انسان ئي هئا جن جهد ڪيو، انسان ئي هئا جن ڏک سٺا ۽ انساني ئي
هئا جن پنهنجو مقصد حاصل ڪيو، ۽ انسان ئي هئا جن
تانگهيو ٿي ته هو اُن زمين جا وارث ٿيندا، ڌڻي
ٿيندا ۽ حاڪم ٿيندا، جيڪا سندن ڪوشش سان برصغير
کان ڪورجي الڳ قائم ٿي بيٺي هئي.
۽ اُهي سڀئي انسان- هندو، مسلمان، عيسائي، پارسي،- هندستان توڙي
پاڪسان جا ، ايامن جا ايام، پنهنجن ابن ڏاڏن کان،
مذهب جي ڪامل شيدائي هئڻ سبب، دل جي پوري حضور سان
، پنهنجي خدا کي نه رڳو پنهنجي هن ڌرتيءَ جو، نه
رڳو سڄي نظام شمسيءَ جو، پر هيترن سارن ڳاڻاٽي کان
ٻاهر افلاڪي نظامن ۽ اربين کربين تارن سان جهنجهيل
هن سڄيءَ ڪائنات جو مالڪ مڃيندا ٿي رهيا ۽ مڃيندا
ئي رهن ٿا.
ڪائنات جي هنن بي انت وسعتن ۾ هُنن کي خاص اهڙيءَ ڪنهن خاطريءَ
جي ضرورت ڪانه هئي ته خدا برابر هن اسان جي ڌرتيءَ
جو مختصر ذرڙي جي ڪنهن هڪ جاءِ يا خاص اُن جي ڪهن
هڪ ٽڪري جو مالڪ هو.
اُنهيءَ ڪري، پاڪستان جي بانيءَ جي وفات کان پوءِ، جڏهن پاڪستان
جي فڪر مند شهر واسين کي اسيمبليءَ جي ايوان مان
بذريعي اعلان ٻڌايو ويو ته پاڪستان جا ماڻهو نه،
پر ڪائنات جو مالڪ پاڻ پاڪستان جو ڌڻي هو، يعني
اُهي هر گز نه، جن اُن لاءِ جهد ڪيو هو، ڏک سٺا
هئا ۽ خون ڏنو هو- ته هُنن لاءِ اهڙي هڪ حيرانيءَ
واري صورتحال پيدا ٿي پيئي، جيڪا نه هو قبولي ٿي
سگهيا نه اُن کان هو ڪو انڪار ئي ڪري ٿي سگهيا.
اُن جو انڪار هو ته ان ڪري نٿي ڪري سگهيا، جو اهڙي انڪار جي
معنيٰ سنئون سڌو ڪفر هو- ڇو ته ڪو به سچو مسلمان
پنهنجي ايمان جي بنياد کان انڪار جي همت ڪري ئي
نٿي سگهيو.
۽ اُها ڳالهه سڄي جي سڄي قبولجي به نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته اصل
ڳالهه کي اُن جي معنيٰ واري دائري مان ڪڍي ڪري ،
اُن وسيلي پاڪستانين کي سندن محنت جي ثمر کان
محروم ڪرڻ لاءِ رڳو دم ۾، ڌئونس ۾ ۽ ڌاڌر ۾ رکيو
ٿي ويو- ۽ سندن محنت جي سڄي اُن ثمر کي خدا جي پاڪ
نالي جي اوٽ ۾، پوريءِ طرح اُنهن سياست ڪارن جي
حوالي ڪيو ٿي ويو، جيڪي اُنهيءَ انگ جي استعمال
سان کين يعني پاڪستان جي جمهور کي جمهوريت کان
محروم ڪري رهيا هئا ۽ اُن لاءِ اُهي خدا جو نالو
بيجا وچ ۾ آڻي، پاڪستان جي جمهور جِي اُن ڳالهه جي
سلسلي ۾ زبان بندي ڪري رهيا هئا- ڇو ته اُن سلسلي
۾ ڪا به احتجاجي لب ڪشائي پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني
مسلمانن جا جذبات مجروح ڪري ٿي سگهي.
۽ اُن لاءِ، آڪڙجي ۽ اڳتي وڌي، پاڪستان کي خدا جي ملڪيت سڏيو ٿي
ويو- ڄڻ باقي سڄي ڪائنات خدا جي ملڪيت ئي نه هئي!
۽ اُها سڄي ساري ڳالهه ڪا طفلپڻي جي ڳالهه ڪانه هئي، بلڪ اِها
ته بلڪل ان جي اُبتڙ ڳالهه هئي، ڇو ته خدا جو
نالو، پاڪستان جي واحد ملڪ جي حيثيت ۾، وچ ۾ آڻڻ
جي معنيٰ هيءَ هئي ته خدا پاڻ ته سڌيءَ طرح ڪنهن
ملڪ تي حڪومت ڪندي ڏٺو ڪونه ويو آهي، ۽ ضرور ڪنهن
انساني وسيلي سان ائين ٿيڻو آهي، انهيءَ ڪري
ڳالهه بلڪل صاف هئي ته اُهي ماڻهو جن ڳوڙها ڳاڙي،
محنت ڪري، رت ڏيئي، پاڪستان حاصل ڪيو هو- اُهي نه
پر فقط اُهي جن خدا جي نالي ۽ اُن جي قبضيداريءَ
جي دعوا ٿي ڪئي، اُهي اُن ۾ حڪمراني ڪندا.
ڳالهه جي انهيءَ وٽ سان پارليماني جمهوريت جو خيال ته پهرينءَ
ئي پڇنڊ ۾ بنهه واءُ ٿي ويو، ۽ اهڙو اظهار بلڪل
انهيءَ صورت ۾ اسيمبليءَ جي ڪن ميمبرن بروقت اٿي
بيهي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ به ڪيو هو. ۽ اُن دور ۾
ڇپيل اسيمبليءَ جي ڪارگذارين ۾ اِها روئداد اڄ به
پڙهي سگهجي ٿي.
