سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: محڪريءَ جا مضمون

باب :1

صفحو :3

ننڊ، ڊاڪٽر صاحبؤ ، ننڊ!

”ننڊ“، ڊاڪٽر صاحبؤ، ”ننڊ“.

ڊاڪٽر صاحبؤ، اوهين طبيب آهيو؛ اوهين جراح آهيو؛ پنهنجي پيشي جا ماهر آهيو. اوهين ڄاڻو ٿا ته بستري تي پيل بيمار بابت پهريون سوال نه ته به پهرين سوالن مان هڪڙو سوال اوهين جيڪو پڇندا آهيو، اهو هيءُ هوندو آهي ته ”هِن ننڊ سٺي ڪئي آهي؟“

۽ جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائبو آهي ته بيمار ننڊ سُٺي نه ڪئي آهي ته اوهين اُن جو تدارڪ ڪندا آهيو ته هن کي ننڊ اچي- ننڊ جيڪا قدرت طرفان شفا جو مرهم آهي.

پر هڪ پاسي ته اوهين بيمار جي ننڊ جو تدارڪ ڪريوٿا، ته ٻئي پاسي اوهان کي خبر آهي ته رات جو اوهان جي هيٺئين مددگار عملي جي هٿان اوهان جي سِولِ اسپتال ۾ ڇا ٿو ٿئي- جڏهن اوهين پاڻ حقي ننڊ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجن وارڊن مان ٻاهر نڪري ٿا وڃو!

جيڪڏهن اوهين اِهو معلوم ڪرڻ گهرو ٿا، ۽ اوهين رڳو ملاقاتي ت-و-م، يعني تمام وڏن ماڻهن، جي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي وارڊن جو فقط ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڏيک ويک رکڻ نٿا گهرو، ته پوءِ اوهين هڪڙي ڳالهه ڪريو.

پنهنجن ڪن بيمارن وٽ ڪي ٿورا ڪئسيٽ ٽيپ رڪارڊر رکي ڇڏيو، ته ڀل اوهان کي ۽ دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ اُهو سڄو دوزخ جو شور هو رڪارڊ ڪري وٺن، جيڪو اوهان جا هي هيٺئين مدد گار عملي جا ماڻهو رات جو اُتي مچائين ٿا.

ڪو گندو لفظ اهڙو ڪونهي، ڪا رڙ ، ڪا ڇڙٻ، ڪو دڙڪو اهڙو ڪونه ٿا ڇڏين، جيڪو هي اوهان جي هيٺيئن مددگار عملي جا ماڻهو هڪٻين تي نٿا آزمائين ۽ بيمارن جي مُنهن ۾ اڇلائي نٿا هڻن؛ اُن ۾ شريف گهريلو زالن ۽ ڇوڪرين جي موجودگي به هنن سنگدل بدفضيلتن تي ڪو اثر ڪونه ٿي ڪري، جيڪي وارڊن ۾ بيمار پيون هونديون آهن.

اوهان کي خبر آهي، ڊاڪٽر صاحبؤ، ۽ اوهان مان ڪي ته ملڪ کان ٻاهر تربيت به وٺي آيا آهيو ۽ اُتي اوهان ڏٺو به آهي، ته اسپتالن جي وارڊن ۾ خود ڏينهن جو ڪيتري نه مڪمل ماٺ هوندي آهي.

ڊاڪٽر ۽ سرجن به چپن ۾ ڳالهائيندا آهن، ۽ اُنهن مان ڪو به پنهنجن وارڊن ۾ رٻڙ جي تري وارن بوٽن کان سواءِ اندر ڪونه ايندو آهي.

۽ هِتي اوهين، جيڪي اهڙن اعليٰ استادن جا شاگرد آهيو، جن ميڊيڪل دنيا ۾ چؤڦير پنهنجا نالا روشن ڪيا آهن، سي پائيءَ جي پرواهه نٿا ڪريو ته اوهان جي بيمارن جو اوهان جي پرپٺ ڪهڙو ٿو حال ٿئي!

۽ اوهان جا طبي سماجي ڪارڪن، جن جو سڌو سنئون فرض اِهو آهي ته ڏسن ته بيمارن کي اسپتال ۾ پورو آرام ملي ٿو يا نه ، سي پاڻ ئي رات جو اسپتال مان سڄو وقت غائب رهن ٿا.

۽ ڏينهن جي وقت اوهان جي وارڊن ۾ هر ڪا شيءَ ٺيڪ ٺاڪ ٿيو وڃي!

ڊاڪٽر صاحبؤ، جيڪڏهن اوهان جي ننڊ اوهان لاءِ ايتري اهم آهي، ته ڇا، اوهان جي بيمارن لاءِ اُنهن جي ننڊ اُن کان وڌيڪ اهم نه آهي،جيڪي موت ۽ حياتيءَ جي وچ ۾ لوڏا کائيندا ٿا رهن. اوهين اِنهيءَ مسئلي جو سماجي طور ايترو خيال ڇو نه ٿا ڪريو، جيترو اُن جو طبي خيال پنهنجي دوائن رستي ڪريو ٿا.

اوهان کي ڪرڻو رڳو هيءُ آهي ته رڪارڊ ٿيل ٽيپ گڏ ڪري هڪُ ڀيرو سڀ ٻڌو، ۽ جي پڪ ٿي وڃيو ته رات جو وارڊن ۾ جنسي دوزخ جو شور متل رهي ٿو، ته اوهان کي ضرور اهڙا سخت قدم کڻڻ کپن، جن سان اسپتال ۾ ماٺ جي جنت قائم رهي،جيڪا اُتي قائم رهڻ ئي گهرجي—جيڪڏهن اسپتال کي اسپتال ٿي رهڻو آهي—يعني بيمارن جو شفاخانو، ۽ نه اُنهن لاءِ آزار ۽ اوجاڳي جي جاءِ.

