ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ ٻوڏون
سنڌ ۾ هيلوڪن مينهن جيڪا تباهي آندي آهي، اُن جي رهي کُهي ڪسر
مڇريل سنڌو جي ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي. ڀاڳين جا ڀونگا ۽
ڀاڻا ڊهي ويا. مال متاع، ڍور ڍڳا لڙهي ويا. سنڌ جا
مارُو ماڻهو رڳو پنهنجا سر بچائي سگهيا.
سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار مينهن ۽ ٻوڏ جي ڏُتڙيلن جي امداد
لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري رهي آهي. ان ڏس ۾ ضرورت ان
ڳالهه جي آهي ته انهيءَ امداد جي صحيح ورهاست ڪئي
وڃي ۽ حق حقدارن کي پهچايو وڃي
اهڙي امداد ۽ سهائتا جو فرض عوامي سطح تي به پورو ٿيڻ گهرجي.
ايڌي ٽرسٽ، سنڌ گرئجوئيٽ ائسوسيئشن ۽ اسوا (آل سنڌ
وومين ائسوسيئشن) به پنهنجي پر ۾ مينهن ۽ ٻوڏ جي
ڏتڙلين جي سهائتا ۽ کين ٻيهر ورسائڻ جي ڏس ۾
ڪوششون ڪيون آهن. اسين انهن ڪوششن کي ساراهيون ٿا
۽ اميد ٿا ڪريون ته سنڌ جا ٻيا سرنديءَ وارا به ان
ڏس ۾ پنهنجو فرض ادا ڪندا.
عارفه جبين شيخ
کٽمنڊو ۾ ٿيل پي آءِ اي جي جهاز جي حادثي ۾، مسافر ۽ جهاز جو
عملو فوت ٿي ويو. جهاز جي عملي ۾ چار ايئر
هوسٽيس: قيصر نوراني (ديرو اسماعيل خان سرحد)،
مونا امجد (ڪراچي سنڌ)، فرح يوسف (لاهور پنجاب) ۽
عارفه جبين شيخ (لاڙڪاڻو سنڌ) پڻ شامل آهن.
انهيءَ حادثي تي پنهنجي دلي ڏک جو اظهار ڪندي،
انهن ”سرتين“ جي پوين سان تعزيت ڪريون ٿا.
اهي چار ئي ”سرتيون“ پنهنجي فرض جي ادائگي ڪندي، آسمان جي
اوچاين ۾ ئي الوپ ٿي ويون اسان جي اها ڪوشش رهندي
ته عارفه جبين شيخ جي باري ۾ ”سرتيون“ جي ايندڙ
پرچي ۾ مواد ڏئي سگهون.
استاد بخاري
سنڌ دوست- عوام دوست استاد بخاري اسان کان وڇڙي ويو آهي. هڪ
تخليقڪار جي حيثيت ۾ استاد بخاريءَ جيڪي سنڌي ادب
۽ ٻوليءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، اهي ڪڏهن به
نه ٿيون وساري سگهجن. اسين استاد بخاريءَ جي انهن
خدمتن تي کيس خزاج تحسين پيش ٿا ڪريون ۽ اهو وچن
ٿا ڪريون، ته استاد بخاريءَ جي پيغام کي هيئين
سين هنڊايو ويندو ۽ اُن تي عمل ڪندي، دُکي
انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ آجپي لاءِ جاکوڙ کي جاري
رکيو ويندو.
”سرتيون“ جوهيءَ پرچو استاد بخاري ۽ اسان جي انهن سرتين جي
نانءُ آهي.
(ادارو)
استاد جي ياد ۾
هڪڙو هو استاد بخاري بي واهي انڌ اونداهي ۾ جنهن ميڻ بتي ٻاري ۽
اُن ميڻ بتيءَ مان تو- مون ميڻ بتي ٻاري ۽ ايئن
روشينن جو اَڻکُٽ سلسلو ٿيو جاري!