اسيمبليءَ ۾ جڏهن قراداد مقاصد بحث هيٺ هو، تڏهن اُن بابت
مخالفن طرفان خيال ظاهر ڪيو ويو هو ته ان جي پاس
ٿيڻ سان يوناني ڏند ڪٿا واري ” پنڊورا جي پيتي“
کلي پوندي، جنهن ۾ بند ته ”آخري اميد“ هئي پر کلڻ
سان بني نوع انسان کي تهه و بالا ڪرڻ لاءِ ”انساني
خواهشون“ اُن مان ٻاهر نڪري آيون هيون. بهرحال،
اُهو قرارداد پاس ٿيو، جنهن ۾ صاف سڌن لفظن ۾ ته
نه پر لاڳو مراد جي خيال کان فيصلو صادر ٿيو ته
پاڪستان جو نظام حڪومت ”ٿيوڪريسي“ رهندو، جنهن ۾
حڪمراني ملڪ جي جمهور جي نالي ۾ يا ٻئي قسم جي
حڪومتي نظام هيٺ نه هلندي، پر اُها هڪ اهڙي حڪومت
هوندي، جا خدا جي نالي ۾ هلندي.
جئين ئي هيءُ ”قرارداد“ پاس ٿيو، ملا دنيوي تخت تي ويهڻ لاءِ
تحرڪ ۾ اچي ويا. اُنهن بلڪل صحيح طور چيو ته صدين
کان ۽ نسلن کان خدا جي راهن جا ماهر ۽ عارف هو هئا
۽ نه سياستدان، جن کي اُن پٽ جي هيٺ مٿانهين جي
ڪابه خبر ڪانه هئي.
۽ جئين ئي اُها دعوا کليءَ طرح سياست جي داءُ تي آندي ويئي،
تيئن ”قرارداد مقاصد“ جي سياسي پيشڪارن کي جهٽڪو
محسوس ٿيو ۽ هو، حيرت جي ٽٻيءَ مان نڪرندي ئي،
باني پاڪستان جي بيانن کي غوغائڻ لڳا ته ”پاڪستان
۾ ملاشاهي
(Theocracy)ڪانه هلندي.“
اُنهن مان توڙي اُنهن جي ٻين پيروڪارن مان ڪنهن کي اِنهيءَ سوال
ڪرڻ جي همت ڪانه ٿي ته ”قرارداد مقاصد جي سڄي
مضمون جي روشنيءَ ۾، پاڪستان ۾ سواءِ ملاشاهيءَ جي
ٻي ڪهڙي شاهي هلندي؟“
اِنهيءَ طرح، هڪ پاسي،پاڪستان جي بانيءَ جو روڪ ٽوڪ بيان ته ”
پاڪستان ۾ ملاشاهي ڪانه هلندي“ کوٽِي سڪي وانگر رد
ڪيو ويو، ته ٻئي پاسي اُهو ساڳيو سڪو قرارداد
مقاصد جي واضح حامين کي خاموش رکڻ لاءِ زور شور
سان کڻڪائبو رهيو.
ملن کي ٻين به گهڻن رستن سان خاموش رکيو ويو، ۽ ساڳئي وقت، خاص
طرح لاهور جي مشهور، ”بئلٽ باڪس کاٽ“ يعني ووٽن جي
پيتين جي تالاشڪنيءَ کان پوءِ اُنهن ماڻهن جا
حوصلا به پست ٿي ويا، جيڪي پاڪستان ۾ جمهوريت جي
قائم ٿيڻ جون دل ۾ اميدون رکيو ويٺا هئا.
۽ ان ۾ ڳالهه جو واڌارو هيءُ ٿيو، جو رٿيل چونڊون هٽايون ويون ۽
وزيراعظم پورا پنڌرهن پورٽ فوليا ڇڪي خاص پنهنجي
قلمدان وزارت جي گوڏي هيٺ رکي ڇڏيا ۽ باقي وزيرن
کي سڄو وقت سندس منهن ۾ ڏسڻ ۽ ”ٻڌوسون ۽ مڃيو سون“
جي اسم وفاداري اُچارڻ لاءِ ويهاري ڇڏيو.
ان ”اعظم وزير اول“ جي من ۾ ملڪ جي مستقبل جون ڪهڙيون رٿائون
هيون، اُهي معلوم نه ٿي سگهيون، جو اُنهن جو هن ڪو
رڪارڊ ڪونه ڇڏيو هو، پر ڏٺو ويو ته حالتن کي
ايترقدر ابتڙ ۽ منجهيل ڇڏي ويو، جو سندس قتل کان
پوءِ جڏهن سياستدان گورنر جنرل پنهنجي اوچي گادي
تان لهي اچي وزيراعظم ٿيو، تڏهن هُن پاڻ کي ايتري
ته خرخسي ۾ ورتل، محسوس ڪيو، جو هو بنهه وائڙو پئي
لڳو ۽ پاڻان تار پاڻيءَ مان غوطو کائي نڪتل
ماڻهوءَ وانگر سندس حواس ساڻ ڪونه هئا، ۽ ائين
نوڪر شاهيءَ جي هڪ فرد کي جيڪو ڀڙڪو ڏيئي وڃي
گورنر جنرل بڻيو هو، هن کي ٻانهن مان جهلي
وزيراعظميءَ تان لاهي پري ڦٽي ڪرڻ جو وجهه ملي
ويو.
پاڪستان جي هوشمند ماڻهن لاءِ هيءَ ڳالهه آسماني ڌماڪي کان گهٽ
ڊيڄاريندڙ ڳالهه ڪانه هئي، اُن سان سندن دل جون سڀ
آئيني واڌاري جون اُميدون مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي
ويون، ۽ جنرل اسڪندر مرزا لاءِ مارشل لا کي نافذ
ڪرڻ جي راهه نڪري آئي. اُن کان پوءِ ”ضرورت جي
قانون“ جنرل ايوب کي سهارو ڏنو ۽ هو اسڪندر مرزا
کي ڪلهو هڻي، پري هٽائي، پاڻ اقتدار جي گاديءَ تي
سوار ٿي ويهي رهيو.
جنرل ايوب جي ڪارگذارين مان ائين محسوس ڪيو ويو ۽ معلوم ٿيو ته
هُن صاحب پاڪستاني سرزمين جي رهواسين کي انگريزن
کان اڳ وارا ڏينهن اکئين ڏيکارڻ ٿي گهريا ۽ ڏيکاري
به ڇڏيا.
پر جمهوريت جو جيڪو ڪارٽون هن بنيادي جمهوريت عرف ”بيسڪ
ڊيموڪريسي“ عرف ”بي- ڊيءَ،“ جي شڪل ۾ عالم آشڪار
ڪيو، تنهن کليو کلايو اِها ڳالهه ظاهر ڪئي ۽
ڏيکاري ڇڏي ته ماڻهن کي آبرو منديءَ سان آزاد رهڻ
جي موقعي ۽ بي روڪ جمهوريت جي حق کان سِڪائڻو هجي
ته ڪيئن سڪائجي.