”ننڊ“ ڊاڪٽر صاحبؤ، ”ننڊ.“ اوهان جي بيمارن کي اِها ئي گهرجي، ۽ اِها ئي اوهان جي بيمارن کي نصيب ڪانه ٿي ٿئي . ۽ اِها اوهين پاڻ ته خوب ڪريو ٿا. اِها اوهين هنن کي به ڪرائي سگهو ٿا. هنن کي ”ننڊ“ ڪرايو، ڊاڪٽر صاحبؤ ”ننڊ“.

پريس جي آزادي

اسان جا ڪي صحافي پريس جي آزاديءَ جي اصطلاح کي غلط سمجهڻ جي فن جا پڪا ماهر آهن.

پر ڪي اسان جا ٿورا صحافي پريس جي آزاديءَ جي اصطلاح کي صحيح سمجهڻ جي فن جا به پڪا ماهر آهن.

پريس جي آزاديءَ جي قسمت جو فيصلو هاڻي انهيءَ ڳالهه تي آهي ته اُنهن مان ڪير ٿو بازي کٽي.

ٽيليفون ۽ تار رستي جيڪو سوال بحث هيٺ آهي، سو هيءُ آهي:

 (1) ڇا، پريس جي آزادي شروع به هڪڙي سوال سان ٿئي ٿي ۽ ختم به اُن ئي سوال سان ٿئي ٿي ته صحافين جي پگهارن جا اسڪيل وڌايا وڃن ۽ اُنهن لاءِ  ويج ( پگهار) بورڊ قائم ڪيا وڃن؟

 (2)  ڇا، پريس جي آزادي شروع به اِتان ٿئي ته ۽ ختم به اُتي ٿئي ٿي ته صحافين کي سرڪار وٽان گهٽ اگهن تي پلاٽ ملن؟

 (3) ڇا، پريس جي آزادي شروع ۽ ختم اِن تي ئي ٿئي ٿي ته ايڊيٽرن کي ولايت مان موٽرون گهرائڻ جون پرمٽون ملن؟

 (4) ڇا، پريس جي آزادي شروع توڙي ختم اِتي ئي ٿئي ٿي ته صحافين کي ۽ سندن ويجهن ۽ پرانهن مائٽن کي ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي ٽڪيٽن تي ڇوٽ ڏني وڃي، جيئن هو ٿوري خرچ تي، يا مرڳو ئي مفت ۾ سفر ڪري سگهن؟

يا

(1) پريس جي آزاديءَ جي هڪ ئي معنيٰ آهي ته هر شهري قانوناً آزاد آهي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان پاڻ وٽ ڪتاب ۽ پترا رکي، ڇاپي، ۽ پڌرا ڪري، ۽ هُن جو حق آهي ته مٿس بدناموسيءَ، الزام تراشي يا ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جو ڪو ڪيس هلي، ته ڪنهن خاص پريس حڪم نامي ( آرڊيننس) هيٺ نه پر ملڪ جي عام قانون هيٺ هلي، ۽ ٻيو ته ڪنهن به ڳالهه جي ڇاپڻ ۽ پڌري ڪرڻ لاءِ هن کي سرڪار کان موڪلڻ وٺڻي نه پوي.

”حڪومت آزاد پريس کان سواءِ، يا آزاد پريس حڪومت کان سواءِ – ِانهن  مان مون کي پوئين صورت پسند آهي“:

اِهو ٿامس جيفرسن جو قول آهي.

۽ آمريڪا ۾ ، جتي وڌ ۾ وڌ پريس جي آزادي آهي، آمريڪي سماج برباد ڪونه ٿيو آهي، ٽڪرا ٽڪرا ڪونه ٿيو آهي، اُن جو وجود ختم ڪونه ٿيوآهي.

اُتي جي ڪابه حڪومت صحافين کان مرعوب ڪانه ٿي آهي.

 اُتي جيڪڏهن پريس جا رپورٽر سرڪاري رازن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ته اُنهن تي اِئين ئي رواجي طرح ڪيس هلن ٿا، جيئن ساڳئي ڏوهه ۾ ڪنهن عام شهريءَ تي هلڻ گهرجن.

آمريڪا جي آئين ۾ پهرين ترميم ڇڏي، بنهه ٻي ترميم اِها ڪئي ويئي هئي ته آمريڪا جي شهريءَ کي اظهار جي آزاديءَ جي ضمانت ڏني وڃي، پريس جي آزادي جنهن جو فقط هڪڙو ۽ فقط هڪڙو حصو آهي.

معمولي کان معمولي آمريڪي يا انگريز پريس رپورٽر جي اڳيان ڪيترن ئي نالي جي جمهوري ملڪن جا رپورٽر پاڻ کي بيوس ۽ مجبور محسوس ڪن ٿا، جڏهن هو ڏسن ٿا ته ڪيئن کين هڪ آزاد شهريءَ جي بنياد حق کان محروم رکيو وڃي ٿو ته جيئن هو ڏسن يا ٻڌن تيئن ئي خبر ڏين.

پر وڏي ڏک جي ڳالهه هيءَ آهي ته هو سولائيءَ سان ٺڳجي، دٻجي ۽ لالچ ۾ اچي، لٺين لڳل ڪتي جي حالت کي پهچي وڃن ٿا، ۽ اِهو سڀ اِنهي ڪري، جو هو اڪثر پنهنجي اعليٰ مقصد جي تقدس کي وساري ڇڏين ٿا.

