” جتي آپيشاهي راڄ هجي، پريس تي مڪمل پابندي هجي، اُتان جي شديد
رجعتي دؤر ۾ جڏهن سياسي عدم اطمينان ۽ احتجاج جي
هلڪي ۾ هلڪي آواز کي به سزائن جو نشانو بڻايو
ويندو هجي، اُتي، اُن ملڪ جي اَهڙي دؤر ۾ به
مارڪسي انقلابي اصولُ، انسان دوست انقلابي ادبُ،
پوريءَ طرح چڪاس هيٺ ايندڙ ادب جي وچ ۾ زوريءَ
پنهنجي جاءِ پيدا ڪري، اچانڪ پڌرو ٿي، آڏو اچي
بيهي ٿو، ۽ توڻي جو ايسوپيائي(Aesopian)
اصطلاح ۾ اظهاريل هوندو آهي، اُهو سڀني اُنهن وٽ،
جن کي ’دلچسپي‘ آهي اُئين سمجهيو به وڃي ٿو.“
[Lenin: “What is to be Done”- Burning Questions of our
Movement, Vol.5, P. 361]
”..... جي مشوري سان، جنهن لاءِ اڄ ڏينهن تائين
شڪر گذار آهيان، مون پنهنجو وقت ڌارين ٻولين مان
ترجمي ۾ صرف ڪيو، ۽ هينئر به آءُ اِن کي هڪ
نوجوان ليکڪ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ جي روح کي وڌيڪ
گهرائيءَ سان ۽ وڌيڪ تخليقي طور سمجهڻ جو بهترين
رستو سمجهان ٿو.......
” هر ڌارين ٻولي پهريائين پنهنجين وڌ ۾ وڌ نِجي خصوصيتن جي
صورتن ۾ اُنهن جي آڏو جيڪي اُن جو نقل ڪرڻ چاهين
ٿا، مشڪلاتون پيش ڪري ٿي، ۽ اِنهيءَ ڪري اُها
اظهار جون اُهي قوتون طلبي ٿي جيڪي ٻيءَ طرح خود
بخود ڪڏهن به نروار ٿي نه سگهنديون؛ ۽ ڌارينءَ
ٻوليءَ کان اُن جي اِئين وڌ ۾ وڌ مخفي جوهر حاصل
ڪرڻ لاءِ هيءَ جاکوڙ ۽ اُن جوهر کي پنهنجي ٻوليءَ
۾ اُنهيءَ ئي ملائمت سان ڍالڻ جي ڪوشش- ذاتي طور،
هِن ڪم ۾ منهنجي خصوصي فني تمنا اِها هوندي هئي، ۽
ڇاڪاڻ ته هِن خاموش ۽ دراصل بي قدرائين ڪم گهڻو
صبر ۽ وڏي اورچائي گهُري ٿي - جيڪي اوصاف اسڪولي
دؤر ۾ مون پنهنجي سهل پسنديءَ ۽ طبع جي ارڏائيءَ
سبب خاطر ۾ نه آندا هئا، اِن ڪري اُهو ڪم خاص طرح
مون کي ڏاڍو پيارو ۽ دلنواز ٿي لڳو؛ اِنهي ءَ
لاءِ به، جو فن جي اعليٰ ترين خزانن کي اِئين
منتقل ڪرڻ واري هِن نيازمنديءَ جي ڪم ۾ مون پنهنجي
زندگيءُ کي پهريون ڀيرو هڪ سچي پچي ڪارائتي ڪم ۾
مصروف ڏٺو هو. ۽ اُهو ئي منهنجي نظر ۾ سڄي منهنجي
وجود جو جواز به هو.“
[Stefan Zweigi “The World of Yesterday,”P.119]
محڪريءَ جا مضمون
ڪائي مُرڪ اکين ۾ اِئين چمڪ پيدا ڪندي آهي جيئن سج
جا پهريان ترورا هرڻ جي اکين ۾ پيدا ڪندا آهن.
اُها مرڪ مون پنهنجي بزرگ دوست ڊاڪٽر مهڪريءَ جي
اکين ۾ ڏٺي آهي. هڪ ڀيري هُن مون کي چيو، ”شاعر،
تاريخ جو ٽيون دور شروع ٿي چڪو آهي.“
”ڊاڪٽر صاحب! ڪهڙو ٽيون دور؟“ مون حيرت مان هُن
کان پچيو.
”بابا، قبل از مسيح ۽ بعد از مسيح کان پوءِ تارا
مسيح جو دور“، هن جواب ڏنو. هُن جي اکين ۾ ساڳي
مُرڪ هئي جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.
