي نظام
کي بچائي سگهندا.
پرسيزر جي خون جي نتيجي ۾ جيڪا روم ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي، اُن
کان پوءِ اُتي اُها ساڳي ”شهنشاهيت“ قائم ٿي، جنهن
کان بچڻ لاءِ سيزر کي خون ڪيو ويو هو، ۽ جوليس
سيزر جي نالي سان رومن شان ۽ عظمت جي وابسته هئڻ
سبب جيڪي به پوءِ رومن جا شهنشاهه بنيا اُنهن سڀني
پاڻ کي ”سيزر“ ئي سڏايو.
اِهڙي طرح اسين ڏسون ٿا ته سيزر روم جي ڀلائيءَ خاطر جمهوريت کي
هٽائڻ گهريو ٿي. ۽ هن جي دوست، بروٽس، پڻ اُنهيءَ
ساڳيءَ ” روم جي ڀلائيءَ“ خاطر سيزر کي هٽائڻ ٿي
گهريو: ٻنهي جوليس سيزر ۽ بروٽس جي دلي نيت،
بهرحال فقط ۽ فقط ” روم جي ڀلائي“ ئي هئي، ٻيئي
ساڳئي حب الوطن جي جذبي سان سرشار ٿي ڏٺا ۽ ٻنهي
جو محرڪ ساڳيو اُهو حب الوطني جو امنگ هو.
انهيءَ ڪري، جيڪڏهن، شيڪسپيئر جي لفظن ۾، مقتول سيزر جو مڙهه
”اُنهيءَ شخص جو مڙهه هو، جيڪو زماني جي دورن ۾
هڪ عظيم ترين شخص هو“، ته هن جي قاتل بروٽس جو
مڙهه به حقيقي طور وڏي احترام لائق هو، جنهن،
گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ ئي سهي، پر آخر اِها
ڳالهه دل جي گهراين سان پروڙي ورتي هئي ته جوليس
سيزر موت کان پوءِ به اُهو ئي عظيم ۽ طاقتور هو ۽
هن جو روح هن جي دشمنن جي هانءُ کائڻ لاءِ اڃا به
آزاد گهمي رهيو هو، ۽ اُنهيءَ پروڙ جي ايندي ئي
بروٽس خودڪشي ڪري پنهنجو انت آندو، ۽ پڇاڙيءَ جا
لفظ جيڪي هُن جي زبان تي هئا سي هُن سيزر کي ئي
مخاطب ٿي چيا هئا: ” او سيزر، مون کي معاف ڪج!
جنهن پوري ارادي سان مان پاڻ کي ماريان ٿو، اُن جو
اڌ جيترو ارادو به مون کي تنهنجي مارڻ جو ڪونه
هو.“
ائين بروٽس جو مڙهه ڏسندي، آگسٽس جيڪو هن جو مخالف هو ۽ جوليس
سيزر جو سئوٽ هو ۽ هاڻي پاڻ ئي ”سيزر“ ٿيو هو،
تنهن چيو: ” اچو ته هِن ۾ جيڪو گڻ هو اُن موجب هِن
جو احترام ڪريون ۽ اُن مطابق هِن کي ڪفنايون
دفنايون. اڄ رات هِن جو مڙهه وطن جي هڪ غيرتمند
سپاهيءَ وانگر منهنجي تنبوءَ ۾ رهندو.“
۽ اهڙيءَ ريت بروٽس جي دفن ٿيڻ سان رومن عواميت ۽ رومن جمهوريت
گويا پوري جي پوري دفن ٿي ويئي.
