سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :4

 

ملائيشيا ۾ پڙهندڙ سنڌي نياڻي پرهه ابڙو

سرتيون: پرهه اوهان ”سرتيون“ جي پڙهندڙن سان پنهنجو تعارف ڪرايو.

پرهه ابڙو: منهنجو جنم 1983ع ۾ ڪوئيٽا شهر ۾ ٿيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجو بابا قيس ابڙو، يونيسيف ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو هو ۽ منهنجي ماءُ حميده ميتلو سوشل ويلفيئر آفيسر هئي. مون K.G کان پهرين ڪلاس تائين ”بيڪن هائوس“ اسڪول ڪوئيٽا ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ منهنجا ماءُ پيءُ اسلام آباد شفٽ ٿيا ۽ اتان جي بيڪن هائوس اسڪول ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيم. ان کان سواءِ N.U.S.T راولپنڊيءَ ۾ به پڙهي آهيان. هن وقت آءٌ ملائيشيا ۾ I.T.I.S پڙهي رهي آهيان.

سرتيون: ملائيشيا يونيورسٽيءَ تائين پهچڻ جي سفر بابت ڪجهه ٻڌايو؟

پرهه ابڙو: جڏهن ملائيشيا پيٽرونس يونيورسٽيءَ جي ايڊورٽائيز اخبارن ۽ B.B.C جي ذريعي آئي ته مون ان ۾ اپلاءِ ڪيو ۽ چونڊجي ويس ۽ اهڙي نموني منهنجو خواب پورو ٿيو.

 

سرتيون: پيٽرونس يونيورسٽي بابت ڪجهه ٻڌايو؟

پرهه ابڙو: هي سيمي گورنمينٽ يونيورسٽي آهي. هيءَ تيل ۽ گيئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنيءَ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، ته جيئن هر ذهين ٻار کي سٺي تعليم پرائڻ جي هڪ چئرٽي (Carity) جي تنظيم آهي جنهن جو ڪم اُتان جي بي بهچ ۽ ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي.

هيءَ يونيورسٽي پراڪ جي اسٽيٽ ۾ آهي ۽ ملائيشيا جي گاديءَ جي هنڌ ڪوالالمپور کان ٽن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي. ڏاڍي خوبصورت ڪئمپس آهي. هن ۾ ڍنڍون، گرائونڊ، ساوڪ، وڻ ٽڻ، گل ۽ ٻوٽا تمام گهڻا آهن. شاگردن جي رهڻ جون خوبصورت هاسٽلون به اتي آهن ۽ لوڪل شاگردن کي به هاسٽل ۾ رهائش مليل آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ هر شعبو قائم ٿيل آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان گڏ فن ۽ آرٽ کي پڻ اهميت حاصل آهي. اُتي اسان شاگردن لاءِ موسيقي، ڊرامن ۽ راندين جا پروگرام ٿيندا آهن.

هن يونيورسٽيءَ لاءِ اعزاز ۽ خوشبختيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن يونيورسٽيءَ جو چانسلر مهاتير محمد آهي. مهاتير محمد ٻاويهه سال ملائيشيا جو وزير اعظم رهيو آهي ۽ ملائيشيا کي ٺاهڻ وارو اهوئي ماڻهو آهي. منهنجو خواب آهي ته مان جڏهن گريجوئيشن ڪريان ته مهاتير محمد کان ئي ڊگري وٺان.

سرتيون: اُتي ٻيا به ڪي پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن؟

پرهه ابڙو: هيءَ ڪپمني ملڪ جي جن جن علائقن مان تيل ڳولهي ٿي، انهن علائقن جي شاگردن کي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو ڏئي ٿي. انهيءَ ڪري اُتي صرف سنڌ جي شهرن لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ميرس جا شاگرد پڙهن ٿا. ۽ اُهي ئي شاگرد يونيورسٽي تائين پهچن ٿا، جيڪي نهايت ذهين ۽ محنتي آهن.

