اها ڳالهه ڪندي، سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو. مون سندس ماءُ ڏانهن
منهن ڪري چيو ته، ”ماسي تو ڏسي وائسي نياڻيءَ تي
اهو ظلم ڪيئن ڪيو؟“ سَڌُن جهڙي ڌيءَ کڻي باهه ۾
اڇلائي اٿئي، اهڙي شاديءَ کان ته چڱو هو ته
نڙيءَ تي ننهن ڏئي ماري ڇڏينس ها.“ ماسيءَ چيو
”امان منهنجو ڪهڙو ڏوهه! اسان زالون مردن جي
اڳيان وات مان اکر به ڪونه ڪڍون، جي کڻي ڪجهه ڪڇون
به، ته مرد کنيو ڪهاڙيءَ ۾ هٿ وجهن، چي رنن جو
دماغ اچي خراب ٿيو آهي. هاڻي پنهنجي سمجهه تي
ڪنديون سڱاوتيون ۽ اسين مرد ڏاڙهي ڪوڙائي، رنن جي
هٿ ۾ ڏيون.“
امان! تنهن هوندي به مون پنهنجي پر ۾ گهڻو منهن مٿو پٽيو، پر
وريو ڪي به ڪين، پڻس ضد ٻڌي بيٺو، ته هو مونکي ٻن
پٽن لاءِ ڌيون پيا ڏين ۽ ڌاريا ڪونهن.
ڇوڪرو آهي اَڀرو سڀرو، پر پنهنجو اٿم. بس پوءِ ته روڄن پٽڪن
سان ڌيءَ پرڻائي ڏنم. ٻن ڀائرن جي بدي ۾ آهي. سال
کن ٿيو آهي، جو مون وٽ ويٺي آهي ۽ لکيو پئي لوڙي.
ڪجهه دير رکي ٻئي ڄڻيون هليون ويون، پر مون کي ڄڻ
ولوڙي ويون. ڪيتري دير تائين آئون سُرهي جي لکئي
تي سوچيندي رهيس، ته هڪ ته سندس عمر سورنهن سترهن
سال، ٻيو سندس سونهن، ٽيون سندس جواني، ڪنهن کان
جهلي به نه جهلجي. عورت ويچاري ڪيتري نه بيوس ۽
مجبور آهي. جنهن کي وڻي سو وجهيو ڪنڌ ۾ رسو کنيو
ٻڪري وانگر اٿيو ڪاهي ۽ هوءَ به پٺيان اٿيو هلي ۽
ويندي ٻيٻراٽ به ڪونه ڪري. مون سوچيو ته سُرهيءَ
جهڙيون بدي جي بڇڙي ۽ مڪروهه واپار تي پنهنجا جذبا
۽ امنگون ڪيئن نه مائٽن جي واپاري روش تي گهٽيو ۽
ٻوساٽيو ڇڏين. پر ههڙا هاڃا عورت ذات سان ڪيستائين
ٿيندا رهندا؟
مَحرُومَ ئِي مَرِي وئا، ماهِرَ ٿي نه مُئا،
چڙِيءَ جئن چُهُنج هَڻِي لڏيائون لُئا
حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِين واديءَ وِچَ ۾.
