سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :9

جڏهن خاڪسار تحريڪ ۾ هئي ته احمديه تحريڪ وارن وٽان کيس دعوت ملي ته احمديه تحريڪ ۾ شامل ٿي، مگر پاڻ  انڪار ڪيائين.  خاڪسار تحريڪ ۾ هجڻ ڪري سندس مضمون بمبئي ۽ ڪلڪته جي اخبارن ۾ ڇپيا هئا.

سنڌي ادب جي هڪ شمع

مرحوم زينت عبدالله چنا جي وفات تي سنڌ جي ماڻهن جو ناقابل تلافي نقصان آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سماج ۾ پڙهيل ڳڙهيل دردمند ۽ هوشمند زالن جي اڃا اڻاٺ ۽ اڻ هوند آهي ۽ ان اڻاٺ کي پورو ڪرڻ جو ڳرو بار مرحومه زينت چنا پنهنجي ڪلهن تي کنيو هو، سنڌ جي مسلمان خاندانن ۾ مرحومه انهن چند عورتن منجهان هئي جن سنڌ جي پير پرستي، رسم رواج ۽ ڀرمن ۽ سنسن ۾ گرفتار عورتن کي پنهنجي وجود جي احساس ڏيارڻ ۽ علم جي روشني ۾ عورت جي حيثيت ۽ ڪردار جو پرچار ڪرڻ کي پنهنجو آدرش  بنائي ڇڏيو هو.

مرحومه کي سنڌ جا ادبي حلقا ”جيجي“ جي پياري نالي سان ياد ڪندا  هئا ۽ ان جيجل جي خطاب سان هن سنڌ جي نياڻين کي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ آڻي، مڪمل انصاف ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته صحيح جيجلون ته اهي ئي آهن جيڪي پنهنجي اولاد کي، ذاتي اولاد کي نه، پر پنهنجي قوم جي ايندڙ  نسل کي، اهو سڀ ڪجهه ڏيڻ کي پنهنجو آدرش سمجهن ٿيون، جيڪو هنن جي نظر ۾ ويهين صديءَ جي معاشرتي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جو نت آهي، پنهنجي ادب ۾ جيجيءَ  سنڌ جي مظومن ۽ محروم عورت ذات کي هڪ زندگي بخش پيغام ڏنو، سنڌ جي روايتي مروت، حيا ۽ حجاب جي حدن اندر هن نهايت ئي انقلابي ادب پيدا ڪيو. مرحوم حفيظ شيخ جي لفظن ۾ جيجي سنڌ جي ”ورجينا وولف“ آهي. ان کان وڌيڪ خراج تحسين اسين به مرحوم کي پيش ڪري نه سگهنداسين. خدا ذوالجلال  کيس جنت ۾ جايون ڏئي ۽ سندس  پوين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. سنڌ جي ادبي ۽ سماجي تاريخ ۾ هن جو نالو ۽ مقام هميشه درخشان رهندو ۽ اها ڳالهه به سندس پوين لاءِ فخر ۽ تسڪين جو باعث رهندي ايندي ، پر سنڌي ادب جي هڪ شمع بهرحال گل ٿي وئي، جنهن تي اسين به سنڌ جي ادب جي متوالن سان گڏ ماتم ۾ شريڪ آهيون.

بيگم صاحبه جا مضمون اڪثر سماجي معاملن  بابت هوندا هئا. ڏهين ڊسمبر 1949ع جو هڪڙو سندس مضمون هت هيٺ ڏجي ٿو جنهن مان سڌ پوندي ته سندس خيالن جو لاڙو ڪهڙي طرف هوندو هو.

اڄ ڪلهه هر طرف اهو آواز اچي رهيو آهي ته سرمائيداري کي ختم ڪيو وڃي، مگر ان آواز جو اثر  ڇا آهي؟ سرمائيداري  ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهي آهي چؤطرف اها باهه زور وٺندي  وڃي جنهن جو اثر ڇا ٿي رهيو آهي؟

