سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :12

نگاهه محمد علي – حيدرآباد

س: آئون جيڪو به هيئر اسٽائيل ٺاهيان ٿي، سو جلد خراب ٿيو وڃي. ائين لڳندو آهي جيئن مون ڦڻي ڪئي ڪونهي. ڇا ڪريان؟

ج: اوهان جيڪو به هيئر اسٽائيل ٺاهيو، سو ٽائيٽ  ۽ مضبوط  هجي ان کانپوءِ وارن تي گلسرين يا ڪابه پرفيوم هجي لڳائي ڇڏيو، وار دير تائين پنههنجي اسٽائيل ۾ رهندا.

ثريا – نامعلوم هنڌ

س: ڀيڻ منهنجي پريشاني اها آهي ته منهنجي چهري تي مُڇن وانگر وار آهن، جنهن ڪري آئون ڪٿي وڃي به نٿي سگهان. اوهان ان سلسلي ۾ منهنجي ڪهڙي  مدد ڪنديون ۽ مشورو ڏينديون؟

ج: ثريا! هي صرف اوهان جو مسئلو ڪونهي. اڪثر خواتين ان  مسئلي جو شڪار آهن. ان جو شروع کان ئي علاج ڪرائڻ گهرجي.

اگر اهي وار هلڪا پر گهرا آهن ته انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ چهري جو بليچ استعمال ڪريو ۽ اگر باقاعده سخت وار آهن ته اوهان ڪنهن سُٺي  بيوٽي پالر وڃي، ان جي ٿريڊنگ ڪرايو. لائيٽ جي  ذريعي يعني  اليڪٽروليسس سان به اهي وار جڙ کان ختم ڪري سگهجن ٿا.

**

پاڳل شاعر

هڪ شاعر پنهنجي لکيل شاعريءَ جي ڪتابن جي ڏيڍ ٻن مڻن جي ڳٺڙي ڪلهي تي کڻي هر روز پبلشر  وٽ ويندو هو ۽ کيس چوندو هو، ”ڏسو صاحب! منهنجا ڪافي شعر مرزا غالب چورائي پنهنجي نالي تي ڇپايا آهن ۽ باقي هي جو منهنجا ٿورا گهڻا شعر بچيا آهن، سي مان هاڻي پنهنجي نالي ڇپائڻ ٿو چاهيان.

”توهان انهن کي ڇاپيو.“

عربيه نور

رڌڻي جي راڻي

سرتيون:

”رڌڻي جي راڻي“ جي ڪالم جي انچارج به مس عربيه نور آهي. ”رڌڻي جي راڻي“ ۾ هيل تائين جيڪي به اسان ترڪبيون ڏنيون آهن ۽ جدا جدا قسمن جا سوادي کاڌا تيار ڪرڻ جون ترڪيبون ڏيندا رهيا آهيون، اُهي آزمايل ترڪيبون آهن. اسان چاهيون ٿا، اوهان به رڌڻي جي راڻي جون ترڪيبون آزمائي، رڌڻي جي راڻي بنجي، پنهنجي گهر تي راڄ ڪريو.

انهيءَ سان گڏ گذارش آهي، ته اوهان به رڌڻي جي راڻي ۾ خوشي  سان حصو وٺي سگهو ٿيون. اوهان پنهنجي ڪابه رڌل ”ڊش“ جي ترڪيب لکي موڪلينديون اوهان جي ٿورن سان اسان پنهنجي ڪالم ۾ شايع ڪنداسين.

”ايڊيٽر“

ويجيٽيبل  برياني

گهربل شيون:

چانور ٻه ڪوپ سٺا، 2 وڏا بصر، اڌ پيالو مٽرن جا داڻا، هڪ وڏو ٽماٽو، ٻه وچوليون گجرون، ٻه وڏا ٽڪر گوبي، هڪ پيس ادرڪ، چار پٽاٽا، چار داڻا وڏن ڦوٽن جا، هڪ ننڍو چمچو جيرو، اٺ لونگ، تيج پتو، مٺي نم، لوڻ ۽ گيهه گهرج جيترو.

ٺاهن جو طريقو: چانور صاف ڪري چڱيءَ طرح ڌوئي پُسائي رکي ڇڏيو، چئن مان ٻه پٽاٽا  چپس ٺاهي رکي، باقي ٻن کي ڊگهن ٽڪرن جي صورت ۾وڍيو، گوبي، گجرون ۽ ٽماٽا به ٽڪر ڪري وڍيو. هڪ بصر وڍي اهو تريو ۽ ڪڍي رکو. بصر ڪتر ڪري گيهه ۾ ڳاڙهو ڪريو. پوءِ لونگ، ڦوٽو، تيج پتا، مٺي نم وجهو.

ٽڪر ڪيل ڀاڄيون ۽ مٽر وجهي، ٽي چار منٽ ڀڃو، پوءِ چانور وجهي ڪري گهرج جيترو لوڻ ۽ پاڻي وجهو . ڊيڳڙيءَ ۾ ڍڪي يا ڪڪر ۾ پلاءُ وانگر رڌيو. تيار ٿيڻ تي وڏين ”رائيس پليٽن“ ۾ ڪڍي مٿان پٽاٽن جا چپس ۽ تريل بصر وجهو. چپس پاسن کان چؤطرف ۽ بصر وچ ۾ وجهي، ساوا ڌاڻا ڇٽڪاري ڇڏيو.

سائو ۽ اڇو سوپ

گهربل سامان:

ساون مٽرن جو سوپ – هڪ دٻو

يخني – هڪ ڪوپ

فيوپنگ ساس – هڪ ڪوپ

لوڻ – هڪ چانهه جو چمچو

کير – اڌ ڪوپ

مڪئي جو اَٽو – ٻه کاڌي جا چمچا

ڪاريون مرچون -3- کاڌي جا چمچا

ٺاهڻ  جو طريقو: مٽرن جي سوپ کي دٻي مان ڪڍي،ان کي ساس پان ۾  وجهو ۽ باهه تي رکو، ان ۾ اڌ يخني اڌ لوڻ ملايو ۽ مڪئي جي اڌ اٽي کي ان سان گهاٽو ڪريو ۽ هينئر ٻين ٿانون ۾ پيٺل يخني، فيوپنگ ساس ۽ کير کي باهه تي جوش ڏيو. پيٺل لوڻ وجهو مڪئي جي اٽي کي ان سان گهاٽو ڪيو. جڏهن ٻنهي ٿانون جو مواد ملي وڃي ته ان ۾ مزيدار مصالحو  ملايو. سائي سوپ کي هڪ پيالي ۾ وجهو. هاڻي اڇي سوپ کي سائي سوپ جي وچ ۾ وجهو. توهان چاهيو ته ٻنهي سوپن کي عليحده پيش ڪري سگهو ٿا.

ڪشمش جي چٽڻي

گهربل شيون:  350 گرام ڪاري ڊاک يا ڪشمش ، 6 تازا کجور، 400 گرام کنڊ، هڪ وچولو چمچو لوڻ، 12 ڦاڪون ٿوم، هڪ ننڍو چمچو جيرو، 50 گرام ادرڪ، 2 ننڍا چمچا پيٺل ڳاڙها مرچ، 2 ننڍا چمچا گرم مصالح 175 گرام سرڪو.

ٺاهڻ جو طريقو: ڪشمش کي صاف ڪري ڌوئو ٿوم ۽ ادرڪ کي سنهو ڪتري ڪٽيو. کجور جون ککڙيون ڪڍي سنهو ڪتريو. سڀ شيون هڪ ٿانو ۾ وجهو. هينئر انهن کي وچولي باهه تي رڌيو. پوءِ سرڪو وجهي 15-20 منٽن تائين باهه تي رکو. ٿوري ٿوري دير کانپوءِ ان کي چمچي سان گهمائينديون رهو. اهو ڌيان رکو ته سڀ ميوا سڄي جا سڄا پيسجي نه وڃن، گهاٽي ٿيڻ کان اڳ لاهيو. هيءَ ٿڌي ٿي وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي. جڏهن هڪدم ٿڌي ٿي وڃي ته شيشيءَ ۾ ڀري رکو.

