هزارين ڳرا ۽ معتبر، وڏين وڏين خبرن وارا ڳوڙها ڳوڙها ڪتاب
هُـوڻ ائٽيلائن جا ڀوپا عالم، جي- حضور ۽ ٽڪريل،
لکن ٿا، جن جو مقصد رڳو عام انسان کي هيسائڻ ۽ اُن
جو هانءَ کائڻ آهي_ جيئن اُهو پوريءَ طرح سندن ڪڙي
۾ اچي وڃي ۽ سندن آقائن جي ناموس ۽ خود سندن ناموس
کي هو ايماناً ائين مڃي ويهي، ڄڻ اُهي سون جون ڪي
سِرون آهن جيڪي هن غريب کي پنهنجي پٺيءَ تي بنا
ڪڇڻ پڇڻ جي کڻڻيون آهن ۽ سچ پچ اُنهن کي ڪو املهه
۽ عيبي بار سمجهي سڄي حياتي ائين ڍوئڻو آهي_ اُن
سڄي ڍير کي، بُـٺَ کي، اُن پاکنڊ، اُن آفيم، اُن
ڀَنـگ کي، اُن نرلڄ انساني ڪٺورتا ۽ لُـچائيءَ کي،
جيڪا عام ماڻهوءَ، هر جوان ۽ پوڙهي، هر عورت ۽ هر
ٻار جي آزاديءَ، آزاد ساهه ۽ زندگيءَ جي هر خوشيءَ
جي خلاف درحقيقت هڪ سازش، هڪ منصوبو ۽ ڏٺو وائٺو
هڪ ابليس پڻو آهي.
سنڌ جي نياڻين اِن ناموس کي سامهون بيهي للڪاريو آهي، ۽ پنهنجي
وس آهر ڇڪي اُن جي منهن تان پڙدو لاٿو آهي، اُن جي
قلعي کولي آهي، ڏندريءَ ڏائڻ کي ڏائڻ ڪوٺيو آهي_
ڪوجهي، ڪپُٽي، ڪـُـڪَرمـي ڏائڻ_ رابرٽ اِنگرسال جي
لفظن ۾، ”اِها آقائيت جي واهيات، اَڻ- هجڻي، ڪار
مُـنهين ناموس“_ جنهن جُڳن جا جـُڳ، بي ترس ۽
بدروح ظالمن ۽ ڏاڍن جو بدروح منَڊ ۽ بي ترس هٿيار
بڻجي، ڪوڙ ۽ خوف جي ڪڙي ۾ ڦاٿل معصوم، ساده دل
انسان ذات جا روح ڪنبايا آهن ۽ دليون ڌتاريون آهن
۽ اُن جي ذهنن ۽ ڪلپنائن کي گهٽيو، نپوڙيو ۽ پنگلو
بنايو آهي.
سچ پچ ته اِها وڏي ڳالهه آهي، ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، ڏاڍي وڏي
ڳالهه آهي، جو هِنن سنڌ جي عظيم نياڻين
ههڙيون سچيون پچيون بي خوف ۽ دليرانه تقريرون
ڪيون_ عورتن جي آزاديءَ جي اعليٰ مقصد لاءِ، اُنهن
جي خوداختياريءَ لاءِ، اُنهن جي پنهنجي آگهيءَ ۽
عظمت لاءِ، جيڪي اصل ۾ ته سڄيءَ انسان ذات جي
آزاديءَ خوداختياريءَ عظمت جون تقريرون هيون_
ڇاڪاڻ ته غلام ذهن عورتون هرگز آزاد مرد ڄڻي ۽
نپائي نه سگهنديون، غلام ذهن عورتون ڄڻينديون ۽
نپائينديون ته فقط پاڻ بچائيندڙ مرد، وڙهڻ کان اڳ
آڻ مڃيندڙ مرد، اذيت پسند ۽ روئڻا مرد.
پر هي سچ پچ عظيم ۽، سماجياتي خيال کان، سچ پچ لافاني (هائو،
لافاني) تقريرون، پنهنجي جاءِ تي جيتوڻيڪ ضروري ته
آهن پر پنهنجي جاءِ تي ڪافي نه آهن.
