سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :7

امداد حسيني

ڏاڏي پوڙهي

ڏاڏي پوڙهي

هي جادوئي

کوکو ناهي

ٽي. وي آهي

 

ڏاڏي پوڙهي

هيءَ ڪا

اُڏام کٽولي ناهي

اهو هوائي جهاز آهي

 

ڏاڏي پوڙهي

هيءَ ڪا

جادوئي پيتي ناهي

ريڊيو آهي

محبوب سروري

غزل

برق و شرر کان موليٰ شل آشيان بچائي،
باد خزان کان منهن جو هي گلستان بچائي.
 

ٿئي شل سفر سڻائو موليٰ مدد اي ساٿيو!
الله رهزنن کان هي ڪاروان بچائي.
 

عالم سڄي جا آهيون دل سان اسين دعاگو،
سائين هي سنڌ منهنجي، سنڌي زبان بچائي.
 

اونداهه، رات ڪاري، ڇوليون، ڪُنن جا ڪڙڪا!
شل ڪارساز ڪشتي گرداب مان بچائي.
 

هيءَ ڌوڪيباز دنيا! ٻيو سڀ کسي وئي پر،
ڪافي آ جيڪڏهن مان، ايمان وڃان بچائي.
 

وئي سامراجي سازش سارو جهان وڪوڙي،
الله عاشقن جو هي آستان بچائي!
 

منهن جي ڪهاڻي جا سڀ ساڙيا پنا رقيبن،
مان دل جو دل ۾ آيس، هي داستان بچائي.
 

ڪپ ڪينچيون ۽ ڪاتيون حاسد کڻيو هلن ٿا،
منهن جي سخن جو مالڪ، منهنجي زبان بچائي.
 

هي دلفريب ادائون مسحور ڪُن هوائون،
تنهن هوندي پڻ ٿو آئون، هيءَ دل وتان بچائي!
 

مڪر و فريب جادو، حرص و هَوَس جي دنيا،
محبوب سروري شل، دامن اچان بچائي.
 

نذير ناز

تون ياد اچين ٿو

هن ڌرتيءَ جي سُرهي مٽي،
جڏهن به سڳنڌ پکيڙي ٿي.
جڏهن گلابي رُت اچي ٿي،
جڏهن به ٿڌڙي هير گهلي ٿي،
نم جي لام تي پريم پکيئڙا“
پيار جا نغما ڇيڙن ٿا

 

دل ۾ هلڪو درد اُٿي ٿو،
ان ويل  پرين، تون ياد اچين ٿو.

 

جڏهن به برکا رُت  اچي ٿي.
رم جهم رم جهم بوند وسي ٿي،
ڌرتي کهنبا ويس ڍڪي ٿي،
سُرمئي سُرمئي سانجهه لهي ٿي،
ڪر مروڙي، ڪومل جذبا،
جاڳن ٿا، جاڳائين ٿا.

 

دل ۾ هلڪو درد اُٿي ٿو،
ان ويل پرين، تون ياد اچين ٿو.

جڏهن منهنجون جيڏيون سرتيون،
گيت خوشيءَ جا ڳائن ٿيون،
ڇم ڇم ڇير وڄائڻ ٿيون،
کجڪن ۽ کجڪائين ٿيون،
تڏهين سڏڪي پوندي آهيان،
تڏهن تڙپي پوندي آهيان،

 

دل ۾ هلڪو درد اُٿي ٿو،
ان ويل پرين، تون ياد اچين ٿو.

 

جڏهن اکيون روئي ڏينديون آهن،
۽ سڀ ڪجهه چئي ڏينديون آهن،

من وياڪل، وياڪل ٿيندو آ،
۽ نظر ڪجهه به نه ايندو آ،
مان واريءَ جي ذرڙن وانگيان،
وکري وکري ويندي آهيان،

 

دل ۾ هلڪو درد اُٿي ٿو،
ان ويل پرين، تون ياد اچين ٿو.

 

مير غلام الله خان ٽالپر

غزل

غم ڪدن ۾ قرار ڳولهيون ٿا،
۽ پراون ۾ پيار ڳولهيون ٿا.
 

ڪير سمجهائي دل چري منهنجي“
ڇو خزان ۾ بهار ڳولهيون ٿا.
 

رات جي پَهَر صبُحَ جي لمحي،
توکي دل ۾ اي يار ڳولهيون ٿا.
 

ڇا مقدر ۾ تنهنجو ناهي ملڻ،
هٿ جون ريکائون ڄارِ ڳولهيون ٿا.
 

