طلعت ڪرم علي مرزا
تون ڪٿي آهين پرين...
مون کي اڄ به اُهي ڏينهن ياد آهن، جولاءِ جي تکي گرمي. گرمي به
ايتري جو برداشت کان ٻاهر، آءٌ اهائي دعا پئي
گهران ته تيز مينهن وسن! شام جا اڃا چار ئي مس ٿيا
هوندا جو اولهه طرف کان ڪارا ڪارا ڪڪر اچي رھيا
هئا. تيز هوا سان سانوڻ جي پهرين برسات ڏسي آءٌ
خوشيءَ مان ڊوڙي ڇت تي ويس ۽ تيز ٿڌي هوا جو مزو
وٺي رهي هيس ته اوچتو منهنجي نهار سامهون واري گهر
جي ڇت تي پئي، جتي هڪ حسين نوجوان ڇوڪرو به مون
وانگر مينهن جو مزو وٺي رهيو هو. هُن جي خوبصورت
چهري جو عڪس اڄ به اکين ۾ موجود آهي. هُن جا تازي
گلاب جهڙا چپ ۽ تازو ڪلين شيو چهرو ۽ وڻ جي چهري
جي تازگي اڃا به نه ٿي وسري. هُن کي ڏسي مون ته اک
به نه ڇنڀي ۽ هڪ ٽڪ هن کي ڏسندي رهيس. هُن جي ڇت ۽
اسان جي ڇت ۾ ٿورو ئي فاصلو هو. انهيءَ ڪري هن کي
محسوس ٿيو ته آءٌ هن کي ئي ڏسي رهي آهيان، ۽ هو
صرف مسڪرائي هليو ويو. مينهن تيز ٿي ويو. انهيءَ
سحر ۾ بيٺي هئس، ته ڪٿي اهو خواب ته ناهي. مينهن
جو سلسلو ٻه ڏينهن هليو ۽ آءٌ وري مٿي آيس. مينهن
کان پوءِ ٿڌي هوا دل کي وڻي پيئي، منهنجي نظر
انهيءَ ڇت تي ويئي، هوبه شايد منهنجو منتظر هو،
پيار لفظن جو محتاج نه هوندو آهي. پهرين نظر ۾ ئي
نگاهن ۾ پيار جو اقرار ٿيو. ۽ اهڙيون ملاقاتون
هلنديون رهيون، ايتري قدر جو هاڻ اسين هڪ ٻئي کان
سواءِ رهي به نه پئي سگهياسين. هر وقت لڪي لڪي
ڳالهائڻ، هڪٻئي کي خط لکڻ، هڪ ٻئي کي تحفا ڏيڻ.
سيارو شروع ٿيو ۽ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ڪمرا بند ڪري آرام سان
ڊراما پيا ڏسن ۽ اسين پئي تيز سيءَ ۾ به هڪٻئي سان
ملڻ لاءِ بيتاب!
ائين هڪڙي ڏينهن هُن پنهنجي مائٽن کي منهنجي سڱ لاءِ موڪليو،
منهنجا مائٽ راضي نه ٿيا. هاڻي ته هُن مون کي خط
لکيو، جنهن ۾ هُن زور ڀريو ته تون چاهين ته پاڻ
ڪورٽ ۾ هلي نڪاح ڪريون. آءٌ ان ڳالهه لاءِ تيار
ڪانه هيس، مون کي هن سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ هن
کي مون سان. مون کي هن جي محبت تي يقين هو، پر مون
کي ڪهڙي خبر ته اهو انڪار اسان کي هميشه ڌار ڪري
ڇڏيندو. مون اهو بلڪل نه سوچيو هو ته اسين هڪٻئي
کان ڏور هليا وينداسين. هو چوندو هو ته جيستائين
توکي نه ٿو ڏسان آرام نه ٿو اچي. تو ۾ الائي ڪهڙو
جادو آهي جو توکي ڏسندي ئي توڏانهن ڇڪبو اچان...
چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ هلڻ وارا پاڇولا زندگيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪڏهن
به گڏ نه هليا آهن. اسين هڪٻئي کان ائين ڌار
ٿياسين ڪنڌ ڦيري هڪٻئي کي ڏٺو به نه. هڪٻئي جي
لاءِ اجنبي. مون کي اها به خبر نه آهي ته هو ڪٿي
آهي. منهنجي زندگي ته هُن کان سواءِ رُڃ آهي. مون
شادي به نه ڪئي. زندگي يادن جي سهاري پئي گذاريان.