شاهه
نظير پتافي
مان ڪڏهن مَٽبُس
تون سائنس فيڪلٽي اڳيان لان تي اڪيلي ويٺي هئينءَ“ نئين
اُڀرندڙ سج جيان چمڪي رهي هئينءَ. تڏهن توکي ڏسي
هرڪي پيو هوس. توکي پنهنجو ڪرڻ لاءِ دل چاهيو هو،
پر تون ته شايد اڳيئي ڪنهن سان ڪمپرومائيز ڪري چڪي
هئينءَ ۽ ڪنهن کي اڳ ۾ ئي زندگي جو نذرانو پيش ڪري
چُڪي هئين. تڏهن ئي تون مون کي صرف ”نو“
No
جي آٽوگراف سان نوازيو هو. اڄ به ان ڏينهن وانگيان
اڪيلي هُئينءَ. تو سگريٽ جو ڪش هڻندي پڇيو، ڪيئن
آهين؟ ان وقت مان تنهنجي سوال جو جواب ڏئي نه
سگهيو هيس. شايد توکان ڊنو هيس ۽ وحشت ورائي وئي
هئي. تو وري پڇيو هو ته ڪيئن آهين؟ مون پنهنجا
مڙئي حواس گڏ ڪري، منجهندي جواب ڏنو ته، بس ٺيڪ
آهيان. مان ان وقت تنهنجي اُداس چهري تي، سالن کان
وڃايل مسڪراهٽ ڳولي رهيو هوس، ڪنهن وڃايل ميراث
جيان. اڄ تنهن جو تصوراتي طلسمي محل ٽڪرا ٽڪرا ٿيل
ڀانئيو هيم. توکان سگريٽ واپرائڻ جو سبب پڇيو هيم،
تڏهن تو ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته، ڪنهن جي ياد کي
ڊنگهر ڏيڻ (وسارڻ لاءِ) خاطر سگريٽ جو سهارو وٺندي
آهيان ۽ پل کن لاءِ اداسي کي پلي وجهندي آهيان.
توکي يونيورسٽيءَ ۾ اهو ٽيون سال هيو، پر توکي ڪڏهن به اداس نه
ڏٺو هيم. اڄ تنهنجون سڀئي خوشيون توکان ڏور، لهندڙ
سج جيان لڳي رهيون هيون. جڏهن پهريون دفعو توکان
”نو“
“No”
جو لفظ ٻڌو هُيم، تڏهن ٽڪڙا ٽڪرا ٿي پيو هيس.
توکان ناڪام ٿيڻ کانپوءِ منهنجي به اها ساڳي ڪيفيت
هئي، جيڪا اڄ تنهنجي آهي. شايد تنهنجو ناڪامي
کانپوءِ، لهندڙ اهو پهريون سج آهي. اڄ تون پنهنجو
پاڻ کان شڪست کائي چڪي هئينءَ. تنهنجو ساٿي توکي
ڇڏي چڪو هو. جنهن ڪري تو مون کي ٺڪرايو هو. صرف ان
ڪري جو مان تنهنجي ڪلاس جو نه هيس. ان ڪري، تو
منهنجي آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو هو. اڄ تون به ساڳيو
”نو“
No
جو شڪار ٿي آهين. ان ڪري اڄ تنهنجي منهنجي ڪيفيت
ساڳي آهي. اڄ تون موئن جي دڙي جيان ڦٽل لڳي رهي
آهين.
تو چيو هو ته عرفان، اڄ اها سميع لنڊ جي وائي ته ٻُڌاءِ جيڪا تو
اسٽيٽسٽڪس
Statistics
جي نون آيل شاگردن جي مان ۾ڏنل آجياڻي ۾ چئي
هُئي. ”تنهنجي ياد جي وري آ وير“ مون وائي
جهونگارڻ شروع ڪئي ۽ تون بي جان بت جيان ٺپ ٿي
وئينءَ. ڪجهه وقت کانپوءِ ٿڌو ساهه ڀري چيو هُيئي
ته ، عرفان تو ڪڏهن لغڙ ڏٺو آهي، جنهن جي ڏور
اڏارڻ واري جي هٿ مان ٽٽي پوندي آهي، تڏهن
گهوماٽيون کائيندو ڪنهن اجنبي منزل ڏانهن.....