پر مون هُن جي اکين ۾ ٻي مُرڪ به ڏٺي آهي،جا
آئيني وانگر هُن جو اَندر پسائيندي آهي. هو
بنگلور مان هجرت ڪري آيو آهي. جنهن وقت به هُن
کي بنگلور جي ياد شدت سان ايندي آهي تنهن وقت هو
پنهنجي مضمون جي مٿان پنهنجو فرضي نالو ”بنگلور
مهڪري“ لکندو آهي. اُن وقت هُن جي اکين ۾ مُرڪ
ائين چمڪندي آهي جيئن وارياسي جي نٽهڻ اُس ۾ سج
جا ترورا هرڻ جي اکين ۾ چمڪندا آهن ۽ هو ڪنهن
ترائيءَ لاءِ واجهائيندو آهي.
(شيخ اياز: ”آتم ڪهاڻي“، ص 75،
سُڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو،1985ع
کير سفيد ڪيئن ٿو ٿئي؟
۽ ائين هڪڙو ٻيو نواب صاحب هو- بلڪل اهڙو نواب صاحب، جهڙا سڀ
نواب صاحب ٿيندا آهن.
بلڪل ڳالهه اِئين هئي. هو صبح جو ننڊ مان اُٿندو هو ته ٻَرجي
اُٿندو هو. سڀني کي خبر هئي ته ڇو!
پوءِ هڪڙي حاذق حڪيم کيس ڏس ڏنو ته جڏهن به هو دير سان اُٿي،
تڏهن هُن کي کير جو هڪڙو ڀريل پيالو پي ڇڏڻ گهرجي-
اُن مان هُن کي وڏو فائدو ٿيندو.
هو ڳالهه سمجهي ويو، ۽ حڪم ڏنائين ته سهمڻ کان پوءِ هو جڏهن
اُٿي، ته کير جو پيالو بنهه تيار هُن جي چپن تي
هئڻ کپي.
هڪڙي ڏينهن کير وارو پنهنجي روز روز جي سچائيءَ کان اهڙو ته
بيزار ٿي پيو، جو فيصلو ڪيائين ته نواب صاحب جي
پيالي مان چوٿون حصو هن کي لاهي رکڻ کپي.
جڏهن نواب صاحب کي اِن جي سُڻس پئي، تڏهن هُن پوليس کي گهرايو ۽
معاملو اُن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس واري کير واري سان اِئين سَٽل ڪيو ته جيڪڏهن هُن کي سندس
چوٿون حصو ملي، ته ڳالهه جيئن دستوري طرح هلي رهي
هئي تيئن ڀلي هلندي رهي.
نواب صاحب کي اِها ڳالهه ڪانه وڻي، سو هُن پنهنجي اَئنٽي ڪرپشن
(رشوت ٽوڙ) عملي کي گهرايو، ۽ حڪم ڪيائين ته قانون
جي نظام کي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي.
اَئنٽي ڪرپش جي بَندي کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ويٺي ته هو
کير جي پنهنجي چوٿين حصي کان پاڻ کي محروم ڇو رکي.
ڳالهه جي اِنهيءَ نئين سَٽل نواب صاحب جي حصي کي هيڪاري گهٽائي
ڇڏيو.
جنهن تي نواب صاحب چيو ته ”قانون جو دستوري نظام ٺيڪ نه هو،
بلڪل ٺيڪ نه هو.“ ۽ اِئين چئي، هُن اُنهن کي سڏايو
جيڪي هونئن ئي اَڻ- سڏيا هليا ايندا آهن.
اَڻ- سڏائي همراهه اچڻ سان کير واري کي حڪم ڪيو ته کير جو باقي
چوٿون حصون ’خاڪي تنبوءَ‘ ۾ پهچڻ گهرجي، ۽ اُن جي
ٿوري پر گهاٽي سڻڀي مَلائي، جيڪا ئي اصلي شيءَ
هئي، سا ’امورخاص‘ جي مقصدن لاءِ کيس پهچائي وڃي.
اڻ سڏئي پوءِ ملائيءَ جون ٻه آڱريون ڀري نواب صاحب جي چپن ته
لائي ڇڏيون- ڇو ته نواب صاحب سڄيءَ رات جي قومي
تعمير جي ڪم ڪار ۾ ٿڪجي، جو ستو هو، سو اڃا سج
چڙهئي سوڌو کونگهرا هڻي رهيو هو.
جڏهن نواب صاحب اُٿي پنهنجي اُڃايل چپن سان لڳلُ خالي پيالو
ڏٺو، تڏهن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هُن اَڻ- سڏئي کي
پاڻ وٽ گهرايو.
”سمجهڻ؟ ڳالهه کي سمجهڻ! ڪهڙو سمجهڻ؟“ اَڻ – سڏئي واڪو ڪيو.
