ڪجهه عرصي کانپوءَ سنڌيا جي جنم ڏينهن تي سرمد کيس”شاهه جو
رسالو“ تحفي ۾ ڏنو هو، تڏهن سنڌيا پهريون ڀيرو
ڏينهن رات هڪ ڪري شاهه جي رسالي جو تفصيلي مطالعو
ڪيو هو جنهن بيت يا فلسفي بابت کيس مونجهارو محسوس
ٿيندو هو، ته سرمد کيس ان بابت سٺي طرح سمجهاڻي
ڏيندو هو. پوءِ ته ڄڻ ٻنهي کي شاهه سائينءَ جي
شاعريءَ جي فلسفي جو نئون موضوع هٿ اچي ويو هو.
ٻنهي جو زوردار بحث هوندو هو ۽ اسد جا وري مٿي تي
هٿ!
هڪ دفعو ائي ئي ٿيو هو، جڏهن سنڌيا، سرمد اسد گڏ ويٺل هئا. ۽
وري سنڌيا ۽ سرمد ۾ بحث ڇڙي پيو هو. شروعات ”تصوف“
کان ٿي هئي. ڳالهه ”حقيقي عشق“ کان ٿيندي مجازي
عشق“ تائين پهتي هئي. سنڌيا ۽ سرمد وڏي زور سان
ڳالهائي رهيا هئا ۽ اسد کين خاموشيءَ سان ڏسي ۽
ٻڌي رهيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو به وچ وچ ۾ جواب ڏئي
رهيو هو. بحث جڏهن عروج تي پهتو تڏهن سرمد چيو هو:
شاهه سائينءَ جي عشق جي فلسفي موجب سچي محبت اها آهي، جنهن ۾
طلب ناهي. ڇو جو مطلوب جي ملي وڃڻ سان طالب جو سفر
اتي ئي اچي پورو ٿي ٿو وڃي. جڏهن ته عشق ۾ جمود
اچڻ ئي نه گهرجي: انڪري طالب کي هميشه طالب ئي رهڻ
گهرجي ٻي ڳالهه ته اهو به ضروري ناهي ته طالب هر
وقت پنهنجي عشق جو اظهار به ڪندو رهي....... نه ئي
اهو ضروري آهي، ته هو ماڻهن ۾ان جو چرچو ڪندو رهي
محبت ته هوئين به لفظن ۾ اظهار جي محتاج نه هوندي
آهي. عشق هڪ راز آهي جنهن ۾ تڙپ ته آهي، پر تڙپڻ
جي باوجود ان جو راز ڪنهن کي به نه ڏجي اها الڳ
ڳالهه آهي، ته جنهن کي چاهجي ٿو، اهو ڪو گهڻي دير
ان ڳالهه کان بيخبر رهي نٿو سگهي. جيڪڏهن زبان
خاموش آهي ته به اکيون پرينءَ تائين پيغام رسائين
ٿيون. شاهه سائينءَ جو اهو فلسفو هن بيت مان ظاهر
ٿئي ٿو:
سڪ سڪائي سڪ، سڪ نه آهي سُٿري،
لڪ لڪوٽيءَ لڪ، ته کرن خبر نه ٿئي.
سنڌيا جواب ڏنو: ”پر.......شاهه سائينءَ اڳتي ائين به ته چيو
آهي:
خبر ٿي کرن کي، ته مون کي ڪندا ڪوه؟
صورت سپيريان جي، ڏٺي ڪونهي ڏوههُ
لوري لڳم لوهُ جنهين رت رئاريو.
ڇو جو شاهه صاحب جي خيال موجب، عاشقن کي ڪنهن به ڳالهه جي پراوه
نه هوندي آهي ۽ وري چوي ٿو ته:
کر کاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو
جوش جلايا جي، ماري تن مات ڪيو.
”پر سائين“ سرمد چيو ”شاهه سائينءَ وري هن ڳالهه تي به ته زور
ڏنو آهي ته:
نهائينءَ کان نينهن سک منهنجا سپرين!
سڙي سارو ڏينهن ٻهر ٻاڦ نه نڪري.
ان تي سنڌيا وري چيو: ”پر..... اها ڳالهه به ته ڏاڍي مشڪل
آهي، جو شاهه سائينءَ وري هيءَ ڳالهه به ڪئي آهي:
عاشقُ ڀانئي ائين، ته آئو سِڪَ ڪنهن کي نه سلان،
وچ رهندي ڪيئن؟ وَهَنِ اَکيون، وِرِڄي هنئون.