ان ڳالهه کي پندرهن سال گذري ويا آهن، ليڪن رات جو
جڏهن وهاڻي تي ڪنڌ رکندي آهيان ته يادن جا سڀ در
آهستي آهستي کلندا ويندا آهن. اڄ رات به ساڳي
برسات آهي، آءٌ به اهائي آهيان ۽ اُهائي اداس ڇت
آهي، جتي تون ملندو هئين. سڀ ڪجهه ساڳيو آهي، پر
تون نه آهين ...!
ريحانه هاليپوٽو
اي ليکڪ!....
اي ليکڪ! تون جو ڄمڻ کان وٺي پوڙهائپ تائين پاڻ کي ٻين جي خوشين
جو مرڪز ڄاڻايو، ته ڪڏهن اهڙي پيڙاهه ۾ پئي، ڄڻ هر
ڪنهن پنهنجي پنهنجي حصي جا سمورا ڏک تنهنجي هنج ۾
وجهي ڇڏيا هجن. تون جو صدين کان وٺي لکندو ٿو
اچين، صدين کان برائين ۽ نيڪين کي سڌاريندو ۽
بگاڙيندو ٿو اچين، ڀلا ڇا جي لاءِ؟ ڇا توکي ڪنهن
خلق جو محافظ قرار ڏئي، حقدار طور قلم ۽ ڪاغذ ڏنو
۽ معاوضي طور تنهنجا پنهنجا ئي خيالات، تجربا ۽
احساس ڏئي ڇڏيا. تنهنجي لکڻ سان ڪنهن کي ڪجهه مليو
آهي يا تون هر ڪنهن کي پني جي ٻن لائنن جي وچ واري
خال ۾ بند ٿو ڪرڻ چاهين.
اي ليکڪ! تو پاڻ ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته تنهنجي لکڻ سان آٿت ته
ملي ٿي، پر ڇا اندر جا سڀ اُڌما هلڪا ٿي پون ٿا؟
تنهنجو ڪتاب اڪيلائپ ۾ وندر ته آهي، پوءِ ڇا دوست
جي ضرورت نٿي پوي؟ تون جو لفظن کي خوب کان خوب تر
ٺاهي پيار جي ترجماني ڪرين ٿو، ته هاڻي ڇا اظهار
ڪرڻ جي ضرورت ڪنهن کي به نه پوندي؟ تون جو خوبصورت
گُل کي وڌيڪ سهڻا رنگ ڏئي پيش ڪرين ٿو، ڪڏهن ڪنڊي
جي باري ۾ به سوچيو اٿئي؟ ڇا تنهنجي لکڻ سان، اُن
جي نظرن جو جهڪڻ، پريشانيءَ ۾ مٿي تي پگهر جو اچڻ،
وري لڪي مُرڪڻ جو منظر ڏسي سگهجي ٿو؟ تنهنجي لکڻ
جي ڪري، ڳالهائڻ مهل لفظن جو ساٿ نه ڏيڻ ۽ هٻڪڻ جو
مزو وٺي سگهجي ٿو؟ ڇا تون پنهنجي لکڻيءَ ۾ قيد ڪيل
اُنهن هوائن جي ٿڌ ۽ صبح جو ڇٻر تي پير رکڻ مهل
سُڪون جو احساس ڏئي سگهين ٿو؟ هٿ ۾ هٿ رکي همٿائڻ
۾ پنهنجائپ جو احساس تنهنجي اکرن ۾ محسوس ٿي سگهي
ٿو؟ ڇا لکڻ مان، اڪيلائپ ۾ يادن جو مزو وٺي سگهجي
ٿو؟ اي ليکڪ تون ته وڏي ڏاڍائي ٿو ڪرين. تون ته
احساسن کي محسوس ڪرڻ جي سگهه ئي ختم ٿو ڪرڻ چاهين
۽ تون اسان کي پنن جو محتاج ٿو ڪرڻ چاهين. ائين
ڪرڻ سان ڇا تون فطري جذباتن سان انصاف ڪري رهيو
آهين!
