سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :7

 

بيشڪ سنڌي غزل سنڌي شاعريءَ جو جگر گوشو آهي

(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)

”غزل ڇو نه چوان“

نذيرناز جي شعري مجموعي تي راءِ

شعرن جي مجموعن جا مهاڳ لکڻ منهنجي لاءِ البت هڪ مسئلو رهيو آهي. شعر و شاعريءَ سان ڪو وقت صحبت رهي، پر رسم کان روح تائين پهچڻ مشڪل نظر آيو، جنهنڪري نثر جي علمي تعليمي منفعت ڏانهن لاڙو ٿيو. محترمه نذير ناز جڏهن هن مجموعي لاءِ ”ٻه اکر“ لکڻ لاءِ چيو ته ڀانيم ته رسمي شاعريءَ لاءِ رسمي طور ڪجهه لکڻو پوندو. پر جڏهن سندس شعر پڙهيم ته انهن ۾ رسم بدران روح جي جهلڪ نظر آئي. معلوم ٿيو ته نذير ناز محض نظم لکندڙ ناهي، پر ”شاعره“ آهي.

ڪتاب جو نالو ”غزل ڇو نه چوان“ غزل خلاف غير شاعرانه هاءِ هوءَ جو مؤثر جواب آهي. سنڌ جي وڏن استادن شاعرن غزل کي سنڌ جي ماحول ۾ گهڻو اڳ وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپائي وڏو ڪيو. تازو محترم امداد حسيني پنهنجي هڪ معياري مضمون (ٽماهي مهراڻي سن 2004ع) ۾ اها حقيقت کولي سمجهائي آهي. بيشڪ سنڌي عزل سنڌي شاعريءَ جو جگر گوشو آهي ۽ ان کي پنهنجي ديس ويس ۽ پنهنجي گهر ۾ وڌيڪ لاڏائڻ ڪڏائڻ جي ضرورت آهي. محترمه نذير ناز جي للڪار وقتائتي آهي. سندس دل ايمان ۽ اخلاص سان لبريز آهي، جنهن جو لاجواب اظهار سندس هڪ غزل ۾ هن طرح آهي ته:

مان پنهنجي خلوص جي دوست سان، دوستي خاطر جيان ٿي.

غزل جي سينگار لاءِ سندس طبع ۾ تازگي ۽ شگفتي آهي، پر سچائي اڃا وڌيڪ:

آس جا ديپڪ اجهن، پوءِ شاعري ڪهڙي ڪجي، پيار جا ٻيڙا ٻڏن، پوءِ شاعري ڪهڙي ڪجي!

غزل کان سواءِ هن مجموعي ۾ ڪافيون، وايون، قطعا، گيت، آزاد نظم شامل آهن ۽ انهن سڀني صنفن کي ناز سهڻي انداز ۾ نڀاهيو آهي. ڪن نالي وارن کي دل کولي سارهيو اٿس. جن ۾ آپا مريم کي ڏنل داد اڃا وڌيڪ داد جو خاوهان آهي:

جستجو جاري رکي ساري عمر جنهن علم جي

نقش ٿي هر دل تي سا تحرير آ آپا مريم

وڏي ڳالهه ته هن مجموعي ۾ سندس اردو ۾ چيل غزل ۽ ٻيا نظم شامل آهن. آءٌ کيس دلي مبارڪ ٿو ڏيان جو هن اهل زبان سان هم زبان ٿي اردو ۾ شاعري ڪئي آهي:

گذر جائي گي اک خواب کي مانند

زندگي تو بهرحال سفر هي دوستو!

ناز اردو کي پنهنجي خوابن ۾ جاءِ ڏني آهي. اتي جتي مهراڻ جي جل جو اجالو آهي:

مين ني اک سپنا ديکها

مهران کي اجلي پاني مين

هن مجموعي مان ظاهر آهي ته سائڻ نذير ناز شاعرانه شعور سان نوازيل آهي. سندس ٻولي به ٻاتي ڪتاب سنڌي، بدران عام اصطلاهي سنڌي آهي.