هو وساري ويهن ٿا اُهي لفظ جيڪي ڪئسيس، سيزر بابت چيا هئا:

”ويچارو غريب، هو بگهڙ هوند اصل نه بڻجي ها، جيڪڏهن اسين پاڻ رڍون نه بڻجون ها.“

۽ رڍون، ٿلهيون دنبيون رڍون، سدائين ڪُسجڻ جي ڪم جون هونديون آهن.

۽ سڀ کان افسوسناڪ ڪوس هِنن جي اخلاق جو ڪوس آهي.

جديد لانڊري بمقابل مقدس لنگوٽي

۽ هڪ اهڙو ماڻهو به هو ، جنهن جي مغز ۾ گهڻا ترقي پسند خيال هئا.

ائين، گهڻي وقت گذرڻ سان، هن کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته هن جو مغز خيالن جو هڪ وڏو قبرستان بڻجي ويو آهي ( ڇو ته فقط هو پاڻ ئي پنهنجي مغز کي ائين تپاسي سگهيو ٿي).

هڪڙي ڏينهن هو پنهنجن خيالن جي هِن سؤ في صدي موت جي انگ تي اهڙو ته منجهي پيو، جو هن پڪو ارادو ڪيو ته کيس اُن لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي.

اِنهيءَ ڪري هن قسم کاڌو ته ٻئي ڏينهن صبح جو هن کي جيڪو پهريون خيال آيو، اُن تي عمل ڪندو ۽ پوءِ ڄم- روڪ جا هو اهڙا ته جديد کان جديد طريقا استعمال ڪندو، جو هُن جي مغز ۾ ٻئي ڏينهن صبح جو ڪو نئون خيال ڄمي ئي نه سگهي.

اتفاق اهڙو ٿيو، جو ٻئي ڏينهن صبح جو پهريون خيال جيڪو هن کي آيو، سو هيءُ هو ته کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪڙو جديد ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪارخانو يعني جديد لانڊري، شروع ڪرڻ گهرجي.

اِنهيءَ ڪري پنهنجي اُڌمي کي نه رڳو جيئري رکڻ پر ٽپندي ڪڏندي ڏسڻ لاءِ ، هُن سڀ پنهنجا گڏ ڪيل پئسا سيڙائي، گهربل قسم جون جديد ۾ جديد مشينون خريد ڪيون، ۽ ائين هن جي ڳوٺ ۾، ڏسندي ڏسندي،هڪڙو فرسٽ ڪلاس ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪارخانو لڳي ويو.

هِن معاملي م هن جي آڏو ٻي هر ڳالهه بهترين صورت ۾ پيش ايندي رهي، سواءِ بلڪل هڪ معمولي ڳالهه جي، جيڪا هُن جي سڄي ڪاروبار ۾ رنڊڪ بڻجي رهي هئي.

۽ اُها ڳالهه هيءَ هئي ته هُن جي ڪارخاني ۾ ڪو ڪم، ڪو ڪاروبار، آيو ئي ڪونه ٿي.

ڪو ڪم، ڪو ڪاروبار—اِن جي معنيٰ ته ”ڪو به ڪم“ ، ”ڪو به ڪاروبار.“

 ڏينهن، هفتا گذري ويا، پر ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪارخانو جيئن جو تيئن بيڪار بيٺو رهيو: اُن وٽ ڪو به ڪپڙو ڌوپجڻ لاءِ ڪونه آيو.

پوءِ هُن جي مغز ۾ هڪڙو ٻيو خيال ڄمي پيو، ۽ اُهو هيءُ ته هن کي مارڪيٽ جي جاچ پڙتال ڪرائڻ گهرجي ته هن کي ڪاروبار آخر ڇو نه ٿي مليو!

مارڪيٽ جي تحقيقاتي ٽيم هن کان ڏاڍي وڏي رقم ڇڏائي، ڇو جو تحقيق جي ڪم لاءِ کين اُن جي گهرج هئي؛ ۽ نيٺ ٺاهي جوڙي هُن جي اڳيان رپورٽ آڻي پيش ڪيائون.

هنن جي تحقيق اِنهيءَ نتيجي تي پهتي هئي ته ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪارخاني جي مالڪ پنهنجو ڪارخانو اهڙي ڳوٺ ۾ لڳايو هو، جيڪو ساڌو حضرات جو ڳڙهه هو، جن مان هرهڪ پنهنجي پنهجي سر بنهه ننگا—پر بت جهڙو داگرن ساڌو هو.

۽ هِنن ساڌن پنهنجين مقدس لنگوٽين کي خودڪار طريقي سان پاڻ ئي ڌوئي ٿي ڇڏيو- بوقت ضرورت—مقدس  غسل ڪندي، انهيءَ وڌيڪ مقدس نديءَ ۾ جيڪا سندن ڀرسان وهي رهي هئي: ۽ اِنهيءَ ڪري اُنهن کي ڪنهن جديد، دنيوي خودڪار مشين جي ڪا ضرورت ئي ڪانه هئي.

تنهن جي معنيٰ ته مقدس ۽ غير مقدس، يعني پاڪ ۽ ناپاڪ، ديني ۽ دنيوي، يعني لنگوٽيءَ ۽ لانڊريءَ، جي وچ ۾ ڪو به سُ-ٻنڌ، ڪو به قدر مشترڪ، ڪونه هو—رياضيءَ جو هيءُ مسئلو بس ائين حل ٿيو!

برائي جيڪا ماڻهو ڪن ٿا

”برائي جيڪا ماڻهو ڪن ٿا، اها سندن مرڻ کان پوءِ به رهي ٿي؛ چڱائي اڪثر ساڻن گڏ دفن ٿيو وڃي“- هي لفظ شيڪسپيئر پنهنجي هڪڙي ناٽڪ ۾ هڪڙي ڪردار کان چورايا آهن.

