ارم محبوب
وفائون
شاعر شعر لکي ٿو…….
ڀِت ڏي تڪي ٿيو…….
ٿڌو ساهه ڀري ٿو……
نئون سگريٽ دُکائي،
اندر کي جلائي.
وري شعر هڪڙو
هو نئون ڪو لکي ٿو.
ڀت ڏي تڪي ٿو….
آڪاش کي نظر سان…….
هر هر چُمي ٿو،
سڄڻ پنهنجي جو….
ڄڻ ته نياپو پَسي ٿو.
گهرا گهرا وَر وَر ڪري……
سگريٽ جا ڪش هو ڀري……
ڀِت ڏي تڪي ٿو….
جتي ويٺل ڪانءَ هڪڙو…….
حيرت وچان ويچارو
ڪڏهين شاعر کي،
ڪڏهن شعر کي تڪي ٿو…..
۽ سوچي ٿو پشيمانيءَ مان…
چرٻٽ چرئي کي،
اهو ڪيئن ٻڌايان،
اوهانجو سڄڻ اڄ ڪنهن ساڻ رُلي پيو!!
آثم ناٿن شاهي
ٿاٻو
حوسن معصوم هو _
چادر ۾ ڍَڪيل هو _
شهر آيو هو / اڪيلو هو _
اُڃ کان مجبور ٿي هوٽل تان گُهريائين پاڻي.
هَٿُ انهيءَ هَٿَ ڏي وڌايائين:
هو جنهن هَٿَ ۾ پاڻي،
انب جي ڪور تان تِرڪيس پيرُ _
اچي ويس ٿاٻو
حُسن معصوم هو _
چادر ۾ ڍڪيل هو _
پَر، گُهرج چادر ۾ لِڪي ڪانه سگهي.
گهرج معصوم نه ٿيندي آهي _
گُهرج کارائيندي آهي ٿاٻو!
عزيز گوپانگ
غزل
ياد اچي ٿي ليڪن،
دور رهي ٿي ليڪن.
ڇهڻ چاهيان ٿو کيس،
هُو ڊڄي ٿي ليڪن.
رنگ نه هنجو ڪوئي،
پوپٽ لڳي ٿي ليڪن.
پير پٿون ۽ وئشيا،
روز نچي ٿي ليڪن.
وسيم سومرو
گيت
تيز بارش ۾ پرين!
اڃ جو احساس ڇو وڌندو وڃي ٿو _
آءٌ ڪڪرن سان ڊڪان ٿو،
پر پريان آڪاش ڇو وڌندو وڃي ٿو،
اڃ جو احساس ڇو وڌندو وڃي ٿو،
مان کڻان ٿو وک هڪڙي،
ست وِکون اتهاس ڇو وڌندو وڃي ٿو،
اڃ جو احساس ڇو وڌندو وڃي ٿو.
سڀ ڇڏي آواز پُٺتي،
سانت ۾ بنواس ڇو وڌندو وڃي ٿو،
اڃ جو احساس ڇو وڌندو وڃي ٿو.
ڪنهن پرانهي پار تنهنجو!
هيءَ وارن واس ڇو وڌندو وڃي ٿو،
اڄ جو احساس ڇو وڌندو وڇي ٿو.
فضه غزل
وائي
تنهنجا هي سارا
تحفا لڙڪ مليا
پيار جي پلاند ۾،
هر پل اوسيئڙو،
يادون هي ٻَڌل
پيار جي پلاند ۾.
سُرهاڻ نه آهي ڇو؟
گُلَ هي ڪوماڻيل
پيار جي پلاند ۾.
”درد ڪيڏو هو“
نيڻ ڏس ڀنل
پيار جي پلاند ۾.
سلمى پنهور
غزل
دکن سان زندگيءَ کي سجائي ڇڏيو آمون،
هڪٻئي پٺيان سڀن کي ڀُلائي ڇڏيو آمون.
ڪٿ ٿي مليا هي رستا، ڪٿ ٿي ملياسين تون ۽ مون
ها توسان گڏ رستن کي وڃائي ڇڏيو آمون.
توکي وڻيو ٿي رنگ بسنت جو اهڃاڻ پيلو،
ان رنگ سان جيون کي رنگائي ڇڏيو آمون
ڪيسين ڀلا هي جاڳيل سپنا اکين ۾ هوندا،
دردن جي لوري ڏئي تن کي سُلائي ڇڏيو آمون.
هُن ٿي چيو ته جيون، ڪو تهڪ سهڻو آهي،
ان ٽهڪ سان محفل کي رُلائي ڇڏيو آمون.
تون ويو ڇڏي آن مون کي، ماڻهن ۾ پر مٺا،
ڇڏي ڏنو مون توکي، هلائي ڇڏيو آمون.
گلشن سنڌو سولنگي
”ٻه سٽا“
آزاديءَ جي عَلَمَ کي سانڍي رکبو،
بس پنهنجي قلم کي سانڍي رکبو.
نه ياد اهي ساعتون، نه ياد اهي ڏينهن،
سمي سمي ساڻ هئا، جنهن ۾ تنهنجا نينهن.
زيب النساء وينگس
گيت
جوڙن جي ڪهاڻي
ڪنهن سان ڪريان دل جي اُڌمن رت جي ڳوڙهن جي ڪهاڻي
پنهنجن پُورن _ سُڏڪن سورن _ مَن جي صدمن جي ڪهاڻي.
اک جو اک سان، دل جو دل سان ميل ٿيو مَس شور متو
جڳ جي ماڻهن جوڙي ورتي طعنن تُنڪن جي ڪهاڻي.
ڪهڙا ڪهڙا پار پتا ڏيان _ پنهنجو پاڻ بيان آهي،
چيريل چچريل هن چولي جي، آلي دامَن جي ڪهاڻي.
