سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :2

نازيءَ پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو. سينڌ جي وٽ ۾، ڪارن وارن جي جُهنڊ ۾ هڪ اڇي چانديءَ جهڙي تار کي ڏٺو، کلي پيئي. ويران دلين جي ڪنڊ مان ورلاءُ آيس: ”دل نه لاهه هن دنيا مان مرد کٽا ڪونه آهن.“

۽ پوءِ زندگي جي ميراٿن ريس ۾ هلڻ لڳي/ ڊوڙڻ لڳي. هڪ طرف کان/ جدا جدا پاسن کان اڪيلي اڪيلي.

سمبارا- ان جي آڊيٽوريم ۾ تصويرن جي نماءُ هو. نازي گوڙ کان پري ڪنهن ڪنڊ ۾ بيٺي هئي. سامهون ٽنگيل تصوير کي حيرت مان پي ڏٺو. ايڏي حيرت هن وقت سندس مُک تي هئي يا مُئن جي دڙي کي ڏسي ٿي هئي. تصوير ۾ هو: ”اڪيلي ۽ جوان  عورت. گهر جي پڌر ۾ بيٺل هئي. اونده جو ويلو هو. عورت جي هٿ ۾ لالٽين هو. پريان نانگ اچي رهيو هو. عورت جي مک تي نه ڊپ هو، نه خوف ۽ نه وري ڪو سڪون“ بس نازيءَ کي اهو سمجهه ۾ نه رهيو هو ته هي ڪهڙو ”احساس“ آهي.

”هيلو.... آواز ٻڌائين.

”هون.“

”اهي تصويرون اوهان جون ٺاهيل آهن.“

”نه.“

”نه ته پوءِ تصويرن تي ايترو ڌيان.“

”ها.“ نازيءَ تصويرن ڏانهن اشارو ڪندي جواب ڏنو: جوان ۽ اڪيلي عورت هٿ ۾ لالٽين کنيو بيٺي آهي. مبهم روشني اُميد جي علامت آهي يا انتظار!!! وري نانگ. جيڪڏهن جاني دشمن اٿس ته سندس مک تي ڪيفيت جو اسرار ڇاهي؟؟؟“

”اهيا ڪيفيت سڪون اٿس“

”ڪيئن؟ ڪهڙن طرح؟“

”بلڪل ائين، جيئن اوهان هن وقت دشمنن ۾ گهريل آهيو پر آهيو ڏاڍو پر سڪون.“

”مون کي خبر نه آهي ته منهنجا به دشمن آهن. اوهان کي ڪهڙي خبر ته مان دشمنن جي وچ ۾ آهيان مون کي ته اهڙو ڪو دشمن نظر نه ٿو اچي.“

”مان تنهنجو دشمن آهيان....مان“ هُن سيني تي هٿ هڻي چيو.

”ڪيئن ڀلا؟“

”ائين ته مون سهيڻن شين تي جلدي پيار اچي ويندو آهي. مان کين اتان چورائي دل جي گهراين ۾ لڪائي ڇڏيندو آَهيان.“

تصويرن جو نماءُ ڏسندڙ ٻين ماڻهن کيس پل کن لاءِ ڏٺو ۽ ٻيهر مڙي ويا.

”ڏس.“ هن کيس پنهنجو تعارفي ڪارڊ ڏيندي چيو.“ مان تنهنجو پورٽريٽ ٺاهڻ چاهيان ٿو. جڏهن به اچو، ڪيئن به اچو منهنجي اسٽوڊيو ۾ ضرور اچجو. هڪ پورٽريٽ لاءِ اهو سڄو ڏينهن منهنجي نالي ٺيڪ.“

هو هليو ويو. کيس ويندو ڏسندي نازيءَ جي من ۾ موج اٿي ۽ دير تائين موج ۾ ڀڄندي رهي. ڏاڍي آرام سان ۽ اُتساهه سان.

اسٽوڊيوز ۾ آئي ته هر طرف رنگن ۽ روپن جي دنيا آباد هئي. ويهه ڪرسيءَ تي اچي ويٺي. سڪون سان.