غريب ان باهه ۾ سڙي رهيا آهن مفلسي زور وٺندي وڃي ۽ مسڪيني  روز بروز ترقي ڪندي وڃي عاليشان دليون سرمائيداريءَ جي هيبت ناڪ ديو جي چنبن ۾ قيد آهن، بلند دماغ  سرمائيداريءَ جي چنبي ۾ قابو آهن، انساني ضمير چند سڪن تي فروخت ٿي رهيا آهن، غريب جو گلو دٻايو ٿو وڃي پر ان جو آواز نه ٿو ٻڌو وڃي، غريب جو رت چوسيو ٿو وڃي پر ان جي خون ۾ ڪا حرڪت ڪانه آهي ڇاڪاڻ ته ان سرمائيداري جو خون خشڪ ڪري ڇڏيو آهي. مڪر، فريب، چالبازي ۽ چوري ۽ زوري کي عقلمندي ۽ سياست سمجهيو ٿو وڃي ان ڪري اميري، دولتمندي عياشي، جي حصه ۾ ۽ عريب جنهن وٽ ايمان، سچائي، وفائي محبت ۽ محنت آهي ان کي جاهل، ارڏيل، بيوقوف سمجهيو ٿو وڃي ۽ ان ڪري ان جي حصه ۾ بک، ڏک، سردي، گرمي، بي علمي، بي ڪسي ۽ بي آرامي آهي، ذرا سوچو، ذرا سمجهو، ڀلا اها قوم ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿي. جنهن جي اڌ کان زياده آبادي سرمائيداري  جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي. انهي ڪري عوام سڪوت ۽ غفلت ۾ هوندو تيستائين غريب هن خوفناڪ ماحول ۽ هيبتناڪ گرفت مان آزاد ٿي نه سگهندو.

هن هيڏي جمود جي برخلاف سخت تحريڪ جي ضرورت آهي. ياد رکو اسين مسلمان جنهن قوم جي جمود ۾ مبتلا آهيون اهو فطرت جي برخلاف آهي ۽  فطرت پاڻ سان مذاق ڪرڻ وارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي.

سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ بيگم صاحبه جي وفات بابت جيڪي خبرون ۽ نوٽ ڇپيا سي هيٺ ڏجن ٿا.

ان کانسواءِ اردو ۽ انگريزي  اخبارن ۾ به خبرون ڇپيون هيون.

عبرت- آچر 14 جولاءِ 1974ع (ايڊيٽوريل نوٽ)

آه بيگم زينت عبدالله چنه

”سنڌ جي مشهور اديبه خاتون صحافي ۽ سرگرم سماجي ڪارڪن بيگم زينت عبدالله چنه جي وفات تي سنڌ جي سڀني حلقن ۾ گهري رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويندو، مرحومه جي لاڏاڻي سبب جيڪو خال پيدا ٿيو آهي سو يقينن آسانيءَ سان ڀرجي نه سگهندو.

مرحومه پنهنجي زندگيءَ  جو وڏو حصو سنڌ جي عورتن ۾ سماجي ۽ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ هنن مان جهالت کي تڙي ڪڍڻ جي جدوجهد ۾ صرف ڪيو.

مرحومه جو شمار سنڌ جي برک ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن ۾ ٿيندو هو، هن عورتن جو مشهور رسالو ”مارئي“  جاري سنڌ جي عورتن جي جيڪا خدمت ڪئي سا نه صرف هميشه ياد رهندي بلڪه ٻين جي لاءِ هڪ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿي. مارئي جا پرچا شاهد آهن ته مرحوم کي سنڌ جي عورتن سان ڪيڏو نه پيار هو ۽ هوءَ سمجهندي هئي ته سنڌ جي گهرجن ۽ ضرورتن جي پورائي لاءِ سنڌ جون مائرون ۽ ڀينرون ئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته انسان جي پهرين درسگاهه هن جي ماءُ جي گود آهي، بيگم زينت عبدالله پنهنجي اندر هڪ تحريڪ هئي، هڪ جدوجهد هئي ۽ هڪ نصب العين هئي هن جي وفات تي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ خاص طور تي هڪ وڏو نقصان محسوس ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا اديب پنهنجي پياري ”جيجي“ جي شفقت ۽ پيار کان محروم  ٿي ويا آهن.

سنڌ جي پڙهيل لکيل عورتن کي بيگم زينت عبدالله چنه جي زندگي ۽ ڪم کي پنهنجي سامهون رکڻ گهرجي.

سورٺ

اندر جو منگهه

ڇا! منهنجي اندر مان ڪوبه اهڙو منگهه نٿو ٺهي سگهي؟ جنهن مان اُن تيز ڄرَ واري باهه جا اُلا آلاپ ڪندا ٻاهر نڪرن!

اُها دونهين، جيڪا صدين  کان منهنجي اندر ۾ دُکي رهي آهي،  جنهن منهنجا جيرا ۽ بڪيون سڀ کڻي رک ڪري ڇڏيا آهن. ڇا اُها بارش ڪڏهن نٿي وسي سگهي، جيڪا اُن تتل  رک کي ڇنڊو هڻي ٺاري سگهي!!؟

ڪاش! ڪاش!!

