مضمون
ڳالهه ٻولهه
ڪندڙ:
مسرت شيخ
ماههِ طلعت
عباسي
فوٽا:
عبدالمجيد سومرو
ڌرتيءَ ڌَياڻُيون اُم الڪلام آپا مريم نوحاڻي
سنڌ جي مڻيادار مِٽيءَ جتي دودن، دولهن کي جنم ڏنو آهي، اُتي
ٻاگهين ۽ بختاورن کي به جنم ڏنو آهي. سڳوري سنڌ جي
ئي اها سرزمين آهي، جنهن وطن دوستيءَ جي امر اهڃاڻ
”مارئيءَ کي جنميو. اڄ به سنڌڙيءَ جي سدا سائي ڪک
مارئين، ٻاگهين ۽ بختاورن کي جنم ڏئي رهي آهي؛
جيڪي پاڻ ارپڻ واري جذبي سان، زندگيءَ جي مختلف
شعبن ۾ سنڌ جي خدمت ڪري رهيون آهن. اهي هستيون
اسان لاءِ واٽ جي لاٽ آهن. جن جي نالي ٻڌڻ سان، نه
رڳو هر ڌرتيءَ ڌياڻيءَ جو، پر اسان سڀني جو ڳاٽ
فخر سان اوچو ٿي ٿو وڃي. آپا مريم نوحاڻي به اهڙين
هستين مان هڪ آهي.
پاڻ تعليمي شعبي سان لاڳاپيل آهي ۽ اڄڪلهه ڊائريڪٽر آف ڪاليجز
جي حيثيت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي؛ ان
سان گڏوگڏ سندس شخصيت ديني، ادبي ۽ علمي حلقن ۾
خاص اهميت رکي ٿي.
دين سان بي انتها اُڪير جي مڃتا ۾ پاڪستان سرڪار پاران 1987 ۾،
قومي سيرت ڪانفرنس ۾ گولڊ ميڊل، عمري جي ٽڪيٽ ۽
امتيازي سند ڏني وئي.
آپا مريم نوحاڻيءَ جي سهڻي ۽ سٻاجهي شخصيت لاءِ سانئڻ
خيرالنساءِ جعفري ”منهنجو تخليقي سفر“ ۾ / لکيو
آهي:
آپا مريم نوحاڻي! هڪ انتهائي حسين ۽ مڪمل عورت، هڪ باعلم ۽
باڪمال انسان، جنهن جو نالو قرآن ۾ به آهي. منهنجي
دل ۾ به آهي هڪ ڪتاب اگر قرآن آهي ته هڪ دل به
آخر ڪعبو آهي. اهو نالو ”مريم“ آهي، جو منهنجي دل
جي ڌڙڪڻ ۽ قران جي روانيءَ ۾ آهي. هڪ مريم حضرت
عيسيٰ جي ماءُ آهي. هڪ مريم هيءَ آپا نوحاني آهي.
علم، عمل ڪمال ۽ رحمت جو حسين ترين امتزاج. ڪاش
هر ماءُ ٿيڻ جي خوشي نصيبي حاصل ڪري سگهي. ڪاش هر
عورت اهڙي مريم جي به تخليق ڏئي سگهي. ڪاش آئون
مريم ٿي سگهان! ۽ ڪاش آئون ڪنهن مريم کي جنم ڏئي
سگهان! هيءَ عورت ڪيڏي نه حسين آهي. ڪائنات هن ۽
هن جهڙين ٻين عورتن سان ڪيڏي نه مڪمل ۽ پراميد
آهي.“ آپا مريم نوحاڻيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪريون.
”سرتيون“ پڙهندڙن لاءِ آپا مريم نوحاڻي سان ٿيل گفتگو حاضر آهي.
س: آپا! سڀ کان پهرين توهان اسان جي پڙهندڙن کي پنهنجي ابتدائي
زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌايو؟
ج: منهنجي پيدائش حيدرآباد ۾ هڪ معزز ۽ زميندار بلوچ خاندان ۾
ئي. اسان جو گهراڻو علمي ادبي لحاظ کان معروف هو.