سرمد ان جي جواب ۾ چيو: ”بهرحال مون وٽ ته عشق جو مفهوم هي آهي
ته:
آئون ڏورينءَ، شالَ مَ لَهَنءَ! تَنَ مَ ملين تون!
لنئون لنئون منجهان مون لوچ تنهنجي نه لهي.
ڇو ته شاهه سائينءَ جو خيال آهي ته:
جيڪي فراقان، سو وِصالان نه ٿئي،
اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.
اسد جيڪو ايتري دير کان ٻنهي جو بحث ٻڌي رهيو هو، تنهن کان هاڻي
برداشت نه ٿي سگهيو. هن هٿ ٻڌي کين چيو: ”خدا جي
واسطي سنڌيا! سرمد!.... يار بند ڪريو هي بحٿ،
منهنجو ته مٿو ئي ڦري ويو آهي. آئون ته چوان ٿو ته
جنهن کي چاهجي، ان کي ضرور حاصل ڪجي، پوءِ ڀلي ته
ڪير به سڙي.
مون کي شاهه صاحب جا تمام گهٽ بيت ياد آهن، پر هي بيت ڏاڍو
مزو ڏيندو اٿم
الا، کَرَ جِيئَن، مَدِي جنين مَنَ ۾،
اَسان ۽ پرين جُون، اُميدُون پَسَنِ،
تهان پوءِ مَرَنِ، سَڙي انهيءَ سُورَ ۾.
سنڌيا ۽ سرمد کلڻ لڳا ۽ ائين اهو بحث ختم ٿيو هو.
ائين ڏينهن گذرندا رهيا. گذرندا رهيا، ۽ وقت اڳتي سرڪندو رهيو،
سنڌيا کي ته يقين هو، ته سرمد کيس چاهي ٿو: پر
سرمد جي ازلي خاموشيءَ کيس منجهائي وڌو هو. ڪڏهن
ڪڏهن وري، کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ته هوءَ دوکي
۾ هئي. سرمد کي سندس ذات سان ڪا دلچسپي ڪانهي،
ائين.... هوءَ يقين ۽ بي يقيني جي ڪيفيت ۾ منجهندي
رهي، هُو به ته عجيب پراسرار شخص هو. سمنڊ جيان
گهرو!
۽ پوءِ جڏهن سندن پڙهائي پوري ٿي، ته سڀ ڪلاس فيلو هڪٻئي کان
موڪلائي، پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽڻ لڳا، تڏهن
سنڌيا جي شديد خواهش ٿيندي هئي، ته موڪلائڻ کان اڳ
هُو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو رويو ته هن تي واضح ڪري. هو
محبت جو اعتراف ڪري. بيشڪ هو کيس پنهنجو نه بنائي،
پر پيار ۽ اعتماد جو احساس ته کيس ڏئي وڃي. ائين
هوءَ تا عمر اهو سوچي مطمئن رهندي، ته هن جنهن کي
چاهيو هو، هُو به سندس لاءِ پيار جو جذبو رکندڙ
هو......
هوءَ چاهيندي هئي، ته سرمد ڪجهه چوي، پر سرمد! سندس لبن تي اهڙو
ڪو اقرار نه هو. جڏهن اسد سنڌيا سان شاديءَ جي
خواهش ظاهر ڪئي، ته هن سرمد کي ان ڳالهه کان آگاهه
ڪيو هو. هن سوچيو هو، ته يقيناً اها ڳالهه ٻڌي
سندس بند زبان جو تالو ٽٽي پوندو. پر اها ڳالهه
ٻڌي به سرمد جو چهرو بي تاثر رهيو ۽ هن چيو هو ته:
”اها ته تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اسد شرارتي ضرور آهي. پر
ذميدار به آهي هُو يقيناً اوهان کي خوش رکندو. ۽
هونئن به هُو توهان کي بيحد پسند ڪندو آهي.
”پر..... اها ڳالهه اوهان ڪئين ٿا چئي سگهو!!؟“ سنڌيا حيران
ٿيندي پڇيو.