توکي مون کان مٿي به ڪو آهي،
ها اهو طرحدار ڳولهيون ٿا.
 

ٻوجهه هلڪو ڪرڻ جي لئه يارو،
اڄ وري غم گسار ڳولهيون ٿا.
 

”مير“ هن شهر جي رسم خاطر،
دل لئه سنگ و خار ڳولهيون ٿا.

نزهت بلوچ

آس

من جي خالي پولار منجهه

ڪنهن آس جو پکيئڙو

هميشه جيان هيڏانهن هوڏانهن

ڪنهن خوشيءَ خاطر

جنهن منجهه کلندي کلندي هن جا

سڀئي تاڪ کُلي پون

۽ آس جو پکيئڙو من جي قيد مان نڪري

هميشه لاءِ آزاد ٿي وڃي

پير مختيار علي ”مختيار“

نثري نظم

پر سهڻان اهو ياد،

رکج دل،

هڪ اٿم،

جيڪا ڪنهن جي

يادن اڳ ۾ ئي!

ساڙي وڌي آهي

اي جان عزيز

تو لاءِ به دل ۾

جاءِ آهي

تو لاءِ مون کي پيار آهي

بشرطيڪ!

تو ۾ وفائي

هجي.

ڇو ته، بک اٿم....

ته وفا جي

جيڪا ڀلجي

منهنجي پاسي مان جو

ڪونه گذري

آهي

شايد منهنجو ئي

ڏوهه هجي

توکي قسم آ مون سان ڪيل

رهاڻ جو...

وري ويس ڪارو

ڍڪي تون نه اچجان.

عبدالحق ”حقفي“ هاليپوٽو

غزل

حال دل جو ٻڌايان ڪهڙو
مونسان سڀني مٽيو آهي منهڙو
 

جڏهن جنهن سان ڪيم پيار
انهن ڪين آهي نهاريو
 

منهنجي تمنائن ۾ رهي ٿي خوشبو
ڪري ڇڏيو پيار اڪيلڙو
 

دل لڳيءَ جي خبر نه جن کي
انهن لاءِ اداس رهي ٿو منڙو
 

رات ڏينهن رنم پئي جن لاءِ
انهن مان ڪنهن نه اچي ڏنو دلاسڙو
 

”حقفي“ ڪيئن گذارجي جيون
ڪنهن نه ڏنو آهي ڏسڙو

حميده قاضي

پيڙائون پڄرن

ترقي پسند روايتن

۽ قدرن جو حامي

سماج....

جنهن جي سيني تي

اسين ائين ئي آهيون

ڄڻ زندهه لاش!

ناريءَ جي هر قدم

هر وِک  جو دشمن ۽ ويري

هر وک تي ڏئيس ٿو

هڪ نئين ڪهاڻي!

هر قدم تي هڪ نئون الزام..!!

پاپ جو

پريم جي پاپ جو..!!

پر هن انڌي، گونگيءَ ۽ ٻوڙي

سماج کي

شايد خبر ڪونهي ته

مان هڪ اڻپوري عورت آن،

۽ روئي رهي آهيان

پنهنجو پاڻ کان وڇڙڻ تي

منهنجي دل روح

پنهنجين ئي

محرومين جي پيڙائن ۾

جلي رهيو آهي

ائين جيئن ٻرندڙ سڙندڙ ڪاٺيون

جلي رهيون هجن

ٽڙڪي رهيون هجن

سڙي رهيون هجن.

سپنا گل قاضي

نظم

ارپنا....

دل جي دنيا،

ڪومل جذبا جذبا

سونهن سڀيتا،

رشتا ۽ ناتا،

پيار ۽ پوڄا،

اندر آشا

نيڻ نماڻا،

جيءَ جهروڪا،

جهل مل جهرڻا،

روشن ڪرڻا،

سندر سپنا،

سوچ ۽ ساڀيان،

تنهنجي نانءُ ڪيان ٿي،

جيجل!

تنهنجي نانءُ ڪيان ٿي،

سنڌڙي!!

قادر ڪنڌ

وائي

تنهنجي پويان سائنڻ،
نالا ڳنڍجي ويا،

آءٌ اڪيلو قادر.

 

پاڇا ڀي منهنجا،
اوندهه ۾ دٻجي ويا،

آءٌ اڪيلو قادر.

 

اکين مان لڙڪ وهي،
درياءُ بڻجي ويا،

آءٌ اڪيلو قادر.

 

منهنجا گيت هنجي،
چپن تي رهجي ويا،

آءٌ اڪيلو قادر.

