سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :3

 

عورت ۽ قانون

ننڍپڻ جي شادي

پاڪستاني قانون موجب ننڍپڻ جي شادي منع ٿيل آهي. 16 سالن کان ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائڻ تي والدين ۽ نڪاح پڙهائڻ واري کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ملي سگهي ٿي. (قانون امتناع ازدواج 1949ع) جيڪڏهن شاديءَ جي وقت ڇوڪريءَ جي عمر 16 سالن کان گهٽ آهي ته بالغ ٿيڻ تي قانون کيس اجازت ڏئي ٿو ته ڇوڪري ان شاديءَ کي رد ڪري سگهي ٿي، ليڪن ان لاءِ ضروري آهي ته اهي زال مڙس جي حيثيت ۾ زندگي نه گذاريندا هجن. ٻي صورت ۾ بالغ ٿيڻ تي ڇوڪريءَ کي طلاق لاءِ عدالت ۾ ڪاروائي ڪرڻي پوندي.

بالغ ڇوڪري جي شادي

18 سالن کان وڏي عمر جي ڇوڪري پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن هن وٽ رجسٽر ٿيل نڪاح نامو هوندو ته ماءُ پيءُ اها شادي رد ڪرائي نٿا سگهن. ٻي صورت ۾ يعني نڪاح نامو نه هئڻ جي حالت ۾ ڇوڪريءَ جو قسم نامو (يعني ائفي ڊيوٽ) جي ذريعي نڪاح ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

نڪاح

نڪاح نامي جي اهميت

مسلم فيملي لاز آرڊيننس موجب شادي ڪرڻ لاءِ نڪاح نامو ڀرڻ ۽ ان جا سمورا شرط پورا ڪرڻ ضروري آهن ۽ اهي وارڊ نڪاح رجسٽرار وٽ درج ٿيڻ ضروري آهن. ان جي ذميداري نڪاح پڙهائڻ واري مٿان آهي. جيڪڏهن هو اها ذميداري پوري نٿو ڪري ته سزا جي واجب آهي. (مسلم ئلي قانون 1961ع)

نڪاح نامو زال واسطي ڇو ضروري آهي:

1ـ جيڪڏهن نڪاح نامو رجسٽر ٿيل نه هوندو ته واسطيدارن مان ڪنهن جي فوت ٿي وڃڻ جي حالت ۾ خاندان جا ماڻهو وراثت جي حق کان محروم ڪرڻ لاءِ شاديءَ کي ئي ناجائز ۽ تڪراري ثابت ڪرڻ لاءِ قانون ڪاروائي ڪري سگهن ٿا.

2ـ زنا آرڊيننس هيٺ سزا ڏيڻ واري مسئلي نڪاح جي رجسٽريشن کي تمام اهم بنائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن زال مڙس مٿان زنا جو الزام لڳي وڃي ته سزا کان بچڻ لاءِ پاڻ کي شادي شده ثابت ڪرڻو پوندو ۽ رجسٽر ٿيل نڪاح نامي جي نه هئڻ جي صورت ۾ نڪاح ثابت ڪرڻو پوندو.

3ـ تڪرار جي صورت ۾ جيڪڏهن نڪاح جي ڪا ڌر نڪاح جي وجود کان انڪار ڪري ڇڏي ته نڪاح رجسٽر نه ٿيل هجڻ جي صورت ۾ ٻي ڌر لاءِ ان کي ثابت ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.

خاص شرط

نڪاح نامي جي شق 17 ۾ اجازت آهي ته ڪنهن به خاص شرط کي نڪاح نامي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڇوڪرو يا ان جا ماءُ پيءُ اهڙو شرط نڪاح نامي ۾ شامل ڪن، جنهن سان عورت جي قانوني حقن کي نقصان پهچي ته عدالتون اهو شرط قبول نه ڪنديون.

اسلام ۽ پاڪستان قانون موجب مهر ٻن قسمن جو هوندو آهي.