اُهي دونهاٽيل ڪڪر ڪڏهن وسي به پون ۽ سُڪل ٺوٺ پيالي جون ڀتيون (اکيون) ٿي پون.

حميده قاضي                          (هڪ شخصيت)

ثميرا زرين

ادب جي آسمان جو سدا جرڪندڙ چنڊ

سنڌي ساهت- سنسار ۾ ڏاهن ڏات ڌڻين سان گڏوگڏ سرتين به پنهنجي وت  وس آهر ناسازگار حالتن ۾ فرسوده ريتن رسمن کي پٺيءَ پاند اڇلائي، پنهنجي ضمير ۽ ذهن جي آواز کي لبيڪ چئي، قلمي پورهئي جا گل ٻوٽا پوکي، جهان ۾ سندرتا واري سرهاڻ ۽ سڳنڌ ڦهلائي آهي. هو گهٽيل ٻوساٽيل ماحول ۾ به هلنديون رهيون آهن، توڙي جو سماج جي مَ سهو سوچ رکڻ وارن هنن کي حق جي آواز بلند ڪرڻ کان روڪيو، سندن راهن ۾ ڪيڏا به ڪنڊا وڇايا، تنقيدن جا تير وسايا، پر هنن روزو اڌ ۾ ڀڃي، پنهنجي ادبي پوڄا پاٺ ۾ ڪمي نه آندي. انهن حالتن هوندي به سنڌي ساهت جي سفر جي سرواڻ ثميرا زرين ان ويلي، ان ڪٺن وقت ۾ ساهت جي سفر جي ابتدائي ڪئي، جڏهين عورت ذات جو نانءُ ٻاهر وٺڻ به معيوب سمجهيو ويندو هو، اهڙي ناسازگار حالتن ۾ پنهنجي ادبي لڏي جي تنقيدن جي باوجود هن سگهاري  سوچ واري سرتيءَ حوصلي سان، لوڪ جي سمورين ڳالهين کي پوئتي اڇلائي، ادب جي خدمت ڪئي ۽ خوب مڃتا ماڻي.

هندي، بنگالي  ۽ روسي ادب کان متاثر ٿيڻ واري ثميرا جو  اصل نالو سڪينا اعواڻ آهي. پنهنجي اصلوڪي نالي سڪينا بدران ثميرا جي نالي سان ڪهاڻيون ڇپرائڻ جو سبب،  رڳو ننڍي ڄمار ۾ پنهنجو نالو پسند نه اچڻ سان ئي آهي.

ثميرا، لکڻ جي شروعات12-13 سالن جي عمر کان ڪئي، ننڍي ڄمار ۾ ئي هن جي پختي ۽ معياري ٻوليءَ وارين لکڻين، ادبي دنيا جي واسين کي شڪ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، هن جي سڀ کان پهرين لکڻي نئين زندگيءَ ۾ ڇپي. منهنجي خيال ۾ سندس پهريون افسانو به ”زندگي ڪيتري نه گران آهي“ ئي ٿي سگهي ٿي، ڇو جو خود ثميرا زرين28 آگسٽ1972ع تي روزانو هلال پاڪستان جي پرچي سگهڙين سٿ لاءِ، ڀيڻ فهميده حسين کي انٽرويو ڏيندي اهوئي ٻڌايو هو، ته سندس پهرين ڪهاڻي 1954ع ۾ نئين زندگيءَ ۾ ڇپي، ”زندگي ڪيتري نه گران آهي“ جنوري 1954ع ۾ نئين زندگيءَ ۾ ئي ڇپي.