منهنجو والد جناب رئيس غلام قادر خان زميندار ۽
مشهور جرنلسٽ هو ۽ ڏاڏو ان وقت مختيارڪار هو. اسان
جي خاندان انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به
ڀرپور حصو ورتو.
جيئن ته اسان جي خاندان ۾ علم حاصل ڪرڻ جو شوق شروع کان ئي هو،
پر ان وقت ڇوڪرين کي گهر ۾ تعليم ڏني ويندي هئي.
اهو ئي سبب هو جو منهنجي ڏاڏيءَ ۽ پڦين کي گهر ۾
پڙهايو ويو ۽ هو اخبار وغيره پڙهي وينديون هيون.
ان کانسواءِ انهن کي گهڻي حد تائين شاهه صاحب جا
بيت وغيره ياد هوندا هئا.
مان پنهنجي خاندان جي پهرين ڇوڪري هئس جنهن اسڪول ۾ تعليم حاصل
ڪئي. پرائمري تعليم جو آغاز مان نيو ماڊل اسڪول
کان ڪيو؛ پر جلدئي منهنجي والد صاحب مون کي مدرسته
البنات اسڪول ۾د اخل ڪيو. ڇاڪاڻ جو ماڊل اسڪول ۾
اسيمبليءَ ۾ هڪ ڏينهن سنڌي ۽ هڪ ڏينهن انگريزي ۾
دعا گهري ويندي هئي، سو منهنجي والد صاحب جن کي
اهو خيال ٿيو ته متان مان عيسائيت ڏانهن نه راغب
ٿي وڃان. اهڙيءَ طرح مختلف مرحلن مان گذرندي انٽر
عربي ۾ مون ٽاپ ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس
مان مون ايم – اي اسلامڪ ڪلچر ۽ رليجن ۾ ڪئي. جيئن
ته اسان برقعو پائي تعليم حاصل ڪئي، ان ڪري مان
سائنس ۾ داخلا نه وٺي سگهيس.
س: پهرين توهان ڪهڙي سرڪاري عهدي تي فائز ٿيون ۽ ڪهڙن مرحلن مان
گذري توهان هاڻوڪي جاب تائين پُڳيون؟
ج نوڪرين جي باري ۾ الله تعاليٰ جي ذات هميشه مون تي مهربان رهي
آهي. بي اي آنرز ڪيم، ته آپا شمس عباسي جن آيون ۽
انهن ٻڌايو ته آپا ممتاز قريشي جن ٽريننگ تي ويل
آهن، سو انهن مون کي آپا ممتاز جي جاءِ تي پڙهائڻ
لاءِ چيو؛ پر مون معذرت ڪئي؛ ڇاڪاڻ جو ان وقت مون
کي سينٽ ميري اسڪول مان آفر آيل هئي، سو مون 1952ع
کان 1953ع تائين اُتي پهرين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين
پڙهايو. ان وقت ۾ ئي نذرت ڪاليج کليو هو، اتي مان
مسلم هسٽري ۽ سنڌي به پڙهائڻ شروع ڪئي. هڪ ڏينهن
منهنجي به دل چيو ته آپا شمس عباسي سان ملان. ان
وقت گورنمينٽ گرلز ڪاليج کلڻ جو هُل پئي هليو، سو
آپا شمس مون کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ چيو؛ جيئن ته مان
ان لاءِ تيار نه هئس پر آپا جي گهڻي مجبور ڪرڻ تي
مون انٽرويو ڏنو. انٽرويو کانپوءِ پروفيسر عثمان
علي انصاري مرحوم جن پڇيو ته توهان جنرل هسٽري
پڙهائيندا! پر مون کين انڪار ڪيو. انصاري صاحب جن
انڪار جو سبب پڇيو. مون کين ٻڌايو ته اهو مضمون
مان نه ٿي پڙهائي سگهان، پر ان جي باوجود به
منهنجو تقرر گورنمينٽ گرلز ڪاليج (زبيده ڪاليج) ۾
ڪيو ويو؛ پوءِ اتي مون اَٺ مضمون پڙهايا. 1953 کان
1970 تائين مان هن ڪاليج ۾ هئس. پوءِ مون کي سکر
ڪاليج جي پرنسپل ڪري موڪليو ويو اٽڪل ڏيڍ سال مان
اتي رهيس سکر مان مون کي بيورو آف ڪريڪيولم ۾
Subjcet Specialis
ڪري رکيو ويو. هڪ سال کانپوءِ مان گورنمينٽ ڪاليج
حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي آيس. سکر ۾ مون کي ٻيهر
پرنسپل ڪري موڪليو ويو. ان کانپوءِ مان بحيثيت
ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد ۾ رهيس ۽ اٽڪل ساڍا اٺ
سال گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپل رهي آهيان
۽ ٻن سالن کان مان هتي.ڊائريڪٽر آف ڪاليجز جي
حيثيت سان پنهنجي ذميواري نڀائي رهي آهيان.