1ـ مهر معجل ۽ 2 ـ مهر موجل

1: مهر معجل

زال شاديءَ واري عرصي ۾ ڪنهن به وقت مهر جو مطالبو ڪري سگهي ٿي، جيڪو مڙس کي ادا ڪرڻو پوندو. ان صورتحال ۾ ازدواجي تعلقات قائم ٿيڻ کان پوءِ به زال ان وقت تائين مڙس سان گڏ رهڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي، جيستائين مهر نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن مڙس انڪار ڪري ته ٽن سالن جي اندر زال ڪيس ڪري سگهي ٿي.

2 ـ مهر موجل (مهلت بعد ادائيگي )

هي مهر جو اهو قسم آهي، جيڪو زال کي طلاق يا مڙس جي وفات جي وقت ملي سگهي ٿو. زال کي اهو حق حاصل آهي ته اها پنهنجي مرحوم مڙس جي ملڪيت مان پنهنجو مهر حاصل ڪري. ان ڪري مڙس جي خاندان مٿان اهو لازم آهي ته ملڪيت جي ورهاست کان اڳ بيواهه کي مهر ادا ڪري.

مهر معجل حاصل ڪرڻ لاءِ مڙس جي وفات يا طلاق جي ٽن سالن اندر ڪيس داخل ڪري سگهجي ٿو. مڙس جيڪڏهن زال کي پنهنجي ملڪيت مان ڪجهه ڏيڻ گهري ته فقط 311 حصو گفٽ جي صورت ۾ ڏئي سگهي ٿو، پر اهو حصو عورت جي مهر ۽ شرعي حصي کان علاوه آهي.

مهر مثل ڇا کي چون ٿا؟

حق مهر جيڪڏهن نڪاح نامي ۾ مقرر نه ڪيو وڃي، ان صورت ۾ زال مهر مثل جي حقدار هوندي آهي، يعني جيڪڏهن ڌرين جي وچ ۾ مناسب مهر جو فيصلو نه ٿيو هجي ته عدالت کي اهو حق پهچي ٿو ته مرد جي مالي حيثيت ۽ ڌرين جي سماجي زندگي ۽ رهڻ سهڻ کي نظر ۾ رکندي مناسب مهر مقرر ڪري. عدالت پاران مقرر ڪيل مهر کي مهر مثل ڪوٺجي ٿو.

شادي واري عرصي ۾ مهر جي رقم وڌائي سگهجي ٿي.

شرعي مهر

ڪي گهوٽ وارا شرعي مهر تي زور ڏيندا آهن. انهن جي ڌيان تي اها ڳالهه آڻڻ گهرجي ته چوڏهن سؤ سال اڳ شرعي مهر 32 دينار مقرر ٿيل هو، جيڪو اڄ جي دور ۾ پنج تولا سون جي برابر آهي. اسلام ۾ اهڙي ڪا پابندي ناهي ته مهر، شرعي مهر يا گهٽ يا زياده نه مقرر ڪيو وڃي.

نان ونفقه

هر مڙس مٿان لازم آهي ته هو زال کي عدالت مطابق نان ونفقه يعني زندگيءَ جون ضرورتون ۽ تحفظ مهيا ڪري ۽ مدد ڪري. نان ونفقه ۾ کاڌو، ڪپڙو، رهائش ۽ اهي تمام خرچ شامل آهن، جيڪي ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ ضروري آهن. عدالتن مطابق ان ۾ ٻار ڄمڻ جو خرچ ۽ جسماني ۽ ذهني صحت پڻ شامل آهي.

جيڪڏهن مڙس نان ونفقه نه ڏئي ته ان حالت ۾ زال مسلم عائلي قانون جي شق نمبر 9 هيٺ نان ونفقه لاءِ ڪيس ڪري سگهي ٿي. نان ونفقه لاءِ يونين ڪائونسل جي ذريعي پڻ دعويٰ داخل ڪري سگهجي ٿي.

طلاق لاءِ مليل حق

نڪاح نامي جي خاني 18 ۾ عورت کي طلاق حاصل ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن عورت وٽ طلاق جو مليل حق هوندو ته کيس طلاق حاصل ڪرڻ لاءِ عدالتن جا ڦيرا ڪونه لڳائڻا پوندا. جيڪڏهن هوءَ پنهنجي مڙس کي لکت ۾ طلاق جو نوٽيس ڏئي يونين ڪائونسل کي اطلاع ڏئي ته نوي (90) ڏينهن اندر عورت آزاد ٿي سگهي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com