سرتيون: ڀلا I.T.I.S  جا ڪهڙا فائدا آهن؟

پرهه ابڙو: هڪ ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾ آءٌ چوندس ته تمام گهڻا فائدا آهن. ڇو ته I.T  جي ذريعي گهر ۾ ويهي سڄي دنيا سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. ڪا به جاب، ڪوبه ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو.I.T  جي ذريعي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڪري سگهن ٿا. گهر ويٺي توهان ملٽي ميڊيا تي ڪانفرنسنگ ڪري سگهو ٿا. وڊيو استعمال ڪري سگهو ٿا.

سرتيون: نوجوان پڙهائي ڇڏي سڄو ڏينهن چيٽنگ کي لڳا پيا آهن. انٽرنيٽ، ڪئبل وغيره جا ڪي منفي اثر به آهن، اوهان جو ان بابت ڇا خيال آهي؟

پرهه ابڙو: هونئن ته هر شيءِ جا مثبت ۽ منفي پهلو ٿين ٿا، پر منهنجي خيال ۾ I.T  جا مثبت اثر وڌيڪ آهن. هن سان ماڻهوءَ کي ڄاڻ ملي ٿي. تعليم ۽ تربيت ملي ٿي. انٽرنيٽ سان جاگرافيڪل فاصلا ۽ رڪاوٽون ختم ٿين ٿيون. هڪٻئي کي اي ميل ڪري سگهجي ٿي. آءٌ نٿي سمجهان ته اڄ جو نوجوان صرف غير ضروري چيٽنگ لاءِ انٽرنيٽ جو استعمال ڪندو هوندو. اڄ جو نوجوان باصلاحيت آهي ۽ دنيا جي لاهن چاڙهن کان واقف آهي.

سرتيون: جيئن اوهان ٻڌايو ته نيٽ وغيره جي ڪري فاصلا گهٽجي ويا آهن. ڀلا هڪٻئي سان رابطي هئڻ باوجود به ڪٿي اوهان کي گهر جي ڪا ڪمي ته محسوس نٿي ٿئي؟

پرهه ابڙو: ڀلي روزانو ڪيترو به رابطو هجي، پر گهر ۽ ان ۾ ماءُ جي موجودگي، ماءُ جو پيار، ماءُ جي سارسنڀال انهن جو ڪوبه نعم البدل ٿي نٿو سگي. پيءُ جهڙو پيار ۽ تحفظ ٻيو ڪير ڏئي نٿو سگهي ماءُ پيءُ جو اهڙو رشتو آهي، جو ٻار جيڪا خواهش دل ۾ سوچيندو آهي، اُها سندس اکين جي جهلڪ مان ماءُ پيءُ پرکي وٺندا آهن. خاص ڪري اُهي ماءُ پيءُ جن دنيا کي ڏٺو هجي. جن کي فطرت ۽ سماج جو ڳوڙهو اڀياس هجي، جن جو فن ۽ ادب سان گهرو ڳانڍاپو هجي. اهي اولاد لاءِ سڀ ڪجهه هوندا آهن، جيئن منهنجو پيءُ هڪ آرٽسٽ آهي ۽ منهنجي ماءُ ليکڪا آهي ان ڪري آهي وڌيڪ باشعور ۽ حساس آهن. مطلب انهن جهڙو ڪير به ٿي نٿو سگهي. ان کان سواءِ ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو وڙهڻ ۽ پيار به ڏاڍو ياد ايندو آهي.

سرتيون: ڀيڻ ڀاءُ جو وڙهڻ گهڻو ياد ايندو يا پيار؟

پرهه ابڙو: ٽهڪ ڏيندي، پيار گهڻو ياد ايندو آهي.