تو پنهنجي ئي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو هو چڱو هاڻي آخري سوال. تو
ڪڏهن ڪنهن کي چاهيو آهي؟ تڏهن تنهن جي سوال تي
منجهي پيو هوس. سوچيو هيم توکي ٻڌائي ڇڏيان ته،
توکي ئي چاهيو هيم. تون ئي اها اپسرا آهين، جنهن
کي اندر جي اوناهين ۾ سانڍڻ چاهيو هيم، پر چئي نه
سگهيو هيس. ڇو ته شڪست خورده ماڻهو جنگ هارائڻ
کانپوءِ ڪڇڻ جي قابل نه رهندا آهن. مان به توکان
محبت جي جنگ ۾ مات کائي چڪو هوس؛ تڏهن توکي چيو
هيم ته نه، مون ڪنهن کي به نه چاهيو آهي. تڏهن تو
منهنجي سفيد ڪوڙ تي ٽهڪ ڏنو هو. ٻي ڏينهن جڏهن
ڪامن روم جي گيٽ تي مليا هلياسين. تڏهن توسان
ڪوشش جي باوجود به ڳالهائي نه سگهيو هيس. لفظ
نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هيم. مان به تو وانگر بي سهارا
هوس، تڏهن تو آٿت ڏيندي پنهنجي ڪرڻ جو وچن ڪيو هو.
تڏهن سج کي زمين تي ڪرندي ڏٺو هيم. زمين آسمان
ملندي نطر آيا هيم . بي يقيني ۽ ٻڏتر ۾ هيس، توتان
ويساهه کڄي ويو هيم. تنهنجي جملي کي پاڻي تي ليڪو
ڀانئيو هيم ۽ مون توکي چيو هو ته، مان سوچيندس .
تڏهن تو چيو هو ته، عرفان پيار جو سودو سوچن سان
نه ٺهندو آهي. ڇا، تون مون کان اڃا انتقام ٿو
وٺين؟ تڏهن مننجي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي وئي هئي ۽
ماضيءَ جا عڪس اڳيان اچي ويا هيا. تڏهن تو چيو هو
ته، عرفي نفرت جڏهن محبت ۾ بدلبي آهي، تڏهن وفا
قدم ڇُهندي آهي. مان ڇرڪ ڀري پاڻ سنڀاليو هو ته،
ڪٿي اهو خواب آهي يا حقيقت... ڇو ته تون هر سال
ائين دوست مٽائيندي آهين، جيئن وڏو ماڻهو گاڏي
مٽائيندو آهي ۽ سوچان پيو ته مان ڪڏهن
مٽبُس....؟!!
وينا شرنگي
تلاش هڪ ڪناري جي
ائين ته زندگيءَ جي هر خوشي مونکي ميسر آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن
تنهائي ۾ مونکي احساس ٿيڻ لڳندو آهي، ته ڄڻ منهنجي
زندگي اڌوري آ، اڻ پوري آ، نامڪمل آ ۽ اهو احساس
منهنجي وجود کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ٿو ڇڏي. ڄڻ
زندگي هڪ اهڙو گلستان آ، جنهن ۾ ڪڏهن بهار پنهنجو
پير نه پاتو هجي. جنهن کان محبت جي ديوتا ڪيوپڊ
منهن موڙيو هجي. زندگي ڄڻ اهڙي ڪنوار هجي، جا
سهاڳڻ جي سينگار کان محروم هجي؛ جنهن جي چمن تي وڄ
(بجلي) ڪري هجي، جنهن آشياني کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو
هجي. جنهن خاڪ ٿيل آشياني جي باهه کي وسائڻ مان
ڪو فائدو نه هجي. هڪ طرف اهو احساس، ته ٻئي طرف
منهنجي باغي فطرت منهنجي اُن ڪمزوريءَ تي حاوي
پئجي ٿي وڃي ۽ مان ان اڻ پوري ۽ اڌوري زندگيءَ جي
خيال کي ذهن مان ڪڍي ٿي ڇڏيان. ٽهڪن سان ڀرپور
زندگيءَ ۾ منهنجي تصور ۾ هڪ نهايت پروقار ۽
سنجيده چهرو اڀري ٿو اچي ۽ مان ان ۾ گم ٿي ٿي
وڃان. ان سنجيده چهري ۾ من اندر جهاتي پائي، ڪجهه
تلاش ڪرڻ ٿي چاهيان، پر جيئن جيئن ان چهري تان
نقاب لاهي ڦٽو ڪري، ان جي اصلي چهري تان نقاب
هٽايان ٿي، ته هڪ نئون چهرو نظر اچي ٿو. بلڪل انهن
تهن جيان، جيئن بصر هڪ ٻئي پٺيان تهن سان ڍڪيل
هوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ مون لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ
ڏاڍو مشڪل ٿي ٿو پوي ته اصل روپ ڪهڙو آهي؟ پر مون
کي ڄاڻ آهي. ها! چهري پٺيان چهري جي ۽ من جي....