۽ سيزريت ، رومن فوجشاهيءَ جي آڌار ۽ ٽيڪي تي، روم ۾ حڪمراني به
ڪندي رهي ۽ شاهي به، تان جو ترت ئي، هُوڻ اٽيلا
آيو ۽ رومن مشعل کي هڪ ئي ڦوڪ سان اُجهائي ويو،
جيڪا هونئن ئي پنهنجي اصلي شعلي مان گهٽجي ٽمڪندڙ
لاٽ وڃي ٿي هئي: اٽيلا هڪ ئي وار سان سڄو روم ڊاهي
ڍير ڪري ويو، جتي هانيبال پنهنجي مٿي ڀڃائڻ سان به
ڪجهه نه ڪري سگهيو هو- ڇو ته هانيبال ۽ رومي جبل
جي وچ ۾ روم جي جمهوريت ڍال مثل بيٺل هئي. ۽ تاريخ
۾ ائين ئي اسين ڏسون ٿا ته جڏهن به ۽ جتي به
جمهوريت کي ڊاهي ٻي ڪا حڪومت قائم ٿي آهي- پوءِ
اُن ۾ ڪنهن جون نيتون ڪهڙيون به سٺيون هيون- آخر
نتيجو اُن ”مرگ بر جمهور“ جو جيڪو نڪري ٿو، سو
لازمي طور جمهوريت جي اُنهن ماريندڙن جي نيتن ۽
ارادن جي ابتڙ ئي نڪري ٿو.
ڇاڪاڻ ته جمهوريت انسانن جي آزاد ارادي ۽ آزاد راءِ جو اظهار
آهي، جيڪي ٻيو ڇا به هجن پر گونگا جانور هر گز نه
آهن، ۽ جيڪو به ۽ جنهن به شڪل جو قدم اُنهن کي
جانورن جي درجي تي پهچائڻ لاءِ کڄي ٿو، اُن ۾
جمهوريت جو زوال ۽ اُن جي بربادي ئي هوندي آهي.
جمهوريت کي مارڻ لاءِ اول اول انساني فطرت کان مايوس ۽ اُن جي
اظهار تي بي صبر ٿيڻو پوي ٿو، ۽ انسانن کي انساني
درجي تان هيٺ لاهي جانور بنائڻ جو فيصلو ڪرڻو پوي
ٿو.
جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ اول اول عوام کي محسوس ڪرائڻو آهي ته
هُنن لاءِ اميد ۽ بهتريءَ جي ڪا واٽ آهي ته اِها
آهي ته هو پهريائين پنهنجن آزادين تان دستبردار
ٿين.
جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ جمهور کي پنهنجي جمهور هجڻ کان جاهل
رکڻ کپي: هُنن کي اِها سمڪ اصل نه ڏجي ته هو ئي
پنهنجي سڄي سماجي بنياد ۽ سياسي عمارت جون سرون ۽
اُنهن جي پيڙه جا پٿر آهن.
جمهوريت کي اٽڪل سان ختم ڪرڻ لاءِ عوام جي ذهنن کي اهڙن مسئلن
تي مرڪوز ڪري، يعني کپائي، ڇڏجي، جيڪي هُنن لاءِ
”هاڻي“ ۽ ”هِتي“ جي ڪنهن به سڌي ۽ سنئين ڪم جا نه
هجن.
جمهوريت کي مارڻ لاءِ ماڻهن کي ائين محسوس ڪرڻ سيکارجي ته سندن
تقدير يعني سندن آئيندو هرگز هرگز سندن هٿن ۾
ڪونهي.
جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ جمهور ۾، يعني ماڻهن ۾، انفراديت کي
ڪڏهن به اُسرڻ نه ڏجي ۽ منجهن اُڀرندڙ اڳواڻيءَ کي
ٻوساٽي ڇڏجي يا مُلهه خريد ڪري ڇڏجي، يا ٻيئي
ڳالهيون ڪري ڇڏڻ کپن، يعني اُن کي ٻوساٽي به ڇڏجي
۽ خريد به ڪري ڇڏجي.
جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ جمهوريت جي نالي کي پهريائين خوب
اُڇالجي ۽ غوغائجي، ۽ جيڪو به اقدام ڪجي اُن سان
جمهوريت جو نالو ڳنڍي ڇڏجي، ته جيئن عوام ڪڪ ٿي
خار کائي، دانهن ڪري چوي ته ”جيڪڏهن جمهوريت اِها
آهي ته پوي جهنم ۾، اسان کي ڪانه کپي!“ ۽ پوءِ
جڏهن اِهو مسئلو ائين حل ٿي وڃي، ته ”صاف ضمير“
سان علي الاعلان جمهوريت کي ماري ڇڏڻ کپي- چي،
”عوام اُن مان بيزار هو ۽ اِها سندن ئي پنهنجي
مفاد جي ڳالهه هئي ته جمهوريت مان سندن جند ڇڏائي
وڃي!“
جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني ويڪو دانشورن کان جمهوريت جا عيب
کولائڻ ۽ بيان ڪرائڻ کپن.
جمهوريت کي مارڻ لاءِ ابلاغي ذريعن کي مارڻ نه گهرجي، پر اُنهن
جي همت افزائي ڪجي ته اُهي خودڪشي ڪن- نام نهاد
خود- روڪ جي ساهه- جهل وسيلي، جنهن جي استعمالي هو
” پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪريو“ جي اصول تي پاڻ ڪن.
جمهوريت کي مارڻ لاءِ ”ڏائڻ جي ڪُني“ تيار ڪرڻ کپي، ۽ جيئن اُها
رڌجندي رهي، تيئن اُن جي مٿان هي منتر لاڳيتو
پڙهبو رهجي: ”نيڪ بد آهي، بد نيڪ آهي.....“
جمهوريت کي مارڻ لاءِ جيئن مئڪبيٿ، ڊنڪن کي مارڻ لاءِ ويندي،
جڏهن ديول جو گهنڊ ٻڌو هو ته پنهنجي منهن چيو
هئائين: ”ڊنڪن، اِهو نه ٻڌجان! اِهو نه ٻڌجان !
اِهو تنهنجي موت جو گهنڊ آهي!“- بلڪل تيئن ڪجي.
جمهوريت کي مارڻ لاءِ ڏند ڪٿائي، مابعدالطبيعاتي وسيلن کي ٻاهر
ڪڍي اچجي؛ ۽ ”واهيات، ناشدني ۽ ڏاميچ“ شين کي
اُڀارجي، ۽ عدم –انسانيت جي اڏيءَ تي، جنهن تي
نيڪيءَ جو چمڙا پوش ٿيل هجي، جمهوريت کي ڪُهي
ڇڏجي.
جمهوريت کي سولي ۾ سولي طريقي سان مارڻ لاءِ، خود، ”جمهوري“
همراهن کان وڌيڪ ڪارگر ٻيو ڪير به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته
اُنهن کي اهڙي عمل جا رستا ۽ نمونا خوب معلوم
هوندا آهن، ۽ هُنن کي ڪرڻو رڳو هي پوندو آهي ته هو
جمهوريت جو احترام ڇڏي ڏيندا آهن ۽ پنهنجي قول ۽
فعل سان ٻين کي به اُن جي احترام کان باز رکندا
آهن.
جڏهن فرعون پنهنجي فرعونيت جا محافظ ٿي بيهن ٿا، جڏهن قارون
پنهنجي قارونيت جو پنهنجي دولت سان بچاءُ ڪن ٿا، ۽
جڏهن اَمير پنهنجي امارت جو بچاءُ جمهوري ، ۽
جمهوريت جي حقارت سان ڪن ٿا، تڏهن سياسي حيوانن ۾
جمهور ۽ جمهوريت پسند سياستدان ئي هڪڙي اهڙي
انساني جنس آهن، جيڪي، بيٺي بيٺي پنهنجي پيرن
هيٺان گاهه ڄمائي ڇڏيندا آهن، بلڪ اُن کان به
وڌيڪ، هو جنهن لام تي ويٺل هوندا آهن، اڪثر اُن
لام کي پنهنجي ئي هٿن سان پاڻ ڪپي ڇڏيندا آهن.
