سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :19

 

شاعري

(سنڌ جي نياڻي، اختر بلوچ سنڌيءَ ۾ لسٽن ٺهڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي، ته کيس جيل اماڻيو ويو. ان موقعي تي شهيد آصف خان مخراڻيءَ. مٿس هي قطعا لکيا)

سانئڻ اختر بلوچ جي خدمت ۾

نيڪ اختر ۽ نشابندر نامور اختر بلوچ،

تو ڪيو قائم وطن جي حب جو زنده مثال!

سنڌڙيءَ جي مارئي ثاني بلاشڪ آهين تون،

جيل خود لرزي ويو تنهنجو پسي جلوو جمال!

*

تنهنجي مادر ۽ پدر کي صد مبارڪ ٿا چئون،

جن نپايو ۽ ڄڻيو توکي اڄوڪي ڏينهن ڪاڻ!

قوم جي سڀني نياڻين جا نياپا ڪر قبول،

تو سان شامل حال آهين پاڻ کي تنها نه ڄاڻ!

*

تنهنجو استقلال توڙي عزم ڄڻ هالار ڪولا،

تنهنجو جذبو، جوش تنهنجو، ٿي روان ڄڻ آه گاج

تنهنجي همت تنهنجي جرات جو ڪجي ڪهڙو بيان

سخت ٿيا فولاد جيان تنهنجا ارادا ۽ مزاج!

*

سنڌ ۽ سنڌين تي ٿورو تنهنجو هي ٿورو نه آه

تنهنجا ڳڻ ڳايون ٿا ۽ ڪريون ٿا توتي فخر ناز

ڪار ناما تنهنجا بڻيا باب نئون تاريخ جو

تنهنجي هستي آه اشرف، شخصيت تاريخ ساز

ارم ڪورائي بلوچ

اسان جي درميان...

نه تون مون کي،

نه مان توکي سڃاڻان،

نه ئي اسان کي هڪ ٻئي جي

نالن جي خبر

تون مون لاءِ

۽ مان تو لاءِ اجنبي

اسان جي درميان

نه ڪو اهڙو رشتو

نه تنهنجي نه منهنجي

پيرن ۾ واعدن جا زنجير

تون ۽ مان هوا جيان آزاد

ڪجهه گهڙيون لاءِ راهه همسفر

مان پنهنجي ۽ تون پنهنجي

تنهائي سان خوش

پوءِ ائين ڇو ٿو محسوس ٿئي

ته

تون پنهنجو رستو بدلائي

مون سان بي وفائي ٿو ڪرين؟

عرفانه ملاح

شاعري  

زندگي ڇڻندي پئي وڃي

رنگ به اُڏامڻ لڳا آهن

۽ وارن مان لهندڙ

ڪاراڻ

اندر جا سڀ رنگ

ڪارا ڪري ڇڏيا

*

شهر جانان يا جانان حقيقت

يا افسانو

پر چپن کي جانان چوڻ سان ئي سڪون ملي ٿو

*

اي منهنجي هم عمر

هم نفس

دوست!

ڪاش!

مان تنهنجي اُجڙيل ڪمري کي

۽ اُن ۾ آباد وحشتن کي

تنهنجي اندر جي زندگيءَ سان

جيئاري سگهان ها!

ڪاش!

مان تنهنجي اُداس اکين ۾

پيار جي روشني ڀري سگهان هان!

يا تنھنجي سُڪل چپن کي

محبتن جي ازلي لالاڻ

۽ آلاڻ سان

آشنا ڪري سگهان ها

اي منهنجي هم جنس

هم عمر

دوست

ڪاش!

مان تنهنجي سخت

۽

ٿڌي بستري کي

محبوب جي نرم ڇهاءَ

عشق جي آتش سان

آرائش ڪري سگهان

پر

منهنجي هم عمر، هم نفس

هم جنس

دوست!

مان ڄاڻ ٿي

ته

تنهنجو محبوب

اڄ به صرف صديون پراڻن

ديو مالائي قصن ۾ ئي

رهي ٿو

منهنجي هم عمر، هم جنس

دوست

مان ڄاڻان ٿي

ته

اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا

جي هن دور ۾

محبتن جا خواب

خوابن جا شهزادا

صرف

ضرورت رشتا جا اشتهار ٿي ويندا آهن

مان ڄاڻان ٿي

پر

محبوب جو ڇهاءُ

۽

گرم چپن جو چميون

گلوبلائيزيشن جي زماني ۾

Cyber sex سان replace ٿي ويون آهن

پر

منهنجي هم عمر، هم نفس دوست

اسين ڄاڻون ٿا ته

تنهنجو degenerate being

وقت جي روح جو

داغ آهي

۽ اسين اُن

داغ ۾ جيئون ٿا.

سيمي ڀٽي

چنڊ بڻجي سفر ۾ ٿورهي

منهنجي دل ۾ ٿو رهي،

ڄڻ من ۽ مندر ۾ ٿو رهي،

هيڏي سچائي هن لاءِ ڇو آخر،

هو منهنجي نظر ۾ ٿو رهي.

حقيقت اُن لاءِ بڻجان سڄي ساري،

هو منهنجي الفت ۾ ٿو رهي.

ڪيئن ڪجهه چئي سگهان اُن کي،

روح بنجي جسم ۾ ٿو رهي.

رات ڪاري سمهي اڪيلي،

چنڊ بڻجي سفر ۾ ٿو رهي.

آخري پهر

پٿر پٿر ٿو ٺوڪر هڻي،

پهاڙ ٿو شهر لڳي،

شهر سڄي کي ڇا چوان،

سنسان ۽ بند ٿو گهر لڳي،

هو جو ويو موڪلائي مون کان،

زندگيءَ جو آخري ٿو پهر لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com