مٽ مائٽ، ڀائرن ڀينرن جي هئڻ جي باوجود، هو هن دنيا ۾ اڪيلو
آهي. دنيا جي ڀيڙ ڀاڙ ۾ ان پکيءَ وانگر آهي، جيڪو
پنهنجي منزل جي تلاش ۾ اڪيلو ڀٽڪندو آهي. بلڪل ان
هنج پکيءَ وانگر، جيڪو سج لهي سانجهي ٿيڻ تي، ولر
سان پنهنجي آکيري ڏي موٽ ڪندو آهي ۽ واٽ تي ولر
کان وڇڙي، کلئي آڪاش ۾ اڪيلو آکيري جي تلاش ۾ ڀٽڪڻ
لڳندو آهي، جيڪو سج جي اولهه جي گود ۾ سمائڻ تي
اونداهيءَ رات کان گهٻرائجي، پريشان حال ڀٽڪندو
آهي. مان به ان انسان جو ذڪر ڪري رهي آهيان، جيڪو
ولر کان وڇڙي ويل پکيءَ وانگر، ڏينهن جي اُجالي ۾
به گهور انڌيري جي احساس ۾ مبتلا آهي. هيءُ شخص
نديم! الجهيل بي ترتيب وار ۽ پريشان حال، پر
پنهنجي خيال ۾ مست. ان جو اصل روپ ڪهڙو آهي؟ ان جي
ڪنهن کي ڄاڻ نه آهي. نديم پنهنجي چهري تي
سنجيدگيءَ جو نقاب چاڙهي، پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف
نظر ايندو آهي . هو هڪ بهترين پينٽر آهي ۽ ڪهاڻي
نويس پڻ آهي. مون اڪثر هن کي پنهنجي فن جي تڪميل ۾
مصروف ڏٺو آهي. هو عظيم فنڪار آهي، پر افسوس، فن
جي بلنديءَ تائين پهچڻ جي باوجود به گمناميءَ ۽
اونداهيءَ دنيا ۾ قيدي آ. هڪ ڀيري مون هن کي چيو.
”نديم، تون هيڏو وڏو فنڪار آهين، انهيءَ جي باوجود
مقبوليت ۽ پنهنجي انفراديت ڇو ڪين قائم ڪري سگهيو
آهين؟“
”صنا، هيءَ دنيا سودي بازن جي آهي؛ هتي هر شيءَ جي
قيمت لڳائي ويندي آهي. واپاري واڪ ڏيندا آهن ۽ واڪ
تي وڪامڻ وارا، اصولن ۽ ضمير کان منهن موڙي،
چانديءَ جي چند ٽڪرن تي وڪامندا آهن.“
”ڇا! فن به – نديم.“
”ها، صنا. فن به ۽ فن جي تخليق ڪندڙ فنڪار به.“
نه. نديم نه. مان اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان توکي
تنهنجي منزل تائين پهچڻ ۾ ساٿ ڏينديس. توکي
اونداهيءَ ۽ گمنام دنيا مان ٻاهر ڪڍي، اجالي ۾
آڻينديس. تون ڏسندين ته هڪ ڏهاڙي سڀئي تنهنجي فن
جو قدر ڪندا، تنهنجي شخصيت جو قدر ڪندا.!