نه. ڪيتريون به کڻي اُهي حق حقاني، زوردار ۽ تُز نشاني تي لڳندڙ
هجن، پر اُهي ڪافي نه آهن.
تقريرون ڪيتريون به عظيم ۽ لافاني هجن، ڪافي نه آهن، جيستائين
جو اُنهن جي پويان طاقت، ارادو ۽ عمل جي تدبير نه
آهي.
اوهان کي يوناني ڏاهي ۽ سرفروش درويش، ڊيماسٿنيز، جي تُـز ۽
لافاني تقريرن جي ڳالهه ته ٻڌل هوندي، جن لاءِ
چوندا هئا ته اُهي هُن جا ”فلپ_ مار گُرز“ آهن_
جيڪي هو سڪندر _(اعظم) جي پيءُ، مئسيڊونيا جي
ويٺل، وحشي ۽ خونخوار فلپ، تي، اٿندي ويهندي، کلئي
عام، سَٽيندو رهندو هو.
پر ڊيماسٿنيز جون اُهي لافاني ۽ عظيم تقريرون وحشي فلپ جي خلاف
بي سود ۽ بي اثر هيون، رڳو اِنهيءَ ڪري، جو
ڊيماسٿنيز جي پنهنجي اٿينس جا رهواسي بي طاقت ۽ بي
زورا هئا، هنن وٽ نه تدبير هئي ۽ نه ارادو ۽ همت،
جو هو اُن درندي کي منهن ڏيئي سگهن ۽ ڪيرائي سگهن،
۽ تنهن وچ ۾ هُن اُنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي
پَڻي ڪري ڇڏيو.
اِنهيءَ ڪري، تقريرون گرمائي ته سگهن ٿيون، پر مقصد جي حاصلات
پنڌُ ٻيو آهي. ڏهه لک گئلن پئٽرول جا ٻَـرِي
دونهون ته ٿي سگهن ٿا پر ائين رڳو هڪڙو اسڪوٽر،
هڪڙو انچ به اڳتي، چري نه سگهندو_ اُن لاءِ ضروري
آهي ته پيٽرول ڦڙو ڦڙو ٿي، پوري طريقي ۽ ترتيب
سان، اسڪوٽر کي اڳتي هلائڻ جي طاقت رکندڙ انجڻ کي
هلائي، ۽ چالو رکي.
اِها ئي حالت تقريرن جي آهي، پوءِ اُهي ڪيتريون به گرما گرم ۽
دونهان ڌار هجن.
تقريرن کان، پنهنجي پاڻ تائين، ڪڏهن به ڪو جبل ڏري نه سگهيو
آهي. ڇو ته هوڻ ائٽيلائون ۽ سندن ساٿي منصوبي باز
يا ساٿي شڪاري، ڀوپا عالم، پوري ڌيان سان سوچين
ٿا، پوري ڌيان سان رٿائون رٿين ٿا ۽ پوري ڌيان ۽
بنهه رۡکي رُوح سان پنهنجي طاقت منظم ڪن ٿا ۽ ڪم
آڻين ٿا، ۽ هُنن کي اُن لاءِ پورو وقت ۽ پوري فرصت
آهي، ۽ جنهن ۾ هو پنهنجي بي ترتيب، ڇڙو ڇڙ ۽ غير
منظم جوش ۽ جولان ۾ ورتل ۽ رڳو رڙيون ڪندڙ شڪار تي
حملي جا گهاٽ گهڙين ٿا، ان کي جهلين ٿا ۽ پاڻ وٽ
سوگهو رکن ٿا.
ٿڌائي سان سوچيندڙ ۽ گهاٽ گهڙيندڙ مخالف ڇري مثل آهي؛ جوش ۽
جذبي ۾ پگهرجندڙ ۽ زبان باز يا واڪِرُ مخالف مکڻ
مثل آهي: ۽ سڄيءَ تاريخ ۾ ڪڏهن به مکڻ ڇُريءَ کي
ڪٽي نه سگهيو آهي.