س: بحيثيت پرنسپل توهان ڪيئن محسوس ڪيو ۽ توهان کي ڪهڙيون
مشڪلاتون پيش آيون؟
ج: پرنسپل جي حيثيت سان مون کي ڪڏهن به اهڙو ڪو شديد قسم جو
مسئلو ڪونه ٿيو؛ ڇاڪاڻ جو مون کي هميشه اسڪولن ۽
استادن، ٻنهي وٽان عزت ۽ تعاون مليو هو. منهنجو هڪ
اصول آهي ته: توهان وٽ جيڪو ڪجهه آهي اهو ڏيو
خلوص، محبت، عزت، علم وغيره. پر موٽ جي اميد ڪڏهن
به نه رکو. قدرت توهان کي پاڻ سٺي نوازيندي.
س: حڪومت پاڪستان توهان کي ڪهڙن ملڪن ۾ موڪليو، جتي توهان
پاڪستان جي نمائندگي ڪئي؟
ج: حڪومت پاڪستان 1973ع ۾ مون کي آمريڪا موڪليو جتي مون پاڪستان
جي تعليمي شعبي جي نمائندگي ڪئي ۽ اتان مان لنڊن
ويس. ان وقت جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر
هو. 1979ع ۾
Moral Education جي سيمينار ۾ جاپان ويس.
هاڻي ايراني حڪومت مون کي امام خميني ڪانفرنس ۾ گهرايو هو. ان
کانسواءِ مون کي زيارتن جو گهڻو شوق رهيو آهي. ان
لاءِ مان پاڻ سعودي عرب، عراق ۽ شام وئي آهيان.
س: ميلاد پڙهڻ جو شوق توهان کي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو؟
ج: جيئن ته اسان جي گهر جو ماحول مذهبي هو. جڏهن مان پنجين ڪلاس
۾ هئس، ته اسڪول ۾ عيد ميلادالنبي جي تقريب ٿي
مون کي به تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو مان به تقرير جي
تياري تمام سٺي طرح ڪئي ۽ سڄي رات دعا گهرندي
رهيس، ته پهرين انعام ملي. پر پهريون انعام نائين
ڪلاس جي ڇوڪريءَ کي اهو چئي ڏنو ويو ته اها سينئر
آهي ۽ مون کي ٻيو انعام مليو. پوءِ آهستي آهستي
مان ميلاد پرهڻ شروع ڪيو ۽ مان هميشه ديني ڪتاب
وغيره پڙهندي رهندي آهيان. ان جو صلو مون کي الله
تعاليٰ اهو ڏنو آهي جو اڄ توهان سڀني جي آڏو
آهيان.
س: اڪثر ماڻهن کي توهان سان اها شڪايت رهي آهي ته تقرير وغيره
گهڻو ڪري اردو ۾ ڪنديون آهيو! ان ڳالهه جي ڪجهه
وضاحت ڪنديون؟
ج: جيڪڏهن گهڻا ٻڌندڙ سنڌي هوندا آهن ته پوءِ مان سنڌي ۾ تقرير
ڪندي آهيان پر جيڪڏهن انهن ۾ ويٺل ڪجهه به ماڻهو
اردو هوندا آهن ته پوءِ مان اردو ۾ ڳالهائيندي
آهيان. جيئن ديني ڳالهيون سڀ ٻڌندڙ سولائي سان
سمجهي سگهن. جيتوڻيڪ ٻيو ڪوبه خاص سبب ڪونه هوندو
آهي.