”صنا، ڇا توکي پاڻ تي ايڏو ڀروسو آهي؟“
”ها نديم – انهيءَ ڪري ته چئي رهي آهيان، ته تون ڪاميابيءَ جي
بلندين تي گامزن هوندين ، منزل خود اڳتي وڌي،
تنهنجي قدم بوسي ڪندي ۽ تنهنجي فن جي هرڪو تعريف
ڪندو. نديم اهو ڏينهن ضرور ايندو ها، ضرور ايندو.“
”صنا، اهڙو خواب نه ڏيکار، جنهن جي تعبير زندگيءَ کي الوداع ڪرڻ
تائين نصيب نه ٿئي.“
”نديم تون نااميد ڇو ٿو ٿين؟ اهو ڏينهن ضرور
ايندو، جڏهن منزل ٻانهون ڦهلائي تنهنجي آجيان
ڪندي. ڪاميابيءَ جو سج باکون ڪڍي، تنهنجي فن جي
روشني چؤطرف ڦهلائيندو.“
اڄ کان ڪئين سال اڳ جي ڳالهه آهي، نديم اڪيلو هو.
اَدي هن کي پاڻ سان گڏ رهڻ لاءِ چيو. هن کي
چيائين، نديم تون پرديسي آهين، اڪيلو آهين، اسان
سان گڏ ٿي ره.. هن ادا جي ڳالهه مڃي ۽ اسان سان گڏ
رهڻ لڳو. ان ڏهاڙي کان وٺي، نديم جي ڪمري جي
نگهبانيءَ جي جوابداري مون تي رهي. بي ترتيبي هن
جي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪي هئي. هن جو زندگيءَ
طرف رخ بي پرواهه هو. هن وانگر هن جي ڪمري جي هر
شيءَ لاپرواهه نظر ايندي هئي. مان هن جي ڪمري کي
هر روز ٺيڪ ٺاڪ ڪريان ۽ ٻئي ڏينهن وري ساڳيو حال،
اهائي بي ترتيبي. ان بي ترتيبيءَ تي غصي بدران لبن
تي مسڪراهٽ اچي ويندي هئي. بس ازخود پنهنجو پاڻ
سان گفتگو ڪرڻ لڳندي هيس.
”انهن فنڪارن کان اگر ڪوئي انهن جي اِها بي
ترتيبي ۽ لاپرواهي ڦري وٺي، ته شايد فن جي تخليق
ئي نه ڪري سگهن.“
بس منهنجو ان تي هن سان بحث. هڪ ڏهاڙي نديم کي
چيم، ”زندگيءَ ۾ سليقو ۽ ترتيب بي حد ضروري آهي،
ترتيب کانسواءِ زندگي اڌوري آهي، اڻ پوري آهي.“
صنا، جڏهن زندگي خود بي ترتيبيءَ جو شڪار بڻجي وڃي، ته ترتيب
کان نفرت ٿيڻ لڳندي آهي ۽ پابندين کان پاڪ زندگيءَ
۾ عجيب لطف اچڻ لڳندو آهي. نديم، تنهنجو جواب
منهنجي سمجهه ۾ ڪونه آيو. ها – ها -.... ها....
ها.... ها....
ان ڏهاڙي نديم ڪٿي ٻاهر نڪري ويو هو. مون سوچيو،
اڄ هن جو ڪمرو صاف ڪري وٺان. اهو ڄاڻندي به، ته
وري سڀاڻي ان جو اهوئي حشر ٿيندو. جو هميشه
صفائيءَ کانپوءِ ٿيو آهي. جيئن ئي ڪمري ۾ داخل
ٿيس ته ڪمرو معمول کان وڌيڪ بي ترتيب نظر آيم. مون
ڪمري جي هر هڪ شيءَ کي سليقي سان رکيو. سندس سوٽ
ڪيس جي اوسي پاسي ڪپڙا ٽڙيل پکڙيل نظر آيا. جيئن
ئي ڪپڙن کي کڻي رکي رهي هئس، ته منهنجي نگاهه هڪ
خوبصورت ڊائريءَ تي پيئي. جيئن ئي ڊائري کنيم، ته
اندران نديم جي تصوير ڪري اچي پٽ پيئي ۽ منهنجي
نگاهه سندس گهرين اکين تي پيئي. ائين لڳو، ڄڻ انهن
سنجيده ۽ گهرين اکين ۾ ڪجهه سمايل آهي. ها زندگيءَ
جو اٿاهه سمنڊ اڇلون ڏيئي رهيو هو. منهنجي دل اُن
اٿاهه سمنڊ جي گهرائيءَ تائين پهچڻ لاءِ تڙڦي اٿي.