نه رڳو اِهو، پر ڪيترائي اهڙا جمهوريت پسند هوندا آهن، جيڪي ٻين
جمهوريت پسندن جا دشمن ٿي پوندا آهن، ۽ موقعو
ملندو اٿن ته رات وچ ۾ ڦري پاڻ فرعون ٿي پوندا
آهن.
جنهن طريقي سان سڄي آمريڪي قوم لرزش ۾ اچي وئي هئي، بلڪ ائين ٿي
معلوم ٿيو ڄڻ اوچتي ڪا پيڙا، ڪو خطرو، ڪا اُداسائي
هئي جنهن ۾ اُها وڪوڙجي ويئي هئي، ۽ ڳالهه ڪهڙي
هئي؟ فقط هيءَ ته سندن پريزيڊنٽ، نڪسن، پنهنجي
معيار تان ڪري، اُهي پرايا ٽيپ ٻڌا هئا جن جي ٻڌڻ
جو نه کيس اختيار هو ۽ نه اجازت، ۽ ائين هو آمريڪي
ٽئڪس ڀريندڙ ووٽر جي ذاتي نويڪلائي ۾ دخل اندازي
جي حڪومتي بدعت جو ذميدار بڻيو هو- بس اِن تان
آمريڪي قوم جو ايڏو غصو ۽ ايڏو اجهل تحرڪ ثبوت هو،
سندن اُن ڪل –وقتي سجاڳيءَ، حوصلي ۽ بلند همتيءَ
جو، جنهن سان هنن پنهنجي آزاديءَ، حريت ۽ جمهوريت
جو تحفظ ٿي ڪيو.
ساڳيءَ طرح، پروفيومو
واري معاملي ۾ جڏهن انگلينڊ جي هڪ فاحشه، ڪرسٽين
ڪيلر، پڌر پيئي، اُتان جي هڪ فيلڊ مارشل لاءِ
”تمغي مردانگيءَ“ جو اعلان ڪيو، ته برطانوي عوام
اُن تي پنهنجي سرڪار خلاف ايترو ته مشتعل ٿيو ۽
ڪاوڙجي اٿيو، جو سندن وزيراعظم ڦڪائيءَ کان
استعيفا ڏيئي، سدائينءَ لاءِ سياست کي ڇڏي،. گوشه
نشين ٿي ويهڻ تي مجبور ٿي ويو.
اِن مان ظاهر آهي ته اُهي ماڻهو ڪيئن پنهنجي جمهوريت کي زنده
رکڻ چاهين ٿا، ۽ زنده رکن ٿا.
جيڪي جمهوريت کي ماريندا آهن، انهن کي اهڙين شين ۽ اهڙين ڳالهين
جي ڳڻتي يا پرواهه ڪانه هوندي آهي
انهن لاءِ ٻي ڪابه شيءَ اهم ڪانه هوندي آهي، سواءِ پنهنجي فائدن
جي، جيڪي هو اُنهيءَ تنگ نگاهيءَ مان وٺندا آهن،
جيڪا سندن هٿ مت ۾ موجود هوندي آهي ته ”هرڪو
پنهنجي لاءِ، شيطان سڀ جي آخر ۾.“
پر شيطان، جو ٿيو ئي شيطان، سو سڀ جي آخر ۾ رهِي، ڪٿي ٿو بس ڪري
بيهي؟
سچ پچ ته جمهوريت جڏهن مري ٿي، اُن کان پوءِ ٻيو ڪو به ڪونه ٿو
بچي—ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جو ماڻهپو پهرين اُن سان گڏ
مري ٿو.