ترن جي سڪل چٽڻي

گهربل شيون: اڌ ڪلو تر، اڌ پاءُ گدامڙي، گهرج جيترا مرچ ۽ لوڻ.

ٺاهڻ جو طريقو: ترن کي ڪڙاهيءَ  ۾ ڀڃي ان ۾ سڪل گدامڙيءَ جا سنها ٽڪر ڪري وجهو ۽ لوڻ مرچ وجهي ان کي ڏنڊي ڪونڊي سان ڪٽيو. تر اٽي جهڙا ٿي وڃڻ کپن. چٽڻي تيار آهي.

آورن جو مربو (اُس ۾ پڪل)

پڪل وڏا آورا کڻي ڪدوڪش  ڪريو ۽ ڪور (ککڙيون) ڪڍو. هڪ ڪلو کن آورن ۾ هڪ ڪلو کنڊ ملائي ڪنهن قلعي ٿيل ٿانوَ ۾ وجهي. اُس ۾ رکو. روز ڏوئي يا قلعي ڪيل چمچي سان گهمائينديون رهو. اٺين ڏينهن هڪ پاءُ کنڊ ٻي به ملايو ۽ وري اٺ ڏينهن اُس ۾ رکو. پوءِ هڪ برڻيءَ ۾ ڀري رکي ڇڏيو. هيءُ مربو گهڻو لاڀدايڪ آهي.

ٽماٽي جي چٽڻي

گهربل شيون: هڪ ڪلو ٽماٽا، هڪ ڇٽانگ ٿوم، اڌ ڀاءُ ڇوهارا، ٿوري ادرڪ، هڪ ڇٽانڪ ڪشمڪش، پاءُ کنڊ، لوڻ مرچ گهرج جيترا.

ٺاهڻ جو طريقو: ککڙيون ڪڍي ڇوهارا، ٿوم، ادرڪ اهي شيون ڪٽيو. ٽماٽن جا ٻه ٻه ٽڪر ڪريو. هڪ قلعي ڪيل ٿانوَ ۾ انهن شين کي لوڻ مرچ وجهي رڌيو. ٽماٽن جو پاڻي سڪي وڃڻ تي کنڊ ملائي ڪري رڌيو. ان ۾ اڌ پيالو سرڪو لاهڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ وجهڻ ضروري آهي.

سورٺ                                  ڊائري جو ورق

اُڏران

مون کي تنهائي تمام گهڻي

وڻندي آهي.

نويڪلي آسمان ۾

ان اڪيلي پکيءَ کي

اڏامندو ڏسي

دل چاهيندي آهي ته

ڪاش!

مان به ان اڪيلي

پکيءَ جيان آسمان ۾ اُڏران!

مون کي نه ڪنهن آشياني جي ڳولا

۽ نه ئي ڪو ولر کان وڇڙڻ جو غم هجي

بس رڳو پئي اڏران

انهن وڃايل رستن تي

جن جي ڪابه منزل نه هوندي آهي

اها مون کي پنهنجي ئي

پاڇي جيان لڳي!

۽ ان پاڇي پٺيان ڊوڙڻ ڪري

مون کي سواءِ ٿڏن! ٿاٻن جي

ٻيو ڪجهه به حاصل ناهي ٿيو.

مون جڏهن به گل جي نرم و نازڪ

پنکڙين کي هٿن سان ڇهڻ چاهيو ته

پهرين ڪنڊن کي منهن ڏيڻو پيو.

مان ڪو ورلي ئي ڪنهن سان

کلي آهيان

۽ جڏهن به ڪنهن سان کلي آهيان

ته موٽ ۾ مونسان کلي نه

ڳالهايو ويو آهي

پر! پوءِ

مون کي الڙ سمجهي

ڪونه ڪو الزام لڳايو ويو آهي

بي خبريءَ ۾

خبر ناهي ڇو مان پاڻ کي ڪيترن ئي ڏينهن کان ڏاڍو اوپرو ۽ هيڪل محسوس ڪري رهي هيس. مان انهيءَ ڳوڙهيءَ سوچ ۾ غرق هيس، ته اوچتو پنهنجي پسيل ڳلن تي ڪنهن سرد هٿ کي محسوس ڪيم.

مونکان ڇرڪ نڪري ويو، مون پنهنجي نظرن کي يڪسر چؤطرف  ڦيرايو، پر مون کي ڪير به نظر نه آيو، پوءِ سوچي ته شايد اهو منهنجو  وهم هجي.

پر! نه، اهو منهنجو وهم ته ڪونه هو، پوءِ ڳالهه کي تڏهن سمجهيم، جڏهن هڪڙو ننڍڙو ٽهڪڙو منهنجن چپن مان ڪري پيو. تڏهن خبر پيم ته اُهي ته منهنجا پنهنجا ئي هٿ هئا جيڪي بي خبريءَ ۾ منهنجي ڳلن تي ڦرڻ لڳا هئا.

 

هي شعر وڻي ٿو

رضيه انور شيخ: ڪراچي

سڀني جون سوچون ۽ سپنا
اونداهيءَ سان واڻيل آهن!
پنهنجي هن وستيءَ جا ماڻهو
سڀ ويساهه وڃايل آهن!
(آسي  زمين)

شهر بانو ناصر – باڊهه

ڪنهن جي تون ڳولا ۾ آهين؟
ڪاڏي ويندين ٽاڪ منجهند جو؟
مون وٽ هوندين مون وٽ ناهين؟
ڪنهن جي تون ڳولا ۾ آهين؟

 

                                (اياز جاني)

قادر ڪنڌر

تنهنجا ڳل ڀنل، موڪلائڻ مهل
نيڻ لڙڪن هاڻا، هڪٻئي مجهه کتل،

 

موڪلائڻ مهل

                                  (سميع ڪنڌر)

فرزانه سحر؛ بٺورو

هن دل کي ڪير ڳالهيون سمجهائي سڄڻ جون،
هُو بي مهر به آهي گهڻو بي وفا به آ،
اي ”مير“ ايترو به نه مايوس ٿي ڪڏهن
هڪڙو صنم ئي ناهي پنهنجو خدا به آ.
 

(مير غلام الله خان ٽالپر ”مير“)

عابده مهر – نوان هالا

ڪڏهين ته ٿينديون نيٺ سجايون محبتون
ان آس تي اڃا پيا نڀايون محبتون
آٿت لاءِ  جنهن ڏي به ڏٺو تنهن هيئن مڙي چيو
ڇو ٿا ڪيو اي دوست! اجايون محبتون
 

(رخسانه  پريت چنڙ)

جينوما سحر – مبارڪ ڪالوني حيدرآباد

ڪاش! مان ڪائي جوڳياڻي هجان
گهر گهر ڀٽڪان، ڳليءَ ڳليءَ ۾ سين هڻي
بيک مڱان مان پنهنجي پيار جي
ڪاش!  مان ڪائي جوڳياڻي هجان
 

(نذير ناز)

شاهجهان شاهي – حيدرآباد

ٿي سگهي ٿو مان وري به اچان
روشني تون مڪان ۾ رکجان
دل جي ڌڙڪن ڪوئي ٻڌي نه ٻڌي
تون مگر ان کي ڌيان ۾ رکجان
                                 (سوز هالائي)

عربيه نور – حيدرآباد

آخر اناالحق جي آزادي آئي
اسان ورجائي، حڪايت منصور جي
 

(ذوالفقار راشدي)

خوشبو سنڌي – حيدرآباد

سانڍيم سدائين، سڪ توهان جي ساهه ۾
اندر ۾ اُڌما ڏئي، سا ڪل نه ڪنهن ڪائي
حمل چئي هيءَ دل تو، گهورن سان گهائي
جالئون اوهان لائي، سا ڪنهن دم وسري ڪين ڪي
                                                  (حمل فقير)

تهمينه پيرزادو، حيدرآباد

هيءُ عيد نه آئي راس الا
هر چهرو هو ته اداس الا
هيءَ عيد اسان جي عيد هئي
هي ڪنهن کي هو احساس الا
هن عيد جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
                                       (خاڪي جويو)

نادره بلوچ- ٽنڊو محمد خان

جي پيار هجي ها پاڇولو
مان ڳليءَ ڳليءَ  ۾ ڳوليان ها
مان نيڻن نير وهايان ها
مان دل جا موتي اوليان ها
جي پيار هجي ها پاڇولو
 

(قمر شهباز)

بدرالنساءِ اڄڻ، مورو

اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان
توکي ڏسي نه ڏيهه، آءٌ نه ڏسان ڪي ٻيو
 

(شاهه)

ارم عباسي- لاڙڪاڻو

پيئي جا پرڀات سا ماڪ م ڀانيو ماڙهوئا!
روئي چڙهي رات ڏسي ڏکوين کي.
 