ان جي ڄاڻ لاءِ ڊائريءَ جا ورق اٿلائڻ تي دل
آماده ٿي. پر ٻيءَ ساعت خيال آيم، ته ڪنهن جي
ڊائري پڙهڻ اخلاقي گناهه آهي، پر اڄ منهنجو من ان
گناهه ڪرڻ لاءِ بيچين ٿي ويو. مون سندس تصوير
ڊائريءَ جي ڪور ۾ رکندي، پهرين صفحي تي نگاهه
ڦيري. ڪجهه هن طرح اظهار ڪيو ويو هو.
”اگر مٺين يادين جو سهارو
نه هجي ها ته - زندگي
دردو جو ٻرندڙ صحرا هجي ها.“
نديم ٺيڪ ئي ته اظهار ڪيو آهي. زندگيءَ ۾ يادن جي وڏي اهميت
آهي. يادن جو بي بها سرمايو ڪير نٿو کسي سگهي،
جنهن تي صرف اُن جو پنهنجو حق آهي. ها، صرف ان جو.
مون سوچيو، ڏسان ته سندس ٻرندڙ صحرا جهڙي زندگي ۾
ڪهڙيون مٺيون يادون آهن. هڪدم ڊائريءَ جي ٻئي ورق
کي پلٽيم ان تي پنهنجن جذهن جو هن طرح اظهار ڪيو
ويو هو.
”ائين ته تولاءِ جيڪا دل ۾ پيڙا آهي، ان کي پاسيرو
ڪري ڇڏيان، پر ان خيال کي ڇا ڪريان، جيڪو منهنجي
پوري زندگيءَ دؤران تلاش جو سهارو بڻيو رهندو،“
نديم جي جذبن جي باري ۾ ڪجهه محسوس ٿيڻ لڳو.
منهنجي لبن تي مسڪراهٽ اچي وئي ۽ مون لاڳيتو
ڊائريءَ جا پنج ڇهه ورق ورائي ڇڏيا- ۽-
”ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ منهنجو وجود مونکان وڇڙي ويو آهي.
مونکي اهو ڏينهن ياد آهي، جنهن ڏهاڙي منهنجي
زندگيءَ ۾ حادثو پيش آيو. ها، منهنجي زندگيءَ جو
وڏو حادثو. نيلو اَڄ منهنجي اڱڻ ۾ چراغان هوندا،
چوطرف ٽهڪن جي گونج ۽ شادمانا هوندا. اڄ توکي
پنهنجي شاديءَ جي پهرين سالگره جي موقعي تي اهو به
ياد نه هوندو، ته اڄ جيڪي تنهنجي زندگيءَ جا
حسين ترين ڏينهن آهن، اُهي ڪنهن لاءِ عذاب ڏيندڙ
بڻيا آهن. جنهن ڏينهن تو سهاڳ جو جوڙو پاتو، اُن
ڏهاڙي تنهنجو پلاند مسرتن ۽ خوشين سان ڀريل هو، پر
شايد تون اهو ڀلجي وئي هوندينءَ، ته اُن ڏهاڙي
منهنجي زندگيءَ درد ۽ پيڙا جو لباس پهريو، مان
خاموش تماشبين رهيس، مان ڪجهه به نه ڪري سگهيس- ۽
ها، مان ڪري به ڇا پيو سگهان؟ بس، مان اهوئي
چوندس، ته توکي زندگيءَ جون روشنيون مبارڪ ۽ مونکي
اَنڌيرو. جيئن مان ان اونداهيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي
به ڏسي نه سگهان؟“
نديم جي ڊائريءَ جي ان ورق کي پڙهندي، مونکي سمجهڻ ۾ دير نه
لڳي، ته هن جي اداسي، محبت جي ناڪاميءَ جو نتيجو
آهي. جنهن حادثي هن جي چهري تان مسڪراهٽ ڦُري،
سنجيدگيءَ جو نقاب چاڙهيو آهي. نديم جي ڊِائريءَ
جو اهو ورق پڙهي، مونکي وڌيڪ پڙهڻ جي تمنا ٿي ۽
مون چند ورق پلٽي ڇڏيا. هن ڪجهه هن طرح اظهار ڪيو
هو.