”مون کي ڪافي عرصي کان ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي“ سرمد چيو ”هو
منهنجو دوست به آهي آئون کيس چڱي طرح ڄاڻان ٿو.
آئون اوهان کي اڳواٽ ئي نئين زندگيءَ جي شروعات
ڪرڻ تي مبارڪباد ٿو ڏيان ۽ بيشمار دعائون به!“
سنڌيا ان مهل ڇرڪي پئي هئي، ڇو جو سندس ذهن ۾ اوچتو هڪ خيال آيو
هو، ته ڪٿي ائين ته نه هو سرمد پنهنجي چاهت جو
اظهار ان ڪري نه ڪيو هو، جو هوءَ سندس دوست جي
پسند هئي، کيس ياد آيو ته سرمد سان ته سندس تعارف
به اسد ئي ڪرايو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسد تعارف ڪرائڻ
کان اڳ ئي کيس اهو سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هجي، پر
سنڌيا کي يقين هو، سرمد کي اها به ڄاڻ هوندي ته
هوءَ اسد کي سٺي ڇوڪري جي حيثيت سان پسند ڪندي هئي
۽ ڪنهن کي سٺو سمجهڻ ۽ چاهڻ ۾ به ته فرق هوندو
آهي! جيڪڏهن هو محض پنهنجي دوست خاطر قرباني ڏئي
رهيو آهي، ته به اها ڳالهه واضح ته ڪري. هو هن تي
اعتماد ته ڪري. کيس زندگيءَ جي ٻه واٽي تي نه
بيهاري! سنڌيا کي خبر هئي ته سرمد جهڙي گهري
ماڻهوءَ کان سندس اندر جو حال وٺڻ ڏاڍو ڏکيو هو،
نيٺ هوءَ وڃڻ لاءِ اٿي بيٺي، پر موڪلائڻ کان اڳ هڪ
ڀيرو وري هن جي اکين ۾ آس جو ڪرڻو چمڪيو.
سرمد! آئون وڃان پئي. خبر ناهي هاڻي اسان ڪڏهن اهڙي آزاديءَ سان
ملي به سگهون، يا نه! خبر ناهي، هاڻي، ملون به يا
نه! يا وري ملون به، ته ڪنهن ٻيءَ حيثيت سان. هي
ڪجهه لمحا هاڻي اسان جي مُٺ ۾ آهن. متان انهن کي
ضائع ڪري، سڄي عمر پڇتايون. جيڪڏهن ڪا ڳالهه، ڪو
پيغام پهچائڻ چاهيو ٿا، ته چئي وٺو.“
سرمد جو چهرو اوچتو ئي اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو. هن سنڌيا ڏانهن ڏٺو
سندس نگاهن ۾ اٿاهه پيار جو ساگر هو. سنڌيا کيس
ڏسندي رهي. سندس ڪن صرف ڪجهه لفظ ٻڌڻ جا منتظر
رهيا. هن پهريون ڀيرو سرمد کي ايڏو جذباتي ٿيندي
ڏٺو هو. سنڌيا سوچيو هو ته محبت جي مهراڻ مٿان
ڪيترا ڊيم اڏيا؟ نيٺ ته پيار جون ڇوليون سمورا ڊيم
ٽوڙي اجهو ڪي ٻاهر نڪتيون ۽ پياسين سماعتن کي
سيراب ڪنديون، پر اوچتو سرمد پنهنجي هٿن جي مُٺين
کي زور سان ڀڪوڙيو هو ۽ پوءِ هميشه وانگر سرمد جو
چهرو هر قسم جي تاثرن کان عاري ٿي ويو ۽ سندس
اکين ۾ اجنبيت هئي ۽ پوءِ هن چيو هو ته:
”نه سنڌيا!..... مون کي ڪجهه به چوڻو ناهي.“
۽ پوءِ سنڌيا کي يقين ٿي ويو هو، ته هوءَ پاڻ ڪنهن غلط فهميءَ ۾
هئي، جيڪو ڪجهه هن محسوس ڪيو هو، اهو محض سندس
وهم هو. ٻيو ڪجهه به نه! ڇو جو جيڪو انسان ڪنهن کي
چاهي، سو پنهنجي پرين کي اظهار جي هڪ جملي جي
سوغات به نه ڏي، اهو ممڪن ئي نه هو!