(مخدوم نوح رحه)

شمع الطاف ميمڻ

پائي پانڌ ڳچيءَ ۾ اڱڻ جي اچن
ته اوڳڻ عيب ڪچايون ڍڪڻ ٿي ڍڪجن
توڻي لک هجن ته به معافيون ڏجن مينڌرا
 

(شاهه)

پريتم لتا حيدرآباد

هرڪو ماڻو موتيءَ داڻو
هرڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو
جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو
سو ئي ماڻهو موتيءَ داڻو
 

(ابراهيم منشي)

شهناز شاهه، دادو

ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين  ٿو
اک ۾ ڳوڙها،  هٿ ۾ گجرا ڪنهنکي ڳولين ٿو
 

(شيخ اياز)

شمع پليجو، وارهه

سرهاڻ، سونهن، جا ڪجهه لفظ کڻي
ڪوري ڪاڳر تي لکڻ ٿو چاهيان
تون جي ناهين ته تنهنجي تصور سان
اهو ئي ورهه، ونڊڻ ٿو چاهيان
 

(سوز هالائي)

 

مهناز صبا، ميرپور خاص

اڄوڪي زماني ۾ الفت ڪٿي  آ
رڳي محب آهن، محبت ڪٿي آ
آهي ڪوڙ جو ۽ ڪپت جو زمانو
وفا جي حسينن کي فرصت ڪٿي آ
 

(مير غلام الله خان ٽالپور ”مير“)

اچو هي ڪتاب پڙهون

تعارف:  ناصر ساريو

ڪتاب جو نالو:  رڻ گجيو  راڙو ٿيو

موضوع: نثري نظم

شاعره: ميمڻ روشن تبسم

صفحا : 144

قيمت: 20 روپيه

ڇپائيندڙ: تبسم پبليڪيشن حيدرآباد – سنڌ

ميمڻ روشن تبسم جو ساهت سان سنگ پراڻو آهي، ادب جي لڳ ڀڳ هر صنف تي لکيو اٿائين، شاعري، ڪهاڻيون، رپورتاز، فيچر ۽ ناٽڪ وغيره تي طبع آزمائي ڪئي اٿائين، تبسم اورچ آهي، جوڪجهه ڏسي پَسي  ٿي، ٻڌي ۽ ڀوڳي ٿي، سو سڀ قلم جو نشانو بنائي ٿي، سندس ڪهاڻين جو مجموعو اڳ ڇپجي چڪو آهي ۽ هينئر ”رڻ  گجيو راڙو ٿيو“ ۾ نثراڻا نظم سهيڙيا اٿس.

مريم مجيدي مهاڳ ۾ لکي ٿي ته، ”شاهه لطيف جي بيت ۽ وائي واري دؤر کان وٺي، هيل تائين سنڌي شاعري جو سٽاءُ، اسلوب ۽ گهاڙيٽي ۾ جتي نواڻ، اٿل پٿل ۽ تبديلي آئي آهي، اتي گهڻين نين صنفن جهڙوڪ: هائڪو، ترائيل، سانيٽ ۽ آزاد نظم وغيره پڻ سنڌي شاعريءَ ۾ جاءِ والاري آهي، انهن مڙني صنفن کان آزاد نظم سگهارو ثابت ٿيو آهي. جنهن نئين ٽهيءَ کي وڌيڪ موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي.“ وري ذوالفقار سيال چوي ٿو ته:

سنڌي شاعري ۾ ورهاڱي کانپوءِ جيڪا آزادي آئي آهي، ان جا شاعراڻا نڪتا ڪهڙا به مختلف هجن، بهرحال اها ڳالهه مڃڻي پوي ٿي، ته ان ۾ موضوع مٽيو آهي ۽ شاعريءَ جو ڪينواس وڌيو ۽ ڦهليو آهي ۽ نثري نظم ان جو چٽو مثال آهي.“ ميمڻ روشن تبسم به نثري نظم جو سهارو وٺي، سماج جي حساس مسئلن کي چٽو ڪيو آهي. محترمه نذير ناز تڏهن ته چوي ٿي ته، ”تبسم جي شاعري برسات جو وسڪارو، ڪهن بڙڇي جيان ڇڀندڙ، ڪڏهن موتئي جي سڳنڌ ۽ ڪنهن مهل باهه جا اُلا. سندس شاعريءَ ۾ محبت، وفا، سچائي، زور، بيباڪي، ڌرتي ماڻهن سان پيار پسي ايئن لڳي ٿو، ڪنڌ نه جهڪائڻ سان گڏ حق کسڻ جي قوت رکي ٿي.“

”رڻ گجيو راڙو ٿيو“ ۾ آيل سندس سمورن نظمن ۾ سچ جو سنيهو، پيار جو پاڇو، ڪوڙ سان نفرت ۽ مدي خارج ريتن رسمن سان بغاوت سمايل آهي.

پوپٽي هيراننداڻي                                      ڪالم

کاڌي جي ٿالهي

هندستان ۾ کاڌي جي ٿالهي پرڇي ڏيڻ جو رواج آهي. ٿوري ڦير گهير سان اتر توڙي ڏکڻ ۾ منجهند يا رات جي مانيءَ وقت وڏي ٿالهيءَ ۾ ڪٽوريون رکي، گهڻي انداز ۾ کاڌو پرڇي اڳيان رکندا آهن.

سنڌ مان بنارس ۾ پڙهڻ ويس ته هاسٽل ۾ ٿالهي ڏسي، مان دڄي ويس! صندليءَ تي رکيل وڏي شاهي ٿالهيءَ ۾ چانورن جو ڍير واڱڻن سان، پٽاٽن سان، دال سان ۽ چونرن سان ڀريل ڪٽوريون، ڀرسان وَنگو (ڪاڪڙي) پيل ڏڌ ۽ ان کانپوءِ چپاتيون! هيترو سارو کاڌو اڳيان ڏسي، منهنجو ته مٿو ڦرڻ لڳو!

صبح جو جيڪا ٿالهي ملي اُن ۾ هڪ ڀاڄيءَ جي ڦيرگهير ڪري وري شام جو به ساڳي ئي ٿالهي ملي! پوءِ ته هر روز  هي چار شيون صبح توڙي شام واريءَ ٿالهيءَ ۾ ساڳيون ملنديون هيون. اوٻاريل چانور، دال، پٽاٽا  ۽ سنهيون اڌ سيڪيل مانيون.

ٿالهي ڏسي ڏسي مان اهڙي کٽي ٿي پيس، جو اصل رنڌڻي ڀرسان لنگهڻ به نه چاهيندي هيس!

سنڌيءَ ۾ چوندا آهن:

”الله بت بڻايو – سو ان کائڻ آيو.“

سچ پچ ڪي ماڻهو سمجهندا آهن ته اسين دنيا ۾ بس کائڻ ئي آيا آهيون. ان ڪري ٿالهيءَ ۾ چانورن جو جبل رکي، اُتان دال جي ندي وهائي کاڌو ڳڙڪائيندا ويندا آهن!

هندستان ۾ ماڻهو گهڻو ڪري ويشنو آهن، ان ڪري ريسٽارنٽن ۾ به ٿالهي ڏيڻ جو رواج آهي جو جدا جدا چيزون گهرائڻ جي ڀيٽ ۾ سستائيءَ سان پيٽ ڀري ٿو.