”انور جي دوستيءَ ۽ قرب مونکي هن وٽ رهڻ لاءِ
مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن دؤر ۾ به انور جهڙا نيڪ ۽
قربائتا انسان موجود آهن، حيرت جي ڳالهه آهي.“
نديم جون اهي سٽون، منهنجي ڀاءُ انور لاءِ هيون.
مون ڊائريءَ جا ڪجهه ٻيا پنا پڙهڻ چاهيا.
”نه معلوم قسمت منهنجي زندگيءَ سان ڪهڙي کيڏ کيڏي
رهي آهي. جنهن صدمي ۽ يادن کان نجات پائڻ لاءِ هتي
آيس، اُهي يادون، اُهو غم وري تازو ٿي ويو آهي.
زخم ڀرجڻ بدران گهرا ٿي ويا آهن. نيلو مان ڇا
ڪريان، مان توکي ڀلائي نٿو سگهان. تون صنا جي
شڪل ۾ هتي به موجود آهين. صنا جا تکا روش، ڪاريون
گهريون اکيون ۽ ڊگها زلف، تنهنجي ياد تازي ڪن ٿا.
مان صنا کي ڏسي، پريشان ٿي ٿو وڃان، هن کان نظرون
بچائڻ ٿو لڳان. نيلو هيءُ ڇا. تون وري صنا جي روپ
۾ منهنجي قريب اچي وئي آهين. مان يادن جي ڪُن ۾
غوطا کائي رهيو آهيان.“
نديم جي اهڙي اظهار تي منهنجي دل جي دڪ دڪ تيز ٿي
وئي. منهنجي وجود کي ڪنهن پاڇي گهيري ورتو. عجيب
گهٻراهٽ دل جي ڌڙڪن تي قابو پائڻ جي ناڪام ڪوشش
ڪيم. منهنجيون لرزندڙ آڱريون ڊائريءَ جي پنن ۾
اُلجهي ويون. نه چاهيندي به منهنجون نظرون، نديم
جي اُنهن قلم بند ڪيل جذبن تي کُپي ويئون، جنهن ۾
التجا هئي. ها، محبت جي تعاقب کان خوفزده ٿي،
منٿون هيون.
”مون تي رحم ڪر نيلو، اهڙي طرح منهنجو تعاقب نه
ڪر. تون صنا جي شڪل ۾ صبح شام منهنجي قريب اچي،
مونکي ستائي رهي آهين، منهنجو جيئڻ مشڪل ٿي پيو
آهي. منهنجيون خوشيون ته تون پاڻ سان کڻي وئين،ءَ
پر پوءِ تو اُنهن يادن کي مون وٽ ڇو ڇڏيو؟ مان
وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهان، نيلو، مان ماضيءَ کان
نجات پائڻ چاهيان ٿو. صنا منهنجو خيال رکي، منهنجي
بي ترتيب زندگيءَ ۾ ڪيڏي نه ترتيب پيدا ڪئي آهي.
هوءَ منهنجو ڪيترو خيال رکي ٿي. صنا جي اڳيان مان
ڪمزور بڻجندو ٿو وڃان. نه چاهيندي به، مان هن جي
قريب وڃي رهيو آهيان. ڪٿي مان پنهنجو پاڻ
تان....... نه، نه...... مان هاڻي ائين ٿيڻ نه
ڏيندس. |