اِنهيءَ ڪري ئي ڪن روشن دل سنڌ جي نياڻين ڪانفرنس ۾ ئي
پنهنجين تقريرن ۾ انهيءَ حقيقت جو پڻ چٽي طرح
وستار ڪيو ته کين خبر هئي ته ٺلهين تقريرن سان
ڪجهه ورڻو نه هو؛ بلڪ اُن لاءِ کين پوري منظم ۽
ضبط هيٺ، بيحد اورچائيءَ ۽ دلي ذوق سان ۽ پوريءَ
ڪنهن سوچيل تدبير مطابق، ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي، ڇو
ته سندن جُـڳن جا دشمن هڪ ته بيحد چالاڪ ۽ مڪار
هئا ۽ ٻيو ته اُهي سندن رت ۽ پورهئي تي پلجي رهيا
هئا ۽ پاڻ ۾ بيحد منظم ۽ متحد هئا.
اسان مظلومن ۽ محڪومن، محنت ڪشن ۽ مسڪينن جي اڄ جي صورتحال جو
هيءَ تجزيو شايد پوريءَ طرح صحيح ۽ هر طرح پورو
تجزيو آهي.
هڪڙي وڏي اقتصادي عالم کان جڏهن ڪنهن پڇيو ته ”ڇا، سڄيءَ ترقي“
جو سڄو مدار محنت ۽ سرمايي تي نه آهي؟“ تڏهن اُن
عالم جواب ڏنو ته ”ٻنهي جي ڳنڍڻ واريءَ سڀ کان
مکيه ڪڙيءَ کي ڇو ٿو وساري ڇڏين؟“
”اُها ڪهڙي آهي؟“ هن کان پڇيو ويو.
”تنظيم“، هن جواب ڏنو، ”تنظيم“ رڳو سرمايو ڪهڙي ڪم جو؟ اُهو ته
مئل ٻار آهي_ سست، بيڪار. ۽ رڳي محنت به ڪهڙي ڪم
جي؟ رڳا محنت ڪش به ته رڳو انبوهُ آهن. ٻنهي جي وچ
۾، ٻنهي کي چرپر ۾ آڻڻ لاءِ، تنظيم گهرجي.“
اهڙي طرح، ڪم از ڪم ڪي روشن دل سنڌ جون نياڻيون آهن، جن
اڳتي وڌي، اِنهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏني ته کين
معلوم هو ته ائٽيلائن، واڌو- ڀوپن عالمن جي منظم
گهاڻي جي جـُڳن کان هلندڙ ظلم ۽ پيڙا کان نجات جي
سندن جدوجهد ۾، تنظيم ۽ تدبير عمل جي معنيٰ
ڇا هئي. ائين صاف صاف ڏٺو ٿي ويو ته هُنن کي خبر
هئي ته ڪم کان سواءِ، عمل کان
سواءِ، ٺلهيون تقريرون ائين هيون جيئن گرم هوا جي
نيڪال جون ڳڙکيون. عمل_ نجات جو عمل_ ئي
آهي، جنهن کان ائٽيلا ۽ ڀوپا عالم ڊڄن ٿا_ ڇو ته
اُن کي هو پنهنجو عزرائيل ٿا سمجهن.
ڳالهه جي اِنهيءَ پروڙ ۾، ته ڪم ئي آهي جو ڪم ٿو ڪري، ۽
ٻي ڪابه شيءِ اهڙي ڪانهي جيڪا ڪم وانگر ڪم، يعني
ڪم ڪري، هي سنڌ جون نياڻيون،
هندو-،مسلم- عيسائي ۽ ٻيون سڀ، ساڳيءَ اِن ڳالهه
جي ڳُڻ جون ضرورتمند آهن ۽ اُن جون ڳولائو هئڻ
کپن_ جيئن گوئٽي،عظيم گوئٽي ، به چيو آهي:
آواز ٻڌا ويا،
سڳورا ۽ ڏاها سڀ ٻڌا ويا،
جـَڳُ ٻـُڌو ويو، سڀ ِ جُـڳَ ٻُڌا ويا:
چتائي، چونڊي، پنهنجي چونڊ ڪريو_
ننڍي آهي پر اَڪَٿ آهي_
اکيون اوهان تي آهن،
اَزل ۽ ابد جي بي اَنت ساگر ۾:
سڄو ڪمال هِتي آهي،
همت ڪريو، انعام کٽو!