ڪهاڻيون
عزيزه قاضي
ڀينر آئون ڀُلياس
هُن وڏي ڪمري ۾ اچ وڃ لائي ڏني. گهڙيءَ هن ڪنڊ ۾ گهڙي هُن ڪنڊ
۾. آخر ٿڪجي ڪرسيءَ تي ويهي رهي.....
ڪيڏو عجيب اتفاق هو.... هُن جي سڪيلڌي پٽ ماءُ کي آخري وارننگ
ڏني هئي ته، ”هن کي جيڪڏهين شهناز نه ملي، ته هو
مري ويندو.
”شهناز جي نانءُ زبيده کي لوڏائي وڌو. هن جو زلفي.... هُوءَ
ساروڻين جي پولار ۾ وڃائجي وئي.
هڪ دفعي جڏهين بڻس جي ڪار صفا هلڻ کان نابري واري بيٺي، تڏهين
مجبور ٿي پڻس موڪل ڏني هئس ڪوٽ کان گهڻو پري نڪري
آئي، ته دل چاهيس جيڪر برقعي جا پڙدا کڻي ڪجهه وقت
لاءِ ڏسي..... پڙدن کانسواءِ ڪيڏا پئي ڏٺا هيءَ
رنگ روپ ۽ هوا به ته ڏاڍي ٿڌي پياري هئي. ڪيتري
گهٽ ٻوسٽ هوندي آ برقعي ۾، ڪا شيءَ صاف به ته نه
ڏسڻ ۾ ايندي آ. هر چيز ڄڻ ڪاري ڪفن ۾ ويڙهيل لڳندي
آهي. هوءَ پنهنجي مزي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پئي
وئي. هر روز هن رستي تان لنگهندي آ، پر ڄڻ ڪائي
خبر نه پوندي اٿس. ڪار جي شيشن تي ٿلها پڙدا جو
پيل هوندا آهن. توبهه هيءَ به ڪائي زندگي آ، جئري
قبر آ. اڃا اسڪول مان موڪل ملي ناهي، ڪار جو آواز
آيو ناهي. عزرائيل ڪٿان جا.... اوچتو موٽر سائيڪل
جو آواز ٿيو ۽ هوءَ ٿاٻڙندي ٿاٻڙندي بچي. اکين ۾
خوف جا پاڇا ڪٿي بابا کي نه خبر پئي يا هيءَ مائي
نه ٻڌائي. پوءِ هاءِ الا منهنجو منهن ڪو غير ڏسي.
زبيده يڪدم پڙدن کي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو.... ڏسڻ وارو
ته پنڊ پهڻ ٿي ويو. چوڏهينءَ جو چنڊ هئو، پر
بيرحم ڪڪرن جي اوٽ ۾ لڪي ويو.... ٻانهيءَ جو
صورتحال ڏٺي ته به ڇرڪي پئي ۽ بيخياليءَ ۾ سانئڻ
جا هڙئي ڪتاب ناليءَ ۾ ڪرن ها، پر بچائي وڌائين.
باقي پين، پنهنجو پاڻ ناليءَ جي حوالي ڪري
ڇڏيو..... ڏسندڙ سڀ سمجهندي پنهنجي پين ٻانهيءَ جي
حوالي ڪئي ۽ ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.....
زيبده سڄو اسڪول جو وقت سوچيندي رهي، ڪهڙو اڄ ڏينهن ٿيو هئو.
هڪڙي اجنبي ڪيئن هُنَ جو منهن ڏٺو.... وري زبيده
جي نظر پين تي پئي. پرائي پين هن ڪيڏي نه بي
حيائيءَ سان رکي ڇڏي. پر نه هيءَ پين واپس ڪندي،
پر ڪيئن ڪندي، جيئن به ٿي سگهيو. ڇو ڪنهن جو احسان
کڻي؟ سو به ڌارئي شخص جو. هن ته اڄ تائين ڪنهن
پنهنجي جو به ٿورو نه کنيو هئو. دراصل هن کي تعليم
ئي اها ڏني وئي هئي، ته هوءَ ته ڪنهن تي احسان ڪري
سگهي ٿي، پر ڪنهن جو احسان کڻڻ هن جي شان وٽان
ناهي. خير ڪجهه به هجي، هوءَ پين واپس ڪندي.