زنجيرن تي زنجير
پاڪستان ۾ اهڙو ڪو به سمجهدار ماڻهو ڪونهي، جيڪو عجب ۽ افسوس ۾
ورتل نه هجي ته پاڪستان سان هيءُ نيٺ ڪهڙي ويڌن ٿي
ويئي، ڪنهن ڪئي، ۽ گذريل 33 سالن کان هيءُ ملڪ
سياسي ڌٻڻ ۾ ڪيئن ڦاٿل رهيو آهي.
پاڪستان جي گورنرن جنرلن ۽ پريزيڊنٽن خود هن سلسلي ۾ ڪڏهن
پنهنجي چنتا کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، ۽ هو
سدائين پنهنجي اِنهيءَ دلي خواهش جو اظهار ڪندا
آيا آهن ته ملڪ ۾ ڪڏهن ڪو بهتر ڏينهن جو سج اُڀري.
اُنهن مان گورنر جنرل غلام محمد ته سڀ کان زياده صاف گوئيءَ کان
ڪم وٺندي، چئي ڏنو ته هن کي ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته قوم
تي اُداسيءَ جو هڪڙو گهاٽو ڪڪر ڇانيل هو! پر
افسوس، جو اُن لاءِ ڪڏهن به اُنهن مان ڪنهن کي
جديد ڊاڪٽري تشخيص جي طريقي جي اختيار ڪرڻ جي همت
ڪانه ٿي.
تاريخ جي وچين اونداهي دور ۾ بيماريءَ جي تشخيص جو طريقو هيءُ
هوندو هو، جو جيڪڏهن ملڪ جي ڪا جيئندي، بچندي
شهزادي بيمارٿي پوندي هئي، ته اُها محل جي بنهه
ڪنهن اندرئين ڪمري ۾ وڃي ويهندي هئي، ۽ هُن جي
بيماريءَ جي تشخيص ڪرڻ وارو طبيب- ڇاڪاڻ ته شاهي
طبيب هو- ٻاهر بادشاهه سلامت جي حضور ۾ گوڏا کوڙيو
ويٺوهوندو هو.
طبيب ۽ بيمار شهزاديءَ جي وچ ۾ رڳو هڪڙو نفيس پَٽ جو ڌاڳو هوندو
هو، جنهن جي هڪڙي پڇڙي شهزاديءَ جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل
هوندي هئي، ۽ ٻيءَ پڇڙيءَ تي آڱر رکي طبيب
ٻڌائيندو هو ته بيمار جي نبض جي ڪهڙي حالت هئي ۽
بيماري ءَ بابت اُها ڇا ٻڌائي رهي هئي.
هڪڙي اول درجي جي مرحوم ڊاڪٽر کان ٻڌل ڳالهه آهي ته جڏهن هو
1895ع ۾ انگلينڊ جي هڪڙي ڪاليج ۾ ڊاڪٽري پڙهندو
هو، تڏهن اتي سندن هڪڙي استاد محترم کين جديد
تشخيص جي سکيا ڪيئن ڏني هئي!
هن جِي زبانِي ڳالهه آهي—”منهنجا پيارا نوجوانو“، استاد اسان کي
چوندو هو، ” جي انگلينڊ جي راڻي به بيمارٿي پوي ته
به پهرين چڪاس.... ڇو ته متان ڪا.....“
اهو آهي فرق- وچين اونداهي ۽ جديد روشنيءَ جي دور جي طبي تشخيص
جي طريقن جي وچ ۾.
ساڳئيءَ طرح جيڪڏهن اسين واقعي جديد زماني ۾ رهون ٿا ( جيڪا به،
افسوس، ڪي ماڻهو اڄ ڳالهه قبول نٿا ڪن)، ته سياسي
تشخيص کي به اهڙو ئي جديد ٿيڻو پوندو جهڙو طبي
تشخيص کي.