حقيقت ۾ ٿالهيءَ۾ کاڌي جي هر نموني ڪاربوهائڊريٽس، پروٽينس، وٽامنس وغيره جو خيال رکي ڏڌ، دال، چانور، ماني، وغيره رکڻ جو رواج وڌو ويو آهي. پر اسانجو ملڪ جتي ڪن ماڻهن کي پورو هڪ ويلو به کاڌو نٿو ملي سگهي، اتي ٿالهيءَ جي رواج ڪري کاڌي جو تمام گهڻو زيان ٿئي ٿو.

ٻار، ٻڍي،زال مرد سڀني کي کاڌي جو ساڳيو انداز ڪيئن کپندو؟ ڪو پيٽوڙي  آهي ته ٻي ڳالهه، پر هونئن سڀ ته مٿرا جا چوٻا ڪين هوندا آهن. ان ڪري ساڳئي نموني جي پرڇيل ٿالهيءَ جو رواج ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.

ڪن ڪن هنڌ گهرن ۾ پڻ اهڙي نموني ٿالهي پرڇي کڻي ايندا آهن ۽ ٿالهيءَ ۾ هڪ ٻه ڦلڪو يا ٿورا چانور رکڻ ۾ گهٽتائي سمجهندا آهن. پر ٿالهي پرڇي نه ڏيڻ گهرجي، جي ڏجي به ان ۾ کاڌي  جو تمام ٿورو انداز رکي، پوءِ ڀرسان ڪري وڏن ڪٽورن ۾ ٻيون شيون رکجن ته جنهن کي جيترو کپي اوترو اتان کڻي وٺي.

ائين ڪرڻ سان نه رڳو کاڌي جو زيان نه ٿيندو، پر هر ڪو شخص پنهنجي پسنديءَ جي چيز کڻندو ۽ پسند  نه ايندڙ چيز کي هٿ نه لائيندو.

ولايت  ۾ ڪابه کاڌي جي چيز اجائي  ڪين وڃائين. ڊبل روٽيءَ جا سلائيز بچن ته ان تي کير کنڊ لڳائي اوون ۾ رکي ٽوسٽ ٺاهي ڇڏين. چينائي سڀ بچيل چيزون وجهي سوپ ٺاهي ڇڏين ۽ اسين جن جو ملڪ هندستان ٻاهران ان گهرائي ڌارين اڳيان هٿ ٽنگيندو وتندو آهي، اهي وري کاڌي جو زيان ڪندا  وتون، اها ڳالهه ڪٿي ٿي سونهين؟

ٿالهيءَ ۾ ٻيو نقص اهو آهي، ته ان ۾ ڏينهن رات ساڳيون چيزون ٿين ٿيون. اوٻاريل چانور، دال، پٽاٽا ۽ سنهيون چپاتيون. ڪن هنڌ دال ۾ ساوا مرچ وجهن ۽ ڪن هنڌ ڳاڙها پر ٿالهي اهائي.

شڪر آهي جو اسان ۾ ٿالهيءَ جو رواج نه آهي. اسين هر ويلي تي ڀاڄيون   بدل سدل ڪري رڌيندا آهيون ۽ چانورن رڌڻ جو نمونو به ڦيرائيندا رهندا آهيون. ساوا چانور، ڀڳل چانور، کچڻي، کنڊ سان رنگ ڏنل چانور، ٿوم ۾ پيل چانور، چڻن جي دال پيل چانور، واڱڻن يا وڙين جو پلاءُ، کنڀين يا چڪن برياني وغيره وغيره ان کانسواءِ ٻار ٻڍي اڳيان سندس وت ۽ شوق موجب کاڌي جي چيز اڳيان رکندا آهيون .

ٿالهيءَ اڳيان ٻيا ٻانهون کنجي ائين ويهي ويندا آهن، ڄڻ ڪا ڪشتي لڙڻي اٿن. چانور چوڌاري پکيڙي  وچ ۾ دال وجهي ڍنڍون ۽ ٻيٽ جوڙي ڇڏيندا آهن! پوءِ ڪي کائڻ وقت توتارين وارا آواز ڪڍي سرڪيون پيا ڀريندا ته ڪي چانورن مان بال ٺاهي وات سان پيا جهٽيندا ۽ ڪي ڪيلا، چانور ڏڌ سڀ ملائي ملائي اٽي جيان ڳوهي پيا کائيندا!

گهڻو کائڻ آهي ته چڱو ڪين پر وڃائڻ ته جنسي پاپ آهي.

سِڙَه سَوان، لاڄُو نَوان، اولا سندَنِ عاجَ
ساٿِي سَفر هلئا، ڀَري  جُنگ  جَهاجَ
حاصلُ ڪَرِين حاجَ، واحِدَ وڻجارَنِ جي.
                                           (شاهه)

عنايت الله عباسي

مائي بجلي

بجليءَ جو بُجڪو هر ڪنهن جي ڪلهي تي آهي ئي  آهي. مطلب ته هر ڪنهن انسان جو سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح بجليءَ سان هر وقت واسطو رهي ٿو. بجلي برقي روءِ ساري سنسار تي راڄ ڪري ٿي. آڳاٽي زماني جي انسانن کي چڱو جو ان جي چڱائي ۽ مٺائيءَ جي سڌ ڪانه هئي، نه ته جيڪر الائي ڇا ڪري وجهن ها! هن دنيا جو وايو منڊل جيڪو قدرتي تغير ۽ تبديل تي ٻڌل آهي، تنهن جون ته بجليءَ وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن . بجليءَ جون ڪهڙيون ڪجن  باتيون، ان جون ايڏيون ته نوازشون آهن لاتيون. جيڪي خوشيءَ سان پيا تاتيون. جيڏا سک، آرام ۽ آسائشون انسانن کي پلئه پيون آهن، سي ٻي ڪنهن به مادي شيءَ مان حاصل نه ٿي سگهيون آهن.

حقيقت ۾ هن جديد دؤر جا سڀ سهنج ۽ سهوليتون سندس ئي وجود جون محتاج آهن. بجلي به ڪئين نمونن ۽ طريقن سان حاصل ٿئي.

هائڊرو اليڪٽرڪ واري پاڻيءَ مان، پن – گهر مان، ڊيزل جي جنريٽرن سان،بئٽري ۽ بئٽري سيلن سان ۽ ايٽمي ري ايڪٽر پلانٽ جي مدد سان، سڀ کان ارزان بجلي ايٽمي  بجلي – گهر مان حاصل ٿئي ٿي؛ پر دنيا جون وڏيون طاقتون پاڻ ته سڀ ڪجهه انهن ائٽمي بجلي – گهرن ذريعي حاصل ڪن، باقي ننڍين قومن ۽ ملڪن کي ان جي لڳائڻ جي منع ڪندا وتن ۽ جي اهي پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻ جي خيال سان لڳائڻ چاهين ته سڀئي چوڌاري ڀون ڀون ڪريو وٺيو وڃنس ۽ رڪاوٽن ۽ رنڊڪن جا انبار کڻيو کڙا ڪن، جهڙي طرح سندس سک سهنج ججها، اهڙي طرح سندس اراڏايون به اڻانگيون ۽ اڻڳڻيون.