موٽندي به زبيده دعائون گهرندي آئي، يا خدا موٽر
سائيڪل وارو وري اچي، جيئن هوءَ هن جي پين واپس
ڪري سگهي. پر نه هن جي گهر جو در به اچي ويو، پر
اُهو نوجوان نه آيو.
زلفي جڏهين انهيءَ ڪاري برقعي واري حسينه کي ڏٺو ته الائي ڇو
پنهنجي دل مان سرڪندي ڀانيائين. ڪيڏو خوف هراس هئو
معصوم اکين ۾. پهريون ڀيرو شايد ٻاهر نڪتي هئي ۽
پوءِ ٻانهي تي نظر پوڻ سان، سڀ سڃاڻي ورتائين....
زبيده ٻانهيءَ کان پڇيو، ڇا هُوءَ انهيءَ ماڻهو کي سڃاڻي ٿي؟
مائي چيو نه.... زبيده عاجزي ڪندي چيس.... ماسي
ڀلائي ڪري اهو ذڪر هوءَ ڪنهن سان نه ڪري. ٻانهيءَ
واعدو ڪيو ۽ زبيده مطمئن ٿي وئي. پر هيءَ جيسين
هن وٽ رهندي، تيسين انهيءَ نوجوان جو چهرو هن جي
اکين ۾ ڦرندو رهندو ۽ هوءَ دعا گهرڻ لڳي، خدا ڪري
سڀاڻي به گاڏي خراب هجي.... زبيده جي دعا اثر ڪيو
هئو يا گاڏيءَ کي زبيده تي رحم اچي ويو هو.
اڄ به هوءَ انهيءَ آزاديءَ سان وڃي رهي هئي، سامهون ايندڙ
نوجوان ساڳيو هئو. زبيده برقعي جا پڙدا هيٺ ڪري
ڇڏيا ۽ الائي ڪيتري همٿ کانپوءِ پين وارو هٿ اڳتي
وڌايائين. زلفيءَ مشڪندي پين وٺڻ کانپوءِ واپس ڪري
ڇڏي. مهرباني ڪري هن حقير تحفي کي قبول ڪيو ۽
اڳتي وڌي ويو. ويندي ويندي هڪڙو ننڍڙو پرچو به
ڪتابن جي مٿان رکندو ويو.....
زبيده ڪيتري ڪوشش کانپوءِ به پين واپس نه ڪري سگهي هئي. ڪيترو
مٺو آواز هو. ڇا ايترو سٺو به مرد ڳالهائي سگهن
ٿا؟ جڏهين کان زبيده هوش سنڀاليو هو، تڏهين کان
گهر ۾ مردن جو راڄ هئو. هر مرد جي منهن تي سختي،
زبان به ايتري ڪوڙي جو ڳالهائيندا هئا، ته ائين
لڳندو هو، ڄڻ عورتن تي ڪو احسان يا ٿورو ڪري رهيا
هجن.... ڏاڏي مرحوم کان وٺي ننڍڙي ڀاءُ تائين مردن
جي حڪومت..... ته ڇا ايڏي عاجزيءَ سان به مرد
ڳالهائيندا آهن؟ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪنهن مرد ۽
ايڏي عاجزي هئي يا ڏٺي هئائين. خط کولڻ وقت هٿ ۾
دل گڏ پئي ڏڪيس، ڪنهن ڏسي ورتو ته! خط جي شروعات ۾
بيت هئو:
سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان
(شاهه)
وڌيڪ خط ۾ ڇا لکيل هو، هن کي ڪا خبر نه رهي. محبت جو سمنڊ هو،
جنهن ۾ ٻڏندي ۽ ترندي رهي. آخر ۾ نالي تي هوش
آيس.... زلفي..... پاڻ جيان نالو به سهڻو هئس ۽
آواز به پر پوءِ ٻئي ڏينهن ڪار جي اونداهي ۾ هن کي
ڪجهه به نظر نه آيو. ايتري همٿ به نه هئس، جو ٿورو
پڙدو سرڪائي ڏسي. هن محبت جي سمنڊ ۾ وڃڻ نه پئي
چاهيو، پر قسمت ڌوڪو ڏئي وڌس.....ڪيترا ڏينهن گذري
ويا هئا، پر هيءَ زلفي کي نه ڏسي سگهي هئي. پر
پوءِ به جيڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ رهندي هئي. يا رات جو
زلفيءَ جي ياد،سڀ زماني جا ڪچا پڪا بند سنڌو جيان
ڀڃي هن جي من ۾ اٿلي پوندي هئي، ۽ هن جي تن بدن کي
لوڙهي، زلفي جي قريب ڪري ڇڏيندي هئي ۽ زبيده
پنهنجو پورو جوڀن جواني زلفي کي ارپي ڇڏيندي
هئي.....