۽ پوءِ سنڌيا ۽ اسد جي شادي ٿي وئي. اسد سنڌيا کي بيحد چاهيندو
هو. سندس ننڍي ننڍي تڪليف تي پريشان ٿي ويندو هو،
سنڌيا به شاديءَ کانپوءِ بلڪل، گهرو ڇوڪري ٿي وئي
هئي.... سندس زندگيءَ جو محور هاڻي فقط سندس گهر
هو ۽ هوءَ سرمد کي ڪوسپنو سمجهي، وسارڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳي. ڪيترائي سال لنگهي ويا، سنڌيا ٻن پيارن
ٻارڙن جي ماءُ بڻجي چڪي هئي، هاڻي هوءَ فقط پيار
ڪندڙ ماءُ ۽ زال هئي. سندس ڪل ڪائنات ئي اسد ۽ ٻار
هئا ۽ شايد هوءَ سرمد کي وساري چڪي هئي، هاڻي ته
هو تمام مشهور شاعر ٿي چڪو هو. اڪثر هوءَ رسالن ۾
سندس متعلق خبرون ۽ سندس تخليقون پڙهندي هئي.
۽ پوءِ ڪيتري ئي وقت کان پوءِ سرمد ٻه ڏينهن اڳي سندس شهر ۾ آيو
هو. سندس شاعريءَ جي مجموعي جي مهورت هئي. سنڌيا ۽
اسد کي به ان تقريب جو ڪارڊ مليو هو، پر اسد آفيس
جي ڪم سان شهر کان ٻاهر ويل هو ۽ سنڌيا کي گهر ۽
ٻارن جي ذميداريءَ کان فرصت نه ملي سگهي، جو هوءَ
وڃي ها ۽ پوءِ ڪالهه شام ئي سرمد سندس گهر آيو هو.
ايترن سالن بعد هوءَ کيس اوچتو سامهون ڏسي حيران
ٿي وئي هئي ۽ سندس دل ڄڻ قابوءَ ۾ نه هئي. کيس
ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته هوءَ ڇا ڳالهائي ۽
ڪيئن ڳالهائي ۽ سرمد!.... صوفي تي سندس ٻنهي ٻارن
جي وچ ۾ ويٺل هو. هو هنن کي ڪيڏو پيار ڪري رهيو هو
۽ ڳالهائي رهيو هو. هن ايڏو جلدي ٻنهي سان دوستي
به ڪري ورتي هئي. پوءِ سنڌيا کي ڏسي، هو احترام
مان اُٿي بيٺو هو. ڪيترو وقت گذريو..... لمحا هئا
يا صديون هيون...... سنڌيا کي ڪجهه خبر نه پئي.
پوءِ سرمد مخاطب ڪري ڄڻ سوچن جي دنيا مان ڪڍي ورتو
هو.
”سنڌيا ! توهان خوش ته آهيو نه؟“
”ها!....“ سنڌيا خبر ناهي ڪيئن جواب ڏنو. ”آئون بلڪل خوش
آهيان!.....“ اسد واقعي منهنجو بهترين جيون ساٿي
ثابت ٿيو آهي.“
”اسد آهي ڪٿي؟؟“ سرمد پڇيو.
”هو آفيس جي ڪم سان اسلام آباد ويل آهي.“ سنڌيا جواب ڏنو. هوءَ
هاڻي ڪافي حد تائين پاڻ تي قابو پائي چڪي هئي.
”اهه!....“ سرمد چيو ”چڱو پوءِ آئون هلان ٿو. ايڏن سالن بعد آيس
اوهان جي گهر، پر اسد سان ملاقات ٿي نه سگهي. اچي
ته کيس ٻڌائي ڇڏجو ۽ ها! هي منهنجي تازي ڇپيل ڪتاب
جي ڪاپي آهي، توهان جي ۽ اسد جي لاءِ“
سنڌيا کانئس ڪتاب ورتو، خوبصورت ٽائيٽل واري ڪتاب جو عنوان هو
”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان.“ سنڌيا ڪتاب کوليو
پهرين صفحي تي ارپنا هئي:
”منهنجي پهرين ۽ آخري محبت جي نان“
جنهن کي مون وڃائي، پوءِ ماڻيو.“
سنڌيا اهو پڙهڻ کانپوءِ سرمد ڏانهن نهاريو هو. هُو کيس ئي ڏسي
رهيو هو ۽ پوءِ چيو هئائين:
”سنڌُو! مون توکي وڃايو ته ناهي. تون ته اڄ به منهنجي روح اندر
موجود آهين ۽ يقين ڪر، مون کي اڄ به پنهنجي فيصلي
تي ڪو پڇتاءُ ناهي، ڇو ته اڃا به منهنجو هن بيت ۾
ويساهه آهي.