سرتيون: جيئن اوهان ٻڌايو ته گهر ۽ ڪٽنب جهڙي ٻي ڪا نعمت ناهي. پر هاسٽل جي زندگيءَ بابت اوهان جي ڇا خيال آهي. اها ٻار جي شخصيت ٺاهي ٿي يا ان ۾ ڪا کوٽ پيدا ڪري ٿي؟

پرهه ابڙو: منهنجو خيال آهي ته هر ٻار کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال بورڊنگ (هاسٽل) ۾ رهڻ گهرجي ۽ ماءُ پيءُ ۽ ڀينرن ڀائرن جي پيار کي سڃاڻن لاءِ اهو وڏو تجربو آهي. منهنجو خيال آهي ته ماڻهو هاسٽل ۾ هڪ مقصد، هڪ اميد هيٺ رهي ٿو. انڪري سندس شخصيت ۾ ڪا کوٽ پيدا ٿيڻ نه گهرجي. پاڻ وڌيڪ ذميوار ٿئي ٿو، ڇو ته هر ڪم پاڻ کي ڪرڻو پوي ٿو. پنهنجو خود خيال ڪرڻو پوي ٿو. آءٌ سمجهان ٿي ته ماڻهو هاسٽل جي زندگيءَ مان گهڻو ڪجهه سکي ٿو. ڇو ته اُتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگردياڻيون اچن ٿيون. مختلف مذهب، مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان ملي دنيا جهان کان باخبر ٿجي ٿو. سکڻ جو موقعو ملي ٿو، جيئن هندو، چائنيز، ڪرسچن، ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ هڪ ڀيڻ اُتي رهندي آهي، اُها تمام گهڻي حساس آهي ۽ هر ڪنهن جي بيماري وغيره ۾ تمام گهڻي خدمت ڪندي آهي. مطلب ته سڀني مذهبن سان واسطو رکندڙ سڀ شاگرد تمام بهترين اخلاق ۽ تهذيب جا مالڪ آهن.

سرتيون: اُتان جي ماحول ۽ هتان جي ماحول ۾ ڪو خاص فرق؟

پرهه ابڙو: اُتي سهپ ۽ درگذر گهڻي آهي. هڪ ئي روڊ تي مسجد، مندر، امام بارگاهه، ٽيمپل، مطلب ته هر مذهب جي ماڻهن لاءِ عبادتگاه موجود آهي. اُتي مذهب جي نالي تي ڪنهن ويڙهه، جهڳڙي يا خونريزيءَ جو نانءُ نشان ئي ڪونهي. مليشئن محنتي هڪٻئي جي مدد ڪندڙ، هڪٻئي سان وفاداري ڪندڙ ۽ پنهنجي ڪم سان سچا آهن. هرڪو چوندو آهي ته اسان کي ملائيشيا تي فخر آهي.

ان جي برعڪس اسان جي ملڪ جي ماڻهن ۾ نه ڪا سهپ آهي، نه ئي پنهنجي ڪم سان سچائي. اُتي تعليم عام آهي. شعور گهڻو آهي. اُن جي خاص سبب اهو به آهي ته اُتي جي حڪومت ٻارن کي مفت ۾ تعليم ڏئي ٿي ۽ انهن کي پنهنجي خرچ تي ٻاهرئين ملڪ موڪلي ٿي وڌيڪ تعليم ڏياري ٿي. مائٽن تي ٻارن جي ڳاٽي ڀڳين فين (هتي وانگر) جو بار ناهي. اُتان جي شاگردن کي قرض به سولي نموني ملي سگهي ٿو ته اسڪالر شپ به ملي سگهي ٿي. اسان وٽ غربت وڏو مسئلو آهي، جنهن منجهان ڪيترائي معاشي ۽ سماجي مسئلا ماڻهوءَ کي درپيش اچن ٿا.