س: توهان کي اُم الڪلام جو خطاب ڪنهن ڏنو؟
ج: جيئن ته مان علمي ۽ مذهبي سيمينارن ۽ ڪانفرنس ۾ اڪثر
ڳالهائيندي رهندي هئس . ان ڪري مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي صاحب جيڪو هڪ محقق، محدث ۽ عالم آهي. تنهن
چيو ته ”اسان کي فخر آهي ته اسان وٽ هڪ اهڙي مقرر
عورت آهي، جيڪا الله جي ڪلام تي بهتر نموني
ڳالهائي سگهي ٿي ۽ ان جو اثرائتو انداز آهي ته
جيڪر کيس ”ام الڪلام“ جو لقب ڏنو وڃي. پوءِ سڀني
عالمن جي اتفاق راءِ سان مون کي ”ام الڪلام“ جو
خطاب ڏنو ويو.
س: ادب ۽ شاعريءَ سان ڪيترو لڳاءُ رکو ٿا؟
ج: ادب هجي يا شاعري منهنجي زندگي جو جُز آهي. مون به ڪيترائي
مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيا آهن. جيڪي ڇپجي
چڪا آهن. باقي شاعري تمام گهڻي پڙهي آهي.
س: ڪهڙن اديبن ۽ شاعرن کي پڙهيو اَٿوَ؟
ج: سنڌيءَ ۾ شاهه صاحب کي تمام گهڻو پڙهيو آهي. اردوءَ ۾ اقبال
۽ احمد فراز، انگريزي ۾ڪيٽس ۽ بنگاليءَ ۾ ٽئگور
کان متاثر آهيان.
البته ادب ۽ مولانا مورائي جو ناول ”سندري؛ ڏاڍو وڻيو هو. ان
کانسواءِ مرحومه ثميره زرين، خيرالنساءَ جعفري،
قرت العين حيدر، الطاف فاطمه ۽ رضيه فصيح احمد کان
متاثر آهيان.
س: آپا! جيئن ته توهان گهڻو عرصو تعليمي اداري سان لاڳاپيل
رهيون آهيون ته اسان کي اهو ٻڌائيندا ته سنڌي
ماڻهو، خاص ڪري ٻهراڙين ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي خلاف
ڇو آهن؟
ج: (آپا ڏاڍي اُداسي سان وراڻيو ته) ان جو بنيادي سبب ذهني
پسماندگي آهي. جيڪڏهن ٻيا سبب ڏسجن ته ان ۾ هڪ اهو
آهي ته نياڻيءَ جي ٿوري وڏي ٿيڻ سان ئي هوءَ ڪم ۾
ماءُ جو هٿ ونڊائڻ شروع ڪري ٿي ۽ ماءُ گهر ٻنين ۽
مال جي ڪمن ۾ رڌل رهي ٿي. جيڪڏهن سندس نياڻي صبح
جو اسڪول وڃي ته کيس ڪم ۾ هٿ ڪير ونڊائي! ٻيو سبب
اهو آهي ته ڳوٺ جا امير يا وڏيرا نه ٿا چاهن ته
ڇوڪري پڙهي ڪري ملڪيت مان حصو وٺي، يا پنهنجي
خواهش جو اظهار آزاديءَ سان ڪري.
ٽيون سبب اهو به آهي ته ڇوڪري گهر ۾ هٿ جو پورهيو وغيره ڪري
ڪجهه ڪمائيندي، ته اهي پئسا غريب والدين کي ملندا.
چوٿون سبب هي آهي ته: گهڻا والدين ننڍي هوندي نياڻين جا سڱ ڪري
ڇڏين ٿا ۽ ڇوڪريون جيڪڏهن پڙهڻ کانپوءِ ڪا مخالفت
ڪن ته اها انهن لاءِ تمام وڏي بي عزتي آهي.