اُن وقت پڪ ئي پڪ هو برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي صاحبلوڪن ۽ کانئن پوءِ برٽش انڊين ايمپاير جي صاحبلوڪن بابت سوچي رهيو هوندو!

برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن ۽ کانئن پوءِ برٽش انڊين ايمپاير وارن کان جيڪا برائي سرزد ٿي، اُها هيءَ هئي ته اسان لاءِ هِتي هُنن پريس جا اُهي قانون نافذ ڪيا، جن جي هو اُتي پنهنجي انگلينڊ ۾ رڳو ڳالهه به نه ڪري سگهيا.

اسين، جيڪي دعويٰ ٿا ڪريون ته برٽش ”غلاميءَ“ مان آزاد ٿيا آهيون، سي پنهنجي اُن ”آزاديءَ“ کان پوءِ نه رڳو اُهي پريس جا قانون پاڻ وٽ رکيو ويٺا آهيون، پر اُنهن ۾ اسان تمام وڏا اضافا به ڪيا آهن.

مثال طور، ڪو به انگريز—پوءِ  هن پاڻ کي برٽش ايمپاير جي طاقت جي بنهه چوٽيءَ تي ويهي ڪيڏو به کڻي سامراجي ”رابن هوڊ“ سمجهيو هجي- ائين سوچي به نٿي سگهيو، ۽ نه اهڙي همت ئي ٿي سگهيس ٿي، ته اهڙو ڪو قانون جاري ڪري جنهن موجب پريس جي هڪ اڻڄاڻ کان اڻڄاڻ ۽ بلڪل اڻ پڙهيل پيپر ڪٽر کي به اُن پريس ۾ ڪنهن ڇپيل مواد جي ڏوهه جو ذميوار سمجهيو وڃي، جيڪو سرڪار جي ڪنهن عملدار جي نظر ۾ ’باغيانه‘ مواد هجي.

ڪو به انگريز، پوءِ هو ڪيڏو به کڻي ڪروڌي ۽ غصي باز هجي ها، اهڙي ڪنهن قانون جي نافذ ڪرڻ بابت هرگز سوچي نٿي سگهيو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ ڪي ڇاپي جي ٽائيپ جا داڻا هجن، ته اُهو اُنهيءَ الزام ۾ جهلجي سگهيو ٿي ته هن وٽ ”ڇاپڻ جا وسيلا“ موجود هئا!

اسان جو پريس آرڊيننس ويسهه ۾ نه ايندڙ ۽ ”عقل کي عاجز ڪندڙ“ اهڙين ڳالهين سان ڀريو پيو آهي.

اهڙيءَ طرح ، ٻين معاملن ۾ به جيڪا بندش يا رنڊڪ برٽش سرڪار جي ڏينهن ۾ اسان جي مرضيءَ يا اسان جي آزاديءَ تي پيل هئي، اُها نه رڳو اسان جيئن جو تيئن، اُن جي اصلوڪيءَ ۽ سالم صورت ۾، قائم رکي آهي، پر اُن کي پنهنجي طرفان گهڻو ڪجهه وڌايو بلڪ”سڌاريو“ آهي!

هرسياسي پارٽيءَ، جيڪا هيلتائين اقتدار ۾ آئي آهي، اُنهن غير جمهوري ڪارن قانونن کي اوچي آواز ۽ صاف لفظن ۾ ننديو آهي، ۽ پوريءَ طرح پاڪباز بڻجي واعدو ڪيو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ سان پهريون ڪم هوءَ ڪارن قانونن کي ختم ڪرڻ جو ڪندي.

۽ اُنهيءَ ئي گهڙيءَ، جڏهن اُها اقتدار ۾ آئي آهي، اُن اُهي ساڳيا ڪارا قانون پوريءَ  خبرداريءَ سان نه رڳو جاري رکيا آهن، پر انهن کي ڪاري کان وڌيڪ ڪارو ۽ وڌ کان وڌ ڪاري کان به وڌيڪ ڪارو بڻايو آهي.

 ڇا، اسين ائين چئي سگهون ٿا ته ڪنهن به طرح، ڪنهن به طرح، اسين جيترا 14 آگسٽ 1947ع کان اڳ آزاد هئاسون، اُن کان اڄ وڌيڪ آزاد آهيون_ فرد جي آزاديءُ جي صورت ۾، انساني سهپ ۽ رواداريءَ جي صورت ۾، سماجي ديانتداريءَ ۽ اخلاق جي صورت ۾؟

ڇا، اسان کي ڌتاري ۽ اُلو بڻائي، پاڻ پنهنجن هٿن سان پنهنجن پيرن ۾ زنجير نه پارايا ويا آهن؟ ڇا، اسين آزاديءِ جي نالي ۾ قيد نه ڪيا ويا آهيون!

ڇا، عملي طرح، اسان پنهنجو سڄو انساني تعليم ۽ تربيت جو سرشتو نابود نه ڪري ڇڏيو آهي؟

ڪهڙي شيءَ آهي ، جنهن کي اسان ڇهيو آهي ۽ اُها بگڙي بدشڪل نه بڻجي ويئي آهي؟

ڇا، اسان وٽ قانون جي حڪومت بدلجي، خاص قانون جي حڪومت ڪانه ٿي ويئي آهي، ۽ قائدو ڦري ڪروڌ ۽ انتظام بدلجي انتشار نه ٿي ويو آهي؟

ڳ ٽ ب

هيءَ آهي ڳ ٽ ب.

ٻي ڪجهه نه.

بس، ڳ ٽ ب.

هيءَ نه ج ا آهي، نه ج ع ا ۽ نه ج ع پ، ۽ نه پ ق ا.

برابر، هيءَ پڙهي نٿي سگهجي_ اُچاري نٿي سگهجي- ڇو ته  هن ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ ڪو به حرف علت ڪونهي: نه نه، هيءَ ڪا گار به ڪانهي.

