هيءَ ٻولي سنڌ جي غريبن ۽ اميرن، شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻولي آهي. شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجن خيالن جو اظهار هِـن
عوام جي ٻوليءَ ۾ ڪيو، اِنهيءَ ڪري هو اڻ پڙهيل
عوام توڙي اعليٰ تعليم يافته طبقي ۾ هڪجهڙو مقبول
آهي، ۽ هن جي اعليٰ انساني فڪر ٻنهي کي هڪ اَٽـوٽ
ڀائپيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اُنهن ۾ ڪي به
اهڙا ثقافتي ويڇا ڪو نه رهيا آهن، جيڪي عام طور تي
ٻين سوسائٽين ۾ موجود هوندا آهن. اِن ڪري سنڌي
ٻولي هڪ مڪمل سماجي جمهوريت جي زبان آهي.
اِن کان سواءِ ورهاڱي جي صورت ۾ لڏي آيل سنڌ جي نئينءَ آباديءَ
جو هڪ حصو پاڻ سان گڏ هڪ اهڙي زبان کڻي آيو آهي،
جيڪا پڻ هڪ ادبي ۽ لساني ورثي جي مالڪ آهي، ۽ اُتي
اُها هندستان جي هڪ چڱي حصي جي باهمي رابطي جي
زبان جي حيثيت سان به ڪم ايندي هئي، ۽ اُن کي هِتي
مرڪزي طور وڏي پذيرائي به مليل آهي.
سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن کي
هڪ وڏي تعداد ۾ پناهه ڏني، ۽ ڪو به سنڌين جي اِن
احسان جو پورو بدلو نٿو ڏيئي سگهي.
اُنهن نون آيلن لاءِ ۽ اُنهن جي نسلن لاءِ سنڌ مادر وطن آهي ۽
اُن جي زبان، ثقافت ، اُن جا جذبا، اُن جا احساس ۽
اُن جا اُمنگ سندن پنهنجا آهن ۽ جيڪڏهن هو پاڻ سان
هڪ تاريخي ورثي جي ٻي زبان به کڻي آيا آهن ته اُن
سان سنڌ جي اصلي زبان ۽ اصلي تهذيب ڏانهن سندن
ذميدارين ۾ ڪو به تفاوت ڪو نه ٿو پوي.
سنڌ جي عوام پڻ سندن زبان جي ڪا مخالفت نه ڪئي آهي ۽ سنڌ جي
دانشورن کي اُن جي وسعت جو احساس آهي ۽ اُن لاءِ
سندن جذبن جو اُنهن کي شعور آهي. هُنن پنهنجي زبان
جي بچاءَ لاءِ پنهنجي مادر وطن جي قرباني ڏني ۽ هو
مهاجر بڻيا ۽ پنهنجي وڏن جي تاريخي ورثي کي بچائڻ
لاءِ پنهنجي وڏن جي قبرن کي ڇڏي آيا ۽ جنهن ڳالهه
لاءِ انهن قرباني ڏني آهي سا کين برابر ڏاڍي پياري
آهي.
پر جيڪڏهن اِن حالت ۾ هُنن اردو ڪنهن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو
اردوءَ سان وڏي ۾ وڏيءَ دشمنيءَ جو ثبوت ڏيندا_
حالانڪ اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هنن جي دل ۾ اِها
خواهش هوندي ته جنهن شيءَ لاءِ هنن قرباني ڏني آهي
تنهن کي وڌائين ۽ ويجهائين، پر جيڪڏهن معاملي جي
تهه تائين پهچڻ بدران رڳو ڪناري تي بيهي معاملي کي
اُلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ته ڪنهن جو به ڀلو نه
ٿيندو. جيڪڏهن ڪنهن باقاعدي منصوبي جي ذريعي
اردوءَ کي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ اُن جي
نتيجي ۾ ڪا مخالفت ٿي، جا ٿيڻي ئي آهي، ته اُهي ئي
ائين ٿاڦڻ ۽ مڙهڻ وارا، اردوءَ جي اُنهن آئينده
نسلن جي نقصان جا ذميدار ٿيندا، جن ويچارن جو اُن
۾ ڪو به هٿ نه هوندو. جيڪڏهن هُنن جي مادري زبان
کي اُن حالت ۾ نقصان پهتو، جنهن حالت ۾ هنن جي
زبان جي ترقيءِ جا هونئن موقعا به موجود آهن، ته
اُن صورت جي ذميداري به اُنهن تي عائد ٿيندي.