”ڳولهيان ڳولهان مَ لهان، شالَ مَ مِلان هوتَ،
من اندر جا لوچَ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.“
هُو هليو ويو هو ۽ سنڌيا ته کيس روڪي به نه سگهي. هوءَ ته ڪجهه
به نه چئي سگهي هئي. ڪالهه سرمد کيس پهريون ڀيرو
”سنڌيا“ نه پر ”سنڌو“ چيو هو ۽ ”توهان“ بدران
”تون“ ڪري مخاطب ڪيو هو. سنڌيا ڪيترا سال اڳ اهو
اقرار ٻڌڻ چاهيو هو ۽ ڪالهه جڏهن اهو وقت آيو هو
ته هوءَ ٻڌي، ڄڻ گم سم ٿي وئي هئي. ڪيڏيون شڪايتون
هيون، ڪيڏا شڪوه هئا، کيس سرمد کان!! جيڪي ڪيترن
سالن کان هوءَ من ۾ سانڍيندي آئي هئي، پر ڪالهه
هوءَ ڪجهه به ته نه چئي سگهي هئي. کيس ڏک رڳو ان
ڳالهه جو هو، ته سرمد ايڏا سال اڳ اهو اقرار ڇو نه
ڪيو هو، جڏهن هن اهو ٻڌڻ چاهيو هو ۽ هاڻي جڏهن
هوءَ پنهنجي گهر جي ننڍڙي جنت ۾ پرسڪون زندگي
گذاري رهي هئي، ته سرمد هڪ ڀيرو سندس سڪون کسي
ورتو هو. هن ته سمجهيو هو ته هوءَ سرمد کي وساري
چڪي هئي، پر اها سندس ڀُل هئي، هو ته اڄ به سندس
روح اندر موجود هو. سنڌيا ته پنهنجي محبت جي سفر
جي پڄاڻي ڪري ويٺي هئي، پر ان سفر جي ته شروعات ئي
در حقيقت هاڻي کان ٿي رهي هئي.
رضيه کوکر
پيئي ٿئي پامال
پلر پنهنجن ئي پورن ۾ واٽ وٺيو ٿي ويو ته اڳيان ماڻهن جو ميڙ
ڏسي، کڻي ڪار روڪيائين، دل ۾ آيس ته لهي ڏسان، ته
ڇا جو گوڙ آهي؟ انهيءَ کان اڳ ۾ ئي مختلف ماڻهن جا
آواز سندس ڪن پيا، جيڪي هڪٻئي کي چئي رهيا هئا، ته
اڄڪلهه ماڻهن کي چار پيسا ڇا هٿ اچي ويا آهن ته هو
انهن کي ائين اڏائڻ لڳي ويا آهن، جو ڇوڪرن سان گڏ
ڇوڪرين کي به ڪارون ٿا وٺي ڏين، ته وڃي رلو پنو،
پوءِ ڪڏهن اهي ڪنهن غريب مسڪين کي ٿيون ماري وجهن
۽ ڪڏهن وري پنهنجو حشر اهڙو ٿيون ڪرائين، جو ڪوئي
سندن لاش سڃاڻڻ وارو به ڪونه ٿو لڀين.
اهي ڳالهيون ٻڌندو. پلر جيئن ئي ٻاهر لٿو ۽ ماڻهن جي ميڙ کي
چيريندو اڳتي وڌيو، ته ڏسان ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟
تيئن ئي نظر هڪ ڳاڙهي رنگ جي جاپانيءَ وڏيءَ ڪار
تي وڃي پيس، جنهن کي ڪجهه دير اڳ ۾ شايد شديد باهه
لڳي هئي. جنهن مان اڃا تائين دونهون اٿي رهيو هو.
وري جڏهن سندس نظر پليٽ تي پيئي ته اتي اکيون ائين
اٽڪي پيس، ڄڻ ڪنهن ايرلڊائيٽ سان ڳنڍي ڇڏيون
هجنس.