” ايڏي قومي تعمير جي گهڻي ۽ سخت ڪم کان پوءِ اوهان ئي ته تازي
تواني ٿيڻ لاءِ سڄو کير جو پيالو يڪساهيءَ پي
ڇڏيو! پوءِ به ڳالهه کي اڃا سمجهڻ ٿا گهرو!“
” مون ته اڃا کير ڪونه پيتو آهي! ڪينَ، پِي ڇڏيو اٿم!“ نواب
صاحب پڇيو.
” پنهنجن چپن تي هٿ لائي ڏسو، نواب صاحب! اوهان کي سچ جو پتو
پئجي ويندو!
” ۽ اِن مان اوهان کي اِهو به پتو پوندو ته کير سفيد ڪِيئن ٿو
ٿئي!“
”پوءِ ته مون کي اِها به خبر پئي ته اوهين اِن کي ڇا ٿا سڏيو!
”اوهين اِن کي سفيد ڪوڙ سڏيندا آهيو. هائو نه ؟“
اخلاق کان خالي دانشور
پهرين ڳالهه ته اُهي سڀ جيڪي اهڙن ڌنڌن ۾ لڳل آهن، جن کي عرف
عام ۾ ذهني يا دانشورانه ڌنڌا چئجي ٿو، مثلاً
قانون، ڊاڪٽري، تعليم ۽ اهڙا ٻيا ڌنڌا، سي سڀيئي
لازمي طرح ڪي پاڻ به ذهين يا دانشور نه آهن.
اُهو اِنهيءَ ڪري، جو ذهن يا دانشوري ڪن ٿورن خاص ڌنڌن تائين ئي
محدود ڪانهي.
ذهن سڄيءَ انسان ذات جو عام ورثو آهي- ۽ اُن ۾ ڪنهن هِن يا هُن
خاص ڳالهه جو سوال ڪونهي.
اِنهيءَ ڪري سڄي انسان ذات- سڀ پاءُ اَٽو کائيندڙَ- ذهين آهن، ۽
فقط پنهنجي ذهن جي مدد سان هُنن سڀني شين کي، ۽
ننڍن وڏن جانورن کي، پنهنجي قبضي هيٺ آندو آهي.
اِنهيءَ ڪري ڪو به گروهه يا ٽولو اِنساني ذهن جي خاص هڪ هٽيءَ
جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي.
ٻي ڳالهه ته ڪم ازم ڪم ڪي ڌنڌا جيڪي ذهني يا ’دانشورانه ڌنڌا“
سمجهيا وڃن ٿا، ڪجهه گهٽ ڪجهه وڌ، خون چوس ڌنڌا
آهن- اِنهيءَ معنيٰ ۾ ته، اُهي ٻين بنيادي
پيداواري ڌنڌن، مثلاً زراعت جي ڌنڌي، تي وڌن ٿا،
جيڪو خوارڪ اُپائي ٿو، جنهن کان سواءِ ذهن چند
ڪلاڪن ۾ ئي ڪک پن ٿي وڃي ٿو- اِن ڳالهه جو فورن
تجربو به ڪري سگهجي ٿو!
هي ڪجهه گهٽ ڪجهه وڌ خون چوس ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو ته جنهن شيءَ
کي ’خيال‘ يا ’فڪر‘ چيو وڃي ٿو ته اُهو ٿا تخليق
ڪن، پر گهڻي قدر اُهو فڪر گهٽ ۽ مونجهارو وڌيڪ
هوندو آهي، اُن کان وڌيڪ اُهو مُنجهيل فڪر هوندو
آهي، ۽ اُن کان به وڌيڪ اُهو منجهائيندڙ فڪرُ
هوندو آهي،
هيءُ راڪاسُ، هيءُ منجهائيندڙ فڪرُ، اسان جي سانڀر ۾ ئي، ذميدار
رهيوآهي پربت جيڏي انساني دک لاءِ، پيڙا لاءِ،
پاڙان اُکڙجڻ لاءِ ۽ رڳو نراسائيءَ لاءِ- ۽ اُن سڀ
کان بچاءُ ٿي سگهيو ٿي، اُهو سڀڪجهه ٽري سگهيو ٿي.
جيئن ڳرن سالن پٺيان ڳرا سال گذرندا ٿا وڃن، تيئن هانءُ
ٻوساٽيندڙَ ڳالهه صاف ٿيندي ٿي وڃي ته سرسبز ۽
شاداب نخلستان، جيڪي منجهائيندڙ فڪر جي ڪيميائي
جادوءَ ٺاهي آڏو رکيا هئا، سي جيئن پوءِ تيئن بي
ترس حقيقت جي تپندڙ بيابان ۾ ٺلهيءَ رڃ جا نشان
ثابت ٿي رهيا آهن.