ڪار ۾ چڙهڻ سان من ۾ آنڌ مانڌ هوندي هيس. هڪ دفعو بس هڪ
دفعو..... پر...... نه... ڪيڏي تڪليف سان پيءُ
ڀاءُ مطلب پورو خاندان راضي ٿيو زبيده کي تعليم
ڏيارڻ ۾ پر اصلي هٿ هن جي ماءُ جو هو، جنهن نه پئي
چاهيو ته زبيده به هن وانگر جاهل رهي. وڏي مشڪل ۽
ڪشمڪش کانپوءِ، مس زبيده هاءِ اسڪول تائين پهتي ۽
مئٽرڪ به پاس نه ڪئي هئائين..... ڪهڙي خبر ته هن
جي ٿوري غلطي به، هن جي تعليم ۾ رڪاوٽ ٿي ويندي.
علم ۽ محبت جي جنگ ٿيندي رهي، فتح ڪنهن جي به نه
ٿي. ٻئي پنهنجي جاءِ تي اهم هئا..... هڪ ڏينهن
اوچتي جيئن اسڪول کان واپس گهر پهتي ته.... ماڻس
پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويس..... ماءُ جي آواز ۾ ڏک هو،
ڏوراپو هو. زيبي، تنهنجي پيءُ تنهنجي پڙهڻ تي
پابندي وجهي ڇڏي... زبيده جي پيرن جي هيٺان زمين
کسڪي وئي.... زيبو هي تو ڇا ڪيو؟ مان ته تنهنجي
پڙهڻ لاءِ تنهنجي پيءُ سان ڪيترو نه ٽڪر کاڌو! نه
ته اڄ تائين ته مان پنهنجي حق لاءِ به زبان نه
کولي هئي، پر زيبو مان تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري
گذريس.... زبيده وات ڦاڙيو چرين وانگر گهڙي ماءُ
کي پئي تڪيو، ته گهڙي سجايل ڪمري کي. هر شيءَ
قيمتي هئي. نه هئي، ته صرف زبيده....
پوءِ نه ڪڏهين زبيده پڙهڻ لاءِ چيو نه ماڻس. هن کي خبر هئي، ته
پيءُ جو فيصلو آخري آ.... پوءِ هن کي ڪهڙي جرم جي
سزا ملي هئي، ڪٿي بابا کي.... پر نه. ڀلا ٻانهيءَ
چغلي کاڌي. پڪ سان مائي نڪ تي هٿ رکي توبهه ڪرڻ
لڳي. نه سانئڻ مان ته نه ٻڌايو آ. پر ٻڌو اٿم. ته
زلفيءَ جا ماءُ پيءُ آيا هئا ۽ سائين ويچارن جي
چڱي بي عزتي ڪئي..... وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻ يا چوڻ بي
فائدو هو، سڀ ڪجهه زبيده جي سمجهه ۾ اچي ويو.