اتي ڪيئي ماڻهو ايندا رهيا ۽ ويندا رهيا، پر پلرکي ڪنهن ڳالهه
جو به هوش نه رهيو، هن جو ذهن ته الائي ڪهڙين
ڳالهين کي ياد ڪرڻ لڳي ويو هو. هن کي ڪابه سڌ ڪانه
رهي. هن جي ذهن ۾ هر هر اهو خيال اچي رهيو هو، ته
ڇا مارئي اهڙي رول ۽ آواه هئي، جو رلندي پنندي
جڏهن مئي، ته ڪو لاش سڃاڻڻ وارو به ڪونه هيس، يا
ڇا رئيس هيبت خان ئي وري ڪو اهڙو پوڍائو ماڻهو هو،
جو سڄي حياتي ٽڪن ڪاڻ سڪيو ۽ آخر جڏهن چار ڏوڪڙ هٿ
ڪيائين، ته انهن کي ائين اڏائڻ لڳو ۽ مارئي به
هاڻي ڪنهن سرڪاري خيراتي اسپتال جي مڙده خاني ۾
وڃي پوندي. پوءِ ڪجهه عرصي گذرڻ بعد هن جي لاش کي
لاوارث قرار ڏيئي خاموشيءَ سان سڙيل رک کي مٽيءَ ۾
ملائي ڇڏيو ويندو.
پر هن جي دل جي آواز هن جي دماغ جي آواز کي دٻائي ڇڏيو. هن جي
دل ۾ اهو خيال آيو، ته جيڪر رڙيون ڪري ڪري زماني
کي ٻڌايان ته مارئي لاواث نه آهي، مان ان جو وارث
آهيان. مارئي هرگز آواه ڇوڪري ڪونهي، هن ڪڏهن
ڪنهن جانور کي به ڏک يا تڪليف ڪونه پهچائي
هوندي ته انسان کي ڇا ڏکويو هوندائين. مارئي نٿي
مري سگهي، مارئيءَ کي ڪوبه ماري نٿو سگهي. مارئي
امر آهي، امر آهي.....
”مارئي!“ ها مارئي. شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته ”ماڻهو سڀ نه
سهڻا، پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه،
اچي بوءِ بهار جي“ مارئيءَ جو شمار به انهن ئي
ماڻهن ۾ هو جن جي خيالن ۾، جن جي ڳالهين ۾، جن جي
سوچ ۾، جن جي صورت ۾، جن جي قربت، ۾ ۽ جن جي صحبت
۽ بهار جي بوءِ رچيل هوندي آهي. مارئي ته انهن مان
هئي، جي موتين مثل هوندا آهن.
مارئيءَ جو ته شايد مطلب ئي مٽيءَ سان محبت ۽ مٽيءَ جي رشتي ۾
جڪڙيلن سان محبت آهي. قديم مارئي ته جهڙو تهڙو
مڙئي پنهنجو وقت گذاري ويئي، پر جيڪڏهن باهه جي
شعلن ۾ سڙي ته امر ٿي ويئي. ظلم ته زماني هن تي به
ڪيا هئا، سنسار هن تي به زندگيءَ جو عرصو مختصر
ڪري ڇڏيو هو، پر جڏهن مئي، ته انهيءَ سنسار هن جا
ڳڻ ڳائڻ شروع ڪيا. اسان جي معاشري جي اها سڀ کان
وڏي ٽريجڊي آهي، جو اسان، انسان جو قدر انهن جي
مرڻ کانپوءِ ڪندا آهيون زندگيءَ ۾ ته هن تي هر جبر
ڪندا آهيون پر مرڻ بعد کين پير ڪري پوڄيندا آهيون.
ان جو مثال قديم مارئيءَ جي روپ ۾ اڳي ئي اسان جي
آڏو آهي.
نالو ته هن جو به مارئي هو: هن کي به مٽيءَ سان بيحد گهڻي حب
هئي، پر هيءَ ملير جي ڪنهن ڪکائين پکي ۾ نه، پر
ڊفينس جي ڊبل اسٽوري بنگلي ۾ رهندي هئي. جڏهن ڄائي
هئي ته مائٽن مٿس نالو ”مهر“ رکيو هو. ڇهن پٽن
کانپوءِ پهرين ڌيءَ ڄائي هين، سو سڄي گهر کي ڏاڍي
پيئي وڻندي هئي. پيءُ ماءُ جي ته اصل اکين جو ٺارَ
۽ قلب جو قرار هئي. ڀائرن کي به ڀيڻ جو تمام گهڻو
ارمان هوندو هو، سو خدا کڻي ٻڌي هين ۽ ههڙي ڀاڳن
ڀري ڀيڻ ڏنائين.