۽ دانشور وئشيائون، جن بنيادي جمهوريت، مقبوض جمهوريت ۽ اهڙن
ٻين هوائي ڦِرموٽين سان نشن ۾ چُور بالادستن جي
اُڀامندڙ وجودن کي مطلق لازواليءَ جي خوابن سان
ڀري ڇڏيو هو، اُهي هاڻي وري مون کي اُنهيءُ ساڳئي
لازواليءَ جي پڪ ڏيئي رهيون آهن.
اُنهن جو ناچ برابر مختلف آهي، پر اُهو سڀ اِنهيءَ ڪري، جو
پٽَاپٽي بين باز
(Pied Piper)
جي صورت ۾ جيڪو سُرُ آءُ وڄائي رهيو آهيان، سو
مختلف آهي، ۽ گهورَ به آءُ ئي پيو ورهايان- پوءِ
کيسي ڪنهن جي مان به اُها نڪرندي هجي.
پاڻ کي ڪنهن طرح مون پڪ ڏيئي ڇڏي آهي، ته آءُ ۽ فقط آءُ عالمَ
کي فوري تباهيءَ کان بچائي سگهان ٿو؛ اُن ڳالهه جو
پڙاڏو آءُ اُنهن ڪُوئن جي ڇاتين ۾ ٻڌان پيو جيڪي
منهنجي سُر تي پيا نچن- خالص گهورَ خاطر ئي سهي.
هئملن
(Hamlin)
جي ڪلاسيڪي پَٽا پٽي بين باز وانگر، آءُ به ڄاڻان
ٿو ته مون سان ڪوُئن جا سڀ قسم گڏ آهن؛ ٿلها به ۽
سنها به، جوان به ۽ پوڙها به، سنوان به ۽ خاص طرح
ڏسڻ ۾ سنوان ايندڙ چريا به جيڪي هِن موت جي ناچ جي
تار کي قائم رکڻ ۾ ڏاڍا ڪمائتا آهن.
ڇاڪاڻ ته، موت جو ناچ ته اِهو آهي.
هر پَٽاٽي بين باز جي لازمي مِشن(Mission)
اِها هوندي آهي ته خود فريبيءَ جي غم آگين موسيقيءَ جي مدد سان
ڪُوئن کي سندن تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي- تقدير جي
اِها تقاضا آهي.
اِن ۾، مان ڏسان ٿو ته دانشور ڪُوئا، هميشه جيئن، اڄ به ڏاڍا
ڏاڍا ڪمائتا آهن- اِنهيءَ ڪري، جو مجموعي ڳالهه
موجب هو هڪڙي اُنهيءَ ڳري بار کان آجا آهن، جنهن
کي اخلاق ٿو چئجي.
ڇا، کٽولي جو موت نه کپي!
”نيپولين انگريزن سان واٽرلو ۾ وڙهندي مارجي ويو“- هي اخبارن ۽
تاريخ جي صفن تي ڪهڙو نه عاليشان سِرو ٿي سگهيو
ٿي!
بلڪل اهڙو جهڙو هيءَ سِرو: ” ٽيپو سلطان انگريزن سان ميسور جي
ڇوٿينءَ جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو“. پر، افسوس، ائين
نه ٿيو.
هو ”قسمت جو ڌڻي“، جيئن نيپولين پاڻ کي سڏيندو هو، اُنهيءَ
طريقي سان فرانس کي امر بڻائي نه سگهيو، جيئن
ميسور جي سلطان ميسور کي امر بڻايو. ڇو ته
نيپولين جي اِها قسمت نه هئي.
اُن جي بدران هُن ”قسمت جي ڌڻيءَ“ کي موت جي کٽولي تي، پري
پري، ذري گهٽ اڻ ٻڌل سينٽ هيلين جي ٻيٽ تي، پاسا
ورائيندي، ساهه ڏيڻو هو- اِهڙي موت جي کٽولي تي،
جيڪو سورمائي شهادت جي قوت ۽ شان کان خالي هو.
اِهڙيءَ ئي طرح موت جي کٽولي تي دکي، رواجي موت سقراط کي به
گهڻي قدر شهيدي شان ۽ رتبي کان محروم ڪري ڇڏي ها.
