زيڊ. اي. شيخ
سنڌي زيور
زيورن جو استعمال ڪڏهن کان شروع ٿيو، سو ڪجهه وثوق سان نٿو چئي
سگهجي، نه ئي ڪو وقت مقرر ڪري سگهجي ٿو. وقت جي
تاريخ به انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه عرصو ساٿ ڏئي ٿي، پر
تنهن کان پوءِ اها به خاموش ٿيو وڃي. ۽ اهو مسئلو
هڪ معمو بنجيو وڃي ته آخر زيورن جي ابتدا ڪڏهن کان
ٿي؟ بهرحال، جيستائين تاريخ جو ساٿ آهي، تيستائين
زيور به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ملن ٿا. انهن جي
موجودگيءَ جا ثبوت گهڻو ڪري هر پراڻي کنڊر مان
مليا آهن، ۽ اڄ اهي مختلف عجائب گهرن جي زينت بنيل
آهن، جيڪي پنهنجي دور ۾ عورت جي پياري شي هئا.
اسان وٽ به زيورن جي موجودگي تمام گهڻي عرصي کان آهي. موئن جو
دڙو انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي ڪافي رهنمائي ڪري ٿو.
ها ثابتي زيورن جي ابتدا ته نٿي چئي سگهجي، پر اها
خبر ضروري پوي ٿي ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ عورت
ڪهڙا زيور استعمال ڪندي هئي. موئن جي دڙي مان لڌل
زيور انهيءَ ڳالهه جو به ثبوت آهن ته ان زماني جي
عورت زيورن جي شوقين هئي.
زيور اڄ جي دور ۾ به عورت لاءِ اهڙي حيثيت رکن ٿا، جيڪي اڳئين
دور ۾ هئي. فرق صرف اهو آهي ته ڪڏهن اهو مٽيءَ مان
ٺهندو هو، ڪڏهن پٿر مان ٺهيو، لوهه مان ٺهيو، ۽
آخر سون ۽ هيرن جواهرن انهن جي جاءِ ورتي. پراڻيءَ
تهذيب کي پوئتي ڇڏيندي، اسان هڪ اهڙي ماحول ۾ جنم
ورتو آهي، جيڪو رسمن رواجن ۽ فئشن جي چڪر ۾ جڪڙيل
آهي. ائين به نه آهي ته حالتون هڪجهڙيون رهيون
آهن، پر بدستور بدلجندڙ آهن. اڄ اسين هڪ پاسي
زيورن جي قيد کان بچڻ چاهيون ٿا، ته ٻئي طرف وري
اهي نون نون نمونن ۾ اسان جي سامهون اچن ٿا، ۽
زيور کان بچندڙ عورت وري به انهيءَ ۾ ڦاسيو وڃي.
تنهن هوندي به اڄ جي سڌريل ماحول ۾ اهي زيور نه آهن، جيڪي ڪجهه
وقت اڳ اسان وٽ عام مروج هئا، ۽ اهو تمام ٿورين
عورتن کي معلوم هوندو ته ٽيهارو کن زيور هئا، جن
کي ”سڄي ساهه“ سڏبو هو. اهي زيور گهڻو ڪري چانديءَ
جا هوندا هئا ۽ ٿورا سون جا.
اها عورت ڪيڏي نه خوبصورت لڳندي هوندي، جيڪا ٽيهه _ ٻٽيهه زيور
پائي، ناز سان هلندي هوندي ٿوريءَ دير لاءِ تصور
ڪري، پنهنجي ذهن ۾ انهيءَ سادي سودي ڳوٺاڻي
ڇوڪريءَ جي تصوير ڏسي سگهجي ٿي. پر اسان کي اها
خبر ڪانهي ته انهن زيورن جا نالا ڪهڙا آهن، شڪليون
ڪهڙيون آهن، ۽ ڪٿي استعمال ٿين ٿا، ڇو ته انهن
مڙني زيورن (سڄي ساهه) ۾ گهڻا ناپيد آهن يا جيڪڏهن
ملن ٿا،ته به اهڙن هنڌن تي اسين پهچي نٿا سگهون.
انهيءَ ”سڄي ساهه“ جا زيور شايد هي هوندا:
نڪ جا زيور: بولو، نٿ ۽ وينڍو.
ڪن جا زيور: پنڙا، نسبيون، جئيندڙو، ڇالر، والا، والن جون
جهمٽيون.
ڳچيءَ جا زيور: هس، ڪٺمال، تعويذ، چندن هار ۽
دهري.
مٿي جا زيور: آلي ڏاڻ سوڌي، صرف آلي ۽ چوٽي ڦل.
ٻانهن جا زيور: چانديءَ جي ٻانهين، ڪنگڻ، دستيون،
واڍولا، ڪتيريا، ڪنگڻيون، بازوبند يا ٻانهن رکيون.
هٿن جا زيور: ويڙهه، کيرول، کٽڻهار، ڇٽ، منگلي يا هٿ ڇٽ.
پيرن جا زيور: نورا، ڪڙيون، پازيب، ساٽو، پٽيون، ڇير، ڇلا ۽
منڊيون.