ثميره زرين جنهن جي ساهتي سگهه کي نئون ساهه سَتُ وجهڻ ۾ ماهوار نئين زندگي اهم ڪردار ادا ڪيو، اُتي ثميرا به پنهنجين لکڻين وسيلي، قلم جون گهڻيون ڪاوشون ماهوار نئين زندگيءَ کي سونپي، سندس سُونهن ۽ سوڀيا کي سگهارو ڪيو، وقت بوقت سندس لکڻيون نئين زندگيءَ جي سرير ۾ نئون ساههُ وجهنديون رهيون. ثميرا زرين54ع ۾ ڇپجڻ وارين تخليقن ”زندگي ڪيتري نه گران آهي“ ۽ ”اميد“،56ع ۾ ”زندگيءَ جي بازي“ ۽ ”پنجن سالن کان پوءِ“ 57ع ۾ ڇپيل ”جوابدار“ ۽ ”ونين ۾ ٿي ويهه“ 58ع ۾ ”ڏاکڙن جو ڏاج،“ 59ع ۾ ڇپيل ”توڙي حُب نه هوءَ“  ۽ شاهڪار ڪهاڻي ”لالي،“ 61ع ۾ ”ايرکا“ ۽ ”مومل،“ 62ع ۾ ”سُوريءَ سزاوار،“ ”دين جي ماءُ“ ۽ ”سوکڙي“، 66ع ۾ ”کجور جو وڻ“ ۽ ”ٿوهر جو وڻ،“67ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين ”پيغام“ ۽ ”ائبسرئڪٽ آرٽ“ جهڙين شاهڪار ۽ يادگار افسانن جي سونهن ۽ سندرتا سان نئين زندگيءَ کي 67ع تائين سينگاريو ۽ سنواريو، ”لالي“ ثميرا جو شاهڪار ۽ سندس ئي پسنديده افسانو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهين 1961ع ۾ هُن ”مهراڻ جون ڇوليون“ (چونڊ افسانن جو مجموعو) ترتيب ڏنو، ته پنهنجي افساني ”لالي“  جي ئي چونڊ ڪيائين.

سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”آءٌ اهائي مارئي آهن“ گيت اڃايل مورن جا“ کي اداره ادبِ نو پاران  به انعام مليو.

ثميرا جي پنهنجن لکڻين جي باري ۾ اها راءِ آهي،  ته سندس  ڪهاڻيون ڪنهن تخيل يا فرضي واقعي جون پيداوار ناهن، پر سندس هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن حقيقي واقعي کان متاثر ٿي لکيل هوندي آهي. ڇو ته هوءَ ادب کي واقعي ئي زندگيءَ جو ترجمان سمجهندي هئي ۽ اديب جيئن ته زندگيءَ جون تمام حقيقتون ۽ روزمره جا واقعا ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ پنهنجن حساس جذبن ۽ سندر لفظن جي روپ سان ٺاهي سينگاري ۽ سنواري، ٻين آڏو مثال ڪري پيش ڪري ٿو. هن به جيڪا وِکَ وڌائي آهي، ان وک وک تي هن، سنڌ ڌرتيءَ جي خود داري ۽ ذهين عورت کي ئي موضوع بڻايو آهي، ان عورت کي جاڳائي شعور ڏنو آهي، جيڪا صدين کان پنهنجي لا علمي ۽ جهالت سبب ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهندي آئي آهي، ثميرا جون لکڻيون ردِ عمل آهن، ان نظام جو، ان رويي  جو، ان تلخ ۽ گهٽيل ماحول جو، جنهن ۾ ان وقت عورت ذات وڪوڙيل هئي، ثميرا پنهنجي ذهني اٿل پٿل کي، احساسن ۽ اُڌامن کي، تقرير  واري انداز سان ناصح، بڻجڻ بدرران ڪردارن واتان سڌو سنئون لفظن جو روپ بخشيو آهي، سندس اِهي نرم ۽ لطيف لهجي ۾ چيل ڳالهيون پيغام آهن  هڪ نئين منزل جو، هڪ نئين ماڳ جو.