مٿين سڀني سببن کانسواءِ تجربي مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ڇوڪريون
پڙهي ڪري پنهنجي خانداني ريتن رسمن کي، ٽوڙين ٿيون
۽ والدين جي ڪجهه فيصلن جي مخالفت ڪن ٿيون. ان ڪري
ئي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو نياڻين کي تعليم ڏيڻ جي گهڻا
خلاف آهن.
س: استاد هڪ مقدس پيشو آهي، پر اسان وٽ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان
پيشي ۾ ماڻهو مجبور ٿي ڪري اچن ٿا يعني جيڪڏهن کين
ڪٿي به نوڪري نه ٿي ملي ته ان باري ۾ توهان ڪجهه
وضاحت ڪنديون؟
ج: استاد، ٻار جي ذهن۾ اڄ به محترم آهي؛ پر هو جبراً ان فيلڊ ۾
اچن ٿا ته پوءِ کين پڙهائڻ ۾ دل ڪونه ٿي لڳي. جڏهن
انهن جي دل ۾ نوڪري4 جو قدر ڪونه هوندو ۽ هر وقت
ٻين ادارن ۾ وڃڻ جو سوچيندا، ته پوءِ انهن سان
زبردستي ڪرڻ جو ڪوبه فائدو ڪونه آهي. تنهنڪري هن
فيلڊ ۾ اچڻ لاءِ ضروري آهي ته هو ذهني طرح بلڪل
تيار هجن ، ڇاڪاڻ جو هڪ استاد سان قوم جي ڪيترن
ٻارن جو مستقبل وابسته آهي.
س: ٻهراڙين ۾ اسان جا استاد تمام گهٽ ٻارن تي ڌيان ڏين ٿا! ان
گنڀير مسئلي جو ڪو حل آهي توهان وٽ؟
ج: توهان جيڪو چيو اهو بلڪل درست آهي. پر اهو ان وقت ئي ٿي
سگهي ٿو، جڏهن انهن جي مٿان جيڪو به آفيسر آهي اهو
ايماندار ۽ طاقتور هجي. جيڪڏهن ڪير انهن جي خلاف
قدم کڻي ٿو ته، مٿان سفارشون اچن ٿيون، جو آفيسر
به خاموش ٿيو وڃن.
س: ان مان ثابت ٿيو ته اسان مٿان کان ئي ڪمزور ۽ مجبور آهيون؟
ج: بلڪل! ائين ئي آهي تنهنڪري ئي اسان جي قوم پٺتي پيل آهي.
س: اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ شاگردن ۾ ڪاپي ڪرڻ جو لاڙو تمام
گهڻو آهي، توهان جي خيال ۾ ان کي ڪيئن روڪي يا گهٽ
ڪري سگهجي ٿو؟
ج: (آپا تمام مايوسي سان وراڻيو ته) ذهني ۽ اندروني اصلاح جو
ڪوبه ذريعو ان کي روڪي نه ٿو سگهي جيڪڏهن استاد،
والدين ۽ شاگرد اهو سمجهن ته ڪاپي هڪ ناسور آهي
جيڪا سڀني کي تباهه ڪري رهي ته پوءِ ڪجهه ممڪن
آهي.
منهنجي خيال ۾ شاگردن کان هر مهيني ٽيسٽ ورتا وڃن ۽ سڄي سال جي
ريڪارڊ کي ڏسي اڳئين ڪلاس ۾ پروموٽ ڪيو وڃي؛ پر ان
۾ به ڪڏهن ڪڏهن استاد غلط طريقا اختيار ڪندا آهن.
حالت اها آهي ته ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ کانپوءِ نوڪري
۾ اچي ڪري به محنت ڪونه ٿا ڪن.