اردوءَ جي اُنهن حامين، جن 23 سال اڳ ۾ هتي اچي پناهه ورتي هئي،
تن کي هتان جي ماڻهن جي ٻوليءَ_ سنڌيءَ_ جي عظمت
جي خبر ڪانه هئي، ۽ هو اُن جي عظمت، ميٺاج، صلاحيت
۽ سگهه کان قطعي غير واقف هئا، ڇو ته اُهي هندستان
جي اهڙن حصن کان آيا هئا، جتي کين سموري زندگيءَ ۾
سنڌيءَ جي باري ۾ اهو پتو ئي ڪو نه هو.
اُن کان پوءِ هنن 23 سالن ۾ سنڌ جي هڪ نئين عظمت اڀري آئي آهي،
۽ سنڌي زبان جي ترقيءَ جي باري ۾ اُن قدر ئي هڪ
جاندار ۽ نئين سجاڳي وجود وٺي چڪي آهي. سنڌ جي
اندرين علائقن ۾ ته مهاجرن جا ٻار سنڌي ڳالهائين
ٿا، ۽ رڳو ٿوري عرصي جي دير آهي جو هو پاڻ ۽ اُنهن
جا ٻار پنهنجين تخليقي صلاحيتن جو اظهار اُن زبان
۾ ڪري سگهن.
سنڌ ۾ رڳو ڪجهه اردو آباديون اهڙيون آهن، جتي اِها صورتحال نه
آهي.
مختصر لفظن ۾ هيئن چوڻ کپي ته اردو اُنهن تي مسلط نه ٿي ڪري
سگهجي، جن جي مادري زبان اردو نه آهي، ۽ نه وري
سنڌي اُنهن تي مڙهي سگهجي ٿي، جن کي اردو پياري
آهي، دنيا جي تجربن مان ظاهر آهي ته اِن قسم جون
ڪوششون بلڪل ناڪام رهيون آهن.
اردو ڳالهائيندڙن کي اِهو محسوس ڪرڻ کپي ته سندن جاءِ پناهه ۽
سندن وطن سنڌ آهي ۽ هُنن هندستان مان هجرت جي صورت
۾ جيڪا پنهنجي همت ۽ صلاحيت استعمال ڪئي هئي، سا
هو هاڻي سنڌ جي عظمت، خوشحاليءَ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ
سڀني ماڻهن جي وچ ۾ ڀائپيءَ جي اُڀارڻ لاءِ
استعمال ڪن.
اهي ٻيو ڇا به هجن، پر هو سنڌ ۾ سنڌين تي ٻوجهو ڪو نه آهن، پر
ماحول مختلف آهي. هاڻي اُنهن کي نئين ماحول کي
پنهنجو ڪرڻو آهي ۽ اهڙي نموني سان رهڻو آهي جهڙي
نموني پراڻا سنڌي رهي رهيا آهن، ۽ اُنهن جو نسلي
تفاوت اِن خوش آئند مستقبل جي آڏو اچڻ نه گهرجي.
حالانڪ اُنهن مان ڪيترن ئي، غلط ڪارين جي آڌار تي، دولت گڏ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منجهانئن ڪافي ماڻهن پنهنجي
محنت جي ذريعي ترقي ڪئي آهي، ۽ ڪيترائي منجهن اهڙا
آهن جيڪي هن مهل تائين اجهي جي تلاش ۾ آهن، ۽ اُهي
هزارين لکين پراڻن سنڌين وانگر ڏکن ۽ ڏولاون ۾
گذاري رهيا آهن ۽ اُنهن جي مشڪلاتن جو ختم ٿيڻ في
الحال نظر نه ٿو اچي. اُهي ماڻهو جيڪي ليڊرنه
آهن، جيڪي تاجر نه آهن، پر جيڪي مزدور آهن، هاري
آهن، جيڪي محنت ڪن ٿا، جيڪي ننڍا دوڪاندار آهن ۽
جيڪي ريڙهيون هلائين ٿا، جيڪي ننڍي وچولي طبقي جا
ماڻهو آهن، تن کي هڪٻئي سان گڏ رهڻ کپي ۽ هڪٻئي جو
ساٿ ڏيڻ کپي.