هتي ته اها ويڌن هميشه لاڪون  ٿيندي اچي، ته سماج ۾ پلجندڙ ناسورن کي وقت جي ڦورو طبقن عام آڏو آڻڻ کان پئي لنوايو آهي، پر هن انهن ڪوڙين ريتن رسمن جي ناسورن جي بدبوءَ کي ڍڪڻ ڏيئي لوڪ کان لڪائي، ڪنهن ڪنڊ پاسي ڦٽو ڪرڻ  بدران، وچ پڌر تي کوليو آهي، ليکڪ ته هوندو ئي آهي پنهنجي وقت جو آواز، سو شهري  ماحول ۾ پلجڻ واري ثميرا به پنهنجي لکڻين ۾ گهڻو ان استحصال کي ننديو آهي، جيڪو هن پنهنجي آسپاس ڏٺو، ان غلاميءَ کي ئي بحث هيٺ آندو آهي، جيڪا آزادي ۽ خودمختياريءَ جي نالي ۾ ڏنل آهي، ائين به ناهي ته هن حقيقت کان اکيون ٻوٽي رڳو عورت جي ئي ڀر ورتي هجي....! نه! هن جتي عورت جي ازلي معصوميت ۽ مظلوميت هن جي جائز حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي، اتي ئي سماج جي انهن ناسوري عورتن جي روپ کي به کولي پڌرو ڪيو آهي، جيڪي شهري جسلن ۾ ٺهي سنڀري، مظلوم ڀينرن کي ظلم کان نجات ڏيارڻ جهڙي سونهري سپنن جي ڄار ۾  ڦاسائي، پنهنجا مفاد پورا ڪنديون رهنديون آهن، هونئن به عورت جي آزادي ۽ خودمختياري رڳو گهر کان ٻاهر نڪرڻ، تنظيمون ٺاهڻ ۽ جلسن  ۾ شرڪت ڪرڻ تاءِ ته محدود نه هجڻ گهرجي. اسان مان اڪثر کي مليل هي ذهني خودمختياري ڪيڏي نه اڻ مئي نعمت آهي، جو اسين جيڪو سوچيون ٿا، اهو لکي ۽ ڳالهائي سگهون ٿيون!سگهارو سرجڻهار ته اهوئي سمجهيو ويندو آهي جنهن جي تحريرن ۾ حقيقت ۽  سچائيءَ جي جهلڪ هجي. جيڪو مشاهدن ۽ تجربن جي بٺيءَ ۾ تپي ڪُندن ٿيو هجي. ثميرا به پنهنجي آسپاس، هيڏي هوڏي پکڙيل مسئلن تي قلم کنيو آهي، شهري عورت جي مسئلن ۽ مونجهارن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڏٺو وڃي ته حقيقت ۾ ڳوٺاڻي ۽ جهالت جي اونداهيءَ ۾ جيون گهارڻ واري عورت کي، علم ۽ شعور جي زيور سان آراسته ڪرڻ سان گڏوگڏ ضرورت ان ڳالهه جي به وڌيڪ  آهي، ته جيڪي علم جي روشنيءَ سان منور ٿيڻ جي باوجود به شعور ۽ آگهيءَ جي منزلن تائين نه پهچي سگهيون آهن، تن کي وائکو ڪجي.

سنڌي ساهتي سنسار جي ڀرئي  سمونڊ  ۾ روشنيءَ جي مناري جيان پري کان ئي تجلا ڏيئي، پنهنجي سگهاري سوچ جو احساس ڏياريندڙ ادب جي افق تي سدا جرڪندڙ چنڊ، ثميرا زرين پنهنجي قلم جي روشنائيءَ سان جوت جرڪائيندي، پنهنجي پويان ايندڙ سرتين لاءِ روشنيون ڦهلايون آهن.

ثميرا جو نالو جڏهن ادبي سنسار ۾ظاهر ٿيو ته هر پاسي کان تنقيد جي برسات وٺي، الزام اهو به هنيو ويو، ته هي عورتاڻي نالي ۾ ڪو مرد لکي رهيو آهي، ڪن اهو به الزام  هنيو ته اها پاڻ نٿي لکي، پر ڪو ٻيو وڏو ادبي نالو ان جي پويان آهي، انهن جي جواب لاءِ هن شهر جا ٻيا وڏا نالا مثال ناهن ڇا!؟ ڪنهن ننڍڙي شهر مان ڪو وڏو نانءُ نٿو اُڀري سگهي ڇا!!؟؟

ڏٺو وڃي، ته شعور جي ابتدائي دؤر کان وٺي شڪاپور شهر علمي ادبي حوالي کان مشهور رهندو اچي، ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، ته ادب جو ٻج ئي شڪارپور جي چڪي مٽيءَ منجهان ڦٽي نڪتو آهي، هڪ وڏي ڊگهي قطار آهي اديبن ۽ شاعرن جي، جن جو تعلق ۽ واسطو هن ننڍڙي شهر سان آهي، جيڪو ادبي مڻين جي موجودگيءَ ڪري گهڻو شاهوڪار آهي، اهڙن گڻن واري علمي ادبي ميڙاڪن واري شهر ۾ ثميرا زرين جهڙي سرجڻهار جي ساهتي سچائيءَ جي سندرتا ۽ سُرهاڻ پکڙجڻ ڪا حيرت جي ڳالهه ته ڪونهي.!!!

هن شهر جي هر ڏاهي نسل کي، ثميرا جي سگهارين سوچن ۽ صلاحيتن تي فخر رهندو.