ميمڻ روشن تبسم

انعام

ماءُ جي قدمن ۾ جنت

دعائن ۾ رحمت

سندس پيار زندگي،

قدرت جو حسين تحفو

محبت سان مزين قعبو

پاڻ نه کائي

اولاد کارائي،

پيار جو پيڪر آهي،

مولا ڪنهن جي

ماءُ نه مار،

ماءُ بنا ڪهڙو ٻار

دنيا جا رشتا هزار

ماءُ جو رشتو سڀ کان ڌار

محبت جو هي مينار

مٽ نه ڪو ماءُ جو پيار

ماءُ جو ڪر احترام

دين دنيا جو ڪر

حاصل انعام.

محبت ڇا آهي؟

محبت جا پيغمبر

هر دؤر ۾ رهنٿا،

محبت ذهني سوچ جي

چوٽي آ

محبت پاڪ جذبو آ

جنهن ۾ گندگي،

اچي نٿي سگهي

محبت عبادت آهي

بيچين روحن جي،

محبت زيارت آهي

خاص محبوبن جي،

محبت امانت آهي

پيار جي امينن جي

محبت صداقت آهي،

پاڪيزه  رشتن جي

محبت خطابت آهي

الله جي رسولن جي

کليو مون کي کلائين پيو،

درد کي ڄڻ لڪائين پيو.

سُورُ آهي پنهنجو ساڳيو،

رمز سان ٻڌائين پيو.

آيو آهين در تي منهنجي

پتو ڪنهن جو پڇائين پيو.

خوابن ۾ مرڪي ملين ٿو تبسم

تڙپي ڄڻ تڙپائين پيو.

ميمڻ روشن تبسم

هڪ شاعره جي سڃاڻپ

پيشي جي لحاظ کان، ميمڻ روشن تبسم انفارميشن آفيسر آهي. تعليم ايم. اي، ايل.ايل.بي تائين حاصل ڪئي اٿس، هن دؤر جي هڪ جاکوڙي ليکڪا، مضمون نگاري، ڪهاڻيون ، مقالا لکڻ، تقريرون ڪرڻ سان گڏوگڏ شاعري به ڪندي آهي. نثري شاعريءَ، پر سندس شاعري هڪ پاسو يا پهلو نٿي وٺي پر هوءَ چوڏس وڙ ول رکي ٿي، ڪڏهن برسات جو وسڪارو، ڪڏهن بڙڇي جيان چُڀندڙ، ڪڏهن موتيءَ جي سڳنڌ ۽ ڪنهن مهل باهه جا اُلا.

سندس نثري شاعريءَ ۾ محبت، وفا، سچائي، زور، بيباڪي، پڙهي ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪنڌ جهڪائڻ سان گڏ حق کسڻ جي به قوت رکي ٿي. ميمڻ روشن تبسم جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي ”مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. ٻه ڪتاب ڪمائين جا مجموعه ”هڪ سوچن جي صليب تي“ ٻيو ”مارئي ۽ مان“ آهن.

شاعريءَ جا ٽي ڪتاب هڪ ”سپنا ۽ رابيل“ ٻيو ”رڻ رڙيو گجيو راڙو ٿيو“ ۽ ٽيون ڪتاب ”اکين ۾ ٿي ويهه“ پسند ڪيا ويا آهن. ميمڻ روشن تبسم پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپرايا آهن. تبسم پبليڪيشن جي نالي سان، انهيءَ ڪري جو هوءَ پبلشر به آهي، تبسم کي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. 1990 ۾ ٻه ايوارڊ شاهه ڀٽائي لٽرريءَ طرفان، ادبي انعام ”ڪراچي يونيورسٽي  طرفان بهترين سوشل ورڪر، جو ايوارڊ به مليو اٿس. پاڻ تنظيمن سان وابسته پڻ آهي. چيئرمين ويلفيئر ايسوسيئيشن، نائب صدر سماج سڌارڪ تحريڪ ”سوشل سيڪريٽري، سنڌ ڪلچر ڪائونسل سنڌ.“

ڀيڻ! ”سرتين“ جي سٿ ۾ شامل آهي، اسين کيس ڀليڪار چئون ٿا.

نذير ناز

اَڻَ چُندَنِ مَ چَؤ، چُندَنِ چيو وِسارِ
اَٺَئي پَهَر ادبَ سِين، پَرِ اهائي پارِ
پايو مُه مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذار
مُفتِي منجِهه وِهارِ، ته قاضِي ڪانيارو نه ٿيين.

شاهه رحه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com