پوءِ، وچ ۾، هڪ موقعي تي ، ايوب خان جا دشمن بيمار ٿي پيا! ان
صورت ۾ به پاڪساتن جي تڏهوڪي رائج آئين مطابق،
قومي اسيمبليءَ جي پريزيڊنٽ کي رياست جي عارضي يا
عبوري سربراهه طور حڪومت جو ڪم هلائڻو هو.
۽ جي ائين ٿئي ها، ته به پاڪستانين کي ڪجهه تسلي ٿئي ها، ته
مشڪل ۽ نازڪ حالت ۾ ئي سهي، سندن پنهنجي چونڊيل
شهرين مان به ڪو هڪڙو رياست جو سربراهه ٿي سگهيو
ٿي، ۽ اِنهي طرح، پاڪستان جو اُهو آئين کڻي ڪيترين
به عجوبائي ڳالهين سان ڀريل هو، پاڪستان ۾
جمهوريت جو وري به ڪو نه ڪو جز يا نشان موجود ضرور
هو.
سو هڪ موقعي تي، اتفاق سان، جڏهن ايوب جا دشمن بيمار ٿي پيا،
تڏهن قومي اسيمبليءَ جي پريزيڊنٽ کي رياست جي
عارضي صدر بنائڻ بدران ، هن کي مرڳو هوائي جهاز ۾
وجهي زوريءَ مڪي شريف جي زيارت لاءِ موڪليو ويو ته
عمري جو ديني فرض بجا آڻي، ثواب دارين حاصل ڪري! (
صدين جي جهونيءَ تاريخ ۾ هيءُ سچ پچ ته پهريون
موقعو هوندو جڏهن ڪنهن شخص کي سندس پنهجي مرضيءَ
کان سواءِ بلڪ ان جي بنهه برخلاف هوائي جهاز ۾
چاڙهي، حج تي موڪليو ويو هجي.)
جيڪڏهن هن موقعي تي جڏهن آئيني طور حقدار پريزيڊنٽ ملڪ کان ائين
ٻاهر هو، نگريءَ بيماريءَ ۾ ورتل ايوب خان اتفاق
سان مري پوي ها ۽ ”تخت“ خالي ڪيو وڃي ها، ته ملڪ
جي ۽ ملڪ جي آئين جي ڪهڙي نئين صورتحال پيدا ٿي
پوي ها—ان ۾ پنهنجي پنهنجي طور هرڪو اندازو لڳائي
سگهي ٿو.....
اُن حالت ۾ شايد اُن هوائي جهاز ۾ ويٺل، زور اڳيان زاري ڪندڙ،
حاجي سڳوري جي منزل اڃان اڳڀري مغرب طرف، ڪنهن ٻئي
هنڌ هجي ها، بشرطيڪ اُن حالت ۾ پنهنجي آئيني
جانشينيءَ جي فرض ادائيءَ لاءِ اڃا به هو پوئتي
موٽڻ جو ارادو يا ڪو خيال ڏيکاري ها.
بهرحال هن واقعي مان سڀني پاڪستانين هيءُ سبق ورتو ته کين
خاطري ٿي ويئي ته ايوب اُنهي اقدام سان جمهوريت
لاءِ ڪا پنهنجي پيشه ورانه بيزاري ۽ بڇان ٿي
ڏيکاري، ۽ هو پاڻ يعني پاڪستان جو جمهور پنهنجي سر
ان سلسلي ۾ ڪجهه ، به ڪرڻ کان لاچار هو.
آخر ڪار، جڏهن وڏي مخالفت جي طوفان کانپوءِ ايوب کي تخت تان
لهڻو پيو، تڏهن به هن ويندي ويندي جمهوريت لاءِ
پنهنجي حقارت جو اظهار ائين ڪيو، جو رياست جو
اقتدار ماڻهن جي چونڊيل عيوضيءَ يعني اسيمبليءَ جي
پريزيڊنٽ جي هٿ ۾ ڏيڻ بدران ٻئي هڪ پاڻ جهڙي
عملدار جي حوالي ڪندو ويو، جيڪو هُن وانگر مارشل
لا جي رٿ تي سوار ٿي، اقتدار جي تخت تي اچي
براجمان ٿيو.
جڏهن يحيٰ خان جو به، ملڪ جي ڀڄي ٻه اڌ ٿيڻ کان پوءِ صدارتي
ڪرسيءَ کي ڇڏڻ جو وقت آيو، تڏهن هن کي واقعي مجبور
ٿي، اقتدار باقي رهيل پاڪستان جي هڪ عوام جي
چونڊيل عيوضيءَ کي ڏيڻو پيو.
۽ پوءِ سڄي ملڪ جي جمهوريت دوست حلقن اُن شخص کي پنهنجي اجهل
اميدن جو مرڪز بڻايو ته هو ملڪ ۾ جمهوريت جي
بحاليءَ ۽ استحڪام جي ڪم کي اُن نقطي کان هٿ ۾
کڻندو، جتي پاڪستان جي بانيءَ اُن کي ڇڏيو هو. پر
مسٽر ڀٽي، ترت ئي، بلوچستان ۽ سرحد جي مقبول عام
صوبائي، حڪومتن کي زوري ءَ ختم ڪري ثابت ڪري
ڏيکاريو ته هن کي جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه سان ڪو وير هو
ته اُهو جمهوريت سان هو.
سو، جيڪڏهن ”ماڻهو رڳو مانيءَ لاءِ ڪونه ٿو جيئي“ ۽ جيڪڏهن
”آبرومندي ۽ عزت ئي سڄيءَ اسان جي ڳالهه جا موضوع
آهن“، ته پوءِ اسين ڏسي ٿا سگهون ته ملڪ جي سياسي
تاريخ ۾ هي سمورا سال اهڙو ڪو ڪارنامو نظر ڪونه ٿو
اچي، جنهن تي بجا طور ڪو ناز يا فخر ڪري سگهجي.
جيڪڏهن هڪڙي شخص جمهوريت کي ماريو، ته ٻيو ان کي قبرستان کڻي
ويو، ٽئين اُن جي قبر کوٽي، چوٿين اُن کي دفن
ڪيو، ۽ پنجين اُن تي بيهي ختمو پڙهيو.