ڪا زخمي دل کي آٿت ڏيو، ڪجهه اُٿلايو پُٿلايو
همدردو! هيئن مُفت نه ڇيڙيو منهنجن زخمن جي ڪهاڻي.
دل پُرزا ٿي پوندو يا ڦٿڪي دم ٽوڙيندؤ!
اي سرتيون، جي کولي وِجهنديؤ ڪارن قهرن جي ڪهاڻي
لينڍ وڏي آ شيطانن جي _ بي قياس ڪٺورن جي،
ڇا دُهرايان دل جي ڪارن _ دوکيبازن جي ڪهاڻي.
چهرن تي تحرير ٿين آه ظلم جي آثارن جو نشان.
ڇورن ٻارن بيواهن جي، اَڻڀن وارن جي ڪهاڻي.
وينگس ته رڳو مظلوم نه آهي، جو پنهنجي ڳالهه ڪري،
هرجا دفنائي پئي آهي _ پيارن جوڙن جي ڪهاڻي.
رجب ٻگهيو
نظم
هڪ دؤر هو جو گذري ويو،
۽ شايد توکان وسري ويو!
ٿي چنڊ اڱڻ تي مُرڪي پيو،
۽ گيت هوائن ڳاتا ٿي.
ٿي چاهه جي چپڙن چاهه چُميو،
۽ چاهت چنگ به چوريو ٿي!
هوءَ رات به ڪيڏي رات هُئي،
جنهن ڪارو ويسُ نه لاٿو ٿي!
سا رات وساري ڪيئن سگهان!!
جنهن رات نه روح ريجهايو ٿي،
۽ منهنجو منُ پرڀايو ٿي!
ويا سال لنگهي ڏس ساريندي،
سا رات نه ٻيهر آئي آ،
۽ راحت راس نه آئي آ
سا رات به شايد ڏور وئي،
۽ مون کان ٿي وهلور وئي!
اڄ گيت سڀيئي گهايل ٿيا،
ڄڻ ميت بنا سي سائل ٿيا.
سڀُ ساز ويا سنگيت ويا،
۽ آس اُجهاڻي ديپ ويا،
ٿِي نينهن جي ڪاڏي ناؤ وڃي،
جنهن کان ته ڪنارا ڏور ٿيا
۽ سپنا چڪنا چور ٿيا!!
مهر خادم
غزل
رات جو چنڊ ۽ ستارن ۾
سونهن تنهنجي پرين نظارن ۾.
تنهنجي خوشبو آ رات راڻيءَ ۾
تنهنجو احساس جيءَ جيارن ۾
جيءَ کان وڌ مٺي او ماتا سنڌ!
گل جهومن تنهنجن ڪنارن ۾
ڪوئي دل ۾ چئي مرڪيو،
”هن کي ته اچڻو ئي آ بهارن ۾.“
هيءُ سانوڻ اچي، اچي نه اچي،
آءُ ڪي پيل رهون قرارن ۾.
وائي
تنهنجن ۽ منهنجن
پرين! رشتن جو
مانُ مٿانهون آ.
پيارُ _ ٽهڪ، گڏ گهمڻ،
اهڙن لمحن جو.
مانُ مٿانهون آ.
احساسن سان ڀريل،
سهڻين گيتن جو _
مانُ مٿانهون آ.
پيار _ نگر جا رهواسي!
تنهنجن رستن جو _
مانُ مٿانهون آ.
اونداهيءَ ۾ ٻرندڙ،
ننڍڙن ديئن جو
مانُ مٿانهون آ.
ايس وفا پريل
ماضيءَ جون يادون
تيز هوا جي جهونڪن،
کوليو ورق پراڻو........۽........
ماضيءَ جو اٿليو...........اڄ
وري هڪ ڪتاب..........
تنهنجيون يادون، تنهنجيون ڳالهيون،
ياد ڏيارڻ آيون هوائون....
تنهنجا نخرا، تنهنجيون ادائون.
ياد ڏيارڻ آيون........ هوائون........
تنهنجو ملڻ.......تنهنجو وڇڙڻ......
ياد ڏيارڻ آيون هوائون.
فياض چنڊ ڪليري
غزل
تنهنجن نيڻن ۾ پيار پاتوسين،
جان! هاڻي قرار پاتوسين.
تنهنجي نظرن جي نينڊ جي آڏو،
دل کي بي اختيار پاتوسين.
ساهه راهن ۾ ڄڻ ته رهجي ويا.
خُود کي توکان جو ڌار پاتوسين.
تو جو ٻانهن جون دريون ٻيڪڙيون،
ڄڻ گلابن جو هار پاتوسين.
خواب ۾ تون ڇڏي وئينءَ خوشبو،
جاڳ ۾ ڀي خُمار پاتوسين.
چاندنيءَ سان ڇو ڪيئي کينچليون،
”چنڊ“ کي بي قرار پاتوسين.
خليل عارف سومرو
غزل
زندگي مختصر ٿي وئي،
سا به غم جي نظر ٿي وئي.
هُن ته نعرو ٻڌي جو هنيو،
قوم ڇو منتشو ٿي وئي.
روشنيون رنگ گڏجي هليا،
هوءَ جا همسفر ٿي وئي.
ڳوٺ منهنجو گهمڻ جو آئي،
بستي خوشبو نگر ٿي وئي.
تنهنجي اوسيئڙي ۾ مٺي،
جاڳندي ئي سحر ٿي وئي.
سو ڪو ئي سُڻي ئي نٿو،
آهه جو بي اثر ٿي وئي.
اُن حياتي جو ڪهڙو ذڪر،
درد سان جا بسر ٿي وئي.
هڪڙو ”عارف“ رلي جو وَيو،
شاعري دربدر ٿي وئي. |