مرحومه ثميرا زرين جڏهن ان ميدان ۾ باقائده آئي، ته ان وقت هندي سنڌين جي لڏ پلاڻ سببان هر طرف ماٺ ڇانيل هئي، ان موت جهڙي ماٺ  ادبي ماحول تي/ تحريڪ تي جمود آڻي ڇڏيو هو، هر ڏاهو ذهن الجهيل الجهيل سوچن ساڻ هيڪلو هيڪلو هيو، گهڻن سنڌي ساهتڪارن جي لڏي وڃڻ ڪري، سنڌي ادب جي آسمان تي اونداهي ڇانيل هئي! هر سوچ وائڙي! خيال ۽ احساس جو هر پکي لفظ  بڻجي اڏرڻ کان اڳ ئي حالتي ڇڪتاڻ جي ڄار ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏيڻ تي هو، جو ڪي چند  سياڻا سرجڻهار اڳتي اچڻ جو عزم کڻي، جرات سان وڌيا.  اڳتي قدم وڌائيندڙ ڀائرن سان گڏ سرتين جو ننڍڙو ٽولو به ان جدوجهد واري عمل ۾ ساڻ ساڻ هلڻ لڳو، ساڃاهه ڀرين سرتين جي ان ننڍڙي  قافلي جي سرواڻ، ثميرا زرين هئي،

جڏهن به ڪو تخليقڪار تخليقي سفر شروع ڪندو آهي، ته هن جي اڳيان پاڻ وارن کان اڳ وارن جا مشاهدا ۽ تجربا هوندا آهن، جن جي روشنيءَ ۾ هو پنهنجي واٽ ۾ لاٽ ڦهلائيندو اڳتي وڌندو آهي- ۽ پوءِ هو پنهنجي پسند جي راهه چونڊيندو آهي. پر ثميرا جڏهن اهو اؤکو سفر شروع ڪيو، ته هن جي آڏو ڪنهن جي به قدمن جا نشان ايڏا واضع نه هئا، وقت جي بيرحم واچوڙي،  هن جي اڳواڻن جا پيرا به وڃائي ڇڏيا هئا، پر هوءَ نئين اتساهه ۽ جوش جذبي سان اڳتي وڌي ۽ پنهنجو الڳ رستو ٺاهي نوان ماڳ  مڪان ڳولهي لڌائين.

هن پنهنجي لکڻين ۾ روزمره جا عام ڪردار  ۽ واقعا بحث هيٺ آندا آهن، عام ماڻهن جي ننڍڙين ننڍڙين خوشين تي هوءَ خوش ٿي آهي، ننڍن ننڍن ڏکن ڏولا ئن تي به روئي ڏنو اٿائين. هن جي لکڻيءَ جو انداز جداگانه آهي، رڙيون  واڪا ڪري  ڳالهه ٻڌائڻ بدران نرم ۽ لطيف لهجي ۾ پنهنجي نقطئه نظر کي واضح ڪيو آهي. ثميرا جي تحريرن ۾ تيز وهڪري  واري، نديءَ  جهڙو شور ۽ اُڇل ڪونهي، پر اندر ۾ سوين هزارين طوفان لڪايل اُونهي سمنڊ جهڙي گهرائي، سانت ۽ سڪون آهي، ٿڌڙي هير جو هڳاءُ آهي. ثميرا جون ڪهاڻيون ڪنهن فرد جون نهم هڪ گهر جون  نه، پر پوري سماج جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل هر  گهر جون، هر دؤر جون ڪهاڻيون آهن، ثميرا زرين سچي تخليقڪار جيان هر  معصوم جي  خوشيءَ تي سُکَ جو ساههُ کنيو آهي ۽ هر درد ونديءَ دل لاءِ پنهنجي اندر جي اونهائين ساڻ تڙپي، انهن جي زندگيءَ جي زهر کي، ڪؤڙاڻ کي، پني جي پيشانيءَ تي پيٽيو آهي، پر.... ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا اهڙا درد پنهنجي دل ۾ سانڍڻ واري سٻاجهي سلڇڻي ثميرا زرين، مٺڙن مارن   جو هر معاملو ساڻيهه وارن جا ازلي سور سدا لئه پنهنجي وشال سيني اندر سانڍي،  چپ چاپ ۾ هلي ويئي! ماٺ ميٺ ۾ موڪلائي ويئي!! ايئن جيئن ڪو گل ڪومائجي وڃي، ته ان جي مهڪ باقي رهندي آهي، ايئن جيئن پياري پوپٽ جو وجود ختم ٿي  وڃي، پر سندس  سهڻا من موهڻا رنگ نه ختم ٿي سگهيا هجن.