هن سڄي ڊگهي کيل ۾ اوهين ۽ ٻيا اڪثر پاڪستاني محسوس ڪندا رهيا
ته اسان سان ڪيل واعدا، اسان جون اميدون ۽ اسان جا
اوچا خيال- ته اسين جمهوري نظام حڪومت ۽ جمهوري
نظام زندگيءَ ۾ رهنداسون- سي سڀ ڪيڏانهن ويا؟ ۽
ڏسندي ڏسندي، شهريت جي دنيا ۾ اسان جي حيثيت اُها
وڃي رهي، جو ”نه اُٺ رهياسون نه پکي“، ۽ رڳو پڇندا
ئي رهيا سين؛ ” ڇا، اسان جو سودو هيءُ هو؟ “ ۽ ان
جو جواب پڙاڏو بڻجي، سو ئي اسان جي ڪنن تي پوندو
رهيو- ” ڇا، اسان جو سودو هيءُ هو!“
اوهين پاڻ ئي ڏسو، ڌيان سان، سنجيدگيءَ سان، ذاتي جذبات کي ڇڏي،
انصافي انصاف سان، ته ڪهڙي هيءَ سڄي اسان جي
پاڪستان جي تاريخ رهي آهي!
ڇا؟ اِها رڳو زنجيرن تي زنجيرن جي ڪهاڻي ڪانهي! زنجيرن تي زنجير
۽ اُنهن زنجيرن تي ٻيا زنجير؟ ڪو آئين اڃا پاس ئي
مسو ٿيو آهي، آئين اڃا موجود ئي آهي، خود
اسيمبليءَ اُها ئي هلي رهي آهي، ته آرڊيننس تي
آرڊِيننس آهن، جي سدائين ڳڙن جي مينهن وانگر وسي
رهيا آهن.
جيڪڏهن ملڪ تي حڪمراني آرڊيننسن وسيلي ٿيڻي هئي، ته آئين جي
ڪهڙي ضرورت هئي، اسيمبليءَ جي ڪهڙي ضرورت هئي ۽
ايوان بالا ۽ ايوان زيرين، ميمبرن، سينيٽرن ۽
جمهوريت جي هيڏي ٻئي ساز سامان ۽ چک مک جي ڪهڙي
ضرورت هئي- سواءِ هن جي ته جمهوريت کي جهان جي هڪ
ڪُڪرمي، وڻواند ۽ لوٺي رن ڪري پيش ڪرڻو هو، ته
جيئن ماڻهو اُن تي کلن ۽ اُن سان نفرت ڪن!
۽ هِنن آرڊيننسن جو معجزو وري هي آهي ته اُهي سدا حيات آهن-
حالانڪ جمهوريت ۾ ( سا به لاچاريءَ جي حالتن ۾ )
اُنهن جي زندگيءَ جي مدت فقط ڇهه مهينا هوندي آهي!
هتي جيسين ڪا موجود حڪومت آرڊيننس پاس ڪندي رهندي،
تيسين اُن جي جانشينيءَ جي دعويدار حڪومت ( نام
نهاد مخالف ڌر) مون سان، اوهان سان، واعدن تي
واعدا ڪندي رهندي ته اقتدار سنڀاليندي ئي پهريون
ڪم جيڪو هوءَ ڪندي، سو اُنهن ”نفرت انگيز
آرڊيننسن“ کي رد ڪرڻ هوندو!
۽ اقتدار جون واڳون وٺندي ئي، اُهي ساڳيا ” نفرت انگيز“ آرڊيننس
اُن آرڊيننس دشمن حڪومت لاءِ پورا پورا مقوي ۽ روح
کي راحت ڏيندڙ لقما بڻجي ويندا، ۽ اُهي ڪٿي ٿورا
ثابت نه ٿي پون ۽ پاڻ کي هيڪلو محسوس نه ڪن، ٻه
چار وڌيڪ ۽ پوءِ انهن کان وڌيڪ، ۽ اڃا انهن کان
وڌيڪ پاس ٿيندا رهندا ۽ اڳين آرڊيننسن سان گڏجي
موج ڪرڻ لاءِ اُنهن سان رلائي ڇڏبا ته جيئن ڌڻ
وڌندو رهي.
هيستائين ته ڪو به آرڊيننس رد ڪونه ٿيو آهي- جنهن مان ثابت
ٿيندو پئي آيو آهي ته هر ڪا جانشين حڪومت پنهنجي
پيشرو حڪومت جي هر آرڊيننس سان نه رڳو متفق پر ان
جي ولديت ۾ به پاڻ کي حصيدار پئي رکيو آهي.
هن نسل بنسل شجرائي سلسلي جي مثال طور، هڪ سڀ کان بدترين
آرڊيننس يعني پريس آرڊيننس، کي پيش ڪري سگهجي ٿو،
جنهن مان هيءَ ڳالهه به ظاهر ٿيندي ته محڪوم خلق
حاڪمن جي نفرت ۽ خوف جو ڪيتري قدر نه دائمي نشانو
رهي، ۽ انهن جي هٿان ڪيئن نه ان کي زنجيرن تي
زنجير پهرايا وڃن ٿا.
جيڪڏهن ”مڃو نه مڃو“ ڪتابي سلسلي جي مصنف، مسٽر رپلي، کي اُن جي
خبر پوي، ته ضرور اسان جي پريس آرڊيننس کي پنهنجي
ان سلسلي ۾ شامل ڪري ڇڏيندو، جنهن جو اعتبار ۾ نه
اچڻ جهڙو هڪڙو قلم هيءُ به آهي ته پريس جو مالڪ
ڪجهه ڇاپي، ان جي سزا ۾ اُن جو جلد بند به جيل ۾
وڃي سگهي ٿو!
زنجيرن تي زنجير- افسوس اِها انهن ماڻهن جي اڄ تقدير بڻيل آهي،
جي آزاديءَ لاءِ وڙهيا، جن آزادي کٽي، ۽ کٽڻ سان
ئي اُها وڃا ئي ويهي رهيا.
يهوداه
Judas
صليب تي ڪيئن چڙهيو؟
”پر اُهو تنهنجو مسيح ڪٿي آهي؟“
”مون کي ڪهڙي خبر؟ مون ته اُهو اوهان کي ڏيکاريو. منهنجو ڪم
اُتي پورو ٿيو.“
”هائو، تو هن کي ڳل تي چمي ڏيئي اسان کي ڏيکاريو ته هو اُهو
آهي. پر ائين ڪندي، تو هن جي ڪن ۾ ضرور اهڙي ڪا
ڳالهه ڪئي آهي! نه ته هو ائين ڪيئن گم ٿي وڃي ها!