مهر ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍي تيز ۽ ضدي هوندي هئي، هوءَ هر وقت
پنهنجي ڀائرن سان پيئي کيڏندي هئي. ڪڏهن وڙهندي
هئي، ڪڏهن رسندي هئي، ته ڪڏهن پرچندي هئي. پر جڏهن
ڪجهه سمجهه سان ٿي، ته هن تي مختلف قسم جون
پابنديون لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. مثال طور هاڻي
ماڻس هن کي هر وقت اهو چوڻ شروع ڪيو، ته امڙ تون
هاڻي وڏي ٿي ويئي آهين سو هيئن نه ڪر، هونئن نه
ڪر، وڏي آواز سان نه ڳالهاءِ ادن ۽ ابي جي اڳيان
وڃين، ته پوتي پائي ويندي ڪر. هوءَ اڳ ۾ ڀائرن سان
گڏ ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ فٽبال وغيره کيڏندي هئي، سو انهن
به هاڻي هن کي پاڻ سان کيڏائڻ کان پڻ انڪار ڪرڻ
شروع ڪيو هو. سو ان ڪچيءَ عمر ۾ جڏهن هن جي گهر
وارن هن سان پنهنجو رويو بدلايو، ته هن جو ننڍڙو
ذهن اهو سوچڻ لڳو، ته آخر ڳالهه ڇا آهي. جو ڀائرن
کي ته جيڪو ٿو وڻي اهي تيئن ٿا ڪن، بابا به هر
ڳالهه ۾ پنهنجي مرضي ٿو هلائي ۽ امان به خود
اختيار واري آهي، پر هڪڙي مان آهيان، جو جنهن کي
سڄو ڏينهن اهي ئي ٻول ٿا ٻڌايا وڃن، ته هاڻي تون
وڏي ٿي وئي آهين، تنهنڪري تنهنجي آزادي ختم ٿي
ويئي. اهڙيءَ ريت آهستي آهستي هن جي دل ۾ پنهنجي
گهر وارن لاءِ جيڪي مٺ محبت جا جذبا هئا، سي ختم
ٿي ويا ۽ هوءَ هيڪاري وڌيڪ ضدي ٿيندي وئي.
هاڻي مارئي يا مهر ٻار ڪونه هئي. هاڻي هوءَ بي. اي پڙهندي هئي،
پر پڙهائيءَ ۾ ايتري هوشيار ڪونه هئي. جڏهن مئٽرڪ
پاس ڪئي، هئائين، ته ان وقت دل ۾ اها خواهش هوندي
هيس ته انٽر پاس ڪري، پوليس ۾ نوڪري ڪنديس. هن کي
پوليس وارين جي وردي ۽ بيج ڏاڍا وڻندا هئا. پر
جڏهن هن انٽر پاس ڪئي ۽ پنهنجي خواهش جو اظهار گهر
وارن سان ڪيائين، ته انهن هن کي بلڪل اجازت ڪانه
ڏني ۽ سمجهائيندي هن کي چيائون، ته بابا چڱيون
ڇوڪريون پوليس ۾ نوڪري ڪونه ڪنديون آهن، هن پنهنجي
پيءُ کي چيو، ته بابا چاچو وڏو به ته پوليس
ڊپارٽمينٽ ۾ آهي. هن ورندي ڏنس ته امان اهو مڙس
ماڻهو آهي نه. اهڙي قسم جون ٻيون ڪيتريون ئي
ڳاليهون چئي، هن کي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين. ان وقت ته
هن پنهنجو اهو فيصلو بدلائي ڇڏيو هو، پر بي. اي ۾
داخلا وٺڻ مهل هن خاص طور تي اڪنامڪس جو سبجيڪيٽ
ان ڪري کنيو هو، ته هاڻي مان ڏاڏيءَ محنت سان
پڙهنديس ۽ پوءِبي -اي ڪري ڪنهن بئنڪ ۾ نوڪري ڪنديس
. |