انگريزيءَ ۾ اهڙا گندا لفظ چئن حرفن جا هوندا آهن. اسان وٽ ته اِهي ٻن، ٽن، حرفن جا ئي ٿين ٿا. پر هيءَ ڪا اهڙي ٽي حرفي گٿل ڳالهه به ڪانهي.

 جي بلڪل ويجهي برابر آهي—ڪو هٿَ ٻن جو بلڪ هڪ ٻن آڱرَن يا بنهه ڪو نُنهن اَڌ جو ويڇو ٿي سگهي ٿو.

”ته پوءِ هيءَ ڇا آهي؟“

ڇا آهي؟ اِهو اوهين ٿا پڇو!

ڇا، پنهنجي ڪنڌ تي سوار اوهين ڪا شيءَ ڪانه ٿا ڏسو! ٿورو هٿ سوري، هيٺڀرو ڪرنگهي تي به آڻيو! ڪيئن، اوهين اِتي ڪا ڳ ٽ ب محسوس ڪريو ٿا!

ڇا، اڃا به اوهين ڀڇو ٿا؟

اڙي ميان معصومؤ، اِها اَٿوَ ڳ ٽ ب – ڳاٽي ٽوڙ بجيٽ، ڀلا، اوهين محصول ڀريندڙ نه آهيو ڇا! ته پوءِ ته اِها اوهان جو ڳاٽو نه ڀڃندي ته ٻئي ڪنهن جو ڀڃندي!

چون ٿا ته جمهوريت نالو آهي جاگيرداريءَ ۽ سرمايه داريءَ جي خلاف بغاوت جو – يعني ملڪيت داريءَ جي خلاف بغاوت جو. پوءِ جتي مقدس ملڪيت ايتري مضبوط هوندي، اُتي اُن جو  اِهو فرض ته اول آهي ته پاڻ کي اُکڙڻ ۽ پاڙان پٽجڻ کان بچائي! ۽ ملڪيت وٽ جمهوريت  کان بچڻ جو رستو اِهو ئي ته آهي ته اُن کي هُش هُش ڪري، جهُڪائي ، نڪ ۾ نوڙي ۽ پُٺيءَ تي پلاڻ وجهي، ڪِنجهندي هلڻ جيترو بار لڏي ڇڏيس!

ڪنهن جي پُٺي يا ڳاٽو اِئين ئي ته ٽوڙبو آهي!

پوءِ جمهوريت هوندي  شتر بامهار وانگر مهار جي ٻيءَ پڇڙيءَ کي پهچڻ ۾ پوري- ۽ تيتر اُن جي پٺيءَ جو ڪرنگهو ٻيڻو نه، ته به سنئون سڌو ٿي، پيٽ سان پڪ لڳو رهندو -  تان جو سياري جي مستيءَ ۾ عليل اُٺُ جت کي ڪنڌ ۾ چڪ هڻي، ڪيرائي، گوڏن هيٺان ڏيئي، مهار جون ٻئي پڇڙيون ملائي ڇڏيندو آهي!

مهارداريءَ وانگر ملڪيت داريءَ جي سلامتي به فاصلي تي آهي -  مهار جي ٻن پڇڙين جي فاصلي تي- يعني  ملڪيت، مُلڪ ۽ ملتَ ٽنهي جو مالڪ، جن جي سلامتي ۽ بچاءُ هن جو پهريون فرض: ۽ تيسين محصول ڀريندڙ مسڪينَ اُهي ئي ڪاٺين ميڙڻ ۽ پاڻي ڀرڻ ۾ پورا-  ڍَوَ جا ٽِٽ ۽ بُک جا چَڪ، سُک ۽ سور، هوند ۽ اڻهوند جا فاصلا... فاصلا....... فاصلا

۽ اُنهن جي وچ ۾ هيءَ نڪ جي نوڙي – هيءَ ڳ ٽ ب- ڳاٽي ٽوڙ بجٽ: پر ”بجيٽ“ انگريزي لفظ آهي. اوهين چاهيو ته ڀلي اِن کي ”بلا“به چئو!

پاڪستان ۾ پنگلن لاءِ موٽرون

اخبارن ۾ اعلان ٿيو ته پنگلن ماڻهن کي اجازت ڏني ويندي ته هو پنهنجي استعمال لاءِ خاص موٽرون ٻاهران درآمد ڪن: اُنهن تي کانئن ڪسٽم ڊيوٽي يعني درآمدي محصول ڪونه ورتو ويندو. اُن لاءِ کين صلاح ڏني وئي هئي ته هو اِنهيءَ قسم جي درآمدي پرمٽ يعني اجازت نامي لاءِ درخواستون ڪن.

اُنهن مان ڪن ڪراچي مان به درخواستون موڪليون. جن کي هاڻي چيو ويو آهي ته، درخواست ڪندڙن جي حيثيت ۾، هو راولپنڊيءَ ۾ هڪڙي ميڊيڪل بورڊ جي سامهون پاڻ کي پيش ڪن.

اِنهيءَ کي چئبو آهي – ”منهنجو ٿو وڃي ساهه ۽ تو کي لڳو آ چرچو.“

پنگلا ماڻهو ويچارا اڪثر پنهنجن گهرن ۾ ئي اٿڻ ويهڻ کان هلاڪ هوندا آهن.

ڪنهن جي سهاري کان سواءِ هو ٻاهر ته بنهه چُري ئي نه سگهندا آهن.

هنن کي سهوليت جيڪا ملي سا ته ملي، پر مرڳو هنن کي هدايت ٿي ٿئي ته هلو، هلي، راولپنڊيءَ پاڻ کي بورڊ وٽ پيش ڪيو ته اوهان جي تپاس ٿئي ته اوهين سچ پچ پنگلا آهيو يا نه- ڄڻ  هي پنگلا نه آهن، ڪي ڪسرتي پلٿيباز جوان آهن!