پاڪستان کي ڪڙي بيماري لڳل آهي؟
هڪڙيءَ تشخيص موجب: ”سياسي تگڙم“ جِي، جنهن کي عام فهم ٻوليءَ ۾
”سياسي ٺڳي“ به چئبو آهي. ڪهڙي قسم جي سياسي ٺڳي؟
بس، هڪڙي مثال سان اها پوري سمجهه ۾ اچي سگهندي.
آمريڪا ۾ هڪڙو شيدي هو، جنهن ڦٽل نَهَوَرَ زمين کي، جنهن مان
ڪجهه به پيدا ڪونه ٿيندو هو، سالن جي محنت ڪري،
پنهنجي پگهر جو پاڻي بلڪ پنهنجو رت ڏيئي، آباد
ڪيو. ۽ اُها نيٺ ڦري بلڪل هڪ باغ بڻجي پيئي.
۽ جڏهن اُن جو طرح طرح جي ميون ۽ ڀاڄين جو پهريون فصل لٿو، تڏهن
ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾ ڀرجي اُهو ڏيکارڻ لاءِ هو پنهنجي
پادري ءَ کي دعوت ڏيئي اُتي وٺي ويو.
”سائين ، هي وڏا وڏا، تازا تازا پٽاٽا ٿيا آهن، سي ڏسو!“
”ابا، شڪر ڪر! مقدس پيءُ پورهئي ۾ توسان گڏ هو.“ پادري ورندي
ڏني.
”۽ بابا ، هي رس ڀريل سهڻيون سهڻيون نارنگيون ڏسو!“
”ابا، شڪر ڪر! مقدس پيءُ پورهئي ۾ توسان گڏ هو.“
” ۽ حضرت بابا، هي چمڪندڙ ڳردار ڊاک جا ڀريل ڇڳا ڏسو!“
”ابا، شڪر ڪر! مقدس پيءُ پورهئي ۾ توسان گڏ هو.“
” ۽ هي مٽ جيڏا هنداڻا ڏسو!“
”ابا، شڪر ڪر! مقدس پيءُ پورهئي ۾ توسان گڏ هو.“
۽ جڏهن نماڻي پورهيت، ادب گذار شيديءَ، پادريءَ کي پنهنجي باغ
جا وڏا وڏا، سرُها سرُها صوف ڏيکاريا، تڏهن
پادريءَ سڳوري، جو اُها ئي هن کي شڪر جي تلقين ڪئي
۽ ”مقدس پيءُ توسان پورهئي ۾ گڏ هو“ جو رڪارڊ
وڄايو، تڏهن ( آخر ڳالهه جي حد هوندي آهي.....)
شيديءَ جي منهن مان لفظن اُٻڙڪو کاڌو:” حضرت
سائين، جڏهن مقدس پيءُ هِن زمين تي اڪيلو مالڪ هو،
تڏهن اِن جي حالت اوهين ڏسو ها!“
هاڻي اسين پاڪستان جي ڳالهه ڏانهن اچون ٿا.
هرڪنهن ماڻهو کي اها خبر آهي ته سڄي هندستان جي مسلمانن چاهيو
ٿي ته پاڪستان وجود ۾ اچي.
خاص طرح 1940ع کان 1947 ع تائين ،هندستان ۾ ايترا ته فرقيوارانه
فساد عمل ۾ آيا، جو پاڪستان جي بانيءَ پنهنجي
تقريرن، تحريرن ۽ پريس ملاقاتن ۾ وري وري اعلان
ڪيو ته جيستائين پاڪستان قبوليو نه ويو آهي تيسين
اُهي هنگاما بند ٿيڻا نه هئا.
اِن مان پوريءَ طرح ثابت ٿيو ته پاڪستان، هندستان جي مسلمانن جي
انساني خواهشن، انساني ڪوششن ۽ انساني تڪليفن جي
وسيلي ئي وجود ۾ آيو- ۽ اُنهن ۾ ٽراونڪور جا چار
في صد مسلمان به اوڙيسا جا ٻه في صد مسلمان به ۽
مئسور جا ڇهه في صد مسلمان به شامل هئا. جن سڀني
مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ پاڪستان لاءِ ووٽ ڏنا، جنهن
لاءِ واعدو هو ته اُهو هندستان جي مسلمانن جو وطن
ٿيندو.