ٻي ڳالھ ته ملائيشيا جي ڪاميابيءَ ۾ اتان جي اڳوڻي وزير اعظم مهاتير محمد جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هن ايندڙ 20 سالن جون پاليسيون به ترتيب ڏئي ڇڏيون آهن. هن ملائيشيا کي پاڻڀرو بڻايو. بزنس وڌايو ۽ ماڻهن کي سهولتون ڏنيون، تنهن ڪري ئي هُتي امن امان ۽ خوشحالي آهي. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ ٿي پوي ته مهاتير محمد ان علائقي کي سيل ڪرائي ڇڏيندو آهي ته جيئن اها فضا (جهيڙي واري) ڪنهن ٻئي ڳوٺ يا شهر تائين نه پهچي. اهڙيءَ طرح مذهبي ڪٽرپڻي کي بلڪل ختم ڪرائي ڇڏيائين.

سرتيون: مذهب اوهان جي نظر ۾؟

پرهه ابڙو: مذهب اهو رستو يا ذريعو آهي، جيڪو الله ۽ بندي جي وچ ۾ ڳانڍاپو رکي ٿو. انڪري اُتي ڪنهن ٽئين کي مداخلت ڪرڻ جي ضرورت ناهي. مون جڏهن سڀني مذهبن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ مختلف مذھبن جي ماڻهن جو مشاهدو ڪيو آهي ته ڄاڻ ملي آهي ته دنيا جا سڀ مذهب بااخلاق ۽ باڪردار معاشرو جوڙي ٿو ۽ گناهن، ڏوهن ۽ براين ڪرڻ کان روڪي ٿو. ڪنهن کي به غير مذهب سمجهي هُن کان نفرت ڪرڻ نه گهرجي. سڀني جو خلقيندڙ الله آهي، هو هر ڪنهن کي رزق رسائي ٿو ته پوءِ اسين ڪير آهيون ڪنهن کان نفرت ڪرڻ وارا.

سرتيون: زندگيءَ جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

پرهه ابڙو: زندگي الله طرفان هڪ خوبصورت تحفو آهي. هر ماڻهوءَ کي ڏک به ملندا آهن ته سک به. پر زندگيءَ جا ڏکيا ڏينهن به مضبوط ۽ اڏول ارادي اڳيان هوا جي جهوٽي وانگر گذري ويندا آهن. ان ڪري هر حال ۾ زندگيءَ جهڙي ٻي ڪا نعمت ناهي. چاهي ڪيتريون به تڪليفون اچن، پر زندگيءَ کي مثبت وٺڻ گهرجي. زندگيءَ جا لاها چاڙها به ائين آهن، جيئن سج هوندو آهي. جيڪو هر هنڌ اڀرندي روشني پکيڙيندو آهي. اهو اُتي موجود هوندو آهي، پر اسان کي لڳندو آهي ته سج اُلهي ويو آهي.

سرتيون: انسان اوهان جي نظر ۾؟

پرهه ابڙو: ماڻهو هڪ ڳجهارت آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ئي نه سڃاڻي سگهيو آهي. بهرحال انسان غريب هجي يا امير هجي پر اندر ۾ هر انسان ڏکويل آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته انسان جدوجهد ۾ آهي، تلاش ۾ آهي. هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن مقصد جي ڳولا ۾ آهي ته سندس وجود جو مقصد ڇا آهي؟

سرتيون: اهو ٻڌايو ته گوبيءَ جي گل کان سواءِ ٻيو ڪهڙو گل اوهان کي وڻندو آهي؟

پرهه ابڙو: وڏو ٽهڪ ڏيندي، مون کي ٿائلينڊ جو قومي گل جنهن کي آرچڊ چوندا آهن، اهو ڌاڍو وڻندو آهي. ٿائي ايئرپورٽ تي هر مسافر کي اهو گل ڏيندا آهن. پرپل رنگ جو گل جنهن جا پن وڏا هوندا آهن، ڏاڍي وڻندڙ خوشبوءِ هوندي اٿس.