سنڌ ۾ رهندڙ اُنهن ماڻهن کي پنهنجيءَ زبان کي ٻين تي مڙهڻ جي
ڪنهن به تحريڪ جو شڪار نه ٿيڻ کپي، ۽ پاڻ وانگر هر
محنت ڪندڙ کي پنهنجي زبان جي استعمال جو حق ڏيڻ
کپي.
اِهي رڳو سندن خودساخته ليڊرن جا ڪرتب آهن، جيڪي سندن مصيبتن جو
سبب هئا، آهن ۽ رهندا؛ جهڙي طرح سنڌ جي هارين ۽
عام ماڻهن جي مصيبتن جو سبب سنڌ جا وڏا وڏا پير،
مير، زميندار ۽ جاگيردار آهن. اِهي ليڊر ۽ وڏا
ماڻهو ئي آهن، جي عوام جي تصادم ۾ خوش آهن، ۽ اُهي
اُنهن لاءِ وڌيڪ مصيبتن جو باعث ٿيندا. ڪهڙو عجب،
جو اِنهن ’رهنمائن‘ پنهنجي بقا لاءِ پاڪستان کان
ٻاهر پڻ پنهنجو بندوبست ڪري ورتو هجي_ ڪوئن وانگر
ٻڏندڙ جهاز کي ڇڏي هو پنهنجو بچاءَ ڪري ئي وٺندا ۽
ڪنهن نه ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي ٿانيڪا ٿي ويهندا- ٻيو
ڪٿي نه ته آمريڪا، دنيا جي شاهوڪار شاهيءَ جو ديس،
هنن لاءِ هڪيو موجود آهي.
سنڌ جي ڪافي سمجهدار ۽ عوامي اڳواڻن اردوءَ کي اردو وارن جي
تعليم، دفتر ۽ تجارت جي ٻوليءَ طور قائم رهڻ کان
انڪار نه ڪيو آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي زبان،
تهذيب ۽ ثقافت جي بچاءَ جي ضمانت ڏني آهي.
سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ڪنهن به خطري جو شڪار ڪو نه آهن پر هو
پنهنجن جي دولاب ۽ ٺڳيءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جڏهن
ته سنڌين طرفان کين پنهنجن ٻارن کي اسڪول توڙي
ڪاليج ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم ۽ پنهنجي مقدمن جي
وڪالت ۽ دفترن ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ پڪارڻ جي
حق جو يقين ڏياريو ويو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾
سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي ”درحقيقت“ سرڪاري زبان
ملڻ جي اميد آهي.
تنهنڪري اُنهن کي سنڌ جي اڪثريت جي ٻوليءَ سنڌيءَ جي حيثيت جو
به انڪار نه ڪرڻ گهرجي. اُن سان گڏ، جيئن ٻهراڙين
۾ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ڳالهائڻ لڳا آهن. تيئن
شهرن ۾ پڻ اهڙي ترڪيب ڪئي وڃي جو سنڌ ۾ ٻوليءَ جو
عار ۽ بُـعد ختم ٿي وڃي، ۽ هرڪو پنهنجي ٻوليءَ تي
فخر ڪري ۽ ٻئي جي ٻوليءَ جو قدر ۽ احترام دل ۾
رکي.
(اخباري بيان: 1971ع)
سنڌ جون نياڻيون
نه فقط پنهنجي امڙ سنڌ پر سڄي پاڪستان جي مائرن ۽ ڀينرن جي واهر
۾ اڄ سنڌ جون نياڻيون نڪري ميدان تي آيون
آهن.
تازو (اپريل، 1982ع) ڪراچيءَ ۾ ڪيل پنهنجي ڪانفرنس ۾، جيڪا هنن
پير مرد، پر تيزيءِ سان اڀرندڙ، بيخوف ۽ جمهوريت
دوست اڳواڻ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، جي صلاح ۽
سهاري سان، ڏاڍيءَ هوشمنديءَ ۽ وڏي جذبي ۽ جلال
سان اُتي منعقد ڪئي، هنن سنڌ جي نياڻين،
صاف صاف ۽ نهايت زوردار لفظن ۾، صديون پراڻي ظلم
کان پنهنجين مائرن ۽ ڀينرن کي ڇوٽڪاري جو سڏ ڏنو
آهي_ اُن ظلم کان، جيڪو مٿن تاريخ جي اهڙي بدترين
حيواني روپ ۾ مسلط رهيو آهي، جنهن جو لفظن ۾ بيان
ٿي ئي نٿو سگهي، ۽ هو جڳن کان اُن جي دهشت ۽ دٻاءُ
هيٺ بيوس ۽ مجبور، بي اَبائتيون ۽ بي زبان
پيڙهبيون پئي آيون آهن.