هڪ ڏينهن دهل وڳا، شرنايون وڳيون، زبيد ڇڄ ڳهن ۽ بيش بها ڪپڙن
۾ هڪ دوزخ کان نڪري، ٻئي ڏانهن رخ ڪيو. زبيده ته
ڪڏهوڪو پاڻ کي ماري ڇڏيو هو، جڏهين هن جي علم واري
خواب کي چڪنا چور ڪيو ويو هو. جڏهين هن کان زلفيءَ
جا خواب خيال کسيا ويا هئا. ڪوبه ارمان نه رهيو
هو، ڪا به تمنا نه رهي هئي، سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو
هو، ڪوڙي عزت ۽ دولت ۾ سڀ وهي ويا هئا، يا دٻجي
ويا، ڪيڏو تيز وهڪرو هو.
زبيده جو جيون ساٿي به جلاد کان گهٽ نه هو، پر زبيده کي ڇا،
هوءَ ته عادي هئي، اهڙن مردن جي، ڀاءُ پيءُ سڀ مرد
هڪجهڙا هوندا آهن، پوءِ جيڪڏهن هن جو مڙس ظالم هو
يا شرابي هو، ته ڇا ٿيو؟ اهو جام ته هن جا پيءُ
ڀاءُ به پيئندا هئا. هن جي نئين وارث پيتو ته ڇا
ٿي پيو. پر ايترين ڳالهين جي پرواهه ڪنهن کي
زبيده پاڻ کي زنده ڪٿي سمجهندي هئي..... جڏهين
هن جو نئون وارث سئو دفعا ڪا ڳالهه ورجائيندو هو،
تڏهين مس وڃي ڪا هن جي مغز ۾ وهندي هئي. يا وري
ڪڏهين ائين ٿيندو هو ته سرد رات جو جڏهين هن جو
وارث، هن ٿڌي سرمان بيزار ٿيندو هو، ته هڪ ئي رات
هن لاءِ قيامت ٿي ويندي هئي. ٻن لتن سان وڃي زمين
کڻندي هئي ۽ پوءِ سڄي رات ائين زمين تي پئي هوندي
هئي. نه ڪپڙو نه ڪجهه، پوءِ به سيءُ نه لڳڻ. صبح
جو مڙس حيران ٿي ويندو هو. عجيب عورت آ، جهڙي
ڏائڻ، جنڙي، ويندي ويندي ٻه ٽي الفاظ چئي ويندو
هئس. پر زبيده تي ڪو اثر نه ٿيندو هو. اهي لفظ ته
هيءُ مائٽن جي گهر به ٻڌندي هئي. فرق صرف ايترو
هو، ته اهي لفظ پڻس، ماءُ کي چوندو هو ۽ هينئر اهي
سڌا هن لاءِ هئا.
زبيده کي جڏهين خبر پئي، ته هن جي وجود مان هڪ ٻيو وجود جنم وٺڻ
وارو آ، ته هيءَ بي اختيار خدا جي در ڪري پئي. يا
رب مون کي ڌيءَ نه ڏجانءِ، هڪ ٻي قيديءَ جو هن قيد
خاني م اضافو نه ڪجانءِ نه ته مان پاڻ پنهنجن هٿن
سان انهيءَ کي ختم ڪري ڇڏينديس. پر جي سچ پچ هن
کي ڌيءَ ڄائي، ته! هن جي سڄي جسم تي سيئاٽو پئجي
ويندو هو ۽ پوءِ جڏهين انهيءَ وجود کي پاڻ کان جدا
ڪيائين، ته ٻن منٽن لاءِ ساهه بيهي رهيس.... ڄاڻ
ٿي دائي ٻڌائيس ، ته توکي..... پر هن کي گهڻو
انتظار ڪرڻو ڪونه پيو. ماءُ جو سدائين غمگين، پر
اڄ نئين مسرت سان ڀريل آواز ٻڌائين. پٽ آ. امڙ زيب
مبارڪ هجنئي.
ٻن سالن کانپوءِ پيءَ گذاري ويس ۽ سگهو ئي هن جو وارث به هڪ
گوليءَ جو نشانو ٿيو.... زبيده کان جڏهين راڄ وارن
ڳهه ڳٺا پئي لاٿا، ته ايتري بار لاهڻ کانپوءِ
زبيده کي ائين لڳو، ڪيترو فضولي بار هو هن تي ۽
اڄ ڪيڏي ته هلڪي آ.