هاڻي اچو ته انهن زيورن کي تفصيل سان ڏسون.
نڪ جا زيور:
جيئن ته اسان جي رسمن ۽ رواجن ۾ هٿ سهاڳ جي نشاني سمجهي وڃي ٿي،
تنهنڪري ان کي ٻين زيورن کان اوليت ۽ اهميت حاصل
آهي. اهو ضروري آهي ته سهاڳ جي نشاني قيمتي هجي،
تنهنڪري اها هميشه سوني هوندي آهي. نٿون گهڻن قسمن
جون ٿين، ۽ مختلف قومون پنهنجي رسم ۽ رواج مطابق
استعمال ڪن. مور نٿ، ڇپر نٿ، شورڪي نٿ، جهائينءَ
تي ۽ جهالرتي نٿون خاص قسمن جون آهن. مور نٿ ٻن يا
ٽن تولن جي ٿئي. ان ۾ نڪ وارو حصو لسو ٿيندو آهي،
۽ نٿ جي هيٺئين حصي ۾ ڳاڙهي لعل، پارڙا، وري پارڙن
جي پاسن کان ۽ وچ ۾ لعل. جهالر يا جهائينءَ تي
نٿيون به ساڳئي وزن جون ٿين، يا وڌيڪ به ڪري سگهجن
ٿيون. هيٺيون حصو سونيءَ جهالر جو ٿئي، ۽ وچ ۾
رنگين ننگن جي چٽسالي، ۽ ان جي پاسي ۾ وري مور
ٿئي، جنهن ۾ موتين جي جڙات ۽ مٿئين حصي ۾ سوني لعل
۽ موتيءَ تي سون سان جڙات ٿيل هوندي آهي. نڪ وٽ
وري نٿ جي ڦلي ٿئي، جيئن نٿ جي تار نڪ کي تڪليف
نه ڏئي. نٿ جي پاسي کان (ڪن جي پاسي) ڏاڻ، يعني
سنهڙين پوپٽين سان هڪ پٽو نڪرندو آهي، جيڪو ڪنڍيءَ
جي ذريعي وارن ۾ اٽڪايو ويندو آهي. انهيءَ ڏاڻ جي
ڪري نٿ مضبوطيءَ سان هڪ پاسي بيٺي رهندي آهي.
بولو: ٻيءَ _ ٽيءَ تاريخ جي چنڊ جهڙيءَ شڪل جو ٽڪر آهي، جيڪو نڪ
جي وچينءَ ڀت ۾ پاتو ويندو آهي، اهڙيءَ طرح، جو
اهو هميشه چپ جي مٿان لٽڪيو بيٺو هوندو آهي. هن جا
قسم چٽائون، لالائون ۽ بينسري آهن.
چٽائون: سون جو اڌ گول ٽڪر، جنهن ۾ سون جي ڪنگريءَ سان چٽسالي ۽
هيٺان ننڍڙي مڇلي ٿئي.
لالائون: هي صرف گول سوني تار ٿئي، جنهن ۾ پاسن کان ننڍڙيون
مڇليون ۽ وچ ۾ لعل ٿئي.
بينسري: ٻولي جو هي قسم چٽائون جهڙو ٿئي ٿو. فرق صرف اهو آهي جو
هن ۾ وچئين حصي تي سوني جاري پوتل هوندي آهي.
ڪن جا زيور:
پنڙا: ٽي ڦل، جنهن تي چانديءَ جي اُڀي قبي جي نموني سان هڪ ٽڪرو
ٿيندو آهي، ۽ ان جي مٿان، منهن تي ٽي چار ننڍيون
داڻيون ٿينديون آهن، ۽ وري انهن تي هڪ ڇٽ ٿيندو
آهي. پنڙن جي ڳري هئڻ ڪري، انهن ۾ ڌاڳا وجهي، ڪن
جي پٺيان ورائي، پنڙن جي پٺئين حصي ۾ وجهي ورائي
ڇڏبا آهن.
ولايا ڏيڍا: والو ڪن جي وچئين حصي ۾ پائبو آهي. اهو گول ۽ لسو
ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ تي گلڪاري به ٿيل
هوندي آهي، نه ته والي کي وٽ ڏنل هوندا آهن. هي
ڪافي خوبصورت لڳندو آهي.
نسبيون: ڇلي جهڙيون ٿينديون آهن، جنهن ۾ چانديءَ جو ڦل ٿيندو
آهي، انهيءَ جي مٿان سنهين ڪنگرين سان جڙات ٿيندي
آهي.
جيئندڙو: ڪن جو بلڪل مٿيون حصو. جئيندڙو هميشه ڪن ۾ رهندو آهي.
هن جي بناوت سنهڙي والي جهڙي ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٽي
ستارا هوندا آهن.
ڇالر: هي به پنڙن وانگر ٿين، پر فرق صرف اهو آهي جو پنڙا وڏا ۽
ڪنگرا ٿين، ۽ هي ننڍا ۽ لسا ٿين. هي ڪن جي سوراخن
جيترا ٿيندا آهن، ٽي يا چار. اهي سڀ هڪ ئي ڌاڳي ۾
پوتل ٿين، جيڪي جدا ڪڏهن به نه پائي سگهجن.