ڪم ڪريو ۽ دل نه هاريو!
ڇا، اسان جو نوجوان نسل اڳواڻيءَ کان محروم آهي؟
”ڪو به ڪونهي، جو اسان جي رهنمائي ڪري“_ اڄڪلهه جا گهڻا نوجوان
اِها شڪايت ڪن ٿا، هيءَ صورتحال واقعي المناڪا
آهي.
ٿورا ئي ڪي ڏهاڪا سالن جا اڳ، اها شڪايت ڪڏهن ٻڌڻ ۾ نه ايندي
هئي. نوجوانن تڏهن محسوس ٿي ڪيو ته زندگيءَ ۾
اُنهن کي ڪو وڏو ڪم ڪرڻو هو. هو ڪنهن اعليٰ مقصد
لاءِ جيئندا هئا. آزادي ۽ خودمختياريءَ لاءِ
جدوجهد جي ڌُنَ سڄي برصغير جي اڪثر ماڻهن جي
زندگين تي ڇانيل هوندي هئي.
تڏهن اسان وٽ عظيم شخص موجود هئا. زندگيءَ جي سڀني راهن ۾_
سياست ۾، فلسفي ۾، شاعريءَ ۾، موسيقيءَ ۾، ۽ اُهي
عظيم شخص نوجوانن جي قريب هئا. مثلًا، نوبل انعام
يافته، سر سِي. وي، رامن، خوشيءَ سان وڃي نوجوانن
کي ليڪچر ڏيندو هو_ اهڙيءَ آسان ٻوليءَ ۾ جيڪا هو
سمجهي سگهندا هئا. الهه آباد جا نوجوان جواهر لال
نهروءَ وٽ پهچي سگهندا هئا ۽ هُن کان گهر ڪندا هئا
ته هو ساڻن محرم جي مجلس ۾ هلي شريڪ ٿئي، ۽ هو
خوشيءَ سان اُنهن جي ڳالهه مڃيندو هو. اهڙي ئي
خوشيءَ سان هو دهليءَ ۾ ”ڦول والون ڪِي سير“ ۾
شامل ٿيندو هو، ۽ اُنهن جي اڳواڻي ڪندو هو.
تن ڏينهين، بزرگن ۽ نوجوانن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪا هڪ شيءِ موجود
ڪانه هوندي هئي، ته اُها هئي ”سِيٽَ ۽ ويڇو“ ُ
مُغليت، يعني آڪڙ ۽ مٿڀرائي ڪانه هوندي هئي. اِئين
ڪو نه هوندو هو ته ”مون کي اوهين رڳو ويجهو اچڻ ٿا
ڏيو ته ڄڻ وڏو مون تي احسان ٿا ڪريو!“ ڪنڌ ۾ ور
وجهي ڪو نه ڏسبو هو. ۽ ”خدا جي ڏيکائي ڏيو ۽ فضل
جي نظر وجهو‘_ اِها ڳالهه ڪانه هوندي هئي. سروجني
نيڊو جنهن سان به ملندي هئي اُنهن سان ماءُ بڻجي
هوءَ ملندي هئي.
۽ ڪاليجن ۾، ۽ پڻ هاءِ اسڪولن ۾، اسان جا اڳواڻ ڪير هئا؟
شيڪسپيئر، مِلٽن ۽ بَـرڪ. اسان جا ”انقلابي“ ساٿي
شيلي، ڪِيٽس ۽ بائرن، ٽينيسن ۽ برائونگ اسان جا
ڏاها اڳواڻ هوندا هئا.
ڪارلائل اسان جو شوخ طبع ناظر هوندو هو، ۽ پياري رَسِڪن پنهنجن
لافاني ڪتابن_ ”سيسيم آئيڊ لِلِيز“ (سرنهن جا ۽
سُـوسن جا گل‘)، ”اسٽونس آف وينس“ (وِينس جا پٿر!)
۽ ”سيوِن لئمپس آف آرڪي ٽيڪچر“ (’فن عمارتسازيءَ
جا ست شمعدان‘)_ وسيلي اسان کي هر پهڻيءَ ۾،
پاڻيءَ جي هر ڦڙي ۾، گاهه جي هر پن ۾، حسن جو
مشاهدو ڪرڻ سيکاريو ٿي.