هاڻ هو اسان کي ڳولي به تون ڏي--.“
”پر، اِهو ڪو قانون ڪونهي. پنهنجي شيءَ قابو ڪريو، ڏوهه ڪنهن کي
نه ڏيو! مون اوهان کي اُهو ڏيکاريو، منهنجو سؤدو
اوهان سان پورو ٿيو. هاڻي، هو جو گم ٿي ويو آهي،
ته اُن ۾ منهنجو ڇا؟ منهنجي سؤدي پوري ٿيڻ کانپوءِ
هو گم ٿيو آهي—اُن کان اڳ نه .“
”اِها ئي ته تنهنجي چالاڪي آهي! ۽ هو گم به ته اِئين ٿيو آهي!
تو اسان کان گينيون ورتيون ته پنهنجي گودڙي پوشن ۾
تون اسان کي هو ڏيکاريندين. پيسن وٺڻ کان پوءِ تو
هڪڙي ڪنهن گودڙي پوش کي وڃي چمي ڏني ته اُهو مسيح
هو، جنهن جي اسان کي ڳولا هئي. پوءِ اسان اُهو
ماڻهو جهليو، جيڪو تو چيو ته مسيح آهي، ۽ هن تي
ڪيس هلائي، فتوا ڏيارائي، نيئي هن کي بند ڪيوسين.
۽ هاڻي ڇاهي؟ ڏس! لاڪ اَپ خالي پيو آهي! ۽ اسان جي
رومن سپاهين کي اُتي هو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. مسيح
اتان گم ٿي ويو! هاڻ، اسان کي ٻڌاءِ ته هو ڪيڏانهن
ويو؟ تو هن کي چمي ڏيندي، ۽ اسان کي ڏيکاريندي، هن
سان ڪن ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي، اُها ڪهڙي ڳالهه هئي؟
اُها اسان کي ٻڌاءِ، ۽ پنهنجو رستو وٺ!“
” مون هن جي ڳل کي چمندي، هن سان ڪابه ڳالهه ڪانه ڪئي!“
”اِها آکاڻي ٻارن کي ٻڌاءِ! اِها اُنهن کي وڻندي ۽ چوندئي ته
ٻيون به اهڙيون ٻڌاءِ! هاڻ، سر جو خير گهرين ته
ڏوهه مڃ!“
” مان اوهان کي ٻڌائي به ڇا ٿو سگهان؟ مون کي ڪا خبر ڪانهي. هو
جي گم ٿي ويو آهي ته مان اُن لاءِ ڪيئن ذميوار
ٿيس؟“
رڳو اوهين ٻه ئي نه آهيو، جيڪي اسان سان اهڙي چالاڪي ٿا ڪريو.
اوهان کان اڳ گهڻن ئي اسان سان اهڙيون چالاڪيون
ڪيون آهن. پر اجايون. تون به هِن سڄيءَ چالاڪيءَ ۾
هن جو جوڙيوال آهين! تو کي خبر ڪانه هئي ته مسيح
غيبي ماڻهو هو؟ تنهنجي مراد ئي هئي اسان مان پئسا
ڪڍڻ، اُهي پوءِ اوهان سڀني پاڻ ۾ ورهائي کنيا!
اسان کي سڄي خبر آهي ۽ تو کي به اجها ٿي خبر پوي!
هو هتي هن لاڪ اپ ۾ هو. تون پاڻ ڏس، لاڪ اپ خالي
آهي ۽ هو هتان گم ٿي ويو! چڱو، هاڻ، تون ئي اِتي
وڃي ويهه! هل، ٿيءُ اندر! ڪجهه تو کي به خبر پوي
ته لاڪ اپ ڇا آهي...... هاڻي ٻڌاءِ، ڪن ۾ هن کي تو
ڇا چيو؟ ڪيڏانهن ڀڄائي ڇڏيئيس؟ نه ته رڳو پوءِ تو
کي ئي ڇڪي ٿا اُتي هلون جتي سيزر جي نائب، پلاٽس،
جي حڪم تي هن کي وٺي ٿي وياسون.“
” ڇا، صليب تي! مون کي ! او وو..... مسيح، مسيح، مسيح، تون
ڪيڏانهن هليو وئين؟ ڪٿي گم ٿي وئين! ڪيئن گم ٿي
وئين! هتي مون کي کڻي جهليو اٿن! اڄ تنهنجي بدران
اُڃ ۾، بک ۾، مان پيو مران! او مسيح، تون ڪٿي
آهين؟ صليب تي ٽنگڻ لاءِ مون کي ٿا وٺيو وڃن! هو
اچن پيا...... اچن پيا! هنن جي پيرن جا کڙڪا پيو
ٻڌان. او مسيح! مان ته هاڻي چريو ٿي پوندس!“
” پهرين تون اسان کي ٻڌاءِ مسيح ڪٿي آهي؟ پوءِ ڀلي چريو ٿيءُ!
هاڻي وري هيءَ ٻي ٿو اسان سان چالاڪي ڪرين! پر
وڌيڪ تنهن جي چالاڪي اسان وٽ ڪانه هلندي. ٻڌاءِ
اسان کي، مسيح ڪٿي آهي؟ نه ته کڻ اِها صليب،جيڪا
هن ٿي کنئين، ٿيءَ اڳيان ! هو ته ڀڄي ويو، پر تون
اسان کان ڪونه ڀڄندين. اِهي چپن ۾ ڀڻڪاٽ ڪرڻ ڇڏي
ڏي. وڌيڪ رڙيون نه ڪر. اِهي ٺڳيءَ جا ٺاهه هاڻي ڪم
نه ايندئي.“
” پر، جي هو لاڪ اَپ مان نڪري، ماڻهن جي دلين ۾ گم ٿيو آهي،۽
اُتي وڃي ويٺوآهي، ته اُن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! آءُ
ڇو صليب تي چڙهان؟ سيزر جو ته هو دشمن هو! آءُ ته
ڪونه آهيان.“
”هان ن ن..... سيزر جي دشمن کي ڀڄايئي، ۽ تون سيزر جو دشمن
ناهين! ڀلا ٿَئي چالاڪ! صليب تي ڀلا ڪنهن کي
چاڙهيون؟ صليب کي ته خالي رهڻو ڪونهي. هو نه، ته
تون! ڪنهن کي ته صليب تي ضرور چڙهڻو آهي. مسيح کي
نه ته يهوداه کي . سبب ڀل ٻيائي هجن. ڳالهه جي
اِنهي وٽ ۾ صليب جو ڇا؟ سوال آهي ته ڪير ٿو ڪنهن
کي صليب تي چاڙهي! ۽ هاڻي وَرَ ۾ تون آهين......“
جمهوريت به هڪ ذهنيت آهي
پَرَ هَترائيءَ
(Sadism)۽
آتم هَترائيءَ
(Masochism)وانگر
لوڪ شاهي يا جمهوريت به هڪ ذهنيت آهي. جيڪو ماڻهو
پر هترائيءَ جو شڪار هوندو آهي، اُهو ٻين (ماڻهن
) کي ايذاءُ ڏيندي ۽ چيچلائيندي خوشي محسوس ڪندو
آهي.