مصور هن جو پورٽريٽ ٺاهڻ سان گڏ، نازيءَ سان ڳالهيون به ڪرڻ لڳو. لفظن جي لاهين ۾ هيٺ لهندي وئي ۽ اکرن جي اسرارن ۾ ڪاڪ جي ڪا چالاڪيءَ کيس منجهائي وڌو هوءَ ويٺي رهي هڪ خاص انداز ۾. مصور ڪڏهن سندس وار ٺاهيندو رهيو. ڪڏهن مرڪ جا انداز ٻڌائيندو رهيس. ڪڏهن پاسا بدلائڻ جو اشارو ڪندو رهيس ته وري ڪڏهن هو سندس ڀر ۾ بيهي پنهنجي ٺاهيل اڻ پوري پورٽريٽ کي ڏسڻ لڳو. اهيو سڀڪجهه کيس وڻي رهيو هو. تڏهن ڪنهن ڪنڊ مان نازيءَ کي اهو وچون ماڻهو الاءِ ڪيڏو ياد اچي ويو. جنهن سان گهاريل گهڙيءَ گهڙيءَ جو فسانو ياد ايندو رهيس.

پورٽريٽ ٺهندو رهيس- شام جا پاڇولا ڊگها ٿيندا، چورس شيشن مان گم ٿيندا ويا.

پڪ ڇڻ جي ان اُداس شام جو هوءَ گهر جي پڌر ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي هئي انتظار هوس. ڪنهن جي اچڻ جو. اتاولي هئي ڪنهن سان ملڻ لاءِ ڪجهه به ته نه هوس. ڪلاڪن کان پوءِ آيو هوس. اهوئي وچون ماڻهو.  نٻل ۽ وياڪل ٻنهي ساعتن کان هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ پوءِ ماڻهو ولهه جهڙي لهجي ۾ پڇيو:

”ڪيئن آهين؟“

”جيئري آهيان.“

”تون مري به نه ٿي سگهين!“

”ڇو؟“

”ان لاءِ جو مان اڃا جيئرو آهيان.“

وچين ماڻهوءَ هٿ وڌايو ۽ هن سندس هٿ پنهنجي نرم ۽ ٿڌن هٿن ۾ وٺي ڳل سان لڳايو. پريان ڪو ڳائي رهيو هو. درد مان سندس آواز پولار ۾ پکڙجندو رهيو. دير تائين نازيءَ کي ياد آيو ته هوءَ تڙپي اٿي.

”ڇا ٿيو؟ تون ٺيڪ ته آهين، نازي؟ ڇاٿيو؟“

”ڪجهه به ته نه.“ نازيءَ هوريان چيس: ”سڀ ٺيڪ آ.“

”مون کي سڀ ڪجهه سٺو نه لڳو.“

”ڇو؟“

”اهيو سڀ مون ک......“

”ٺيڪ آ. ٺيڪ آ....مان ڄاڻان ٿي.“

”ڇا؟“

هوءَ کيس نه ٿي ٻڌائيس. پنهنجومنهن مصور جي ڪلهي تي رکي ٿي ڇڏي.

کيس وچون ماڻهو ياد اچي ويو. جڏهن پن ڇڻ جي ان شام جو نازيءَ کيس چيو هو ته:“ مون کي تون مان هاڻ ڌپ اچڻ لڳي آهي.“

هو هٽي پري ٿي بيٺوهو.

کيس جوهه مان پئي ڏٺو. سندس اکين مان ڏسندڙ ڪرب کي هن آسودي گهڙين ۾ وساري وري وساري نه سگهي هئي. نازيءَ ٿڌو ساهه کڻي هڏڪي ڀري ۽ وچون ماڻهو چانديءَ جي تار سندس گهاٽن ۽ ڪارن وارن ۾ ڳولهڻ لڳو.

 شگفته شاهه

ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان...