اڌ صدي کان اڳ، دنيا جي هن حصي ۾ هڪ بهادر آمريڪي خاتون،
ڪئٿرين ماءُ، آئي هئي، جنهن ”مدر انڊيا“ (هند
ماتا) نالي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو هو؛ اُن ۾ هُن
رڳو اُهي چند ڀيانڪ حقيقتون، مختصر لفظن ۾، بيان
ڪيون هيون، جيڪي هُن عورتاڻي عوام جي دک ۽ پيڙا
جون هندستان جي اسپتالن مان معلوم ڪيون هيون. اُن
ڪتاب جي اُنهيءَ حقيقت ڪُشائيءَ تي، اُنهن ڏينهن
۾، چوڌاري عجيب هڪ شور ۽ غوغاءَ مچي ويو هو، ۽
هندستان جي عالمن ۽ پنڊتن ۽ اُنهن جي آقائن ۽ اَن،
داتائن کي باهه لڳي ويئي هئي ۽ هو سڙي پچي ڳاڙها
ٽانڊا ۽ ڪارا ڪوئلا ٿي ويا هئا.
اُها عظيم مائي،ڪئٿرين ماءُ، جيڪڏهن برصغير جي هِن ڪنڊ ۾ به اچي
نڪري ها ۽ هِتان جي عورتاڻي انسان سان جيڪي عذاب ۽
عقوبتون، ظلم ۽ زيادتيون روا رکيون ٿي ويون، اُنهن
جو ڪجهه ذڪر به هوءَ پنهنجي اُن ڪتاب ۾ ڪري ها، ته
يا ته دنيا کي مٿس ويساهه ئي نه اچي ها ته اڄ جي
ويهين صديءَ ۾ ڪي مطلق غير انساني ڳالهيون اهڙيون
به ٿي سگهيون ٿي، ۽ يا ته دنيا اُنهيءَ مڃڻ کان ئي
صاف انڪاري ٿي بيهي ها ته جن ماڻهن ۾ ههڙيون
ڳالهيون قبوليون ٿي ويون، اُهي ماڻهو انسان، ۽
انسانن ۾ ڪي اهڙا نيم وحشي انسان، به ٿي سگهيا ٿي!
۽ هِتي اسان وٽ اُهي سڀ ڳالهيون نه رڳو ٿينديون رهيون آهن ۽ اڄ
به ٿي رهيون آهن، پر اسان جي سڳورن عالمن ۽ وٺ-
نه- ڏيندڙ نامدار آقائن کي اُنهن جو علم آهي، بلڪ
هو اُنهن تي چشم پوشي ڪن ٿا، ۽ اُنهن تي نه رڳو دل
جو دل ۾ پر ڪافي ڪجهه ظاهر ظهور ناز ۽ پنهنجي
نامڪٺيائي به ڪن ٿا.
ٻي هڪ اهڙي ئي عظيم آمريڪي عورت، ليڊي رائينڊ، پنهنجن ڪتابن ۾
ڏيکاريو آهي ته ظالم ۽ ڇڙواڳ فاتح يا آقا جنهن کي
هن علامت طور ”ائٽيلا“ سڏيو آهي، جيڪو چنگيز منگول
وانگر خوني هو ۽ وحشي ”هوڻ“ قبيلي جو اڳواڻ هو ۽
جنهن اٽليءَ تي قابض ٿي اُن جو ساهه مُٺ ۾ ڪيو هو،
اُهو اَئٽيلا ۽ اُن جا ساٿي ”عالم“ يا ”ڀوپا“
ساڳيءَ لٺ جا ٻه مٿا آهن، جن سان سدائين بني نوع
انسان جي ميڄالن مان ڪو به هڪڙو ٻئي کان سواءِ
ڪابه حيثيت ڪانه ٿو رکي، بلڪ اُهي ٻيئي هيڪل هيڪل
ڪجهه به نه آهن.
