سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :14

 

منيزا وڳڻ

محبت جي احساس جي ڳولا

محبت جي تاريخ به اوتري ئي گهڻي قديم آهي، جيتري بني نوع انسان جي تاريخ. اهو محبت جو رشتو ئي آهي، جنهن انسان کي اجتماعي حياتيءَ جي لڙيءَ ۾ پوئڻ شروع ڪيو ۽ فردن جي حياتي گذارڻ جو مقصد آڇي، زهر ڀري زندگي ۾ امرت جا ماڪ ڦڙا اوتي جيئڻ جي سائنس عطا ڪئي.

محبت جيڪي سک آ، امن آ، اطمينان آ، اوندهه ۾ روشنيءَ جو ڪرڻو آ، ان جي هاڪاري احساس غائب هجڻ سبب محبت جو حقيقي مقصد فوت ٿي چڪو آهي ۽ انهيءَ محبت جي باري ۾ اڪثر شخصيتن جا پنهنجا پنهنجا نظريا آهن، ڪن محبت کي غرضن تي پرکڻ شروع ڪيو. ڪن همدرديءَ تي ته ڪن وري حوس ۾ ڳولهڻ شروع ڪيو، انهن مان وري خاص ڪري پوئين فڪر جا پوئلڳ مڙئي سوايا آهن، جن محبت جي سچاين کي جنس مان کوٽي ڪڍڻ جا ناڪاري لاڙا پيدا ڪري، محبت جهڙي عظيم ۽ پوتر رشتن کي آڻي بازاري درجي تي بيهاريو آهي ۽ اڪثر فردن انهيءَ فڪر جي ور چڙهي محبت جو اهوئي منفي تصور قبول ڪري ورتو، جنهن جا تمام اگرا نتيجا نڪتا ۽ اڃا تائين نڪري رهيا آهن. تنهن کان پوءِ فردن محبت جهڙي لطيف جذبي کان لاتعلقي ڏيکارڻ شروع ڪئي.

اهڙي قسم جي فڪر نه رڳو محبت پر نه ڄاڻ ڪيترن ئي فردن کي برغلائي ڀٽڪيل رستن ڏانهن پئي نيو آهي ۽ اهڙي قسم جي محبت ۾ خاص ڪري اخباري سرخين تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ۾ جنسي حوس اجهائڻ لاءِ نه ڄاڻ ڪيترن جوڙن کي گهران ڀڄڻ تي همٿايو آهي ۽ اهڙن جوڙن جي باري ۾ هر روز ملڪ جون اڪثر اخبارون ڀريون پيون هونديون آهي ته فلاڻي شهر ۾ فلاڻي ۽ فلاڻي ڇوڪري محبت جي ڪري گهران ڀڄي شادي ڪري ڇڏي يا فلاڻي ۽ فلاڻي ڇوڪري عزيزن کان بغاوت ڪري ڪورٽ مئرج ڪري ڇڏي يا فلاڻي ڳوٺ مان پريمي جوڙي ڀڄي شادي رچائي وغيره وغيره. تنهن مان ڪيتريون ڇوڪريون واپس عزيزن ڏانهن وريون ۽ پوءِ انهن تي ڪيترو تشدد ڪيو ويو، يا ڪيتريون دارالامان ڏانهن ويون ۽ ڪيترين چڪلن ڏانهن رخ ڪيو. اهي ئي اخبارون آخر ان جو انجام ڇو نه ٿيون لکن ته اهي پريمي جوڙا ڪهڙي ٽارچر هيٺ حياتي گذاري رهيا آهن ۽ ڪيترين آپگهات ڪري پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو گُل ڪري ڇڏيو. ڇا اسين ان کي محبت چونداسين؟ نه بلڪل نه!

محبت ته نالو آهي پاڪيزگيءَ جو، سڪون جو، پرڪيف زندگي گذارڻ جو، محبت ته نالو آهي ٻن روحن جي ميلاپ جو ۽ هي انهن کي جسمن ۾ ڳولهي رهيا آهن. جڏهن ته جنس سان نسل انساني جي ارتقا ٿيندي آهي ۽ محبت سان انساني روح جي ارتقا ٿيندي آهي، شايد انهن کي اها خبر نه آهي ته جسم جي لذت روح لاءِ عذاب مثل آهي، ڇوته جنهن شخص محبت کي جسم ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهن وڃايو آهي، حاصل نه ڪيو آهي ۽ جنهن محبت کي روح ۾ ڳوليو آهي، تنهن پاتو آهي.

محبت ته احساس آ، هڪ لافاني احساس. انهيءَ محبت لاءِ ئي خليل جبران چيو آهي ته: ”جڏهن توهان محبت ڪريو ته وچ ۾ وٿي ڇڏي ڏيو ته جيئن هوائون توهان ٻنهي جي وچ ۾ آزاديءَ سان رقص ڪري سگهن.“

جسماني محبت ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس ذهني انتشار پيدا ٿي پوندو آهي، جنهن جو اظهار هو هن سماج ۾ تهذيب وسيلي ظاهر ڪندا آهن. ڇوته اهي فرد پائڻ کان بعد پاڻ کان سوال ڪندو آهي ته مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ به پياسو ڇو آهيان، منهنجي من ۾ اوندهه ڇو ڇانيل آهي، ۽ منهنجي اندر ۾ اهائي کوٽ وري ڇو ڪر کنيو بيٺي آهي. تنهن کان پوءِ اهو وري ٻي ڇوڪريءَ جي پٺيان لڳي ۽ ائين ئي سموري حياتي پريشانيءَ ۾ گذاريندو آهي. ڇوته جسمن مان ڪجهه به حاصل ٿيڻو نه آهي. سواءِ هڪ کن جي لطف ۽ عمر ڀر جي عذاب جي! ٻئي پاسي روحاني محبت آهي، جا حامل نه ٿيڻ سان به سموري حياتي پر ڪيف گذرندي آهي، جنهن جي فلسفي مطابق ”ملڻ سان جدائي ۽ جدائي سان ملڻ آهي.“

اهڙي محبت سماج ۾ تخريب جي بجاءِ تعمير جو ٻج ڇٽيندي آهي، اهڙي محبت جيڪڏهن پيدا ٿي پوي ته فرد جي حياتيءَ کي هڪ نئون جنم ملي پوندو آهي. لافاني جنم. بلڪل روح جيان! ان لاءِ اچو ته محبت جي احساس تان حوس جي دز لاهي فردن جي اڳيان پيش ڪيون ۽ ائين ڪرڻ سان ئي اسين سڀ محبت جو فرض ادا ڪري سگهون ٿا.

شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ چيو آهي ته:

جيڪي فراقا، سو وصلا نه ٿئي،

اچي اوطاقا، پرين مو پري ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com