سرتيون: ماءُ پيءُ اوهان جي نظر ۾؟

پرهه ابڙو: ماءُ پيءُ جي پيار جي گهرائيءَ سان الله پاڪ جي ذات کي سمجهي سگهي آهيان. مون اڳ ۾ به چيو ته پيءُ جهڙو تحفظ ڪير به ڏيئي نٿو سگهي. اها به منهنجي خوشنصيبي آهي جو منهنجو بابا آرٽسٽ آهي، انڪري آءٌ به آرٽسٽ آهيان. هو هڪ ڏاهو انسان آهي. هن جون خوبصورت سوچون آهن. هو اسان ٻارن کي چوندو آهي ته توهين جيڪو به ڪريو. جيڪو بڻجڻ چاهيو. مان توهان سان گڏ آهيان. انڪري (مون ۾ جيڪا بهادري آهي، اُها بابا جي ڪري آهي) فن، ڌرتي، تهذيب ۽ ثقافت سان پيار ڪرڻ مون کي بابا سيکاريو آهي. بابا ڪڏهن به ائين محسوس ناهي ڪرايو ته مان ڇوڪري آهيان. هُو پٽ ۽ ڌيئرن ۾ ڪوبه فرق ناهي رکندو.

ٻي هڪ شخصيت جنهن جو اسان جي سڄي ڪٽنب جي ڪاميابيءَ ۾ ڪردار رهيو آهي، اها آهي منهنجي امان ناني گل افروز ميتلو. هوءَ تمام وڏي دل ۽ وسيع سوچ جي مالڪياڻي آهي. سندس مثال آهي جو پنهنجن ٻارهن ٻارن کي بهتر کان بهتر تعليم ڏياريائين. سندس تربيت ڪيائين، جو هينئر سندس سمورو اولاد وڏن وڏن عهدن تي فائز آهي. سو جڏهن مون کي ملائيشيا جي اسڪالر شپ ملي ته منهنجي ماءُ مون کي پرديس ڇڏڻ نه پئي چاهيو، پر بابا وانگر امان نانيءَ به کيس اطمينان ڏياريو ۽ منهنجي ماءُ خوشيءَ سان مون کي اجازت ڏني.

مان امان نانيءَ جي ٻڌايل نصيحتن تي هلندي آهيان. ڇو ته مون کي خبر آهي ته هر ماڻهوءَ جي شخصيت ٺهڻ ۾ سندس ڪٽنب جو وڏو هٿ هوندو آهي، انڪري اهو ماڻهو پنهنجي وڏن جو عڪس هوندو آهي. هر ٻار جي بنيادي تربيت ان جي ماءُ ڪندي آهي ۽ ماءُ جي تربيت سندس ماءُ کان ورتل هوندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هڪ سلسلو جڙي ٿو.

سرتيون: محبت اوهان جي نظر ۾؟

پرهه ابڙو: محبت هڪ ڪڙي هوندي آهي، جيڪا محبت سان جوڙيندي آهي. پيار گهرندو آهي پيار. سو منهنجي خيال ۾ محبت جي پهرين ڪڙي آهي الله، سندس رسول ۽ اصحابن سان پيار ڪرڻ. پوءِ باقي سڀ رشتا ۽ واسطا اچن ٿا. الله بي نياز آهي، اهو به فرمائي ٿو ته بندا مون کي ياد ڪريو ته مان توهان کي ياد ڪريان. توهان هڪ قدم مون ڏانهن وڌندؤ ته مان ڏهه قدم توهان ڏانهن وڌندس. مطلب آهي:

Love Want Love

سرتيون: اوهان اُتي اڃان ڪيترو عرصو رهنديون؟

پرهه ابڙو: مون کي اڍائي سال اُتي رهڻو آهي، ان کان پوءِ پنهنجي ملڪ اينديس ۽ پنهنجن ديس واسين جي مدد ڪنديس. وطن جي خدمت ڪنديس. اهي خيال ۽ احساس منهنجي بابا طرفان مون کي مليا آهن. پنهنجي سيس کي ڪڏهن به نه وسارجي، جيئن اسان جي روحاني رهبر حضرت شاهه عبداللطيف فرمايو آهي.

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،

حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو!