(شام لطيف جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي)

رات، سانت ايڪانت هئي. چوڏهينءَ جو چنڊ ڀت تي پکڙيل ول پويان جهاتي پائي، ڄڻ مرڪي رهيو هو، سنڌيا پنهنجي گهر جي ورانڊي ۾ ويٺل هئي. سندس نگاهون ول پٺيان چوڏهينءَ جي چنڊ تي کتل هيون ۽ سندس ڊگهن وارن ۽ ڪرسيءَ کان لڙڪيل رئي سان هوا، ڇيڙ ڇاڙ ڪري رهي هئي، پر هوءَ ته ڄڻ دنيا جي هر ڳالهه کان ايستائين جو پنهنجي وجود کان به بيخبر هئي.......هوءَ ته رڳو ڀرسان رکيل ڪيسٽ پليئر تي هلندڙ شاهه سائينءَ جي وائي ۽ علڻ فقير جي آواز جي جادوءَ ۾ گم ٿي وئي هئي:

مون ۾ تون موجود!  آئون اڳاهين آهيان!

آئون اسونهين آهيان!

اکيون اکڙين کي، سڪيو ڪن سجود:

          آئون اڳاهين آهيان،

آئون اسونهين آهيان!

تيلانه رسيون بود کي، جيلانه ٿيون نابود،

آئون اڳاهين آهيان،

آئون اسونهين آهيان،

ماڙهن جي موٽڻ جو، صاحب هٿ سجود،

آئون اڳاهين آهيان،

 آئون! اسونهين آهيان،

ان در سي ئي اگهيا جن وڃايو وُجُود،

آئون اڳاهين آهيان،

آئون! اسونهين آهيان!  

وائي ختم ٿي ته سنڌيا پنهنجي محويت مان ڇرڪجي پئي ۽ پوءِ ڪيسٽ پليئر بند ڪري، پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيل ”شاهه جو رسالو“ کولي پنا اُٿلائيندي وئي اوچتو سندس نگاهه ”سُر مومل راڻي“ جي هڪ بيت تي اٽڪي بيهي رهي

ڪالهه گڏيوسون ڪاپڙي جهڙو ماهُ منيرُ،

فيضُ فراقُ فقيرُ جوڳي جاڳائي ويو.

سنڌيا جي اکين آڏو يڪدم سرمد جو چهرو اچي ويو ۽ ڪالهوڪي سرمد جي ملاقات ياد اچي ويس....۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو کيس اکين ۾ ڄڻ ڪا شيءِ چڀڻ لڳي. هن تڪليف مان اکيون بند ڪري ڇڏيون. ٿوري دير ته هوءَ ائين ئي سڪون ۾ اکيون بند ڪري ويٺي رهي، پر اوچتو ئي کيس بند اکين پويان پنهنجي ماضيءَ جون ڪيتريون ئي جهلڪون نظر اچڻ لڳيون..... ماضي....جنهن کي هن ڪو سپنو سمجهي پنهنجي وساري ڇڏيو هو.....پر.....نه....اها ته سندس ڀل هئي. هن کي ته ڪجهه به نه وسريو هو. سرمد ته اڃا به سندس روح اندر موجود هو. ڪالهه جڏهن هو ورهين کان پوءِ ملڻ آيو هو، ته سالن جا فاصلا لمحن ۾ ختم ٿي ويا هئا ۽.... اڄ هن ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ڪتابن واري الماري کولي هئي. ڪيترا سال اڳ هوءَ ڪيتري نه ويو انگيءَ جي حد تائين ڪتابن سان پيار ڪندي هئي. ادب ۽ شاعريءَ سان کيس تمام گهڻو چاهه هوندو هو، پر هاڻي! هاڻي ته هوءَ مڪمل گهرو عورت بڻجي چڪي هئي...... ۽ سندس بيحد شوق سان ورتل ڪتاب رڳو الماريءَ جي زينت بڻجي چڪا هئا. سنڌيا، ڪتابن جي الماريءَ مان ڪيترن ئي سالن بعد سرمد جو کيس تحفي ۾ ڏٺل ”شاهه جو رسالو“ ڪڍيو، جنهن جي مٿان هلڪي دز ڄمي وئي هئي. سنڌيا جي اندر پيار جو هڪ اٿاهه جذبو جاڳيو ۽ هن بي اختيار پنهنجي رئي سان رسالي  مٿان دز صاف ڪئي هوءَ پوءِ ورانڊي ۾ اچي ويٺي هئي. هن ايترن سالن کان پوءِ اڄ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيو هو.