۽ دنيا هن جو سدا- پڪاريندڙ سڏ نه ٻڌي، نسَت ۽ گگدام رهجي وڃي
ها، جيڪوهن پنهنجي جلاد کي ڏنو هو؛ ” کڻي آ زهر جو
پيالو، جي تو وٽ تيار آهي، ۽ جي نه آهي، ته جلد
تيار ڪري وٺ، ڇو ته ويندڙ حياتيءَ جون ٿوريون
گهڙيون بچائي، گهڻو ڪجهه ورائي ڪين سگهبو.“
مسيح پڻ کٽولي جي موت کان پاڻُ بچائي ورتو، ۽ هو صليب کي صليب
بڻائي ويو- سدا حيات زندگيءَ جي علامت.
منصور حلاج پنهنجي ڦاسي ڏيندڙ جلاد جي رسيءَ کي چُمي ڏيئي،
پنهنجي پري بيٺل ’کٽولي جي موت‘ کان بازي کسي ويو.
رواجي، خسيس، کٽولي جي موت سان صوفي سرمد پاڻ به ته معمولي
ماڻهو بنجي وڃي ها. پر دنيا کان موڪلائيندي، هو
غير معمولي انسان بنجي ويو- سندس قاتلن جو مٿس
هيءَ ڪيڏو نه وڏو احسان هو!
”هڪ ئي ڌڪ هڻي منهنجو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو!“ ڪڏهن –نه- مرندڙ قرئت
العين، صبح ازل، پنهنجي جلادن کي هدايت ڪئي، جيڪي
پاڻ به روئي رهيا هئا ۽ ماتم ڪري رهيا هئا. ” هڪ
ئي ڌڪ سان هيءُ ڪنڌ ڪپيو، ته اوهان جو ڪم آسان ٿي
سگهي.“
ڇا، جيڪڏهن سيزر موت جي کٽولي تي چُڙي مري ها ۽ سُتي سُتي چُٽا
پئجي وڃنس ها، ته دنيا جي شاعرن مان عمر خيام
جهڙو شاعر ڪو هيءَ ڳالهه چئي سگهي ها!-”مان ڪڏهن
ڪو رت جهڙو ڳاڙهو گلاب ڪٿي ٽڙيل ڏسندو آهيان، ته
سوچيندو آهيان ته هِتي هِن مٽيءَ جي هيٺيان ضرور
ڪو رت ۾ وهنتل سيزر پوريل هوندو!“
۽، ڇا، ڪو مارڪ آئنٽوني به ڪڏهن چئي سگهيو ٿي: ” او سورهين جا
سردار سيزر، تنهنجو مڙهه اُنهيءَ عظيم ترين شخص جو
آهي، جو وقت جي سيلاب ۾ هڪڙو ئي ڪڏهن ڪو موجود
هوندو آهي.... اڄ منهنجي پيشنگوئي آهي ته ماڻهن تي
ڪا ڪُمهري نازل ٿيندي...... اونداهي طوفان ۽ خانه
جنگيءَ ۾ هو وٺجي ويندا........ چوطرف بربادي ۽ رت
هوندو، ۽ ساهه مُٺ ۾ جهليندڙ مصيبت ايتري ته عام
ٿيندي، جو مائون جڏهن پنهنجا زرهه پاتل پٽ جنگ جي
مُنهن ۾ ويندي ڏسنديون ته رڳو ويهي کلنديون. قياس
۽ ڏک جي دٻاءُ کان ساهه گهُٽجي ويندن، ۽ سيزر جو
روح هِن سرزمين تي انتقام جي گردش بنجي هلندو ۽ بي
خوف تحڪمانه آواز ۾ پڪاريندو ’نه ڇڏيو!‘ ۽ پوءِ
جنگ جا ڪتا ڇُڙي پوندا....... ۽ هن ذليل عمل جِي
ڌرتيءَ تي بدبوءِ پکڙندي، ۽ ڪِنا ٿيندڙ جيئرا
انساني لاش پورجڻ لاءِ ڪنجهندا ۽ پڪاريندا رهندا.“
جيڪڏهن سيزر کٽولي جو موت مري ها، ته بروٽس، جنهن ئي سڀ کان وڌ
بي ترس ڌڪ هن کي هنيو هو، نيٺ پنهجيءَ ترار جي نوڪ
تي پاڻ کي اڇلائيندي، دانهن ڪري، چوي ها ڇا: ” او
جيولس سيزر، تون اُهو ئي اَجيت آهين، تنهنجو روح
آزاد آهي ۽ پنهنجي دشمنن کي للڪاري رهيو آهي؟“
نه، هر گز نه .
تاريخ ۾ هميشہ اهڙا ڪرشمه ساز شخص ٿيا آهن، جن هڪ پاسي پنهنجن
جوڊاسن، بروٽسن، اِندرجيتن ۽ اهڙن ٻين کي ڇڏي ڏنو
آهي ته ڀل هو پنهنجي روح جي ڪارٺ سان ازلي ذلت جي
ايوان ۾ پنهنجي لاءِ پختي ڪا جاءِ ٺاهين، ۽ ٻئي
پاسي خودياوريءَ جي بنياد تي يا خالص ”ذاتي عمل“
جي معجزي سان هُنن پاڻ کي کٽولي جي عام ۽ حقير موت
کان بچائي ورتو آهي.