ڪي نفسيات جا ماهر چون ٿا ته ڪي ڇوڪرا، جو ڏسبو آهي ته گهرن ۾ ۽
گهٽين ۾ ڪتن ۽ ٻلين کي پسرائيندا ۽ ايذائيندا
رهندا آهن، اُنهن ۾ اُهي اُنهيءَ پرهترائيءَ جا
نشان هوندا آهن، ۽ هو ڪڏهن ڪڏهن هڪٻين کي به
اُنهيءَ پرهترائيءَ جي اثر هيٺ ئي ستائيندا ۽
چيچلائيندا آهن.
جڏهن اُنهن مان ڪو هڪڙو اُن ۾ حد لنگهي ويندو آهي، ته اُن کي
بُلي
(Bully)
يا دڙٻاٽي چوندا آهن، ۽ جيڪڏهن اُهو وقت اندر سڌري
نه سگهيو، ته وڏو هڪ خطرو بنجي پوندو آهي.
۽ جيڪڏهن حالتون هُن لاءِ وڌيڪ ساز گار هونديون ته هو تاريخ جو
وڏو قهار بڻجي سگهي ٿو ۽ وقتي اُن جو رخ به بدلائي
سگهي ٿو.
جڏهن تيمور کي چيو ويو ته پنهنجي فتوحات ۾ هن گهٽ ۾ گهٽ
پنجٽيهه لک مسلمان ماريا هئا، ته هن کي ايترو
ارمان ٿيو، جو پڇتاءُ ڪندي هن قسم کنيو ته هاڻي هو
پنجٽيهه لک ڪافرن کي ماريندو! ۽ هن پوءِ فورن چين
تي حملي جون تياريون ڪيون، پر جلد ئي پاڻ مري پيو.
ساڳيءَ طرح چنگيز کي پنهنجي حملن ۾ بستين، ڳوٺن، شهرن ۽ سڀيتائن
کي نابود ڪندي، بيحد خوشي ٿيندي هئي، ۽ مسلم تهذيب
جو جيڪو هن حال بڻايو هو، سو پنهنجي دائميت جي
خيال کان ڏاڍو هڪ هولناڪ نقصان هو.
تاريخ نويس ٻڌائين ٿا ته بغداد جي گهٽين جون ڪسيون عالمن ۽
فاضلن، اديبن ۽ سائنسدانن، ۽ ٻين اهڙن تهذيب جي
خادم شخصن جي رت سان ڀرجي پئي وهيون.
جڏهن چنگيز خان جو هڪڙو پٽ هڪڙي شهر کي گهيرو ڪندي مارجي ويو،
ته هو غصي ۾ اهڙو ته تپي باهه ٿي ويو، جو ڪنهن
هڪڙي کير پياڪ ٻار کي به هن اُتي جيئرو نه ڇڏيو، ۽
شهر کي ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيائين- ڄڻ ته شهر جي
بچاءَ ڪندڙ ماڻهن هن جي پٽ جو ناحق خون ڪيو هو، ۽
اُنهن کي پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي ٻارن جي بچاءُ ڪرڻ
جو ڪو حق ئي ڪونه هو!
ساڳيءَ طرح، جڏهن نيپولين جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي صغير ٻالڪ جي
مورت ڏٺي، جيڪا سندس ڏسڻ لاءِ ٻار جي ماءُ ڏانهس
موڪلي هئي، تڏهن هُن جا ڳوڙها ٽمي پيا ۽ دانهن ڪري
چيائين ته ”کڻي وڃو هِن کي هِتان! ههڙيءَ ڪچڙيءَ
وهيءَ ۾ هِن لاءِ جنگ جي ميدان کي هيئن ڏسڻ ٺيڪ
ناهي.“ ( ڄڻ اُها مُورت مُورت نه هئي، پر سندس
جيئرو جاڳندو ٻار پاڻ هو.)
سڀني پَرَ هَترَو ماڻهن جي اِها روش هوندي آهي. جڏهن اُهي ٻين
کي ڏکوئيندا ۽ ايذاءُ ڏيندا آهن، ۽ انهن کي موت ۽
برباديءَ جو نشانو بڻائيندا آهن، تڏهن هنن جي اندر
۾ ڪو به انساني احساس موجود ڪونه هوندو آهي.
پر جڏهن خود مٿن ٿوري به ڪا تڪليف يا کين ٿورو به ڪو ايذاءُ
ايندو آهي، تڌهن هو- بادشاهه هجن يا حجام هجن- پر
ائين سمجهندا آهن ڄڻ ڪو سڄو آسمان مٿن ڪري پيو
آهي.
هڪڙي ڪنهن پر هترو حجام تي هڪڙي ڪنهن بادشاهه جو ڏاڍو اعتبار ۽
اعتماد ويهي ويو.
جڏهن به بادشاهه هن کان پنهنجي ملڪ جي صورتحال بابت پڇندو هو،
جيڪا ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي ويئي، ته حجام
ڏاڍيءَ چترائي سان بادشاهه کي چوندو هو ته ”سڀڪجهه
ٺيڪ آهي، حضور!“
”پر منهنجا وزير ته شڪايت ٿا ڪن ته حالتون ٺيڪ نه آهن؟“ بادشاهه
چوندو هو.
”حضوراعليٰ، حضور جا وزير حضور کي خوامخواهه پريشان ٿا ڪن. ملڪ
۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون پيون وهن، ماڻهو آرام ۾
آهن ۽ خوش آهن، ۽ حضور کي ڏينهن رات دعائون پيا ڪن
۽ حضور جي طاقت ۽ حشمت جي خوف کان حضور جي دشمنن
جي ننڊ حرام آهي، ۽ حضور جي جاهه ۽ جلال جي رعب
تاب ۾ هو ڏڪي رهيا آهن.“
هيءُ ٻڌي، بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ۽ اُن پرهترو ڪُوڙي کي
هَوَ سون جِي انعام ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو، جيڪا هو
ڏاڍي ڌيان سان پاڻ وٽ گڏ ڪندو ويندو هو، تان جو گڏ
ٿيندي ٿيندي، هن وٽ ڪڪڙ جي آني جيترو سون گڏ ٿي
ويو- ۽ هو اُن سون جي آني جي هر رات، لوڪ سُتي،
اُٿي، پوڄا ڪندو هو.