اڄ ڄڻ اها پراڻي سنڌيا جاڳي پئي هئي. ها، اها سنڌيا جيڪا يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽ هئي. تڏهن سرمد، سنڌيا جو ڪلاس فيلو هو. هو کيس ٻين شاگردن کان ڪيڏو نه مختلف لڳندو هو! هُو تمام ذهين، سنجيده ۽ بردبار هو. ان وقت هُو ايڏو وڏو شاعر نه هو، جيڏو هاڻي هو. تڏهن سندس شاعريءَ جو شروعاتي دور هو تنهن هوندي به ڄڻ هو پوري ڪلاس جي جان هو اڪثر سڀ ڪلاس فيلوز مڙي، گڏجي کانئس سندس شاعري ٻڌندا هئا جڏهن سرمد پنهنجي مخصوص گنڀير لهجي ۾ لفظن جي موتين جي مالها پوئيندو هو، ته سڀ ڄڻ گم سم ٿي کيس ٻڌندا هئا. ڪلاس جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون کيس پنهنجو آئيڊل سمجهنديون هيون. سنڌيا هلڪي طبيعت واري ۽ خوابن ۾ رهندڙ ڇوڪري نه هئي، پر پوءِ به هوءَ سرمد جي شخصيت کان بيحد متاثر ٿي هئي. سندس پهرين ڳالهه ٻولهه سرمد سان اسد وسيلي ٿي هئي. اسد! جيڪو سرمد جو تمام ويجهو دوست ۽ ڪلاس جو سڀ کان شرارتي ۽ کلمک ڇوڪرو هو ۽ سنڌيا کي بيحد پسند ڪندو هو. سنڌيا کي به اها ڄاڻ هئي، پر هن کيس ڪڏهن به ان نظر  سان نه ڏٺو هو. اڪثر سنڌيا ۽ سرمد جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون: گهڻو ڪري اسد به گڏ هوندو هئن.

هن وقت سنڌيا کي ماضيءَ جي بيشمار منظرن مان هڪ منظر ياد آيو. هڪ ڏينهن جڏهن پوائنٽ بس جي انتظار ۾ سنڌيا سان گڏ سرمد ۽ اسد به بيٺل هئا، تڏهن اوچتو اسد چيو هو:

”يار سرمد!لڳي ٿوته سنڌيا ۽ تون ساڳي مٽيءَ جي پيداوار آهيو، هتي هن محترمه کي سنجيد گيءَ جو دورو پيل هوندو آهي ۽ هتي خير سان توهان کي.“

تڏهن سنڌيا اسد کي چيو هو: ”سنجيده رهڻ ڪا خراب ڳالهه ته ناهي.“ اسد پنهنجي مخصوص شرارتي انداز ۾ ٻنهي کي ڏٺو هو ۽ پوءِ کلندي چيو هئائين!

”هائو!..... سنجيد گي خراب ڳالهه ته ڪانهي، پر هن عمر ۾ مون کي سنجيده ماڻهو بلڪل به نه وڻندا آهن. سچي! بلڪل ”اداس چٻرا“ لڳندا آهن مون کي.“

اِها ڳالهه ٻڌي، سنڌيا کي ايڏي ته زور سان کل آئي هئي، جو پاسي ۾ بيٺل ٻيا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کيس حيرت مان ڏسڻ لڳا. سرمد جي چهري تي به مُرڪ اچي وئي هئي. پوءِ هن اسد کي چيو هو:

”اسد! شايد توکي خبر ناهي، ته مغربي ملڪن ۾ چٻرا عقلمندي جي نشاني هوندا آهن. سائنسدان چون ٿا، ته چٻرو سڀني کان عقلمند پکي هوندو آهي.“

