هڪ اميد ڪا اڌوري حسرت
تعارف
رشمي راماڻي
جنم: 1 اپريل 1960ع وِدشا ۾
تعليم: ايم . اي. (هندي)
گذريل ٻن ڏهاڪن کان خاص شاعريءَ جي صنف ۾ رُڌل. مادري ٻولي
سنڌيءَ سان گڏوگڏ راشٽريو ڀاشا هنديءَ ۾ ساهتيه
سرجن. ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ليک به شايع ٿيل. هنديءَ جي
معياري مخزنن ۾ ڪويتائن جي اشاعت. پنجابي،
بينگالي، مراٺي، اُڙيا، ڪنڙ ۽ انگريزي ڀاشائن ۾
ڪويتائن جا انواد. سنڌيءَ جي مقبول ليکڪن جي
رچنائن جو هنديءَ ۾ ترجمو، خاص ڪري ڪرشن کٽواڻيءَ
جا ناول.
ڇپايل ڪتاب: ”پڃرو“ (شاعري) ”ڪڏهن ڪڏهن“ (شاعري)، ”اڪويتا اؤر
جگديش چترويدي ڪي ڪويتائين“ (هنديءَ ۾ آلوچنا)،
”ساز چپ هنئه“ ۽ ”بيتي هئي دن“ (هندي ڪويتا
سنگرهه)
سنمان: ورڻ مالا، اُڙيسا طرفان اُديه ڀارتي راشٽريه ڪويتا
پرسڪار، 1994، سنڌُوتن، يُوا سنڌي ليکڪ سنمان،
هرومل ريجهواڻي حير، سنڌي ليکڪ سنمان 1998،
ڪيندريه هندي نديشاليه جو غير هندي ليکڪ جو
راشترپتيءَ طرفان سنمان، راشتريه سنڌي ڀاشا وڪاس
پريشد، ڀارت سرڪار جو اَوارڊ.
مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ تي نامز ميمبر، ساهتيه اڪيڊمي
نئين دهليءَ جي سنڌي ائڊوائيزري بورڊ تي نامزد
ميمبر.
پتو 83، سرورديه نگر، انڊور (مڌيه پرديش)
زندگي
زندگي ڇا آهي؟
حادثو؟ اتفاق؟ سوال ۽ جواب
يا ڪوئي خوبصورت خواب؟
ڪنهن گل جي چپن تي مرڪندڙ شبن
اداس چهري تي لڙڪ جي بُوند؟
شايد
هڪ اميد ڪا اڌوري حسرت
جلاوطن ڪوئي ارمان
يا ڪنهن اڌوري نظم جو عُنوان؟
زندگي جيئن به آهي گذري ويندي پنھنجي رفتار سان
ڪڏهن خاموشيءَ سان
ڪڏهن طوفان جيان.
ڪويتا
لفظ!
سڏ ڪيو لفظ کي
پهرين مرڪيو
کلي ڪري پڪڙيائين هٿ
۽ ڀاڪر پائي بڻائي ورتائين دوست.
احساس
ڌيري
۽ ڌيري سمائجي ويا لفظن جي گهٽين ۾
اچانڪ
سمنڊ جي گج وانگر اڇي ۽ ملايم ڪويتا
ڇولين جي آڱرين تي نظر آئي.
ڏک
نه کوجئين پنهنجا لبه
شايد
ٻاهر اچي وڃڻ اهي پڙاڏا
سمايل آهي جن ۾ تنهنجي پيڙا جي سونهن
ڏک سدائين گڏ رهندو آهي
پاڇي جيان ساٿ نڀائيندو آهي
پنهنجيءَ پيڙا کي لڪائي رکجئين ڪنهن راز وانگر
سميٽي رک جئين گهاٽي اوندهه
من جي گهري شونيتا کي
جيڪا ڀڳل هُوندي آهي
لڙڪن جي آلاڻ سان
ڪنهن ڏينهن ته زمين جي گرڀ مان ٻاهر ايندا
تنهنجي خاموشي سڏڪن جا نرم سَلا
وڻ،
ڍڪجي ويندا اڇي رنگ جي نازل گلن سان
سڄو سنسار سمائجي ويندو
تنهجي هردي جي اٿاهه ڪروُڻا ۾
اِڇا
ڪاش!
مون کي ملي ما گل جهڙي زندگي
ننڍڙي ئي سهي
گل جي زندگي وُوندي آهي ڪيتري خوشحال
رنگ، سُونهن ۽ سرهاڻ سان ڀرپُور.
ڪنڊا هجن يا گپ
اُجڙ هجي يا گلستان
گل ٽڙندو آهي پنهنجيءَ همٿ سان
مرڪندو آهي اندر جي خُوشيءَ سان
ڪومايل گل جي چهري تي به نه هوندي آهي اُداسي
نه ڪوئي گلا ۽ شڪوا يا شڪايت
هُو ته شانت هوندو آهي
ڪنهن رشيءَ جيان
سدائي ترپت، هر چاهنا کان پري. |