هوءَ سنڌ ۾ سهڻي ساڃهه واري ماحول جي خواهان آهي، جنهن لاءِ سجاڳ ڪري ٿي ته:

اکين آرس جن جي، سي ڪيئن پهچن ماڳ

ايڏي ننڊ چڱي نه آهي.

وڌيڪ ته پنهنجي اڱڻ کي اجري رکڻ خاطر ابليس سان ٺهي جڙي جنگ ڪرڻي آهي.

اجري اڱڻ تي ابليس سان وڏي ڪا ويڙهاند ڪجي.

 

سماش جاويد

هيءَ جا منهنجي چونڊ

”غزل ڇو نه چوان“ مان چونڊيل

وفا جي ڳولا

منهنجا خالق! منهنجا مال!

مون کي تو تخليق ڪيو

سونهن ڏني، سمجهه ڏني، ساڃاهه ڏني

من ۾ محبت جا سچ سچائي

تنهن کي سهڻ جي سگهه ڏني

جيڪي ڪجهه تو مون کي ڏنو

سو دنيا ڏي مون موٽايو

پر موٽ ۾ مون کي

ڏک مليا، لوچ ملي ۽ تڙپ ملي

مان! سچاين کان محروم رهيس

منهنجي سچ جي سوڀ نه ٿي

۽ مان

وفائن جي ڳولائن ۾

سکڻن سکڻن مٿڙن سان

شهر وفا جي تنگ ڳلين ۾

رُلندي رهيس، ڀٽڪندي رهيس

پر ڪو سچ پلئه نه پيو

ڪابه وفا نيبهه نه ٿي

منهنجا خالق! منهنجا مالڪ

هاڻي ته مون تي مهر جي ڪر نظر

نيبهه ڪر ڪو سچ ڪٿان

مان

وفائن سان جهول ڀريان

جو مان

سکڻن ھٿن سان

مرڻ نه ٿي چاهيان

هڪ پل لاءِ مون کي سچائي ته ڏي

هڪ پل لاءِ مون کي سک ته ڏي

هڪ پل لاءِ مون کي پيار ته ڏي

پوءِ تون ڀلي ماري ڇڏ!

پوءِ ڀلي تون ماري ڇڏ!

پوءِ ڀلي مري وڃان.

 

ڪيئي گل ٽڙندا

سوچيان ويٺي

تنها

منهنجو وجود بهارن ۾ به

تتل تندور جيئن آهي

دونهين ۾ دونهاٽيل آهي

۽ تون!

منهنجي ديس جي ڌرتيءَ جو

اُجرو اُجرو

روشن روشن

چوڏهينءَ جو چنڊ آهين

تنهنجي روشن ڪرڻن سان

ڌرتيءَ کي روشن ٿيڻو آهي

تون!