مائي بجلي هونئن ته گهڻئي سٺي، سهڻي، روشن ۽ سستي، پر سندس اهي پراڻيون عادتون اک ٻوٽ، لڪ لڪوٽي ، پٽ- پور، ونجهه وٽي ۽ رسڻ پرچڻ اصل ڪين وڻي، پر پاڻ چوي، ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه. ڇو جو واپڊا آهي ئي نسورو سارو لوهه. پوءِ رڪ ۽ لوهه کي ويچارن انسانن ۽ مسئلن جي ڪهڙي سڌ! واپڊا معنيٰ وڏو وات يعني لڪڙ پٿر هضم. ننڍين ننڍين شڪايتن تي منهن ائين کنيو ڦيرين، جو ڄڻ ته ڪو قرض ٿو گهرجين، جيتوڻيڪ شڪايت ٻڌڻ آهي سندن فرض  پر اهو فرض واپڊا ته ڇا، جاتي تاتي ٽنگون ٽيڙيو پيو آهي. وري جي کيسو ٿورو کڙڪاءِ ته سندس اکين ۾ بجلي جهڙي روشنيءَ جا چمڪاٽ اڀريو اچن. حڪومت ماءُ يا سرڪار سڳوريءَ جا کاتا ته سڀ سٺا، پر ڪارندا نسورو ناحق، وري جو نالو وٺ واپڊا جو ته چون ”ڪارو نه، پر سفيد هاٿي“ برابر جت هجي هاٿي ات عوام جي قسمت ڦاٿي، ان لاءِ ته هاٿي نه ڪنهن جو سنگتي  نه ڪنهن جو ساٿي.

بجليءَ جا وڏا صاحب جيڏا وائکا، اوڏائي ننڍا ڪارندا، اوکا. ڪهڙو گهر ناهي جنهن جي لاک نه لاٿي هوندائون، ننڍو توڻي وڏو، سڀڪو سندن نخري ۽ نرت کان نالان ۽  پيو لهرائيندو ۽ لنوائيندو، ڀلا ڇو نه لنوائين. مائي بجلي چوي آئون سدا ملوڪ، سدا سهاڳڻ، مان مٿاهين، موڙا ڇو نه ڏيان، سارو سنسار منهنجي رحم وڪرم تي. جيئن وڻيم تيئن ڪريان، ڪو پڇڻ ڳاڇڻ وارو مائيءَ جو لعل پئدا ئي ڪونه ٿيو آهي. وڻيم ته ڪروڙن جا ڪاروباري يونٽ منٽن ۾ ساڙي، ٻاري ڀسم ڪري ڇڏيان، وري جي چاهيان ته جهنگل ۾منگل، بيابانن کي گل گلزار ڪري وجهان .

هر هر هٿ ناٿ ڪري گهر ڌياڻين کي تنگ ڪريان ۽ پکا بند ڪري ستل ٻارن جو سک ڦٽايان. رمضان ڌوٻيءَ جي استري ڪڏهن ٿڌي ڪڏهن تتل رکان، وولٽيج  گهٽ وڌ ڪري ڪيترن ڪٽنبن ۽ گهرن جا بلب، مرڪيوري راڊون، ٽي وي سيٽ، وي سي آر، واشنگ مشينون، استريون، جوسرن جا موٽر، پاڻي ڇڪڻ جا موٽر وغيره ساڙيو ڦٽا ڪري پريان بيٺي تماشو ڏسان. اها ڳالهه الڳ آهي ته صاحبن جي بنگلن جي ڪمرن، آڳنڌن ورانڊن، باٿ رومن ۽ لان ۾ اجائي پئي ٻرندي رهان ۽ ڳوٺاڻي ڪٽنب جي گهر ۾ هڪ بلب جي روشني به نه پهچائي سگهان. مسڪينن جي پوکن موکن کي ٽيوب ويل سڙڻ ڪري سڪايان ته وڏيري جي ڪتن جي ڪوڀن ۾ پئي جهرڪان ۽ مُرڪان.

دنيا جون سڀ ترقيون، صنعتون ۽ روشنيون منهنجي دم خم سان، نت نيون ايجادون اليڪٽرانڪس ۽ روبوٽ سڀ منهنجي کاتي ۾، اچان به تڪڙي، ته وڃان به وڄ وانگي. مون تي ڪهڙو ڀروسو. من مستيءَ ۾ ته هردم موجود، وري جي اچيم ريچڪ ته ڪيترن جا ڪاڄ هڻيو اوندهه انڌوڪار ۾ آڻيو ڇڏيان. ويچارا انسان منهنجي ان هٿ ناٽ اڳيان ائين بي وس آهن جيئن ٻار ماءُ جي ٿڃ لاءِ. وري جو اليڪٽروناٽڪس جو نئون شو، شو ڇڏيم، ته اسريل ملڪ ته جيئن تيئن، پر اڻ اسريل ملڪن جي ماڻهن منهنجي ان ڦشريءَ کي هٿو هٿ کڻي ورتو. جيڪي هنرمند پنهنجي غريب ملڪ جي محدود روزگار جي وسيلن ۾ نه سمائجي سگهيا، تن ڌم ٻاري  ڏني مڊل ايسٽ جي ملڪن ڏي، جت روزگار به جام ۽ اجرت  به الاهي. پوءِ پرديس ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري، محنت، مشقت واري مزوري ڪري جيڪو ڪجهه ميڙيئون چونڊيائون، تن پئسن مان اليڪٽرونڪس سامان جون ڀريون ٻڌي اچي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ نڪرندا. بس سائين شهري ته اڳ ۾ ئي انهن مادي شين ۾ خوار ۽ خراب؛ پر ڳوٺاڻا به اهڙا اچيو هر کن جو جيڪو خط همراهه کي اوڏانهن مُنجن، تنهن ۾ خير خيريت جو احوال گهٽ،باقي رڳو هوندي اليڪٽرونڪس سامان جي فرمائش پوءِ به چون ته مائي بجلي بڇڙي. ڏسو نه، جي ڪنهن غريب ملڪ جا ماڻهو بجاءِ پنهنجي مالي، اقتصادي ۽ اجتماعي ترقيءَ جي لڳن زندگيءَ جي آسائشن جي سامان جي ڪڍ، ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور! اهو ته پنهنجي سوچ ۽ سمجهه جو فرق آهي . اسريل ملڪ منهنجي ذريعي وڃن ٿا وڌيڪ ترقي ڪندا ۽ ملڪن جي اقتصادي حالت بهتر بنائيندا ۽ هي همراهه رڳو ريس ۾ پورا!

چي ڦلاڻي گهر سوني (SONY) جي رنگين ٽي وي آئي آهي. ماسيءَ وٽ ڊبل واشنگ مشين، ماما جن وٽ جوسر مشين جو سيٽ. اسانکي ڇڙو ٽرانزسٽر ۽ ٽيپ رڪارڊر تي پيا ٽرڪايو. هاڻي ٻڌو، ڏيو منهن، مطلب ته وري به ڦاٿي مائي بجلي. منهنجو وڃي ڇا؟ آئون ته ٿيس تماشبين، سا ويٺي تماشا ڏسان ۽ انسانن کي هٿ ناٽ جي کيل تي نچايان. ماريا پاڻ اچي منجهي مئا آهن. ماريا مڇرجي پيا آهن. ايتريقدر جو اهي شهري دهشتگرد ۽ ٻهراڙين وارا ڌاڙيل، پنهنجي ئي قوم جي ماڻهن جي گهر ڌاڙا هڻڻ اچن ۽ ڪلاشنڪوف جي ٻين جديد هٿيارن جي زور تي، ڪيترين آرزوئن ۽ تمنائن بعد حاصل ڪيل رنگين ٽي. وي، وي سي آر ٽيپ رڪارڊ رکي پنهنجي بابي جومال سمجهي کنيو هليا ويندا. پوءِ ڇا اهو به ڏوهه مائي بجليءَ جو؟ چوندا آهن ”بد کان بدنام برو“ سو ڇڙو مون کي اجايو بدنام ڪيو ويو آهي؛  باقي جيڪا بڇڙائي انسان ۾ آهي، سا! چونديس سچ، پوءِ ڀل ته ڪنهن کي مرچ لڳن!

جيڪي مُنجِهه جَهانَ، سو تارِي تڳي تُهجي
لُطفَ جي لطيفَ چي، تو وٽِ ڪَمِي ڪانَ
عَدُلَ ڇُٽان آنُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فَضَلَ جو!
 