اُهي ئي جيئرا آهن، جُڳن تائين. جُڳن کان مٿي.
ڪينسر جو علاج ٿي ويو
ڪينسر جو نه رڳو علاج ٿي سگهي ٿو.
اُن جو علاج ٿي به ويو.
پوريءَ طرح.
رڳو ”ڪجهه فائدو“ نه.
اُن جي اُٿلڻ جو به خوف ڪونهي.
سڌو سادو صاف علاج.
هائو، صاف علاج.
عجب ته اِهو آهي- عجبن جهڙو عجب.
بلڪل سڌو صاف علاج.
حيرت ته اِها آهي.
هاڻي سڀني تي ڳالهه کلي آهي ته اِها ئي اُن جي بنهه اصلي سادي
صورت هئي، جيڪا اُن جي علاج جي آڏو رڪاوٽ هئي.
ويد ڌن ونتريءَ جي ڏينهن کان وٺي، حڪيم ۽ طبيب سڀ ائين پئي
سمجهندا آيا ته اُن جو علاج ڏکيو هو، ۽ اُن کان
ٻيا ڊڄندا هئا.
قدرتي ڳالهه آهي ته ڊپ ۾ ڪنهن کان ڪجهه نٿو ٿي سگهي.
جڏهن اوهين شروع ئي اِنهيءَ ويچار سان ڪندا ته ڪا ڳالهه ڏکي آهي
ته اُها ته ضرور ڏکي ئي ثابت ٿيندي. اِن ۾ پوءِ
عجب ڇو ٿيڻ کپي.
انهيءَ ڪري هر ڳالهه جو مدار نقطي نگاهه تي آهي، بس .
جُڳ گذري ويا، ماڻهن خود ڌرتيءَ ۽ سج بابت عام سمجهه وارو نقطي
نگاهه پئي رکيو ۽ قبوليو.
هر روز هُنن سج کي اوڀر کان اڀرندي ۽ اولهه کان لهندي ئي ڏٺو
آهي.
ائين، هُنن جا سڀ مذهب ۽ سڀ هُنن جا فلسفا اِنهيءَ خيال تي بيٺل
هئا ۽ دنيا پئي هلي.
دنيا جو ڪاروبار به هميشہ جيان هلندو ئي رهيو. جڏهن گليلو چيو
ته ڌرتي آهي، جا سج جي چوڌاري ڦري ٿي، ته هُن ڄڻ
نشي جي گولي کائي ٿي ڳالهايو.
اِها ڳالهه بيشمار لکن ڪروڙن ماڻهن جي جُڳن کان ڪيل مشاهدي جي
ابتڙ هئي. ۽ جڏهن هن ” ثابت ڪري ڏيکاريو“ ته ڌرتي
سج جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ نه سج ڌرتيءَ جي چوڌاري،
تڏهن به سندس دور واريءَ وڏي ويڪريءَ دنيا جي
روزاني ءَ ڪارڪرت ۾ گهڻو فرق ڪو نه آيو. پر، وري
به، چيو وڃي ٿو ته اُن ڳالهه ماڻهو جي سوچ ۾
انقلاب آڻي ڇڏيو هو.
ڪٿي؟
هِتي ته بهرحال نه، بلڪل نه.
ڇا به هجي ، پر اُن سڄيءَ ڳالهه مان ثابت ٿيو ته جڏهن نقطي
نگاهه بدلجي ٿو، ته گهڻو ڪجهه بدلجيو وڃي.
ساڳي ڳالهه ڪينسر جي علاج جي به آهي.
جڏهن نقطو نگاهه اِهو هو ته ڪينسر جو علاج سولو ڪونهي، تڏهن هر
قسم جو علاج، مثلاً، ڪيمياوي، علاج، جراحت،
ريڊيائي شعاعن جو علاج وغيره وغيره وڌ ۾ وڌ ته به
رڳيون انڌيون منڊيون ڪوششون هيون.
پوءِ فقط تڏهن جڏهن اِهو مفروضو قائم ٿيو ته ڪينسر جو علاج سڌو
سادو ۽ صاف آهي، ته هڪدم ڪاميابيءَ جو دروازو کلي
پيو.
اِها سچ پچ به ته دروازي کلڻ جي ڳالهه آهي.
اِن سڄي ڪم جي مجرائي اسان کي ملڻ گهرجي، ۽ نه ڪنهن ٻئي کي.