اُنهن ڏينهن ۾، اسين نوجوان عظيم شخصن جي وچ ۾ بيٺل
هوندا هئاسين.
اڄ جيڪڏهن نوجوان پاڻ کي روحاني طور يتيم محسوس ڪن ٿا، ته اُهو
اِن ڪري، جو اسان جي سَنگ کان اقبال ۽ ٽئگور جهڙا
ماڻهو وڇڙجي ويا آهن.
اميدن کان نڪتل اڄوڪي ناشناس ۽ نامراد دور جا اوچتا مطالبا ۽
مامرا رڳو گذريل سالن جي ٿورن ڏهاڪن جي عظيم شخصن_
مردن ۽ عورتن_ ۽ اسان جي وچ ۾ وڏي کاهي بڻجي بيٺا
آهن.
هڪ ڳالهئين، سڄي. دنيا پنهنجو اڳيون رنگ روپ وڃائي ويٺي آهي.
اڳي ڪڏهن به انسان ذات جي سڄي مَنو َرتي ايتري تهه
تائين اُٿَل پُٿل جو شڪار ڪانه ٿي هئي جيئن هاڻي
اُها ٿيل ڏسجي ٿي.
اُن سان گڏ، مشرق ۽ مغرب جي ٽڪَـر ۾ مهاڀاري طاقتن جي پاڻَ زوري
عروج کي ٿو ڏسجي_ جيڪي اڄ اُنهيءَ قوت ۽ تيش ۾
آهن، جو هڪ گفتي سان دنيا کي تباهه ڪري سگهن ٿيون_
تڏهن اِها ڪا حيرت جي ڳالهه ڪانه ٿي لڳي ته نوجوان
نسل َ پاڻ کي حالتن ۽ واقعن جي سامهون لاچار ۽ بي
بس محسوس ڪري رهيو آهي، جيڪي اُن تي غالب آهن ۽ جن
جي بار هيٺ هو ڪچلجي رهيو آهي. رد عمل طور، اسان
جا هي جوان – عمر َ حساس َ روحَ سڄيءَ پنهنجيءَ
نراسائيءَ جو علاج منشيات-پسنديءَ جي آتم هترائي
عمل ۾ ڏسي رهيا آهن، ۽ اِئين هُنن جو سڄو ذهن،
جيڪو انسان جي تصرف ۾ فطرت جي ڏنل هڪ ئي اِمتيازي
حاصلات آهي، تباهه ٿي رهيو آهي.
۽ اِها واقعي عجب کِل جهڙي ۽ پڻ المناڪ ڳالهه آهي، جو اسان جا
ذهن جيڪي اڳي ئي ائين گهمسانيل هجن، انهن کي اسين
وڌيڪ نشا پياري بنهه برباد ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهي
رهون، ۽ اُنهن کي پنهنجي اَڻ لڀ ۽ املهه دولت
سمجهي، ساهه سان سنڀالڻ بدران، وڌيڪ ايذائڻ ۽ مات
ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃون!
اِئين ته برابر آهي ته اسان جي چوڌاري دنيا ڪافي وڳوڙ ۾ ورتل
آهي، ۽ جيڪو اُفق کان طوفان اُٿي رهيو آهي اُن کي
اسين روڪي نٿا سگهون. پر اسين پنهنجي ٻيڙي کي
ڌَڪجڻ کان بچائي سگهون ٿا. پنهنجيءَ ننڍڙي دنيا ۾،
پنهنجا اڳواڻ پاڻ بڻجڻ سان، نوجوان وقت جي وڏي ۾
وڏي ضرورت پوري ڪري سگهون ٿا. ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو ڪي
پهريان به ڪو نه هوندا. دنيا جي تاريخ ۾ ۽ هر ملڪ
۾ هر انساني قوم ۾ نوجوانن ۽ جوان مردن ائين ڪيو
آهي، ۽ جڏهن به اُهي اَهڙيءَ ڪنهن پس و پيش سان
ڪٿي مدمقابل ٿيا آهن، ته هو وڌي ڏاڍين ڪن
للڪاريندڙ اوچين بلندين تائين وڃي پهتا آهن.
