ڪنول سميجو
زندگي
زندگي هڪ ڇوڪريءَ لاءِ ڇا آهي؟
اها مون کي خبر آهي
ڇو جو مان هڪ ڇوڪري آهيان
ان کي هڪ ڇوڪري ئي محسوس ڪري سگهي ٿي
هڪ ڇوڪريءَ جي زندگي آزمائش آهي
هڪ ڇوڪريءَ جي زندگي امتحان آهي
سڀ کان پهرين ڌيءَ جي روپ ۾
پوءِ ڀيڻ جي روپ ۾
ان کان پوءِ زال جي روپ ۾
ماءُ جي روپ ۾
جڏهن انهن مرحلن ۾ ڪاميابيءَ سان گذري وڃي ٿي
ته پوءِ ان جي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿئي ٿو
پر پوءِ به ان کي اهو مقام نه ٿو ملي
جنهن جي هوءَ حقدار هوندي آهي!
شهناز ڪنول
نظم
منهنجي يادن ۾ تون هر پل آهين
مون توکي پنهنجو پاڻ سان محسوس ڪيو آهي
منهنجي هٿ کي تو چميو آهي
مون تنهنجو ڇهاءُ محسوس ڪيو آهي
مون توسان جڏهن به ڳالهايو آهي
ڇا ٿيو اگر پاڻ نه به ملياسين
مان جدائي جي هڪ لاڳ لذت محسوس ڪئي آهي.
تون ايندين ڪڏهن ائين ته هرگز نه آهي
مان واري هٿ مان نڪرندي محسوس ڪئي آهي!
شهناز ڪنول
ڏات موٽائڻ آيس....
توکي تنهنجا فرض پيارا مون کي آهين تون
زندگي جي سفر ۾ منهنجو ساٿ ڏنو نه تو
منهجي تنهائين جي الجهيل گهر کي،
پنهنجي يادن سان سينگاريو آهي تو
مکڙين کان رنگ وٺي آڪاش کان ستارا
مون کي هر انگ ۾ سنواريو آهي تو
مان توکي تنهجي ڏات موٽائڻ آيس،
مون کي منهنجو من نه موٽايو آهي تو
ڪيڏي نه ڳنڀير سانت آهي
هوا جو ساهه به ڄڻ
کن پل لاءِ پيهجي ويو آهي
نيڻ نهار تائين
ٻيلي جا گهاٽا وڻ
مصر جي ممين وانگر
پنڊ پهڻ ۽ ماٺ آهن
ندي معمول کان
وڌيڪ سستيءَ سان وهي رهي آهي
شفق جو رنگ
۽ افق جو قطر
ٻئي ڌنڌ ۾ اڻ چٽا ڏيکارجن ٿا
لامن تي ويٺل پکين جي اداس من ۾
عجيب ڦڙڦوٽ ۽ بي چيني آهي
اهي سڀ آسار ڪنهن وڏي آفت جي
نشاندهي ڪن ٿا
مان هڪ غريب هارياڻي
پنهنجن اڌ ڏيريل
ڇوڏي جهڙن سخت هٿن سان
ان جي لاباري ۽ بهه جي ڍير کي
ترپال سان ڍڪي آئي آهيان
هيءُ واءُ سڻائو ناهي شايد!
سج لهڻ کان پهرين مونکي
پنهنجي ڪچي گهر کي
ٻيهر ليپڻو آهي
پارس عباسي
واچوڙي کان اڳ
مان ڄاڻان ٿي ته
ايندڙ واچوڙي ۾
منهنجي ورهين جو اَجهو
سرءُ جي پيلي پن وانگر
اُڏامي ويندو
۽ طوفان جي ماٺار کان پوءِ
مان ۽ منهنجا انيڪ ساٿي
۽ هي ڳوٺرو
ڪجهه به هتي نه هوندو
پر پوءِ به
مان اميد جي طالب آهيان
ڪوشش، چرپر ۽ تبديليءَ
۾ منهنجو اٽل ويساهه آهي
مان تماشائي بڻجي
ڪنڊ ۾ ويهڻ تي آماده ناهيان
مان ان نازَ، انا ۽ يقين سان
مرڻ چاهيان ٿي
ته منهنجو موت
بيٺل پاڻيءَ جيان
سينواريل ۽ ڄميل نه هوندو
شگفته جبين
جيئڻ جي رسم
جڏهن ......
اجل جهڙو ڪو نرم جُهوٽو
من جي سر زمين تي
ڪومل ڪامنائن جا ڪنول
ڪک پن جيان وکيري ڇڏيندو آهي
۽ .......
من ۽ بن جي وچ ۾
ڪوبه فاصلو باقي نه رهي ۽
ذهنن تي ڄميل برف .....
سُرت ۽ سمجهه جون سڀ حدون
سرد ڪري ڇڏي.....
تڏهن به .....
نڄاڻ ڇو .....
پٿرن جي برسات ۾
تهمتن جي ڇانوَ ۾
سرءُ جي ڪنهن اداس
شام ۾ .....
ڊنل هيسيل ڪنهن اڻڄاتل
خوف ۾ ورتل .....
ائين لڳي ٿو ڄڻ
حياتيءَ ۾ هر پل
اسان جيئڻ جي ڪا رسم
نڀائي رهيا آهيون.......
لعل پشپ جي گهرواري
هن جو نالو جوتي آهي. هوءَ لعل پشپ جي گهر واري آهي ۽ لعل پشپ
سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي. هو ڪهاڻيڪار،
ناولسٽ، نقاد آهي. ٻنهي کي هڪ پياري ٻارڙي آهي ۽
ممبئيءَ ۾ ٻن ڪمرن جي فليٽ ۾ سُکي زندگي گذاري
رهيا آهن.
اسان جوتيءَ سان ”سرتيون“ لاءِ ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪئي، اُها
توهان جي آڏو پيش آهي.
سوال: تون ڄاڻين ٿي ته تنهنجو ور ڪيڏو وڏو ماڻهو آهي
جوتي: ها، مان ڄاڻان ٿي.
سوال: ڪهڙي لحاظ کان؟
جواب: توهان ڪهڙي لحاظ کان پڇيو؟
سوال: ان لحاظ کان ته لعل پشپ سنڌي جو وڏو وڏو ليکڪ آهي.
جوتي: ها، مان ڄاڻان ٿي ته هو سنڌيءَ جو وڏو ليکڪ آهي.
سوال: ان تي توهان کي فخر ٿيندو آهي؟
جوتي: ها، مون کي ان تي فخر ٿيندو آهي ته هو سنڌ هند جو هڪ وڏو
ليکڪ آهي. هاڻي ته سندس ڪهاڻيون اسپينش ۽ جپاني
ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿيون آهن. ۽ اُتي انهن جي
ساراهه ٿي آهي، ان سان گڏوگڏ کيس انهن ڪهاڻين جو
اجورو پڻ مليو آهي.
سوال: ڀلا گهر جي ڪم ڪار ۾ لعل توهان جي ڪا مدد ڪندو آهي؟
جواب: نه. ان معاملي ۾ هُو پورو ليکڪ آهي. مان به نه چاهيندي
آهيان ته هو بصر وڍيندي پنهجو هٿ وڍي وجهي. |