اسان ڪينسر جي ڇڏائڻ جو وڌ ۾ وڌ هڪ ٽڪ ۽ سولو علاج ڳولي لڌو
آهي.
اسين ڪينسر کي مريض مان ڇڏايون ٿا.
ڪينسر ڇُٽيو وڃي، ۽ ڏاڍي سگهاري ۽ وڏي حياتي ماڻي ٿو؛ ۽ سڄو
وقت پنهنجي لائق حڪيم کي دعائون پيو ڪري- رڳو مريض
مريو ٿو وڃي. ٻين پئي مريض کي ڪينسر مان ڇڏائڻ جو
سوچيو. سچ پچ اِها هُنن جي اُبتي ڪوشش هئي.
اسان جي ڪاميابي ۽ هُنن جي شڪست بلڪل اٽل ۽ قدرتي ڳالهه هئي.
وسارڻ کپيس! پر وساري به سگهندي؟
”توانائي.“
”مڪان“.
”زمان“.
هيءَ ٽه- مورتي سامهون رکندي، آلفريڊڪورزسڪيءَ پنهنجي هڪڙي نئين
تعليم پيش ڪئي آهي، جيڪا آمريڪي يونيورسٽين ۾
”عمومي معنويات، جي نالي سان پاڙهي پيئي وڃي، جنهن
جي هڪڙي عام فهم تشريح هايا ڪاوا جي ڪتاب ” لفظن
جو ظلم“ ۾ شايع ڪئي وئي آهي.
هُن اصل ۾ پولنڊ ملڪ جي رهاڪو انجنيئر- فيلسوف ڪورزسڪيءَ جو
خيال آهي ته سڀ ٻوٽا ”توانائي – گِير“ شيون آهن.
اُن جو مطلب ته کليل توانائي جيڪا آڪسيجن، نائٽروجن، پوٽيشم،
سوڊئم وغيره جي صورت ۾ موجود آهي، اُن کي سڀ ٻوٽا،
ننڍا توڙي وڏا، نئينءَ حيات بخش صورت ۾ بدلائي،
پاڻ وٽ بند ڪن ٿا.
اِنهيءَ ڪري، هن جو چوڻ آهي ته ٻوٽا ”توانائي- گير“ آهن.
۽ سڀ ساهوارا، هن جي چوڻ موجب، جيڪي خوردبينيءَ سان مس ڏسجن ٿا
توڙي وڏا وڏا هاٿي ۽ مانگر مڇ وغيره ”مڪان-
گير“آهن، جنهن جو مطلب ته اُهي ”مڪان“ سان وابسته
آهن يعني اُهي پنهنجي لاءِ ”جُوءِ“ يا ”تَرُ“
مقرر ڪن ٿا.
۽ ماڻهو، ۽ فقط ماڻهو، ڪورزسڪيءَ جي چوڻ موجب، سڄيءَ مخلوقات ۾
فقط ماڻهو ئي آهي، جو ”زمان- گير“ آهي.
فقط ماڻهو ئي ” وقت کي سانڍي ٿو.“
هو ۽ فقط هو ئي آهي، جنهن لاءِ ماضي، حال ۽ مسقبل هڪ ئي لاڳيتي
۽ اٽوٽ شيءَ آهي.
ٻيا سڀ ساهوارا اُهوسڀ ڪجهه وساري ڇڏين ٿا، جو ڪجهه اُنهن جي
وڏن سان ٿيو يا اُنهن کي پيش آيو.
هو فقط حال ۾ ئي رهن ٿا.
هو فقط حال سان ئي نباهين ٿا.
هنن لاءِ فقط حال ئي آهي، جو حال آهي.
جيڪڏهن اوهين ڪنهن ڍڳي کي سون جي ٺهيل ۽ جواهرن سان جَڙيل تخت
تي ويهاريندا، ته اُها سڄي هڪ بي معنيٰ ڳالهه آهي،
نه رڳو ڍڳي جي پونيرن لاءِ پر خود اُن ڍڳي لاءِ به
– ڇاڪاڻ ته ڪي به ساهوارا، سواءِ ماڻهوءَ جي،
”زمان- گير“ نه آهن. اُنهن کي يادگيريءَ يا حافظي
جي ڪا ساڃهه ڪانهي، جيڪو دنيا ۾ سچ پچ ته هڪ اهڙو
ڪرشمو آهي، جنهن تي سوچڻ سا عقل چرخ ٿي وڃي ٿو.
واقعي، ماڻهو حافظي وارو جانور آهي. بلڪ ماڻهو حافظو آهي، ۽
حافظو ماڻهو.