اسان وٽ، 1857ع ۾، تڏهوڪي جوان نسل، پنهنجي اکين آڏو، پنهنجي
سڄي دنيا مٽيءَ جي ڍيرن ۾ بدليل ڏٺي، ڪيترن پنهنجا
ڀائرَ، پيئرَ ۽ پاڻ جيڏا انگريزن هٿان، غداريءَ
جا لقب قبولي، ڦاسيءَ جي تختن تي چڙهندي ڏٺا،
هزارين منجهانئن اهڙا هئا، جيڪي دشمن جي بندوقباز
دستن جي سڌين بندوقن جي سامهون بيهي موت سان
همڪنار ٿيا، شهرن ۾ محلن جا محلا تباهه ٿي ويا.
عورتن جون بي حرمتيون ٿيون. معصوم ٻار يتيم ٿيا ۽
رت ۾ وهنجي مستقبل جو بَک بڻيا.
اوندهه جي اهڙيءَ ڪاريءَ چادر ۾ ويڙهيل وقت ۾ سر سيد احمد خان
جهڙا ماڻهو، مولانا حاليءَ جهڙا ماڻهو، مولانا
شبلي نعمانيءَ جهڙا ماڻهو ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيا
ڪيئي نامدار ۽ گمنام جوان مرد وڌي آڏو آيا ۽
مشعلون بڻجي ٻين جا رهبر بڻيا. کڙندڙ تارن مثل
هُنن ”پاڻ ساڙي، رک ڪري، ڌرتي کي روشن ڪيو.“
اُنهن جي اُها اڳواڻي اهڙي به نه هئي، جيڪا ٻئي ڪنهن يا ٻين ڪن
جي تباهيءَ جو سامان بڻي هجي. ۽ لافاني اڳواڻپ جو
اِهو ئي راز آهي_ ته اُها پنهنجي پٺيان ڪابه ابتري
ڪانه ٿي ڇڏي. اُن جا اڻيمٽ نشان تعمير ۽ تخليق ئي
هجن ٿا.
هو ”خون جو ڇَڇُ جهاڳي تخت تي“ ڪو نه ويندا هئا. ۽ نه ئي هُنن
انسان ذات جي مٿان ”انساني ڪهل جا دروازا بند“ ڪيا
هئا. نه سڌيءَ طرح ۽ نه اڻ سڌيءَ طرح هَنن جي ڪا
پزيرائي يا تبليغ ڪئي هئي.
اسان جي نوجوانن لاءِ اهڙيءَ اڳواڻپ تائين پهچڻ جو ننڍي ۾ ننڍو،
ويجهي ۾ ويجهو، رستو عظيم شخص جي سوانح عمرين جو
مطالعو آهي. بينجامن فرئنڪلن جي سوانح عمري، مثال
طور گهڻن ئي نوجوانن جي راهه روشن ڪري سگهي ٿي.
ڪيرُ آهي، جو سر سيد احمد خان ۽ راجا رام موهن
راءِ جون سوان حعمريون پڙهندو ۽ اُنهن جي اعليٰ
ڪارنامن مان اتساهجي نه سگهندو؟
جو ڪجهه مختصر احوال مهاتما گوتم ٻڌ ۽ حضرت يسوع مسيح جي زندگين
بابت سچ پچ اسان کي معلوم آهي، اُن ڪيترن ئي
معمولي ماڻهن کي ماڻهپي جي چوٽين تائين پهچائي
ڇڏيو آهي. افلاطون جي ڪتاب ”ڳالهيون ٻولهيون“(”Dialogues“)،
جن ۾ اصل ۾ سقراط جي ئي سوانح عمري موجود آهي،
انساني حيات جي سڄيءَ تاريخ جو قدم قدم تي رخ پئي
بدلايو ۽ سڌو ڪيو آهي؛ ۽ هن جو مضمون ”سقراط جو
مقدمو ۽ شهادت“ دنيا جي اخلاقي اڳواڻپ لاءِ عظيم
ترين رهنما تحرير آهي. ٽيپو سلطان جا آخري چيل
لفظ_ ”شينهن جي حياتيءَ جي هڪ گهڙي بزدل گدڙ جي
سئو سالن جي حياتي کان بهتر آهي“_ جوُلئس سيزر جي
چيل آخري لفظن جي عين مشابهه آهن: ” بزدل ڪيئي
ڀيرا پنهنجي موت کان اڳ مرن ٿا، پر دلير انسان َ
موت جو ذائقو فقط هڪ ئي ڀيرو چکن ٿا!“
ته، نوجوان نسلُ اڳواڻپ کان محروم ٿي ئي نٿو سگهي_ اڳواڻپَ،
انساني تاريخ جي عظيم ترين ۽ لافاني اڳواڻن جي،
ڇاڪاڻ ته اُهي پنهنجي موت کان هزارين سال پوءِ به
اڄ ياد آهن، ۽ اُنهن جي اڳواڻپ نوجوانن جي رهبريءَ
لاءِ سدا موجود آهي.