سرتيون: اوهين اڄڪلهه هتي آهيو (سنڌ ۾) ڇا اوهان کي يونيورسٽيءَ جون ياد اچن ٿيون؟

پرهه ابڙو: مون کي يونيورسٽي ۽ ساهيڙيون وڻنديون آهن. پر امان ۽ بابا جتي هوندا، جتي منهنجو ڀاءُ ۽ منهنجي ڀيڻ هوندي، اُتي منهنجي دل هوندي. باقي ماڻهو جتي رهي ٿو، اُها ڌرتي ياد ضرور اچي ٿي. پر جيترو پيار ماءُ پيءُ سان هجي ٿو، ان جو ڇيهه ئي ڪونهي. جيئن سنڌ منهنجو ساڻيهه آهي، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد ۾ رهي آهيان، انهن سڀني جاين سان هڪڙو رشتو جڙيل آهي. ٻيو توهان کي ٻڌايان ته ملائيشيا ۾ فقط هڪڙي موسم آهي، انڪري مون کي پنهنجي ڌرتيءَ جون چارئي مُندون ياد اينديون آهن. هتي جي سياري جون سرد هوائون، بهار جون رنگينيون، خزان جي پن ڇڻ ۽ اونهاري جون لُڪون ۽ برساتون ياد اينديون آهن. هتان جي ريڊئي ۽ ٽي وي جا پروگرام ياد ايندا آهن. P.TV جا ڊراما ياد ايندا آهن.

سرتيون: اوهان چيٽنگ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڪندا آهيو؟ رومن سنڌيءَ ۾ يا انگريزي ۾؟

پرهه ابڙو: اسين انگريزيءَ ۾ چيٽنگ ڪندا آهيون. ڇو ته انگريزي بين الاقوامي ٻولي آهي ۽ منهنجو ڪٽنب اُها آسانيءَ سان لکي ۽ سگهي ٿو.

سرتيون: ملائيشيا ۾ ڪن سنڌي ڪٽنبن سان اوهان جي ڏيٺ ويٺ ٿي؟

پرهه ابڙو: اُتي هندو سنڌي ڪٽنب رهن ٿا، پر انهن سان مهنجي ويجهڙائي ناهي. هڪ هندو سنڌياڻي لوينا چندواڻي اسان سان پڙهندي به آهي. پر اُها چٽيءَ طرح پنهنجي ٻولي ڳالهائي نٿي سگهي. هُن جو خيال آهي ته اها وڏن جي ٻولي آهي، سو انڪري مان انگريزيءَ کي اهميت ڏيان ٿي. مون هن کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني، پر هُن چيو ته جڏهن سندس ڪٽنب هلندو ته پوءِ هوءَ ساڻن سنڌ ايندي. هوءَ اهو به چوندي آهي ته سندس وڏا سنڌ کي ساريندا آهن. پرهه ڏک جو اظهار ڪندي چيو: مون کي پنهنجن سنڌي ماڻهن سان سخت شڪايت اها آهي ته اُهي پنهنجي نياڻين کي تعليم لاءِ ٻاهر نٿا موڪلين. (ملائيشيا ۾) ايران، ٿائيلينڊ ۽ ٻين اسلامي ملڪن جون ڇوڪريون وڏي تعداد ۾ آهن. پر سنڌ مان فقط آءٌ هڪڙي ڄڻي آهيان. سنڌ مان ڇوڪرا اچن ٿا، پر مائٽ نياڻين تي يا ته اعتماد نٿا ڪن يا انهن کي اهميت نٿا ڏين. مون کي اها ڪمي شدت سان محسوس ٿيندي آهي ته اسان جي هاسٽل ۾ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ڇوڪريون آهن، پر مون کان سواءِ ٻي ڪا سنڌياڻي ناهي، جنهن سان پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي سگهان. توڙي جو مون کي تمام گهڻيون سٺيون ساهيڙيون آهن، پر ڪا پنهنجي ڌرتيءَ ڄائي ڪانهي. قوم جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته سندس نياڻيون اعليٰ تعليم يافته هجن. جيڪڏهن نياڻيون تعليم کان وانجهيل رهنديون ته اها قوم ترقي ڪري نه سگهندي. جيستائين سماج ۾ اڻ برابري هوندي، تيستائين سماج ترقي ڪري نه سگهندو. وقت جي تقاضا اها آهي ته اوهان جيترو اعتماد پٽ تي ڪريو ٿا، جيڪا آزادي ۽ موقعو پٽ کي ڏيو ٿا. اهو نياڻيءَ کي به ڏيو. ڇو ته هڪ مرد جي تعليم هڪ فرد جي تعليم آهي. هڪ عورت جي تعليم پوري خاندان جي تعليم آهي.