جنهن کي ڪو ٿورو به هوش هوندو – بشرطيڪ  هو هڪ سنگدل حيوان نه آهي- اُهو اِنهيءَ ڳالهه کان به هرگز بي خبر نٿو رهي سگهي ته راولپنڊيءَ جي مسافري هڪڙي پنگلي ماڻهوءَ لاءِ سهڻ کان ٻاهر عذاب ثابت ٿِي سگهي ٿي.

پهرين ته هُن کي هِتان هڪڙو خدمتگار پاڻ سان وٺي وڃڻو پوندو؛ ٻيو ته هن کي خبر نه آهي ته ڪيترو وقت اُتي ڪنهن هوٽل ۾ رهڻو پوي، ۽ پوءِ هُن کي  پنهنجو پاڻ اهڙن ڪن مراقبي ۾ ويٺل مقدس شخصن وٽ پيش ڪرڻو پوندو، جيڪي فيصلو ڪندا ته هو موٽر جي پرمٽ جو حقدار آهي يا نه؛ ۽ آخر ۾ هن کي وري اُهو ساڳيو سفر جوعذاب سهي، واپس موٽي، گهر ۾ اچي مرڻو به آهي.

قومي نقطي نگاهه کان ڏسجي، ته هيءَ جيڪڏهن اذيت پسندي نه، ته به بيپرواهيءَ ۽ حماقت جي حد ته ضرور آهي.

ڇا، ائين نٿو ٿي سگهي ته پنگلي ماڻهوءَ جي شهر جا ٻه  يا ٽي ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ته هو کيس تپاسي، هُنجي پنگلائيءَ جي تصديق يا ترديد ڪن! پوءِ، هيءُ پنگلن ماڻهن سان ايڏو جديد قسم جو سياسي چرچو ڇا لاءِ؟

ڇا، خود هُنن جي پنگلائي هُنن لاءِ گهٽ عذاب آهي! اُن ۾ هيءُ اضافو ڇا لاءِ؟ هُنن تان هيءَ  ٺٺول ڇا جي؟ هُنن کي هتان ايتري پنڌ تي راولپنڊيءَ گهرائڻ، مٿن ٺٺول نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟

نوڪر شاهيت کي ذليل ٿي، ايتريءِ بي حسيءَ ۽ بداعماليت  جي حد تائين پهچڻ نه گهرجي.

او، ”صحت“ جي وزارت جي البيلي خاتون، ڪجهه عقل ڪر، ههڙا جگر خراش چرچا ته نه ڪر!

ٻيو ڪو احمق شهنشاهه نٿو ٿي سگهي

۽ اِئين هڪڙو ملڪ هو، جنهن جو هڪڙو شهنشاهه هو.

هِن شهنشاهه پنهنجي سموريءَ ڪوشش سان هيءَ ڳالهه هُلائي ڇڏي هئي ته هو سڀني حڪمرانن ۾ ڏاهي کان ڏاهو حڪمران هو.

معصوم ٻارن جا درسي ڪتاب اِنهيءَ خبر سان ڀريا پيا هئا ته هُنن جو شهنشاهه وڏو ڏات ڌڻي هو.

سئنيمائن ۾ اوچتو اوچتو پردي تي سلائيڊ سامهون اچي بيهندي هئي، جنهن تي لکيل هوندو هو: ” اسان جو شهنشاهه ڏاهپ ۾ اڄ جو افلاطون آهي.“

ديس کان ٻاهر پرديس ۾ به ڳالهه ديس جي نه، ۽ ديس جي ماڻهن جي به نه، پر رڳو شهنشاهه ۽ هُن جي عقل جي ٿي هُلي.

ايتري ۾ ٻه سيلاني شهنشاهت ۾ سير لاءِ آيا ۽ اچي ڏٺائون ته سواءِ محصولن، ڦيٽاڙي، نراسائيءَ ۽ اونداهه جي ، ملڪ ۾ ۽ ماڻهن وٽ ٻيو ڪجهه ڪونه هو- پر تڏهن ته ويچارا ڀاڳ – ڦٽيا ماڻهو کٽن تي پيل بيمارن جيان مُنهن تي زورائتي کِل ۽ اکين مان ڳوڙها وهائيندي، سيلانين جي آجيان ڪري رهيا هئا، ۽ ڏاڍيان ڏاڍيان اُنهن کي ٻڌائي رهيا هئا ته ”اسان جو شهنشاهه- ڌڻي هُن کي سلامت رکي—وقت  جو بقراط آهي“.

سيلاني جڏهن پنهنجي مُنهن اڪيلا ٿيا، تڏهن منجهانئن هڪڙي هيڏانهن هوڏانهن نهاري، ٻئي کي چيو ته ”يَر، ڳالهه ته ٻُڌ، شهنشاهه ته احمق آهي!“

پوءِ اُنهيءَ گهڙيءَ هو جهلجي پيا ۽ هڪڙي ٽن بٽن پاتل پوليس واري، جيڪو اُنهن جي پٺيان لِڪو بيٺو هو، هنن کي وٺي آڻي ڪورٽ جي اڳيان بيهاريو.

”پر اسان ائين ته ڪونه ٿي چيو ته ’اوهان جو شهنشاهه احمق آهي‘!“ هنن بچاءُ ۾ دليل ڏنو.

وڏو سرڪاري وڪيل تپي باهه ٿي ويو، ”ٻيو ڪو احمق شهنشاهه نٿو ٿي سگهي!“ هن ڏند ڪرٽيندي، زورائتي رڙ ڪئي.