س: اڪثر اسان وٽ استادن کي اها شڪايت رهي ٿي ته انهن کي گهر
کان گهڻو پري نوڪري ڏني وڃي ٿي. ان ۾ خاص ڪري
عورتن لاءِ ته تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿين ٿا. توهان
بحيثيت ڊائريڪٽر جي ڇا چونديون؟
ج: ڪجهه استاد ته سچ چون ٿا ته ڪجهه خوامخواهه به چوندا آهن
نوڪري ڪرڻ واري کي هميشه اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ
گهرجي ته اها ڪٿي به ڪرڻي آهي. دراصل پاليسي اها
آهي ته ڊوميسائيل مطابق تقرر ڪيو وڃي. جڏهن مون
ائين ڪيو تڏهن به ڳوٺن ۾ ڪير به وڃڻ لاءِ تيار نه
آهي. جيڪڏهن وڃن ٿا ته پوءِ ميڊيڪل تي هليا وڃن
ٿا. يا پوءِ مٿان آرڊر ٿا اچن ته کين من پسند
اسڪول يا ڪاليج ۾ رکيو وڃي. سو هاڻي ڳوٺن ۾پڙهائڻ
لاءِ ڪير ڪونهي. اهي پٺتي پئجي رهيا آهن. آپا مريم
ان دوران ٻڌايو ته: هڪ ڀيري آپا شمس عباسي چيو ته
پهرين ماڻهو نوڪريون پنهنجي شهر ۾ پوسٽنگ گهرندا
هئا، وري گهر جي ڀرسان اسڪول يا ڪاليج ۾گهرڻ لڳا
هاڻي پنهنجي گهٽي ۾ نوڪري گهرندا آهن ۽ اهو وقت
ايندو جڏهن پنهنجي ئي گهر اندر نوڪري گهرندا.“
سو ائين ممڪن نه آهي. مون کان جيترو ٿي سگهندو آهي، امان انهن
لاءِ ڪندي آهيان، خاص ڪري عورتن جا مسئلا ٻارن
وغيره جا مان ذهن ۾ رکندي آهيان، يا ڪي نياڻيون
هونديون آهن، انهن کي به ڪوشش ڪري پنهنجي شهر ۾
رکندي آهيان.
س: عورتن جا مسئلا توهان اسان کي ٻڌايا توهان اهو ٻڌايو ته عورت
جي آزاديءَ جون ڪيتري قدر قائل آهيو؟
ج: (آپا تمام جذباتي انداز ۾ چيو ته مان عورت جي
پوري آزاديءَ جي قائل آهيان، پر ڇڙواڳيءَ جي نه.
آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ وڏو فرق آهي. آزاد عورت جيڪڏهن
ادب ۽ عزت جي دائري ۾ آهي ته اها قابل احترام آهي،
پر اها آزادي جيڪا عورت کي خراب راهن تي آڻي مان
ان جي قائل نه آهيان.
س: سنڌ جي سياست کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
ج: (آپا مرڪندي مون ڏانهن نهاريندي جواب ڏنو ته)
سياست منهنجو شعبو نه آهي ۽ نه ئي مان ان کان
مطمئن آهيان. منهنجي استاد جناب علامه آءِ آءِ
قاضي صاحب چيو هو ته: سياست ڪوئلن جي دلالي آهي.
هٿ لاءِ ته هٿ ڪارو. پير لاءِ ته پير ڪارو ۽ لنگهي
وڃ ته دز سان ڪپڙا ڪارا ٿيندا.“
مولانا محمد هاشم شمس صاحب جن به سياست جي باري ۾
چيو ته ڪجهه ماڻهو مون کي چنگل ۾ ڦاسائڻ لاءِ آيا
ته: مولانا صاحب توهان اليڪشن ۾ بيهو توهان کي
ڪامياب ڪرائينداسين. مون کين جواب ڏنو ته مان سيد
آهيان منهنجا اَبا ڏاڏا پنهنجا ڪنڌ ڪپائي چڪا آهن.
مان ناحق پنهنجو ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
سو مان انهن ٻنهي استادن جي تربيت ڪري سياست کان پري آهيان.
س: توهان پنهنجي موجوده نوڪري کان مطمئن آهيو؟
ج: مان بلڪل مطمئن آهيان. جيڪڏهن ٻئي هنڌ آڊر
ايندو ته به هلي وينديس. مان هاڻي رٽائر ٿيڻ
واري هئس، پر حڪومت مون کي ٻه سال وڌيڪ هتي رهڻ جو
آرڊر ڏنو آهي سو مان هاڻي ڊائريڪٽر آف ڪاليجز جي
حيثيت سان ذميداري نڀائي رهي آهيان.