عظيم شخصن جي زندگين جو مطالعو اسان لاءِ پنهنجي عظمت ڏانهن
ويندڙ ويجهي ۾ ويجهو رستو آهي: ڇاڪاڻ ته اَهڙي ئي
هڪڙي عظيم انسان، گوئٽي، جو اسان کي چوڻ آهي:
آواز ٻُڌا ويا،
سڳورا ۽ ڏاها سڀ ٻُڌا ويا،
جَڳُ ٻُڌو ويو، سڀ ِ جُڳَ ٻُڌا ويا:
چتائي، چونڊي، پنهنجي چونڊ ڪريو_
ننڍي آهي پر اَڪٿ آهي_
اکيون اوهان تي آهن،
اَزل ۽ اَبد جي بي اَنت ساگر ۾:
سڄو ڪمال هتي آهي،
همت ڪريو، انعام کٽو!
ڪم ڪريو ۽ دل نه هاريو!
نوجوان نسل ُ، انهيءَ ڪري ڪڏهن به اڳواڻن کان محروم نه رهيو
آهي. دنيا جا وڏي ۾ وڏا ماڻهو مرد ۽ عورتون_ اُنهن
جي رهبريءَ لاءِ سدا موجود ۽ بصد رضا ۽ خوشي، چست
۽ چوبند، سندن آڏو تيار بيٺا آهن: ڊڪٽيٽرن (آمرن)
يا غلامدار آقائن وانگر به نه، پر سندن سُونهپ
لاءِ، سندن صلاحڪارن طور. عظيم گوتم ٻڌ نوجوان نسل
کي هيٺين هڪ ڳالهين جي ڳالهه، خواهه مخواه يا بنان
ڪنهن سبب جي ، ڪانه ٻڌائي آهي:” نه ڪجهه چئو ڇاڪاڻ
ته ٻُڌ چوي ٿو، نه ڪجهه ڪريو ڇاڪاڻ ته ٻُڌ ڪري
ٿو: نه ڪجهه سوچيو ڇاڪاڻ ته ٻُـڌ سوچي ٿو: پر چئو.
ڪريو ۽ سوچيو ڇاڪاڻ ته اوهان جو عقل اوهان کي ائين
ٻُـڌائي ٿو.“
اَهڙن اعليٰ خيالن جي سامهون هوندي، نوجوان خود پاڻ ئي اڳواڻيءَ
لاءِ اُمنگجي سگهن ٿا: جيئن انگريزيءَ جي شاعر،
ٽينيسن، چيو آهي_ ”پاڻُ ڄاڻڻ، پنهنجو مانُ پاڻ
ڪرڻُ ۽ پاڻُ پنهنجي وس رکڻُ_ خودشناسي، عزت نفس ۽
خودضابطگي_ اِهي ٽي گڻ ماڻهوءَ کي سلطاني سهُاڳ
جي چوٽيءَ تائين رسائين ٿا.“
اِنهيءَ ڪري، نوجوانَ بي اڳواڻ ڪيئن ٿا رهجي سگهن. هو ته پنهنجا
اڳواڻ پاڻ آهن.
ڊاڪٽر جي. ايم. محڪري
جنم: 19- آڪٽوبر، 1908ع، بئنگلور سِٽي، مئسور
هاڻي، 1942ع کان، رهندڙ: ڪراچي، سنڌ |