تعجوب............ تعجوب................تعجوب!

۽ ائين پڙهيل بدمعاشن جي هڪڙي ٽولي جو هڪڙو اڳرو شخص هو، جن جي سڄي جيئڻ جو مدار ئي ان تي هو ته هو پنهنجن پوئلڳن کي جنوني، مَسَهوُ ۽ اڄاڻ رکندا هئا.

هن لعنتي ٽولي جي هن اڳري شخص جي من ۾ هڪ ڏينهن هڪڙو اهڙو حرامپائيءَ جو ريچڪ اٿيو، جو سامهون چپ چاپ بيٺل ڀت تي هڪڙي ڪاري سوراخ ۾ کڻي پنهنجي ڏسڻي آڱر وڌائين. اُنهيءَ ڪاري سوراخ ۾ هڪڙو ڪو هوڏيِ وڇون هو، جو ڄڻ اهڙيءَ ئي ڪنهن آڱر جي تاڙ ۾ ويٺو هو.

جڏهن لعنتي پڙهيل ٽولي جي اُن اڳري شخص جي آڱر سوراخ ۾ ڪجهه اندر ٿي، ته پٿر دل وڇونءَ ڇا ڪيو، جو وراڪو ڏيندي، پوري زور سان اُن ۾ اهڙو ڏنگ هڻي ڪڍيائين جو الله ڏئي ٻانهو سهي.

جيئن باهه مان آڱر ٻاهر ڪڍي وٺبي آهي، تيئن لعنتي پڙهيل ٽولي جي هِن اڳري شخص پنهنجي آڱر اُتان ٻاهر ڪڍي ورتي.

۽ سور پِي، پنهنجي هنئين ڦاڙ چيخ، اندر ئي اندر ۾ ڳهي ويو، ڇو ته سندس ئي ٽولي جا ٻيا ماڻهو اُن وقت اُتي هن جي ڀرسان بيٺا هئا.

اُنهيءَ ڪري، سور کان زورائتي چيخ ڪرڻ بدران، ”تعجوب تعجوب، تعجوب“ جي ڊگهي رڙ هن جي وات مان نڪري ويئي.

هن جي ڀرسان بيٺل بدمعاشن سمجهيو ته هو چوي پيو”تعجب! تعجب! تعجب!“

اِنهيءَ ڪري ، بُکين اکين ۾ چمڪ آڻي، هو هُن کان پڇڻ لڳا: ”اهڙي ڪهڙي تعجب جي ڳالهه  آهي!“

اُنهن ٺڳن ۽ پنڊارين جي اُن لعنتي ٽولي جو اُهو اڳرو شخص به پنهنجي نالي سان هو، سو هُن اُنهن پنهجن جوڙيوالن سان سچي ڪانه ڪئي ته ڪو وڇونءَ کيس ڏنگيو هو!

ڇاڪاڻ ته سچ ڳالهائڻ اُنهن جي روايتي ڏٽيبازيءَ ۽ منظم بدمعاشيءَ جي طئي ٿيل اخلاقي ضابطي جي خلاف ڳالهه هئي.

اُنهيءَ ڪري، سڄو سُور پي، ”تعجوب..... تعجوب..... تعجوب“ جي رڙاٽ ۾ هو رڳو اُنهن کي هيترو چئي سگهيو: ”سوراخ ۾ آڱر وجهي ڏسو، سوراخ ۾ آڱر وجهي ڏسو!“

اُن تي هن جي نائب بدمعاش، وڏي شوق سان هڪدم پنهنجي آڱر کڻي سوراخ ۾ وڌي.

سوراخ ۾ ويٺل وڇونءَ به اُن اڻ ڪوٺايل مهمان جي ستت آجيان ڪندي، پوري شوق سان فوري طور هڪ عدد اهڙو ڏنگ وهائي ڪڍيس، جو سڄي بت مان ڇرڻاٽ نڪري ويس.

بدمعاش ٽولي جي نائب بدمعاش پنهنجي اڳواڻ جيتري به دير ڪانه ڪئي- بنهه بجليءَ جي تيزيءَ سان آڱر ڪڍي ورتائين. هُن جي وات مان به اُها ئي ” تعجوب، تعجوب.......... واقعي تعجوب................“ جي رڙ مٿان رڙ پئي نڪتي.

”ڇا، واقعي اهڙي ڪا تعجب جي ڳالهه آهي؟“ هنن جي اضافي نائب بدمعاش پڇيو.

” ٻي ڳالهه نه پڇو!“ نائب بدمعاش رڙ ڪئي، ” بس تعجوب، تعجوب......“

ائين سوچيندي ته ضرور اهڙي ڪا عجب جهڙي ڳالهه آهي، هن اضافي نائب بدمعاش به پنهنجي آڱري کڻي سوراخ ۾ وڌي.

تاريخ هڪدم پاڻ کي دهرايو ۽ هڪ ئي ”تعجو.......ب“ جي دهشتناڪ رڙ سان هن پنهنجي ڏنگيل آڱر پوئتي ڇڪي ورتي.

اهڙيءَ طرح هيءَ سڄو ٽِيٽ مڪڙن جو سست دماغ ٽولو ڏنگجي، وڃي پورو ٿيو: پر اُنهن مان ڪنهن هڪڙي به ٻئي کي پنهنجي اُن ”تعجوب“ جي ”تعجوب“ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه ٻڌايو!

پر ڏنگن جي زهريلي سور کان هو سڀ ايترا پئي هيٺ مٿي ٿيا، جو سوراخ ۾ اندر ويٺل وڇونءَ جو منهن کِل ۾ سڄو ٻُڏو پيو هو!

گهوڙي جي شرط ماڻهوءَ تي

خبرن ۾ اِها ڪا خبر وڏي خبر ڪانهي ته توهان غلط گهوڙي تي شرط رکي.