عبدالله چنه ياگيريون
ڪيئن وساريان بيگم زينت چنا
روزانه صبح جو نماز بعد اول ياسين ۽ الرحمان ياد پڙهڻ بعد 3
مداحون هڪ فارسيءَ ۾، هڪ اڙدو ۾ هڪ سنڌي ۾ پڙهڻ
بعد شاهه صاحب جا ڪيترا بيت دعا ۾ چوندي هئي. اهي
سڀ ياد هوندا هئس.
فارسي مداح جي پهرين مصرع هوندي هئي:
”يا رسول الله حيبي خالق يکتا توئي
اڙدو مداح جا بند هوندا هئا.
تيرا نام ستار غفار هي، يه بنده سراسر گنهگار هي.
سنڌي جي مداح جي پهرين مصرع هوندي هئي:
اغثني يا سيدا رس يا رسول خيرالبشر غور ڪر
مون غمگين تي اي نور نافه نامور
شاهه صاحب جي بيتن مان اول دعا لاءِ هٿ کڻڻ وقت
چوندي هئي:
”تڪيا سڀ تڪيام توڙيءَ تڪيو ناهه ڪو“
ان بعد ٻيو بيت چوندي هئي، جنهن جي شروعات هئي:
”تون سمو آءٌ گندري مون ۾ عيبن لک“
۽ انهيءَ کانپوءِ ٻيا به ڪيترا انهي قسم جا بيت
چئي، آخر ۾ چوندي هئي :
جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجهه به اوڏي مڱان”
هيءَ مداح ۽ بيت اهڙي مٺي آواز سان پڙهندي هئي، جو اسان کي
ارمان آهي ته اسان ڇو نه اهي ٽيپ رڪارڊ ڪري پاڻ وٽ
رکيا، جي هاڻي به اسين سندس اهو مٺو آواز ٻڌي دل
جوسڪون حاصل ڪيون ها. سندس مضمونن جا نمونا هيٺ
ڏجن ٿا.
سندس وفات تي اخبارن ۽ رسالن ۾ خبرون ۽ ايڊيٽوريل جي ڇپيا اهي
هوبهو هيٺ ڏجن ٿا.
زينت جو ساٿ مون سان ٽيهه ورهيه رهيو ان کي وسارڻ منهنجي لاءِ
ممڪن نه آهي. ننڊ جي وقت ۽ ڪم جي وقت کانسواءِ
باقي وقت سندس ياد هميشه دل تي رهي ٿي. سندس
حيدرآباد ۾ ڪي خاص ساهيڙيون هيون. جن سان هر مجلس
۾ گڏ ايندي ويندي هئي جيئن ته مرحوم رشيده اختر،
بيگم آغا طاهره، بيگم ڀرڳڙي، بيگم حڪيم بيگم سيد
قاسم علي شاهه صاحب، بيگم سيد ميران محمد شاهه
صاحب ۽ ڊاڪٽر عباسي بيگم شمس ۽ قاضي خير محمد جي
بيگم ۽ روزي مسٽر عبدالغني ميمڻ جي بيگم پير غلام
رسول شاهه جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان. ڪيترين
ڇوڪرين جي شادي جو معاملو منجهيل هوندو هو، ته
انهن جي خاص مدد ڪندي هئي. ايتري، قدر جو ڪن جا
نڪاح ته پنهنجي گهر ۾ پڻ ڪرائي اوائلي خرچ به پاڻ
ڪندي هئي.