منهنجي چاهه چمن جو اهڙو

سُرهو سُرهو گُل آهين

جنهن جي سڳنڌ سرهاڻ سان

سنڌ سموري سرهي ٿيندي

ڌرتي گُل گلزار ٿي ويندي

منهنجو جيون

صحرا صحرا

جنهن ۾ ناهي واس

۽ نه ڪوئي ڇپر ۽ ڇانورو

پر

منهنجي جيون بن ۾

جي تون ڪڪر ڇانءُ ڪندين

پوءِ ته ڪيئي گل ٽڙندا

ڀونئرا مڙندا

رنگ رچندا

ميلا لڳندا

ليڪن تنهنجو ساٿ ضروري آهي

تنهنجو پيار ضروري آهي

تنهنجون يادون

تنهنجو سارون

منهنجي ساهه سان گڏ هونديون

ڪين وساري ڪڏهن سگهبيون

تنهائين جو رڻ جهاڳيندي

جڏهن به آءٌ ٿڪجي پونديس

اوسيئڙي ۾ ورچي ورچي ويهي رهنديس

اوپرين!تڏهن

تنهنجو يادون

تنهجون يادون

تنهنجو سارون

دل کي آٿت ڏينديون رهنديون

مون کي پرڀائينديون رهنديون

ڪائي آس اڀاري وجهنديون

ڪائي سرت سنواري وجهنديون

جڏهن به ڪا رم جهم ٿيندي

سانوڻ ايندو

سارنگ ٿيندو

دل ڌرتيءَ تي بادل وسندا

پر جي تون ساڻ نه هوندين

تو بن روئي روئي وهنديس

ڳوڙهن سان منهن ڌوئي وهنديس

ان سمي پڻ

تنهنجو يادون

تنهنجون سارون

ساهه جي سهڪي وانگر

من کي سگهه بخشينديون رهنديون

آٿت ڏينديون رهنديون

۽ جڏهن به

شبنم شبنم اکيون وسنديون

داس دامن ڀڄندي رهندي

تون بن ڪيئن گذاري سگهبو

ڪيسين جيءُ جياري سگهبو

پڪ اٿم

اهڙي ئي ڪنهن سمي

ڪنهن موڙ تي

شايد تنهائي منهنجي

هي محرومي

مون کي مور ڳو ماري وجهندي

ساهه نپوڙي وجهندي

ان ويلي ڀي

تنهنجون يادون

تنهنجون سارون

منهنجي سر جون ساٿي رهنديون

ڪين وساري سگهنديون توکي ۽ مان تنها مور نه هونديس.

مون کي نفرت آ

منهنجي زندگي، انڊلٺ جي رنگن جيان

جڳ مڳ، جڳ مڳ، روشن روشن

پر ان ۾ سمايل ڪيئي

سماج جون، ارڏايون، ڏاڍايون

مفاد پرستيون، انا پرستيون،

بي وفايون، بي مروتون

جزبن، ٽهڪن جو ناسور

مليل ڪوڙن لفظن جو بمباريون

جيڪي ذهن کي مفلوج ڪرڻ ٿيون چاهين

پر مان هڪ مڪمل عورت آهيان

ايڪويهين صدي جي عورت

مان پرواهه نٿي ڪريان اهڙن ناسورن جي

مون کي ڌڪار آهي

اهڙن مڪروهه انسانن کان

جيڪي ڌرتي ۽ انسانيت لاءِ

مسلسل عذاب بڻيل آهن

مون کي نفرت آهي

اهڙن موقعي پرست ماڻهن کان

غدار ماڻهن کان، مڪار ماڻهن کان

مفاد پرست ماڻهن کان، منافق ماڻهن کان

هڪ وار نه، سو وار، هزار وار، لک وار

منهنجي اُجري اُجري من آڏو

ڪيترائي چهرا، بي نقاب ٿي چڪا آهن

ڪوڙا، سمورا جملا، پنهنجون پنهنجون

معنائون وڃائي چڪا آهن.

انڊلٺ جي ڳولا

برسات جي موسم ۾

وسڪاري جي موسم ۾

نيري، نيري اڀ تي جڏهن

انڊلٺ ريکا

رنگ پکيڙي ٿي

فضا روشنيءَ ۾ رنگ ڀري ٿي

اتي جي مير ماحول کي معطر بڻائي ٿي

تڏهين

بلڪل تڏهن

منهنجا پياسا نيڻ

انهي انڊلٺ جي ڳولا ۾ نڪري پوندا آهن

جنهن جي رنگن ۾

سچ، وفا، خلوص ۽ پريم جا

رنگ سمايل آهن

زندگي جو چنڊ

اڀ جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين

۽

اُفق ۽ شفق جي حد تائين پکڙيل

ستن رنگن واري انڊلٺ

۽

ان جي علامت روشني

ڇا

فقط مون وٽ آهي؟

ٻيو

سڀ انڌڪار آهي ڇا؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com