(شاهه)

رپورٽ

پاپوليشن  ويلفيئر کاتي سانگهڙ طرفان شهدادپور ۾ عورتن جو ٻه روزه سيمينار

رپورٽ ۽ تصويرون نور سنڌي ۽ سحرش ملاح

پاپوليشن ويلفيئر کاتي ضلعي سانگهڙ جي  ڪارڪردگي ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي. ضلع پاپوليشن  ويلفيئر آفيسر شمس الدين قريشي ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. هن جي اڳواڻي  ۾ تازو 30 ۽ 31 مئي تي هن کاتي طرفان شهدادپور ۾ عورتن جو سيمينار ٿيو. 30 مئي تي اهو سيمينار فرينڊس  ڪلب  شهدادپور ۾ ٿيو. جنهن جي صدارت ايس. ڊي. ايم شهدادپور ڪئپٽن عابد علي شاه، مکيه مهمان ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو ۽ اعزازي مهمان فقير محمد بخش خاصخيلي هو. صاحب جڏهن ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر خدا بخش بروهي، اي. ڊي. پي علي شير ڏاهري ۽ موبائيل سينٽر  جي انچارج آپا ڊاڪٽر شميم بلوچ پنڊال ۾ پهتا ته مٿن گلن جي ورکا ۽ تاڙين سان شاندار استقبال ڪيو ويو. اسٽيج سيڪريٽريءَ  جا فرائض  مس فوزيه خان انجام ڏنا. ان موقعي تي خدا بخش بروهي اسسٽنٽ ضلع پاپوليشن آفيسر ۽ اي. ڊي. پي علي شير ڏاهري ايس. ڊي ايم عابد شاهه، ڊاڪٽر مريم ڇٽو ۽ ٻين کي اجرڪون ۽ گلن جا هار پارايا . ان موقعي تي ڊاڪٽر مغل، مسز نسيم، فريده حيات، آپا شميم بلوچ، علي نواز سهتو هن کاتي ۽ ٿورن ٻارن ۽ ٻارن ۾ وقفي جي فائدن تي تفصيل سان ڳالهايو. هن موقعي تي جناب خدا بخش بروهي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر سانگهڙ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ  بنيل آهي، جنهن جي ڪري اسان جي جيڪا ترقي ٿئي ٿي، اها انهيءَ تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي جي نظر ٿيو وڃي. انهيءَ جي ڪري صحت، تعليم ۽ روزگار تي تمام گهڻو برو اثر پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان کي گهرجي ته اسان انهي قومي مسئلي کي مستقل طور حل ڪيون ۽ اسان جي عورتن کي اهڙن سيمينارن جي ذريعي اهو آگاهه ڪرڻو آهي ته اسان جون عورتون هن مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهن ۽ آبادي جي رٿابنديءَ جي پروگرام ۾ ڀرپور حصو وٺن. هن ٻڌايو ته هن وقت ضلع ۾ سورنهن فلاحي مرڪز ۽ ٻه موبائيل سروس يونٽ سرگرم عمل آهن، جيڪي پروگرام موجب هن ضلع اندر ڪم ڪري رهيا آهن. آيل عورتن، مهمانن، صحافين جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي اي. ڊي پي علي شير ڏاهري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وڌندڙ آبادي اسان جي معاشري تي تمام گهڻو خراب اثر وڌو آهي، بي روزگاري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، تعليم جو معيار تمام گهڻو ڪري پيو آهي، اسڪولن ۾ شاگردن  جي ويهڻ لاءِ بينچون ۽ پنکن جون سهوليتون نه آهن. جڏهن تعليم جو بنيادي ماحول اهڙو هوندو ته ڪيئن نه غريب ماڻهن جا ٻارڙا وڏا ٿي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿيندا. جڏهن ته صحت لاءِ وڏيون اسپتالون نه آهن، دوائن جي سخت کوٽ آهي. انهي ڪري غريب ماڻهو بنيادي بيماريءَ لاءِ عام دوا کان به محروم آهي. هن چيو ته عورت جا معاشري ۾ مختلف ڪردار آهن ماءُ ڀيڻ زال ۽ سس وغيره انهن سڀني ڪردارن کي پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ايندڙ نسل لاءِ صحت تعليم ۽ روزگار فراهم ڪرڻ تمام مشڪل پر ناممڪن ٿي ويندو. تنهن ڪري اڄ انهن کي اهو ڪجهه ڪرڻو آهي جيئن انهن ڪمن ۾ پنهنجي منصوبا بندي ڪري سگهجي؛ ڇو ته ائين ٻارن جي ڄم، پيدائش ۾ مناسب وقفو ڪري، ايندڙ نسل لاءِ روزگار، صحت ۽ تعليم جو يقيني بندوبست ڪيون. هن چيو ته عورتن کي گهرجي، ته هو فلاحي مرڪزن سان انهي سلسلي ۾لهه وچڙ ۾ اچن. هن موقعي تي فقير محمد بخش خاصخيلي پنهنجي مختصر تقرير ۾ هن کاتي جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته وڌندڙ آبادي دنيائن جو وڏو مسئلو آهي. هن موقعي تي مک مهمان ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو چيو ته ٿورا ٻار ڄڻڻ سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت بهتر رهي ٿي، جن کي ٿورا ٻار آهن اهي گهراڻا خوشحال آهن. جن ماڻهن کي گهڻا ٻار آهن اهي مائٽ سخت پريشان هوندا آهن. هن چيو اڳ ٻار بند  ڪرڻ جا آپريشن ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ ۾ ڪيا ويندا هئا؛ پر هاڻ هتي شهدادپور ۾ به ٿين ٿا. هن موقعي تي ايس. ڊي. ايم عابد حسين  شاهه چيو ته  وڌندڙ آبادي انسان جو وڏو مسئلو آهي، اهو ملڪ جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بنيل آهي. هن کاتي کي هر طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. خاص ڪري ٻهراڙين ۾ عورتن کي پاپوليشن متعلق اهڙا پروگرام ڪرائي، ڄاڻ ڏني وڃي. اسان جي ٻهراڙين ۾ وڌيڪ آبادي رهي ٿي. ان ڪري انهن کي وڌ کان وڌ ان جي اهميت کان واقف رکيو وڃي. آخر ۾ آيل عورتن ۽ معزز مهمانن کي رفريشمينٽ ڪرائي وئي.

31 مئي تي هن کاتي طرفان موبائيل سروس يونٽ واري آفيس ۾ سيمينار ٿيو. جنهن ۾ عورتن، سماجي ڪارڪنن، شهر جي حڪيمن، ڊاڪٽرن، صحافين، سماجي تنظيمن جي نمائندن، استادن ۽ دائين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان سيمينار جي صدارت مس رفيعه گلاڻي ڪئي، مک مهمان تعلقي اسپتال شهدادپور جي مانواري ڊاڪٽرياڻي محترمه نسرين عمراڻي هئي. تقريب صبح 10 وڳي ٿيڻي هئي، ليڪن مک مهمان ڊاڪٽر سعيده سيد جي نه اچڻ ڪري، پروگرام ساڍي ٻارهين وڳي شروع ٿيو. تاڙين جي گونج ۾ ڊاڪٽر  نسرين عمراڻي، ڊاڪٽر مهرالنساءِ بروهي، اي. ڊي. پي علي شير ڏاهري ۽ رفيعه گلاڻي کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر بروهي، آپا شميم بلوچ ڏاهري تقريب جي صدر مک  مهمان ۽ اعزازي مهمانن کي اجرڪون اوڍائيون. جڏهن ته علي شير ڏاهري آپا شميم بلوچ کي اجرڪ پارائي. ان بعد معزز مهمانن کي هار پارايا ويا. ان موقعي تي خدا بخش بروهي پنهنجي تقرير ۾ چيو، ته ضلع ۾ هن کاتي جي سينٽرن کانسواءِ سموريون سرڪاري اسپتالون ۽ حڪيم پڻ هن پروگرام ۾ ساٿ ڏئي رهيا آهن. هن عورتن جي سماجي تنظيمن جي باري ۾ زور ڏيندي چيو ته هي قومي پروگرام آهي هن ۾ کين ڀرپور انداز ۾ حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن هن مسئلي کي صحيح نموني سان حل ڪري سگهجي. ان چيو ته دنيا ۾ هر سيڪنڊ ۾ پنج ٻار ڄمي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن وڌندڙ  آبادي نه رڪي، ته ان  جا معاشري تي وڏا خراب اثر پوندا ۽ هن جديد دور ۾ به اسان ترقي نه ڪر سگهنداسين. ان موقعي تي علي شير ڏاهري چيو ته تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي سماجي ثقافتي مسئلن کانسواءِ  صحت، تعليم ۽ روزگار تي تمام برو اثر وجهي رهي آهي ۽ جيڪا ترقي ٿئي ٿي، ان کي وڌندڙ آبادي نقصان رسائي رهي آهي. ڪابه ترقي ان وقت تائين نٿي ٿي سگهي، جيستائين اسان ملڪ جي هن وڌندڙ آبادي کي روڪي نه سگهنداسين. ان موقعي تي ڊاڪٽر مهرالنساءِ سومرو ماءُ جو کير ۽ ٻار تي ليڪچر ڏنو؛ جيڪو انتهائي اثرائتو هو. هن مائرن تي زور ڀريو ته هو پنهنجن ٻارن کي نقلي کير پيارڻ بجاءِ پنهنجو کير پيارين. ان سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت بهتر رهندي. ٻار کي پنهنجو کير نه پياريندڙ مائرون، ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿيون ۽ ٻار جي هڏ ۾ طاقت نه هوندي. ان سان گڏ آبادي منصوبابندي تي به خود به خود عمل ٿي ويندو. هن اميد ڏيکاري ته اسان جون عورتون ان ڳالهه تي پوري طرح عمل ڪنديون. سيمينار جي مک مهمان محترمه نسرين عمراڻي پاپوليشن ويلفيئر کاتي جو ٿورو مڃيو، جنهن اهڙا پروگرام عورتن لاءِ ڪري، وڌندڙ آباديءَ  ۽ ان جي اثرن کان عورتن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو.