ها! ثميرا به ته اهو سونو سج هئي، جيڪو پنهنجا سونا روپا ڪرڻا کڻي، جهان کي اجالو ڏيڻ جو جذبو دل ۾ رکي، اتساهه واري احساس سان اڀريو ۽ شام ٿيڻ کان اڳ ئي خوبصورت لالاڻ جي لالي چٽي ڪري، ڪنهن ٻي ڪائنات کي جرڪائڻ لاءِ بيوقت اُلهي ويو،  جنهن جي تڙڪي ۾، نور ۾ اسين سڀ تارا ۽ ڪتيون پنهنجي ڏات  ۽ ڏاهپ روشن ڪري، ساهتي سنسار ۾ پنهنجين صلاحيتن سان وڌيڪ سونهن ۽ سُندرتا پکيڙي سگهون ها...!!!

موهن لعل ”پريمي“

ٻهراڙيءَ جي عورت ۽ تعليم جو فقدان

سنڌي سماج  جي عورت هميشه  کان وفا شعار ۽ سچائيءَ جو مجسمو رهي آهي. هن ڪشالا ڪاٽي، ڏونگر ڏاري، پنهنجي وفا ۽ سچائيءَ کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. لاکيڻي لطيف جون سُورميون هن ڳالهه جو بين ثبوت آهن. جيئن ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي.

وريتُيون وَرو، آءُ نه وَرَنديءَ وَرَ ري،

جاڏي هِنَ جَبَلَ جو، تانگهينديس ترو،

جَتَنِ ساڻ ذَرو، نيهُن نِبيرڻ نه ٿئي.

اسان جي ٻهراڙيءَ جي عورت ڪنهن به لحاظ  کان مردن کان پوئتي نه آهي. صنف نازڪ  هجڻ جي باوجود  هُوءَ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي هر ميدان ۾ مرد سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي  هلندي نظر اچي ٿي. رڌ پچاءُ کان وٺي، ٻني ٻاري جي ڪم تائين هُوءَ سڄو  ڏينهن مصروف گذاريندي آهي.

سنڌي سماج جي عورت ڏاڍي محنتي ۽ جفاڪش آهي. واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ ڪڏهن به چپ ڪري نه ويهندي آهي، پر ڪانه ڪا شيءَ تخليق ڪندي رهندي آهي. ڪڏهن رنگين ڀرت ڀري ٿي، ڪڏهن خوبصورت اڳٺ  ۽ چوٽيون  ٺاهي ٿي،  ڪڏهن سهڻا ٽوپ تيار ڪري ٿي، ته ڪڏهن رليون ٺاهيندي  رهي ٿي ۽ ڪڏهن وري کجيءَ جي پنکڙن مان تڏا ۽ تونريون به تيار ڪري ٿي.

سنڌ جي عظيم عورتن جي فن ٻارن کي ڏسي يقين ئي  نٿو اچي ته اهڙو باريڪ ۽ پيچيدو  ڪم ٻهراڙيءَ جي عورت ڪيئن ڪري ٿي وٺي؟ هوءَ پنهنجي مصروف زندگيءَ مان فرصت جون چند گهڙيون ڪڍي ڪهڙا ڪهڙا عظيم شاهڪار تخليق ڪري ٿي. اهي نادر شيون غير ملڪي سياح سنڌ جي سوکڙيءَ طور پنهنجن ملڪن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. انهن تخليقات جي پٺيان جيڪي ذهن ۽ هٿ ڪم ڪن ٿا. انهن جا مالڪ اڪثر اڻ پڙهيل آهن. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسانجي ٻهراڙيءَ جي عورتن ۾ تعليم جو وڏو فقدان آهي. عورتن ۾ تعليم جي فقدان جا تمام گهڻا ڪارڻ آهن. شهري ماڻهن ۾ ته ڪافي سجاڳي آهي، جنهن ڪري شهري عورتون ٿوري يا گهڻي تعليم ضرور حاصل ڪن ٿيون. پر اسانجي ٻهراڙي يا  ڳوٺاڻو معاشرو تمام پٺتي  پيل آهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اڃا جهالت  تمام گهڻي آهي. جنهن ڪري نياڻيءَ جو تعليم لاءِ گهر کان نڪرڻ معيوب سمجهيو ٿو وڃي. جهالت جو لفظ مون ان ڪري استعمال ڪيو آهي جو اسانجي ٻهراڙيءَ جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به  اهڙين ڳالهين جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

هڪ ٻيو ڪارڻ اهو به آهي ته اسانجي ڳو‎ٺاڻي معاشري ۾ نياڻين کي ننڍپڻ کان ئي گهرو ڪمن ۾ تمام گهڻو مصروف رکيو وڃي ٿو. مگر جتي پرائمري اسڪول آهن اُتي نياڻيون وڏي  مشڪل سان پرائمري  تعليم ته حاصل ڪري سگهنديون آهن، پر اعليٰ تعليم کان محروم رهجيو وڃن.