”هوڻ اَئٽيلا “ پنهنجي ”ڀوپي عالم“ جي مفت ٽڪرن تي پالنا ڪري
ٿو، ۽ ”ڀوپو عالم“ اُن بي محنتئي ٽُڪر ملڻ جي
احسان عوض، عملي ۽ علمي، ٻنهي طرحين، ”هوڻ ائٽيلا“
جي مدد ڪري ٿو ته ڀل اُهو مرداڻي ۽ عورتاڻي برادر
انسان کي زرخريد غلامن کان به گهڻو، گهڻو، گهڻو
پيڙي ۽ چيچلائي پنهنجو ٻانهن ٻڌل جي – حضور بنائي،
ڇو ته زرخريد غلامن لاءِ وري به آقا کي قيمت
ادا ڪرڻي پوي ٿي، پر خالي کوپڙي رکندڙ انسان ته
ٽنڊڻ ٿين ٿا ۽ اُهي بي زبان ۽ گگدام جانور هوندا
آهن جيڪي ”هوڻ ائٽيلائن“ لاءِ نسل بنسل پيا پگهر
ڳاڙيندا آهن ۽ ڳهندا آهن.
سچ پچ ته ”هوڻ ائٽيلائن“ ۽ ”ڀوپن عالمن“ جي وچ ۾ سدائين پورو
پورو ساٿ ۽ ويجهي ۾ ويجهو سٻنڌ رهندو آهي_ ۽ ان جا
پڌري پٽ ۽ وري وري ۽ وري وري تجربا ڏيکاري ۽
مشاهدا ڪري سگهجن ٿا_ ڇو ته اُهي ٻيئي حقيقي اپت
ڪندڙن ۽ پورهيتن جي جسم تي بنهه بکين ۽ مڇڏو رت
پياڪ چچڙن وانگر چهٽيل رهن ٿا.
”ائٽيلا“ اپت ڪندڙ ۽ تخليقي آدم ذات جي جسم ۽ ذهن کي
ڪيرائي ۽ لتاڙي ٿو، ۽ ”ڀوپو“ اُن جي روح کي نجس ۽
نست ٿو ڪري.
بهرحال، هن تمام ڊگهيءَ ۽ تمام وڏيءَ ڳالهه کي ننڍو ۽ تمام ننڍو
ڪندي، چئي ٿو سگهجي ته برصغير جي هن حصي جي جنهن
ڪم جي ڪُنڊ ڪئٿرين ماءُ جي هٿان ڇهُجي به نه سگهي،
اُهو ڪم، هڪ للڪار ۽ جنگ جي زوردار سڏ طور،
ڪراچيءَ جي سنڌي عورتن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ وڌ
کان وڌ ذهين، وڌ کان وڌ هوشمند ۽ وڌ کان وڌ باخبر
سنڌ جي نياڻين، اڳتي وڌي قبول ڪيو ۽ هٿ ۾
کنيو آهي.
جيڪي ڪجهه تقريرون اُتي ڪيون ويون ۽ مقالا پڙهيا ويا، اُهي
جيڪڏهن اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ نه ڪيا ويا
۽ اُنهن جو ڪو هڪڙو لفظ به گم ٿيو يا ڪنهن طرح
ضايع ٿيو، ته اُهو هڪ بيحد افسوسناڪ سانحو سمجهيو
ويندو.
اِهي ۽ پڻ سڀني اتي ڪانفرنس ۾ پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ اسان جي هنن
مائرن ۽ ڀينرن جا فوٽا اسان کي پنهنجن ايندڙ نسلن
جي تعظيم ۽ احترام لاءِ محفوظ ڪري رکڻ گهرجن_
ڇاڪاڻ ته هنن مڻيادار ۽ مانائتين سنڌ جي نياڻين
جيڪا همت ۽ جيڪا بي مثل صداقت دنيا جي هن اسان جي
بند حصي ۾ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ آزاديءَ،
خوداختياريءَ ۽ جيوت جي خوشي جي وڏن وڏن رازن ۽
اسرارن جي کولي ٻڌائڻ ۾ ڏيکاري آهي، تنهن جو سچ پچ
ته اسان وٽ ڪو مثال ڪونهي.