ڪيترين غريب زالن کي ماهانه مقرر خيرات ڏيندي هئي. هڪڙو مهاجر
درزي غريب هو دوڪان ڪونه هوس اسان جي گهر ۾ اچي
ڪپڙا سبي ڏيندو هو. ان ويچاري کي سلهه جي بيماري
ٿي جنهن ۾ فوت ٿي ويو ۽ ننڍا ٻار ڇڏيائين. ان جي
بيواه زال کي ماهانه ڏيندي رهي، جيسين ان جا ٻار
وڏا ٿيا، پڙهيا ۽ نوڪرين ۾ ٿيا ۽ پاڻ به نوڪري
۾لڳي، هڪ معذور ڇوڪريءَ کي ليڊيز ڪلب ۾ ڪمره وٺي
ڏنائين ۽ سبڻ جي مشين به وٺرائي ڏنائينس ۽ هن کي
ماهانه خرچ لاءِ ڪجهه پئسا ۽ روزانه 3 وقت ماني
رواني ڪندي هئي ۽ عيد تي ان کي پنهنجي موٽر موڪلي
گهرائيندي هئي. ان معذور ڇوڪري جو انٽرويو هڪ دفعي
عبرت اخبار ۾ ڇپيو هو ۽ هاڻي ان کي ڊاڪٽر سليمان
جي مدد سان سول اسپتال ۾ رهايو ويو آهي.
بيگم صاحبه بابت ٽن مشهور ڪتابن يعني (ڪير ڪير آهي)
Who is Who?
۾ احوال ڇپيل آهي. هڪڙو انگريزي ۾ هڪڙو اڙدو ۾،
انگريزي ۾، دنيا جي مشهور ليکڪن جا احوال آهن.
اهو ڪتاب ڪئمبرج يونيورسٽي ۾ ڇپيو آهي:
حسد ۽ رقابت هن وٽ اصل ڪانه هئي، منهنجي وڏي بيگم کي هميشه
”ادي“ شروعات کان وٺي چوندي آئي. هوءَ جڏهن
حيدرآباد ۾ ايندي هئي ته اوائل ۾ ته اسان سان گڏ
اچي رهندي هئي، پوءِ جڏهن سندس ڇوڪرا وڏا ٿيا ۽
نوڪرين ۾ ٿيا ۽ پنهنجون جدا جايون ڪيائون ته ڪڏهن
ڪنهن وٽ ڪڏهن ڪنهن وٽ رهندي هئي مگر زينت سندس اچڻ
تي هميشه هڪدم وڃي کيس ملندي هئي ۽ دعوت ڪندي
هئي. پنهنجي اولاد کي سيکاري ڇڏيو هئائين ته وڏي
بيگم کي ”وڏي امان“ ڪري ڪوٺيو. جي اڄ تائين کيس
”امان وڏي“ ڪري چون ۽ سندس عزت ڪن ٿا. زينت عورتن
۾ هڪ مڪمل عورت ۽ مڪمل انسان هئي. ڇاڪاڻ ته زينت
کي اهو شوق هوندو هو ته سنڌي ڇوڪريون نه رڳو لکن
پڙهن پر به، ان ڪري سندس نالي ادبي انعام هڪ هزار
رپيه ساليانه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو اٿئون ۽ هن سال جا
پئسا به 8-10 مهينا ٿيا ته سنڌالاجي وارن کي جمع
ڪرائي ڇڏياسين جي هن سال جون لکڻيون ججن کي موڪلي
ڏنيون ۽ انهن پنهنجو فيصلو به موڪليو، جو اخبارن ۾
ڇپجي چڪو آهي ۽ انعام به ڏنا ويا آهن، ٻه انعام
هئا هر هڪ 500 رپيه جو. انهي وچ ۾ سنڌي شاگردن جي
اسپيڪرس فورم طرفان بيگم زينت چنا جي ياد ۾ادبي
بحث به پاڪستان سينٽر ۾ ٿيا آهن جنهن لاءِ اسين
انهيءَ فورم جا ٿورائتا آهيون. ٻئي سال جا انعام
جلد ڏنا ويندا.
هوءَ نه رڳو ڪتاب پڙهي ۽ لکي ڄاڻندي هئي، مگر گهرو ڪم ۾ به چڱي
ڄاڻ هيس ۽ ان ۾ دلچسپي وٺندي هئي. پينٽنگ تمام سٺي
ايندي هيس ۽ آر جو ڪم ۽ سوئيٽر ڀرڻ ۾ به چڱو
آزمودو هوس. |