”جي جي، بلڪل مون کي خبر آهي. پر مون مغربي چٻري جي ڳالهه ڪونه ڪئي منهنجو اشارو مشرقي چٻرن ڏانهن هو.“

اسد به ڄڻ هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو ۽ پوءِ سنڌيا موضوع کي مٽائڻ لاءِ چيو

”ڀلا اڄ رڳو چٻرن بابت ئي گفتگو ڪندا ڇا؟

اسد نهايت مسڪين شڪل ٺاهي هڪڙي هٿ سان سنڌيا ڏانهن ۽ ٻئي هٿ سان سرمد ڏانهن اشارو ڪندي چيو:

ڇا ڪريان ڀلا! ٻن اداس چٻرن جي وچ ۾ بيٺل آهيان، سو ڀلا دماغ ڪٿان ڪم ڪندو؟“

اسد جي جواب ۽ ان انداز تي هن ڀيري سرمد زوردار ٽهڪ ڏنو هو. وري هڪ دفعو پريان بيٺل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون حيران ٿي هنن ٽنهي کي ڏسڻ لڳا: ته سنڌيا کي شرمندگي محسوس ٿي ۽ هن پنهنجي کِل روڪڻ لاءِ پنهنجو رئو کڻي وات تي رکي ڇڏيو هو. پريان ايندڙ پوائنٽ کي ڏسي هوءَ تيزي سان اڳتي وڌي هئي. سنڌيا اها ڳالهه ياد ڪري مرڪي پئي هئي، کيس ته ٻيو به گهڻو ڪجهه ياد اچي رهيو هو هن وقت.......

ائين پوءِ سنڌيا ۽ سرمد جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. سرمد کيس ڪيترائي بهترين ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو۽ هُو انهن تي تبصرو ڪندا هئا اسد به ڪڏهن بحث ۾ حصو وٺندو هو، پر گهڻو ڪري هُو چپ رهندو هو ۽ جڏهن بور ٿيندو هو، ته هٿ ٻڌي ٻنهي کي ماٺ ڪرائيندو هو سرمد جي صحبت جي ڪري سنڌيا کي به ڪتابن سان بيحد پيار ٿي ويو هو. هوءَ پاڻ ته شاعره يا اديبه نه هئي پر پوءَ به کيس شاعريءَ بابت چڱي ڄاڻ هئي، ائين پڙهندي، کلندي ڳالهائيندي بحث ڪندي ڪڏهن سياست تي، ڪڏهن سماج تي، ڪڏهن تعليمي سرشتي تي، ته ڪڏهن وري، ادب تي ڳالهائيندي وقت گذرندو رهيو. سنڌيا کي اڪثر محسوس ٿيندو هو ته سرمد کيس پسند ڪرڻ لڳو هو جيتوڻيڪ سرمد ڪڏهن به سنڌيا سان محبت جو اظهار نه ڪيو، نه ئي ڪڏهن سندس ڳالهين ۾ ڪو ان ڳالهه جو اشاروهو پر ڪا ڳالهه ته هوندي هئي سندس نگاهن ۾! ڪا تحرير، جنهن کي هوءَ پڙهندي به سمجهي نه سگهندي هئي بس! ڪڏهن اوچتو ئي جڏهن هو کيس گهري نظر سان ڏسدو هو، ته سنڌيا جي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳندي هئي ۽ چهري تي ڪيترائي انوکا  رنگ وکري وينداهئس پر ٻئي ئي لمحي سرحد جو چهرو ۽ اکيون ائين بي تاثر ٿي ويندا هئا، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو! سنڌيا حيران ٿي هن شخص بابت سوچيندي هئي، ته عجيب شخص آهي! ڪڏهن ته اکين ۾ اٿاهه ساگر پيار جو ته ڪڏهن وري ايڏي اجنبيت جو ڄڻ هو کيس سڃاڻندو ئي نه هجي ۽ ڪڏهن وري ڄڻ ته سياري جو دريا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com