پر ايندڙ نسلن لاءِ ڇو؟ اسان جي اڄ جي نسل لاءِ ڇو نه؟
اڄ جي نسل ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو اُها سموري ڳالهه اُهو نه ٻڌي،
جيڪا سنڌ جي نياڻين پهرين پهرين ته خاص اُن
لاءِ پنهنجي هن سچيءَ پچيءَ تاريخي ڪانفرنس ۾
ايڏيءَ محڪم صداقت ۽ ايڏي بي خوف اعتماد سان پڌري
پٽ چئي آهي؟
اِنهيءَ ڪري هِنن سڳورين سنڌ جي نياڻين جو هن موقعي تي
چيل هڪ هڪ لفظ ايندڙ نسلن ۽ پڻ اڄ جي نسل جي ڪَنن
تائين پهچڻ اشد ضروري آهي_ ڇو ته هڪ هڪ سندن اهو
لفظ ”ائٽيلائن“ ۽ ”ڀوپن“ جي ڌپيل لاشن جي پيتين کي
ٺوڪي بند ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ ڪوڪي ۽ هڪ هڪ ڪلي جوئي ڪم
ڏيئي سگهندو.
هيءَ دور ڪيسٽ رڪارڊن جي انقلاب جو دور آهي. سنڌ جي هنن
هوشمند نياڻين جو هيءَ پيغام_ ”هوڻ ائٽيلائن“
۽ سندن ڇاڙتن ”ڀوپن“ جي گهُـٽ ۽ ٻُـوسٽ کان
آزاديءَ ۽ خوداختياريءَ جو پيغام_ ڇپيل لفظن جي
صورت ۾۽ پڻ ڪيسٽ رڪارڊن جي وسيلي سنڌ جي هڪ هڪ
عورت، اسان جي هڪ هڪ ماءُ ۽ اسان جي هڪ هڪ ڀيڻ،
تائين ضرور پهچڻ گهرجي.
ائين سڄي پاڪستان جي ٻڌندڙ عورتائي عوام تائين خاص سندن پنهنجين
پنهنجين مادري ٻولين ۾ اِهو پيغام پهچڻ کپي_ ۽ اُن
لاءِ ڪنهن ڌوتل پوتل ۽ پاڪ بڻيل ٻيءَ ٻوليءَ يا
ڪنهن اعليٰ ادبي ۽ علمي طرز يا ادا جي ڪا گهرج
ڪانهي.
اسان جي اڄ جي ضرورتن پٽاندر هي اسان جون ڏاهيون سٻاجهيون
سنڌ جون نياڻيون ئي، هِن پل لاءِ، اسان جون
اهم تاريخي شخصيون ۽ اسان جا عظيم رهنما آهن_ ڇو
ته مومل جي منجهيل سُـٽ جي ڦوري کي راڻي مثل هِنن
ئي هڪ ڌڪ سان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
عام سماج ۾ چوڻي آهي ته ”ناموس ۾ شڪُ معنيٰ ناموس چٽَ“ ڇو ته
”ناموس“ آهي ئي اهڙي هڪ بي بقا، هٿرادو ۽ ٽاڪُـئين
چيز.
۽ ائين چاڻندي ئي ته ناموس صابڻ جي گجيءَ کان ئي سنهڙي، هڪ بي
زوري ، بنهه ڦوڪ وهيڻي شيءِ آهي، سڀ ”هوڻ اَئٽيلا“
۽ سڀ ”ڀوپا عالم“، الڳ الڳ ۽ پڻ گڏجي، صلاح ڪري،
هر قيمت تي ”ناموس جي ڌانڌليءَ“ کي بچائڻ ۽ بچائي
رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
اُنهن کي پوريءَ طرح خبر آهي ته هڪ ڀيرو ناموس جي چلڪڻي چادر
سڃاپجي پيئي ۽ معلوم ٿي ويو ته اُن ٺڳڻي روپ پٺيان
ڇا آهي، ته سامهون بيٺل سڄي رڃ اوڏيءَ مهل الوپ ٿي
ويندي ۽ وري اُن جي اُهو اڳوڻو پرڪاش ۽ چراغپڻو
جُـڙي ئي نه سگهندو. |