وڏي افسوس جو مقام آهي جواهڙيون هنرمند نياڻيون علم جي زيور کان محروم رهجي وڃن ٿيون. عورت هن دنيا ۾ تمام وڏو مقام ۽ مرتبو رکي ٿي. اُها ڪڏهن مهربان ماءُ آهي ته ڪڏهن پيار ڪندڙ ڀيڻ ۽ ڪڏهن سگهڙ زال بڻجي گهر کي جنت مثل بڻائي ڇڏي ٿي. عورت جيڪا هن دنيا جو سنيگار ۽ روح آهي، جيڪڏهن اڻ پڙهيل هجي ته وڏي ارمان  جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن عورت علم جي زيور سان سينگاريل هوندي ته هو پنهنجي هٿ واري  هُنر ۾ سُٺيون ترميمون ۽ اضافا  ڪري سگهي ٿي ۽ گهر ته ڇا سڄي دنيا  کي جنت جو نمونو بڻائي سگهي ٿي.

جڏهن ڪا پڙهيل لکيل ۽ سگهڙ عورت پنهنجي اولاد جي سُٺي تربيت ڪري ٿي ۽ سٺي تعليم ڏئي ٿي ته ڄڻ هوءَ ڪيترن  ئي نسلن جي تعليم ۽ تربيت  ڪري ٿي. تنهن ڪري عورت جي تعليم لازمي ٿي وڃي ٿي  ته جيئن سٺو نسل پيدا ٿئي ۽ اسانجو آئندو  محفوظ ٿي وڃي.

مٿين ڳالهين مان عورت جي تعليم ۽ تربيت جي اهميت واضح ٿي وڃي ٿي. ان کانپوءِ مرحلو اچي ٿو ته ڪهڙي نموني عورتن ۾ تعليم کي فروغ ڏجي.

حڪومت کي گهرجي  ته گهڻي کان گهڻا پرائمري، مڊل ۽ هاءِ  اسڪول خاص ڪري نياڻين لاءِ  ٻهراڙي  ۽ ڳوٺن ۾ کولي.

ٻئي نمبر تي اسانجون جيڪي ڀينرون پڙهيل لکيل آهن، هنن تي  فرض عائد ٿئي ٿو ته اُهي ڪجهه وقت ڪڍي جهالت  جي اونداهيءَ جو مقابلو ڪن ۽ پنهنجي ناخوانده ڀينرن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪن. جيڪڏهن ڪنهن  هڪ ڀيڻ سال  ۾ ٻن ڀينرن کي پڙهايو  ته به ڪافي ڪجهه ڪاميابي حاصل ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته هڪڙي ڏيئي سان هزارين ڏيئا  ٻاري سگهجن ٿا.

اها حقيقت سڀني کي معلوم آهي ته اسانجي ملڪ جي مجموعي آباديءَ جو 80 سيڪڙو ڳوٺن ۾ رهي ٿو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته عورتن  جو تمام  گهڻو تعداد به ٻهراڙيءَ ۾ رهي ٿو، جتي  عورتن کي ناخواندگيءَ  جي ڪري شهري زندگيءَ بابت ڪجهه به خبر نه آهي. هلندڙ سال دوران  ٿيل گهر شماريءَ مان اها حقيقت  سامهون آئي آهي ته اسان وٽ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن  جي آباديءَ جو تناسب 60 سيڪڙو آهي. ان ڪري عورتن کي مردن جيتريون ئي تعليمي سهولتون ملڻ گهرجن. مثال طور جتي ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج هجن اُتي ساڳيا اسڪول ۽ ڪاليج ڇوڪرين  لاءِ به هئڻ گهرجن. ائين ڪرڻ سان مردن سان گڏو گڏ عورتن جي 60 سيڪڙو آباديءَ ۾ خواندگيءَ جي شرح وڌندي ۽ اسانجو ملڪ تمام گهڻي خوشحالي ماڻي سگهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com