پنهنجي حافظي کي وڌيڪ طاقتور ڪرڻ لاءِ، هن لکڻ ايجاد ڪيو، ۽
اُڪر، ڊرائنگ، مجسمه سازي، فوٽو گرافي، فلمسازي، ۽
ٽيپ رڪارڊنگ ۽ وي. سي. آر جا هنر ۽ تربيتون ايجاد
ڪيون.
۽ جيتريون هن جي حافظي جون ڳالهيون پوريون ۽ صاف ، اوترو وڌيڪ
موقعو ملي ٿو ماڻهوءَ جي ذهن کي اُنهن ڳالهين کي
ڪم آڻڻ جو ۽ جيئن پوءِ تيئن وڏن کان وڏن عجائبات
جي تخليق ڪرڻ جو.
حافظو دروازو آهي سڄي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو. حافظي جي رڳو
عارضي ناڪامي به امتحان ۾ شاگرد جي زندگيءَ جي
تباهيءَ جو سبب بڻجي وڃي ٿي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پيريءَ، نستائيءَ يا صدمي کان حافظي جي
دائمي ناڪامي به هڪ بيماري آهي، جنهن کي ”ويسر“ يا
”حافظي جو زيان، ٿو چئجي.
ٻئي طرف، نفسياتي معالج چون ٿا ته گهريءَ ننڊ جي جهاڙَ ۾ مريض
کي اهڙيون ڳالهيون به ياد اچي سگهن ٿيون، جيڪي
آپريشن ٽيبل تي پوريءَ بيهوشيءَ جي حالت ۾ هن کي
پيش آيل هجن.
روحانيت جا صاحب چون ٿا ته قتل جي يا خودڪشيءَ جي ياد
ڪوٺين جي ڀتين تي نقش ٿي وڃي ٿي، جتي اُهو سانحو
واقع ٿئي ٿو.
طبيعيات جا صاحبِ قياس عالم اِهو قياس به پيش ڪن ٿا ته مسيح جو
جبل تي ڏنل خطبو اسان لاءِ ٻڌڻ ناممڪن ڪونهي جيڪو
اُنهن پهاڙن تي نقش ٿيل آهي جن اُن کي پهرين ٻڌو
هو.
جيڪڏهن ايترو واڌارو اچي وڃي، ته اسين سيزر جا بروٽس کي چيل
آخري لفظ به ٻڌي سگهون ٿا:
”بروٽس تون به ؟...... ته سيزرَ، ڪِري پَئهُ!“- جن لفظن کان
پوءِ، شيڪسپيئر جي چوڻ مطابق، ”اُنهيءَ ئي چوغي ۾
پنهنجو مُنهن ڍڪي، عظيم سيزر ڪِري پيو. هيءَ ڇا ته
’ڪرِڻ‘ هو، او منهنجا ديس واسيوُ، جڏهن آءُ، توهين
۽ سڄي دنيا سڀ ڪِري پياسين، ۽ فقط رت ۾ رڱيل ڊوههُ
اسان جي مٿان ڦِري رهيو هو.“
جيڪڏهن سائنس جي اهڙي ايجاد عمل ۾ اچي وڃي، ته اسين ڪليسا جو
گهنڊ رات جو هڪ وڄائيندي به ٻڌي سگهون ٿا، اُهو
گهنڊ جيڪو مئڪبيٿ
(Macbeth)
ٻُڌو هو، جڏهن هو ڊنڪن(Duncan)
کي خون ڪرڻ پئي ويو ۽ چوندو ويو ”ڊنڪن، تون اِهو نه ٻڌج، اِهو
تنهنجي موت جو گهنڊ آهي!“ اسين اُن خونيءَ کي خون
ڪرڻ کان پوءِ هي به چوندي ٻڌي سگهنداسون، ”منهنجو
خيال آهي ته مان هڪڙو آواز ٻڌان پيو، جو چوي پيو:
’مئڪبيٿ، تنهنجي ننڊ ويئي! مئڪبيٿ ننڊ جو خون ڪري
ڇڏيو.‘“
۽ اسين جيئريءَ جاڳنديءَ ليڊي مئڪبيٿ کي به جيئن هوءَ پنهنجي
هٿن تي رت جا ڦڙا ڏسي ٿي، رڙيون ڪندي ٻڌي
سگهنداسين: ”لهي وڃو، لهي وڃو، منهنجي هٿن تان لهي
وڃو!“
پر رت جا چِٽا هن جي هٿن تان ڪونه لهندا. بلڪ اُهي ڦاٽندا، رتُ
ڦاٽندو، خون ڦاٽندو.
پوءِ ڇا ڪرڻ کپيس؟
خون وسارڻ کپيس!
پر وساري به سگهندي؟ |