هن چيو ته وڌندڙ آباديءَ کي جيڪڏهن نه روڪيو ويو ۽ ماڻهن ان تي عمل نه ڪيو ته ان جا خاص طور تي اسان جهڙي غريب ملڪ تي وڏا اثر پوندا. هن يقين ڏياريو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي هن  پروگرام کي وڌ کان وڌ عورتن تائين روشناس ڪرائينداسين. هن چيو ته معاشري ۾ عورت جا مختلف ڪردار آهن ۽ انهيءَ ۾ سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. آخر ۾ رفيعه گلاڻي تقرير ڪئي. علي شير ڏاهري، شميم بلوچ ۽ علي نواز سهتو مهمانن جو ٿورو مڃيو. ان بعد سڀني کي رفريشمينٽ ڪرائي وئي ۽ سيمينار پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

امريڪي سينٽر ۾ ٿيل سيمينار جون رپورٽون

گذريل سومر تي ڪراچيءَ ۾ امريڪي سينٽر پارا هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو هو جنهن جو عنوان هو.

”ملازمت پيشه عورتن جو بدلجندڙ ڪردار“

ان سيمينار ۾ جن مقررن حصو ورتو تن جا  نالا، محترمه انيتا غلام علي، رحمان،  حميد هارون، نوشين، احمد سلميٰ احمد، شيري رحمان ۽ ڊاڪٽر لنڊا گوف شامل آهن.

سڀ کان پهرين امريڪي سفارتخاني جي ثقافتي اتاشي مشيل ابيدار، پنهنجي ابتدائي تقرير ۾ چيو ته عورتن جي ترقيءَ لاءِ مثال موجود آهن، جن ۾ هنرمند عورتون ٻين جي لاءِ سٺو مثال بنجي سگهن ٿيون، اهي عورتون سماج جي مخلتف طبقن جي عورتن جو شعور پيدا ڪري ٿيون سگهن، اهي عورتون ٻهراڙين ۾ به عورتن جي حالت سڌارڻ لاءِ اڳواڻي ڪري سگهن ٿيون. خاص ڪري گهٽ آمدني ۽ گهٽ  تعليم وارن طبقن ۾ هو ذهني سجاڳ سان گڏ هو وڏي تبديلي آڻي ٿيون سگهن. انهيءَ کان علاوه مختلف  پينل ٺاهي، مختلف موضوعن تي بحث ڪيا ويا جن مان ڪن جو موضوع هي هو ته ڪم ڪار جي هنڌ عورتون، ماحول، رويا ۽ چئلينج ۽ عورتن جو ٻٽو ڪردار، نوڪري ۽ گهرو ذميدارين ۾ توازن وغيره ڪيئن برقرار رکيو وڃي،  سيمينار جي پڄاڻي جمهوري سماج ۾ عورتن جا قانوني حق نالي ٽيلي ڪانفرنس سان ڪئي وئي. اها ٽيلي ڪانفرنس مواصلاتي سياري ذريعي،   ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سان ڳنڍيل هئي، جنهن پئنلن واشنگٽن ۾ ويٺل مختلف پئنلن عورتن جي حقن، حڪومتن ۽ سياست ۾ انهن جي شرڪت کي برابري جي بنياد تي يقيني بنائڻ لاءِ قانوني ضمانتن جي سوال تي مباحثو ڪيو ويو. واشنگٽن مان ان موضوع تي امريڪا جي پرڏيهي کاتي جي انساني حقن جي بيورو جي ڊپٽي اسٽنٽ بنتي ايلي رافيل، امريڪا جي عورتن جي قانوني مرڪز جي سينٽر وڪيل يربندا وي سمٿ خيالن جو اظهار ڪيو.

هي خط منهنجي نالي

مانواري ڀيڻ نذير ناز

اُميد ته سُکن ۾ هونديون

توهان جي ايڊيٽر ٿيڻ کانپوءِ پهريون پرچو هٿن تائين پهتو ان ۾ ڪافي رنگ ڀريل هئا. بنسبت اڳين  رسالن کان، هونئن به توهان ادب ۾ سينيئر هجڻ ڪري تبديليون آنديون آهن جيڪي تمام گهڻيون ساراهڻ جوڳيون آهن.

غلام نبي ناشاد

ادي نذير ناز

خوش هجين

پهريائين عيد مبارڪ

ان کانپوءِ سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ تي واڌايون.

سرتيون جا ڪجهه اڳيان پرچا به موجود آهن ۽ اوهان جو  پرچو به موجود آهي. دل اها فتويٰ ڏني بلڪل ايمانداريءَ سان ته اوهان جو ايڊٽ ٿيل پرچو سونهن ۾ ڪجهه سرس هو.

بهرحال محنت ۽ جدوجهد اولين شرط آهي.

ان تي پورا هوندو ته يقينن اوهان گوءِ کٽنديون.

ساٿ سلامت

خليل لاکير

سانئڻ نذير ناز

شال سُکي هجو

سرتيون پڙهيم. اوهان جي محنتن سُٺو رنگ لاتو آهي.  منهنجي پاران سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ تي واڌايون.

اسحاق سميجو

منهنجي ادي، محترم نذير ناز صاحبه

اول ته ادي توکي ٽه ماهي سرتيون جي ايڊيٽر بڻجڻ تي مبارڪون خدا ڪري ته شل ”بورڊ“ ۾ تنهنجي تشريف آوري نيڪ فال ثابت ٿئي ۽ سرتيون جي معرفت اهو ادب پيش ڪري سگهين جيڪو اسان جي ڀينرن ۽ نياڻين ۾ علم ۽ شعور جون نيون باکون پيدا ڪري ۽ اهو اڳتي اسان جي جهالت، ٻٽ ۽ اوندهه واري سماج ۾ آفتاب ٿي اڀري. آمين

والسلام

اوهانجو ”دادا“

دادا سنڌي

سانئڻ نذير ناز صاحبه

سانئڻ سڀ کان پهريائين ته توهان کي ايڊيٽر ٿيڻ جون واڌايون توهان جي اچڻ سان هينئر گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ٿيندو جو معياري ادب پڙهي سگهبو. ها باقي سائنڻ مئگزين ڪنهن هڪ شخص جي ملڪيت ناهي. توهان جي شخصيت اڏول رهي ته بهتر آهي، آءٌ اڪثر فنڪشنز  وغيره ۾ توهان کي ڏسندو آهيان، پر ڪڏهن به توهان سان پنهنجو تعارف نه ڪرايو آهي. آءٌ اڪثر توهان کي لطيف جي ميلي ۾، ادبي گڏجاڻيءَ“  ۾ هر سال ڏسندو آهيان.