اي ليکڪ! تو هر دور ۾ پاڻ کي ٻئي جو همدرد ڪري سڏايو، هر مظلوم
جي دانهن کي وڌيڪ درد ڏئي بلند ڪيو، هُن جي ڏک کي
پنهنجو ڏک ته ڪري سمجهئي، پر ڇا تو هُن غريب
اٻوجهه جي ڪُلهي تي هٿ رکي ان جي اک مان هڪ ڳوڙهو
به اگهيو؟ تون جو غريب جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي ٿئين ٿو
۽ وري مشعل راهه به چورائين ٿو، اهو ته ٻڌاءِ هُن
ٻن ڏينهن جي بُکايل کي گهڻا گرهه مانيءَ جا ڏنا
اٿئي؟ تون جو فرسوده رَسمن جي خلاف وڙهي وڙهي
ڍانگو ٿيو آهين، ڪنهن هڪ جو نالو ته ٻڌاءِ، جنهن
پنهنجي ڀيڻ کي ڪاريءَ بدران ڳاڙهي چئي عقل جي
ويڙهه ڏيکاري هجي! وري جڏهن توکي خبر پئي ته هيءَ
تهذيب، تمدن يا ثقافت آ ته تون سڀ ڪجهه ڇڏي، اُن
کي محفوظ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئين.
اي ليکڪ! تون ته وڏي ٻيائي ٿو ڪرين. ڀلا ائين ڪرڻ سان ڇا تون
انسانن سان انصاف ڪري رهيو آهين. جي ائين آهي ته
ڇا ”بک“ ڪا لفظن سان مٽبي آ؟ ”احساس“ ڇا پنن سان
ٿيندو آ؟
اي ليکڪ! تون جو پنهنجي پاڻ کي ليکڪ ٿو سڏائين، صرف ۽ صرف پنن
کي ڪاري يا نيري ڪرڻ جي حد تائين آهي. تون ڏاڍو
نفس پرست آهين، ڇو جو تو صرف پنهجن تجربن، مشاهدن،
مطالعن يا داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ لاءِ،
اُنهن کي ڪو موضوع ڏيڻ لاءِ، يا پنهجو بار هلڪو
ڪرڻ لاءِ، قلم جو سهارو ورتو آهي!
اي ليکڪ! درحقيقت تون پاڻ ئي وڏي دوکي ۾ ٿو رهين. توکي ته
تنهنجا لفظ ئي پنهنجي تاثير يا اثر جي ڄار ۾
ڦاسائي، توکي ڌوڪو ڏيندا آهن ۽ تون جنهن کي پنهنجي
تخليق يا شاهڪار چئين ٿو، اُن ۾ تنهنجو ڪو ڪمال
ناهي، اُهو ته لفظن ۾ موجود اُنهن جي پنهنجي اثر
جو جادو آهي، ڇو جو هر لفظ پنهنجي اندر ذاتي دنيا
رکي ٿو. ڀلي تون سڄي دنيا کي خوبصورت منظرن ۾ بيان
ڪرين، پر جي لفظ ”خوبصورت “ تو وٽ نه هجي هان ته
ڇا تون ڪو به منظر جوڙي سگهين ها.
اي ليکڪ! تون ڏاڍو معصوم ۽ سادو آهين.
هر عام ماڻهو زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن، ڏکن ۽ سکن مان گهڻو ڪجهه
وڃائي، مستقبل جي صحيح فيصلن تائين پڄندو آهي. پر
تون ته پنهنجي وجود کي ٻين جي اندر سمائي درد ۽
مُرڪ جي شدت تائين پڄندو آهين. معنيٰ تون زندگيءَ
جي هر پهلوءَ کي عام ماڻهن کان وڌيڪ گهرائيءَ ۾
سمجهين ٿو، پرکين ٿو. ان حالت ۾. ڇا تون ڪنهن وڏي
يا ننڍي نقصان کڻڻ کان اڳ، هر بُرائي پنهجي
زندگيءَ مان ختم ڪري ڇڏي آهي، جي نه ته توکي ”لکڻ“
جو ڪوبه حق ناهي ۽ جي ها ته توکي سڄي عمر ٿورائتو
هئڻ گهرجي قلم جو، جيڪو تنهنجي ڇوٽڪاري جو سبب
بڻيو ۽ بڻبو.
اي ليکڪ! توکي ته ٿورائتو هجڻ گهرجي، اُنهن نا انصافين جو، غربت
جو، رسمن رواجن جو، تاريخ جو، واقعن جو، پيار جو،
منظرن جو ۽ لفظن جو، جيڪي توسان هم ڪلام تنهنجي
شعور ۽ خيالن کي قوت بخشيندا رهيا. توکي، ها،
ٿورائتو هجڻ گهرجي.
اي سادا ۽ معصوم ليکڪ! وري به توکي هر دور ۾ وقت جو احسان مڃڻ
گهرجي، جنهن توکي ”ليکڪ“ ٺاهيو. |