اهڙيون ڳالهيون پراڻيون ڳالهيون آهن.

اڪثر، اڪثر، اسين غلط گهوڙن تي شرطون رکندا آهيون- ڇو ته ڏسڻ ۾ اُهي غلط گهوڙا لڳندا ئي نه آهن.

ڏسڻ ۾ اُهي صحيح گهوڙا لڳندا آهن.

توهان کي اهڙو ماڻهو ڪو سُجهي، جيڪو گهوڙي کي غلط گهوڙو سمجهي به، اُن تي شرط رکي؟

نه توهان کي اهڙو ماڻهو ڪونه سُجهندو.

جي گهوڙن جي نسل جو ڪو پارکو به اسان کي ٻڌائيندو ته جنهن گهوڙي تي اسين شرط ٿا رکون، اُهو غلط گهوڙو آهي، ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اهو گهوڙو بلڪل صحيح گهوڙو لڳندو آهي.

تڏهن ئي ته اسين اُن تي شرط رکون ٿا، ۽ پوءِ پڇتايون ٿا- ۽ بيحد پڇتايون ٿا، انوُدي کڏ ۾ ڪري ٿا پئون ۽ اُهي نتيجا ڏسون ٿا، جيڪي اسان جي اولاد جي الاد کي ڀوڳڻا پون ٿا- ايندڙ جُڳن تائين.

ڪڏهن ته اسان جي شرط وارو گهوڙو پاڻ ئي اسان کي ٻڌائي ۽ چِتائي ڇڏيندو آهي—پوريءَ سچائيءَ ۽ ڏاڍيءَ صفائي سان .

اُهو ڄڻ اسان کي اول ئي چئي ڇڏيندو آهي ته ’مون تي شرط رکندا ته کڏ ۾ ڪرندا!‘

پر ٻين گهوڙن ڊوڙائيندڙن جي پٻين تي، جن جي کٽڻ جو مدار ئي اوهان جي هارائڻ تي هوندو آهي، اوهين ٻئي ڪنهن ڏاهي جي صلاح ٻڌندا ئي ڪونه آهيو.

۽ ڇاڪاڻ ته اُهو فيصلو وري به اوهان جو پنهنجو ئي فيصلو هوندو آهي، اوهين ٻين گهوڙن ڊوڙائيندڙن کي ڪو ڏوهه به ڪو نه ڏئي سگهندا آهيو، جن ڪنهن طرح اوهان کي غلط گهوڙي جو ڏس ڏيئي، پڪ ڪري ڇڏي هئي ته اوهين اُن تي ئي شرط ٻَڌندا.

اوهين پوءِ اهڙا ته مُنهن جا پَڪا ٿي ويندا آهيو، جو اوهان جي اُها همت به نه رهندي آهي، جو کڻي چئو ته ’افسوس آهي، اسان غلط گهوڙي تي شرط هنئي!‘

پر، اوهين اِئين چئو به کڻي، ته به اُن چوڻ سان پوءِ ڇا ٿو ٿي سگهي!

ٻيا گهوڙا ڊوڙائيندڙ، جن ڪنهن طرح اوهان کان ائين غلط گهوڙي تي شرط هڻائ، اُهي ته اوهان کي اُلو بڻائي،سڀ کٽي ويا؛ ۽ اوهين اُتي ئي وات ڦاڙيو، سڄي دنيا لاءِ سبق بڻيا بيٺا رهيا ! ۽ اُهو سڀ رڳو اِنهيءَ ڪري ٿيو، جو اوهان غلط گهوڙي تي شرط ٻڌي، ۽ سچ پچ ته صحيح گهوڙي سان زيادتي ڪيو، جو اُن تي شرط نه ٻڌيو.

بس، سنئين سڌي منطقي ڳالهه اِها آهي.

پر اُن کان به وڏو آزار اوهان لاءِ تڏهن اُٿندو آهي جڏهن غلط گهوڙو اوهان لاءِ فيصلو ڪندو آهي ته اُن تي اوهين نه پر اوهان تي اُهو شرط رکي!

”ڪهڙي نالائق توکي چيو ته تون اسان تي شرط رک!“

”مون، پاڻ.“

”پر گهوڙا هوندا آهن ته اُنهن تي شرطون رکجن...... ۽ هيءَ ڳالهه اُن جي اُبتڙ!“

”هائو، هِتي سڀ ڳالهه اُبتڙ آهي.“

”پر، ته به ٻڌائي ته سهي، تنهنجا ارادا ڪهڙا آهن؟“

”ٻين گهوڙن جي ارادن کان اُبتڙ.“

”اُن جي معنيٰ”“

”اُن جي معنيٰ اِها ته آءُ اوهان تي شرط رکان—پوئتي هلڻ جي شرط!“

”پوئتي هلڻ جي شرط!؟“

”هائو، پوئتي هلڻ جي—پوئتي کان پوئتي هلڻ جي.“

”تون ڏاڍو ڪو عجيب گهوڙو ٿو لڳين!“

”اُهو ته آءُ آهيان، سو ته آءُ آهيان. ۽ توهان کي به ته پوئتي هلڻ جو شوق آهي نه؟“

”پر به، ڇا جي ڪري تون اسان تي اِها شرط ٿو رکين؟“

”ڇا جي ڪري؟ اول ته اوهان پاڻ ئي غلط گهوڙي تي شرط رکي هئي نه؟“

”ڪهڙي گهوڙي تي؟ اُن جو نالو ڇا هو؟“

” اُن جو نالو اوهين ڄاڻو ٿا—’نفرت ‘!“

”۽ تنهنجو ڀلا نالو ڇا آهي؟“

”منهنجو نالو آهي—’قسمت‘!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org