”ملڪ تباهيءَ جي کڙهه تي پهچي ويو آهي، ۽ بادشاهه سلامت هن
پرهترو حجام تي ڀاڙيو ويٺو آهي ۽ ٻڌي ٿو ته به رڳو
هن کي- مهرباني ڪري ڪا اسان کي واٽ ڏيکار ته ڇا
ڪرڻ کپي؟“ ڪن وطن دوست ماڻهن هڪڙي ڏاهي پيرسن وزير
سان صلاح ڪئي، جيڪو پاسو ڏيئي پري ٿي وڃي ويهي
رهيو هو.
”هڪڙي ڪنهن هاتڪ چور کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو!“ ڏاهي شخص انهن کي
چيو. ۽ پوءِ جڏهن هاتڪ چور هن وٽ آيو، تڏهن پاسيرو
ويهاري، هن جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏنائين-”انهي پرهترو حجام
جو اِهو سونو آنو ڪٿي ’هڪ –ٻه – ٽي‘ ڪري ڇڏ!“ ۽
اُن رات جيئن ئي پرهترو حجام ڏٺو ته سونو آنو،
جنهن ۾ سندس ساهه هو، وٽس ڪونه هو، ته هو ڇتو ٿي
پيو، ۽ سڄي جو سڄو پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري آيو،
۽ وٺي بادشاهه سلامت جي خوابگاهه ڏانهن ڊوڙ
پاتائين، ۽ اتي بيهي رڙيون ڪرڻ لڳو: ”حضور، حضور،
دشمن دروازي تي پهچي ويو! ماڻهو بک ۾ پاهه پيا
ٿين! ملڪ کي وبا وچڙي ويئي آهي! ننڍو وڏو، زالين
مردين، هر ڪو تو کي پيو پِٽي!“
”اڙي، پر اڄ صبح جو ئي ته مون کي تو پڪ ڏني هئي ته سڀڪجهه ٺيڪ
آهي!“ بادشاهه سلامت حيرت ۾ پئجي ۽ خوف ۾ بتال ٿي،
هن کي چيو. ”سڀڪجهه ٺيڪ هو، حضور، سڀڪجهه ٺيڪ هو-
منهنجو سونو آنو مون وٽ موجود هو. پر بنهه هاڻي
مون ڏٺو ته اهو مون وٽ ڪونهي......“ پر هترو حجام
ڳالهه جو اِتو ڪڍيو- بلڪل ڪنهن تکي تکي هيٺ تري
ڏانهن وڌندڙ ملڪ جي ڪنهن سياڻي سڻوپري عملدار
وانگر، ڇو ته ”حاشا و ڪَلا“ سڀڪجهه ٺيڪ هو-
اوستائين جيستائين سندس پنهنجو ”سونو آنو“ سلامت
هو، پر اُن کان هڪ منٽ به پوءِ نه.
ساڳيءَ طرح آتم هَترائي
(Masochism)
به هڪ ذهنيت آهي- پاڻ کي
ايذائڻ جي ۽ ان مان لطف وٺڻ ۽ مزي ماڻڻ جي. اڪثر
زالن لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهي فطرتاً آتم هترو
هونديون آهن. اُنهن جي اهڙن سَوَن مثالن مان هڪڙي
مثال طور هيءَ ڳالهه اوهان جي به ٻڌل هوندي ته
هڪڙي مهاراڻي صاحبه هوندي هئي، جيڪا پنهنجي صلح
پسند ۽ نرم دل بادشاهه سلامت جي شريفاڻيءَ روش ۽
عزت ڀريءَ هلت جو قدر ڪونه سڃاڻيندي هئي. هن جو
خاوند حيران هوندو هو ته ائين ڇو هو، ۽ ڳالهه جي
”ڇا ۽ ڇو“ کي سمجهڻ لاءِ هن نيٺ هڪ ڏاهي پيرسن کان
صلاح وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
پوءِ اُن ڏاهي پير مرد جي صلاح مطابق ۽ هن سان گڏجي، بادشاهه
سلامت چمڙا پوش ڪري پنهنجي محلات جي ٻاهران ڀت جي
اوٽ ۾ رات جو ويهي رهيو، ۽ هُن جي حيرت جي حد ڪانه
رهي، جڏهن دير دير سان، لوڪ ستي، هن ڏٺو ته هن جي
راڻي صاحبه، ڳوٺاڻيءَ ڪنهن عورت جو ويس پائي، مٿي
تي ڪُٽيءَ جو تباخ رکي، محل جي هڪڙي چور دروازي
مان نڪري، پير پير ۾ ڏيندي، ٻاهر ڏٽي مُٽي هڪڙي
ڪاري ڪلوٽي شيديءَ جي بُهري ۾ گهڙي وئي، جنهن نه
ڪئي هم نه تم، کڻندي ڊگهو چم جو هڪ چهبڪ بيهي راڻي
صاحبه کي سٽڻ لڳو ۽ هڻي هن جي پَٽ جهڙيءَ نرم ۽
نازڪ پُٺيءَ تي ٻَنا ڪري ڇڏيائين- ڇو ته هن کي وٽس
ايندي ايندي ڪجهه دير ٿي ويئي هئي يا ڪو ٻيو سبب
هو جنهن تان هو مٿس ناراض هو!
بادشاهه سلامت تي وڌيڪ دهشت تڏهن طاري ٿي، جڏهن چهبڪ جي هر سٽڪي
تي مهاراڻي صاحبه جي ڪومل چپن مان هُن اهڙا ڪُڻڪار
نڪرندي ٻڌا جهڙي پُٺن تي ٿڌڙن نڪرندي ماڻهوءَ جي
منهن مان نڪرندا آهن.