سرتيون: فلمون وغيره ڏسنديون آهيو، ڪي فلمون جيڪي اوهان کي پنسد هجن؟

پرهه ابڙو: انڊين موويز ڌاڍي شوق سان ڏسندي آهيان. اتفاق سان اُتي (ملائيشيا ۾) به انڊين موويز ڏسڻ جو ماڻهن ۾ گهڻو لاڙو آهي. منهنجي پسند جي فلم آهي: ”دل چاهتا هي.“

سرتيون: پوءِ ته اوهان کي موسيقي سان به دلچسپي هوندي؟

پرهه ابڙو: موسيقي تمام گهڻي پسند آهي. عابده پروين، علڻ فقير، جنيد جمشيد، حيدر علي، ”جنون گروپ“ انگريزي جو Bry Adam

سرتيون: جيئن ته اوهان جو گهراڻو آرٽ ۽ ادب جو سنگم آهي ته اوهان کي ادب سان ڪيترو لڳاءُ آهي؟

پرهه ابڙو: ادب پڙهڻ ۾ تمام گهڻو سڪون ۽ اطمينان ملندو آهي. معلومات وڌي ٿي. ذهانت وڌي ٿي. مون پنهنجي سڀني ليکڪن کي پڙهيو آهي. ان کان سواءِ مون انگريزي ادب به پڙهيو جيئن:

Roots Alex Haley

To kill a mocking bird, har per lee

Auto biography & Malcoi

Mx, Alex Haley

Books on Sufism Poetry

ٻيو ڪجهه جيڪو اوهان ٻڌائڻ چاهيو؟

ABOUT My experience in Malaysia:-

Studying in Malaysia has taught me allot of thing. I have learnt to be mote responsible. I have also learnt new things about myself. Like I have learnt that I am very brave and whenever. I have to face any kind of trouble I have learnt how to face it and pull through it I have learnt how to respect people, especially their culture, language and their different religions.

I have learnt how to make many friends. I have abundance of friends which are all from variety of ethnic backgrounds. To name some, I have made friends with Malaysia, Tamil Indians, Chinese, South Africans, Surmise, Indonesians, I radians, Sudanese, Vietnam’s, and Sikh Punjabis Malaysian. It has been a truly gifted experience, to study in Malaysia. I have never before this met so many different people in one place together ever before. And I thank Allah that all of my new friends like me equally as much as I like them. Some knew about me, ever before I talked to them. Because they got to know that theirs is only one girl from Pakistan who is very friendly. This is how they perceived me.

I believe that studies should be taken seriously but along with that one should gain as Malaysia has proven to be an ideal ground for me to grow in.

سرتيون: آخر ۾ سرتيون لاءِ ڪو پيغام؟

پرهه ابڙو: سڀني لاءِ اهو پيغام آهي ته زندگي ڏاڍي ننڍڙي آهي. اوهين جيترو حاصل ڪري سگهو ٿا ڪريو. بين جي زندگيءَ کي سکيو بنائڻ لاءِ مدد ڪريو. هر ڪو جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي هصي جو سٺو ڪم ڪندو ته هيءَ دنيا جنت ٿي پوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com