چڱو ساٿ سلامت

توهانجو پنهنجو

وزير گل

ادي

اوهانجي ادارت ۾ ”سرتيون“  ست سير ضرورو ٿيندو. شايد جي توهان ڪن ”دوستن“  جي نظر بد کان بچي ويون ته- الله سڀ خير ڪندو.

ممتاز عباسي

ڀيڻ نذير ناز

اپريل جون1991ع کانپوءِ اوهانجي ادارت ۾ سرتيون جو نئون شمارو پڙهيم سرورق کان آخر تائين بهتر لڳو، خصوصاً ايڊيٽوريل، هڪ شاعر جي سڃاڻپ،  ادبي، سماجي سماچار، ادبي رهاڻيون، ڪتابن تي تبصرو، شعر وڻي ٿو ۽ هي خط منهنجي نالي سُٺا سلسلا آهن  جيڪي ڪنهن به طرح بند نه ٿيڻ کپن شاعري وارو ڀاڱو پيارو لڳو، قبله سائين جا اقوال زرين زندگي سُڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ بهترين  رهنمائي ڪن ٿا، خصوصاً ٻارڙن لاءِ ته تمام ڪار آمد ثابت ٿيندا.

انٽرويو جو سلسلو جاري رکندا ايندا. سمجهان ٿو سرتيون ڀيڻن کي ادبي مقام جي بلندين تي رسائڻ ۾ پوئتي نه پوندو. بهرحال، اوهان کي اوهانجي نئين مقرري مُبارڪ هجي. يقيناً پنهنجي طرفان اوهان سان قلمي تعاون جاري رهندو.

شمس صابر

ڀيڻ نذير ناز

تازو سرتيون رسالو شايع ٿيو. جيڪو اوهان جي نگراني هيٺ آهي ۽ اميد ته آنده  به اوهان جي ئي نگراني ۾ نڪرندو رهندو.

اسان کي خوشي آهي. جو اوهان ”عورتن جي رسالي جا ايڊيٽر ٿيا. ان لاءِ اسان ڀائرن جون واڌايون قبول ڪندا.

سنڌي ادب ۾ عورتن جي حوالي سان اوهان جو نانءَ ڏاڍو مانائتو آهي.

ڇو جو اوهان ئي سنڌي ادب کي عورتن ۾ ڏاڍو مقبول ڪيو آهي.

اوهان جي اها محنت انشاالله رائيگان نه ويندي ”سرتيون“ سنڌ ۾ عورتن لاءِ تمام سٺو رسالو آهي جنهن کي سنڌ ۾ آءٌ سمجهان ٿو ته هر سنڌي ڀيڻ پڙهندي هوندي.

اوهان جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن.

اوهان  جو ننڍو بخشل ڀاءُ باغي

ڀيڻ نذير ناز!

شال جيئي.

لکين مبارڪون، ”سرتيون“  ۾ مقرريءَ جون. اوهان جو سفر ”ناري“ کان ”سرتيون“ تائين سڦل آهي ۽ ان محنت کي سلامُ

دُعائون آدرش

سنڌي ٻولي امر رهي.....!

سنڌي ادبي بورڊ پاران تازو ڇاپيل ڪتاب

 

1.سنڌي هنر شاعري مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(لوڪ ادب)

ڊيمي سائيز صفحا 506 آفيسٽ ڪاغذ

قيمت: 15.00 رپيا.

 

2.آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه سهيڙيندڙ: نياز همايوني

(فقير دريا خان جو ڪلام)

ڊيمي سائيز صفحا 200 اڇو ڪاغذ

قيمت: 60.00 رپيا.

 

3.سنڌي وياڪرڻ مصنف: شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ

(چئن جلدن ۾)

ڊبل ڪرائون سائيز صفحا  420 اڇو ڪاغذ

قيمت: 100.00 رپيا.

 

4.تسبيح محبت محمد عمر ”اختر“ هالائي.

(”اختر“ هالائيءَ جي شاعري)

ڊيمي سائيز، صفحا 170، اڇو ڪاغذ قيمت 30.00 رپيا.

 

5.ڪلام محبوب سروري مرتب: شاهه محمد بلوچ

ڊيمي سائيز صفحا 252 اڇو ڪاغذ

قيمت 100.00 رپيا.

6.انڪوائري آفيسر مصنف: شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ.

ڪرائون سائيز صفحا 78 اڇو ڪاغذ قيمت: 12.00 رپيا.

7.مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات مصنف: غلام محمد ”گرامي.“

ڊيل ڪرائون سائيز صفحا 350 اڇو ڪاغذ

قيمت 100.00 رپيا.

8.مهراڻ  جون چونڊ ڪهاڻيون سهيڙيندڙ: حميد سنڌي

ڊيمي سائيز صفحا 302 اڇو ڪاغذ

قيمت: 00-70 رپيا

9. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون سيد حسام الدين شاهه راشدي

مرتب: غلام محمد لاکو

ڊيمي سائيز صفحا 340 اڇو ڪاغذ

قيمت: 75.00 رپيا

ڀينرن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو اڪيلو رسالو

سرتيون

سنڌي ڀينرن جو پنهنجو رسالو آهي. جنهن ۾ صرف ۽ صرف ڀينرن جون ئي تحريرون ڇپيون وينديون. ”سرتيون“ ۾صرف ڀينرن جا مسئلا، انٽرويو، ڪهاڻيون، شاعري، سروي رپورٽون ۽ مضمون جيڪي ڀينرن جا لکيل هوندا انهن کي ئي شايع ڪيو ويندو.

ان ڳالهه کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي ته شهرن ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل ڀينرن سان گڏوگڏ ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ پڙهيل توڙي پورهيت ۽ هاري ڀينرن کي ”سرتيون“ ۾ جاءِ ڏيون. سندن انٽرويو شايع ڪيون ۽ سندن مسئلن تي روشني وجهون.

سرتيون رسالو توهان سڀني ڀينرن جو پنهنجو رسالو آهي ۽ توهان سڀني ڀينرن جي گڏيل ڪوشش ۽ دلچسپيءَ سان هن رسالي کي وڌيڪ بهتر ۽ معياري بڻائي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ توهان جي ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار جي ضرورت آهي. توهان سرتيون ۾ پنهنجي ادبي، سماجي، تعليمي ۽ مذهبي سرگرمين بابت مواد موڪلي پنهنجي رسالي ۾ شريڪ ٿي سگهو ٿيون.

اسان کي خوشي ٿيندي ته جيڪڏهن اسان جون پڙهيل ڀينرون جتي به آهن اتي جي هارياڻين، پورهيت ڀينرن، گهر ڌڃاڻين، هنرمند ڀينرن جي مسئلن ۽ اهنجن تي نه رڳو قلم کڻن بلڪ سندن انٽرويو به وٺي اسان کي ڏياري موڪلين.

ٻهراڙين ۽ شهرن جي اسڪولن ۾ استادياڻيون ڀينرون پڻ تعليمي سرگرمين، تعليم جي مسئلن ۽ معيار تي قلم کڻن ۽ تجويزون، رايا ۽ مضمون لکي موڪلين، جن کي وڏي اهميت سان سرتيون ۾ شايع ڪيو ويندو. ڀينرون پنهنجي مواد سان تصويرون ۽ مختصر بايو – ڊيٽا به ڏياري موڪلين.

وري به هڪ دفعو ان ڳالهه کي ورجائجي ٿو ته ”سرتيون“ توهان سڀني جو پنهنجو رسالو آهي ۽ سرتين جي ئي ڪاوشن سان ”سرتيون“ کي وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو.

(ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com