”بادشاهه سلامت،“ ڏاهي پير مرد بادشاهه سلامت جي ڪن تي منهن رکي
چيو.،”حضور جن پاڻ ڏسي سگهن ٿا ته راڻي صاحبه آتم
هترو آهي، ۽ حضور جن، جو راڻي صاحبه جي بت تان پَٽ
جي تاندورن سان هوا کي هڪلي پيا پري ڪندا هئا، سو
اُن مان ته راڻي صاحبه جي بت جا آڪُڙ پاڻ چڙهندا
پيا هئا ۽ راڻي صاحبه بجاءِ خوش ٿيڻ جي، حضور مان
وڌيڪ بيزار پيئي ٿيندي هئي! راڻي صاحبه لاءِ سُرور
۽ راحت ته ان ۾ آهي، جيڪي بادشاهه سلامت اڄ پاڻ
اکين ڏٺو!“
پر هِن سلسلي جي حقيقت هيءَ به آهي ته عام طرح ۽ گهڻي قدر
پرهترو خود آتم هترو به ٿئي ٿو، ۽ آتم هترو خود
پرهترو به. تاريخ جي ڪتابن ۾ سدا ياد رهندڙ رومن
جنرل ۽ شهنشاهه جوليس سيزر لاءِ بيان ٿيل آهي ته
هو ” هر مڙس جي زال“ به هو ته ”هر زال جو مڙس “
به هو. اِها هُن جي شهرت هن جي جيئري ئي عام اُٿيل
هئي، ۽ کيس اِن جي خبر به هئي، ۽ اُن جي هُن کي
پرواهه به ڪانه هئي.
اِهو ئي هن لاءِ ڪافي هو ته هن رومن شهنشاهت جي سرحدن ۾ توسيح
ڪئي هئي، ۽ اُن ۾ هن جرمنيءَ ۽ فرانس جهڙا ملڪ به
شامل ڪيا هئا، ۽ هن جي نالي جي هر ڪنهن جي دل تي
ڌاڪ ويٺل هئي، سواءِ ڪليوپئٽرا جي، جنهن کي، معلوم
ائين ٿو ٿئي، اهڙين هستين کي آڱر جي اشاري سان
اٿارڻ ويهارڻ جو پورو علم هو بلڪ اُن لاءِ هن وٽ
فن ۽ مصلحت جي بي مثل مهارت موجود هئي.
هر زماني جي ۽ هر ملڪ جي پرهترو- آتم هترو حاڪمن ۽ عملدارن لاءِ
چيو ويو آهي ته ”جيڪو بادشاهه سلامت جي پير جو ٿڏو
شاهي حاجب کي صبح جو لڳندو، اُهو هڪڙي کان ٻئي کي
۽ ٻئي کان ٽئين کي ٿيندي ٿيندي، شام تائين وڃي
اصطبل جي گاهيءَ کي پٺيان ٺڪاءُ ٿيندو“- بذريعي ”
سلسله هاي واجبه“ (اِن اصطلاح جي معني جيڪا به هجي
يا نه هجي، اُن معنيٰ جي عين مطابقت سان)
”پاڻ کان هيٺئين کي لت ۽ پاڻ کان مٿيئن جي چُم چٽ“- نظامت جي
سنجٽ ۾ ڪاميابيءَ جو گُر اهو آهي: هي ڳالهه اهڙي
هڪڙي پرهترڪ – آتم هترڪ ڪاريگريءَ جي ماهر جي بيان
ڪيل آهي، جيڪو پنهنجي پڌرن اوصافن ۽ سڻڀي ۽
چلڪيدار حُليي مان ظاهر هو ته اُن گُر جو ئي
مفاديل ۽ نوازيل هو.
هاڻي، هن پرهترڪ، آتم هترڪ ذهنيت جي سڀ کان وڌ عجيب غريب ڳالهه
هيءَ آهي ته نه رڳو فرد ۽ رُڳو خود- مفادي گروهن
جا ڪي ٿورا ماڻهو، پر سڄي جون سڄيون قومون هن
پرهترائيءَ – واڌو – آتم هترائيءَ جي مرض جون شڪار
ٿي سگهن ٿيون.
هن برصغير ۾ هڪڙيءَ رياست جو هڪڙو راجا هوندو هو، جنهنجو محبوب
مشغلو هيءَ هوندو هو ته هو پنهنجي ماڻهن کي بکيو،
اُڃيو، ڏکيو ۽ ذلت ۽ خواريءَ ۾ مبتلا رکي، اُنهن
جي اُن اذيتناڪيءَ مان بيحد مسرور ۽ محظوظ ٿيندو
هو. هو پنهنجي ٽئڪس ڀريندڙ رعايا مان ڪن کي جهلي،
هڪڙيءَ اونهيءَ کڏ ۾ اُنهن مٿان لٽڪارائيندو هو،
جنهن ۾ هيٺ ڏينهن جا بکايل چيتا ويٺا هوندا هئا،
جيڪي ائين پنهنجي شڪار کي مٿان لٽڪندو ڏسي، اُنهن
کي ڇِني پٽي کائڻ لاءِ وٺي انهن تي مٿي ڇال
ڏيندا هئا.
ان دور جي مشهور اخبار ”رياست“ جي ايڊيٽر پنهنجي اخبار جي صفحن
۾ تفصيل سان ۽ مسٽر ڪي- ايل- گابا، پنهنجي انگريزي
ڪتاب ”هز هائينس آرپئٿالاجي آف پرنسز“ ( ”اعليٰ
حضرت عرف شهزادن جي علت“) ۾ نموني طور، هندستان جي
اهڙن 1947ع کان اڳ جي اعليٰ حضرتن يعني تڏهوڪن
ڏيهي رياستن جي راجائن مهاراجائن جي اهڙن پرهترڪ
طبعي لاڙن جو ڏاڍن دل لوڏيندڙ لفظن ۾ بيان ڪيو
آهي.
۽ اُهي ئي ساڳيا اعليٰ حضرت، اُنهن ئي ساڳين ڏينهن ۾، اُتي اُن
ئي ساڳئي هندستان ۾، پنهنجي انگريز آقا جي هڪ
معمولي عملدار جي رڳو اک جي اشاري تي، جيڪو
”ريزيڊنٽ ايجنٽ“ جي لقب سان سندن ڪنڌ تي سوار ٿيو
ويٺو هوندو هو، پاڻ کي ذلت جي اونهي کان اونهي تهه
تائين ڪيرائڻ کان به ڪين روڪيندا هئا، بلڪ ائين
ڪرڻ ۾ هو پنهنجو فخر ۽ شان سمجهندا هئا- ۽ اِئين
پنهنجي آقا طرفان وٽن ويهاريل اُن دڙٻاٽي چاڪر جي
پيرن کي چمڻ لاءِ هر دم تيار هجڻ جي ثبوت طور، هو
پاڻ کي ”فرزند سلطنت انگليسيه“ سڏائيندا هئا ۽ اُن
پنهنجي سعادت- فرزندگيءُ تي کين وڏو ناز هوندو هو. |