زبيده پنهنجي پٽ کي انسان بنائڻ پئي چاهيو. صحيح معنيٰ ۾ انسان.
جيڪو نه اميريءَ جو ابو هجي، نه غريبي جو غلام. هن
کي ننڍو شهر ڇڏي، وڏو شهر وسائڻو پيو. ڀائرن
هزارين ڌمڪيون ڏنس، مٽن مائٽن طعنا هنيس، پر هن
پنهنجي پٽ کي اهڙن بگهڙن کان ته پري رکڻ پئي
چاهيو.
۽ هينئر پٽ جوان هئس.... پر پٽ جي وارننگ ٻڌي دهلجي وئي. سوالي
بڻجي زلفي وٽ وئي.... زلفي منهنجي پٽ جي زندگيءَ
جو سوال آ.... زلفيءَ منهن ڦيري ڇڏيو..... منهنجي
به ته زندگيءَ جو سوال هو زبيده، پر توکي خبر آ،
ڪيڏي بي عزتي ڪئي هئي تنهنجن مائٽن..... زبيده ڪنڌ
هيٺ جهڪايو، پر انهيءَ ۾ منهنجي ڪهڙي خطا؟....
بس زبيده مان پنهنجي ڌيءَ تنهنجي پٽ کي نٿو ڏئي
سگهان.....
زبيده ناڪام موٽي آئي. دل چيس ايترو ته روئي، جو انهيءَ ۾ سڄي
زبيده ٻڏي وڃي.... ڪيترا نه سنگدل آهن هيءُ انسان،
ڪيڏو جلدي ٿا پنهنجي ماضيءَ کي وساري ڇڏين. توڙي
پاڻ سڄي عمر سڙندا رهن ٿا، پر پوءِ به ٻئي ڪنهن
کي انهيءَ باهه ۾ ڌڪو ڏيڻ کان نٿا مُڙن. پاڻ نه
نامراد رهن، ٻين کي به نااميد ڪندي نه رهن.....
ڪيتري شان سان وئي هئي. ڄاڻ جو هئس، ته هيءُ ڪهڙي
شخص وٽ وڃي رهي آهي. اُهو به ته هن وانگر زخمي
هوندو، پوءِ ٻئي ڪنهن کي زخم ڪيئن ڏيندو، پر ائين
نه هو.....
ممتاز عباسي
وچون ماڻهو
نازيءَ جيب سڄي زندگيءَ ۾ ٽي مرد آيا.
سندس زندگيءَ جو ٽيون مرد نهايت سخت ۽ مطلبي هو. هُو کيس روح
تائين رتو ڇاڻ ڪري هليو ويو. نازي کلي ته ڳالهائي
سڀ سان ڪندي هئي پر ڪنهن کي کيس ڇهڻ جي اجازت نه
هئي.
پهريون مرد وڏي عمر جو ڊرائنگ ماستر هو. اُن سان دل هيس. هو
ڪڏهن به هن جي ڀر ۾ نه ويٺو! سدائين پيرن ۾ ويهندو
هوس! کيس ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهندو هوس. چپ ۽ ماٺ ۾ پيار
۽ نهار ۾..... جڏهن سندس تعريف ڪندو هو ته نازيءَ
کي پاڻ تي وڏائي اچي ويندي هئي. هوءَ تعريف جي نشي
۾ مست هئي ته، تعريف ڪندڙ ٿڪجي پيو.
نازيءَ کي حيرت لڳي ته، ايڏي تعريف ڪندڙ ۽ ايڏو مانُ ڏيندڙ
ماڻهو به ٿڪجي سگهي ٿو. هو پهرين پيار جي پهرين
چوٽ ۾ زخمي ٿي پيئي. ڦٿڪڻ لڳي. سڀ ڪجهه عجيب لڳس
پر پوءِ سڀ ڪجهه وسرندو ويس. |