هندستان جي مسلمانن جو وطن پاڪستان- هيءُ واعدو هندستان جي
مسلمانن سان سال 1940ع کان 5 آگسٽ 1947ع تائين
بيشمار موقعن تي ڪيو ويو.
اُن ئي سڳوري ڏينهن تي، پهريون ڀيرو، انهن کي اهو ٻڌايو ويو ته
کين پنهنجي پنهنجي ملڪ سان وفادار ٿي رهڻو هو، جو
”ڪو به ملڪ غدارن کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي“
هي سموران بيان، جي مٿي ڏنا ويا ، اڄ به اُنهن ڏينهن ڇپيل
رڪارڊن ۾ ڏسي سگهجن ٿا، ۽ اُتي اِهي وري پڙهڻ
گهرجن ۽ پڪ ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان سان جيڪا ويڌن
آهي، اُن جا ٻجائتا سبب ڇا آهن.
پوءِ ، 11 آگسٽ 1947ع تي، پاڪستان جي بانيءَ هڪڙي تقرير ڪئي،
جيڪا ڪنهن به نموني مروڙجي ۽ غلط طرح سمجهي نٿي
سگهجي، جنهن ۾ هن پوريءَ وضاحت سان ۽ پوريءَ
پختگيءَ سان واعدو ڪيو ته پاڪستان ۾ دنيوي طور هڪ
جديد جمهوري نظام حڪومت قائم ٿيندو، جنهن ۾ هر هڪ
۽ سڀني شهر واسين جا حق، سندن عقيدي ۽ ايمان جي
فرق جي باوجود، ڪلي طور هڪجيترا ۽ هڪجهڙا هوندا.
هنن ٻن تاريخن جي وچ واري دور ۾، يعني 1940ع ۽ 1947ع جي وچ ۾،
پاڪستان جي بانيءَ پوري زور ۽ اٽل انداز سان اعلان
ڪيو – ۽ هڪ ڀيرو نه، ٻه ڀيرا نه، پر ڪي چوڏهن
ڀيرا- ته ”پاڪستان ۾ مولائيت يا ملائيت جو راڄ،
يعني ٿيوڪرسي ( ملاشاهي) قائم نه ٿيندي.“
اِنهيءَ طرح، گهٽ ۾ گهٽ اُهي جيڪي نئين ٺهيل پاڪستان جا رهواسي
هئا، اُنهن جي دل ۾ اِهو امنگ هو ته سڄي هندستان
جي 95 في صد مسلمان اڪثريت وارن صوبن کان وٺي ٻه
في صد مسلمان اقليت وارن صوبن جي مسلمانن جي ڪوشش
سان، هندستان کان الڳ ڪري بيهاريل پاڪستان ۾،
اُنهن جي پنهنجي جمهوريت هوندي، جنهن ۾ هو جمهوريت
جا عالم آشڪار فائدا وٺندا ۽ اُن جون ڄاتل سڃاتل
رعايتون ماڻيندا.
هنن کي خبر هئي ته اُهو سڀ ڪجهه، يعني اُها سڄي نعمت هنن کي
انساني جدوجهد، انساني خواهش، انساني ڪوشش ۽
انساني تڪليف ۽ قربانيءَ سان حاصل ٿي هئي.
ڪو هڪڙو ملائڪ به اُنهن سڀني انساني قتلامن ۾ ، جيڪي لڳاتار
ٿيندا ٿي رهيا، ڪڏهن خون ٿيندي يا خون وهائيندي
ڏٺو يا ٻڌو ڪونه ويو. |