والن جون جهمٽيون: ڪن جي مٿئين حصي کان وٺي ڪن جي پاپڙيءَ تائين
گهٽ ۾ گهٽ چار _ پنج واليون پائبيون آهن، ۽ اهي
الڳ الڳ نه پر گڏ پائبيون آهن. هڪ تار ۾ چوڪنڊي
چاندي جو ٽڪر ٿئي، جنهن جي مٿان ڪابه جڙات وغيره
نه ٿيندي آهي ۽ لسو ٿيندو آهي. اڪثر زالون هڪ ئي
وقت پنڙا ۽ ڇالر پائين.
ڳچيءَ جا زيور:
هس: چانديءَ مان ٺهندو آهي ۽ اٽڪل اڌ سير کن جو ٿيندو آهي: پر
ننڍين ڇوڪرين لاءِ ڏيڍ پاءُ جو ٿئي. هس جو وچ ٿلهو
۽ پاسن ڏانهن آهستي آهستي سنهو ٿيندو ويندو آهي، ۽
آخري حصو، يعني پٺيون حصو، ٿورو کليل ۽ سنهو ٿيندو
آهي، جنهن تي سنهي گلڪاري هوندي آهي. باقي پٺئين
حصي تي، منهن وٽ، هڪ گول داڻي جيان ٿئي، انهيءَ
لاءِ ته پٺيان ڳچيءَ ۾ نه لڳي، ۽ خوبصورت به ٿئي.
هي شاديءَ ۾ ڪنوار کي پارائبو آهي.
ڪٺمال: هي به چانديءَ جو ٿئي، جيڪو دن کان ٿورو مٿي بيهندو آهي،
۽ ٻه _ ٻه سرون گڏ ٻنهي پاسن ٿين، جن ۾ نهايت
خوبصورت گول داڻا ٿين. هر هڪ لڙيءَ ۾ ويهه _ ويهه
داڻا هوندا آهن. انهن جي هيٺان هڪ دهلڙي ٿئي، جنهن
جي هيٺئين حصي ۾ ٽڪنڊيون جهمٽيون، ۽ پاسن کان ٽي _
چار ننڍڙا گهنگهرو ٿين.
تعويذ: چانديءَ جا ٿين، ۽ دن کان اٽڪل اٺ آڱر کن مٿي پائبا آهن.
هي مٿي سوڙها ۽ هيٺ ويڪرا ٿين ۽ ڪاري ڌاڳي ۾ پوتل
ٿين. ٽي _ چار آڱر ويڪرا ٽي ٽڪر هوندا آهن، جن جي
وچ ۾ چانديءَ جو هڪ هڪ داڻو ٿئي، ۽ ان جي مٿان
ٿورو چانديءَ جو ڪم ۽ رنگين شيشن جي چٽسالي ٿيندي
آهي. انهيءَ جي هيٺان ڇمڪڙيون هونديون آهن، جيڪي
ٿورڙيون وڏيرڙيون ٿينديون آهن.
دهري: نٿ کان پوءِ دهري ئي اهو زيور آهي، جنهن کي خاص اهميت آهي
۽ گهڻو ڪري اڄ تائين ساڳي اهميت اٿس.هيءَ سڄي سوني
ٿئي. هن جي اهميت ۽ قيمت جو اندازو سرن ۾ لڳايو
ويندو آهي. جيتريون گهڻيون سرون ٿين، دهري اوتري
گهڻي قيمتي. ڪا دهري نو سري ٿئي، ڪا ست سري، پنج
سري وغيره. اهي سرون سون جي داڻن جون ٺهيل هونديون
آهن، جيڪي وچ ۾ اڇي پان جي پن جي شڪل جهڙيءَ
ڳاڙهن ريشمي ڌاڳن ۾ پوتل هونديون آهن، جن جا آخري
حصا رنگين گلن وانگر ٺاهبا آهن، جيڪي ڳچيءَ جي
پٺيان ٻڌبا آهن. پتلو رنگين ننگن سان جڙيل هوندو
آهي. هن کي زيورن جو سرتاج سمجهيو ويندو آهي.
چندن هار: هي سڀني زيورن ۾ گهڻو وڏو ٿئي. هن جي ويڪر به وڏي ته
ڊگهائي به وڏي ٿئي. هي ڳچيءَ کان وٺي دن کان ٻه
آڱر کن ڊگهو ٿئي. ۽ ويڪر ٽي آڱر کن ٿئي. هن ۾ هڪ
چانديءَ جي زنجير ٿئي، وري جڙات تي چانديءَ جي
زنجير اهڙي نموني سان ٽن _ چئن آڱرين بعد وري هڪ
چانديءَ جو ٽڪنڊو ٽڪر ٿئي، جنهن جي مٿان آرسيءَ
وانگيان هڪ خالي ۽ رنگين شيشو ٿئي، جيڪو زيورن ۾
استعمال ٿئي ٿو. اهڙي طرح سڄي چندن هار ۾ ٿيندو، ۽
آخر جو اچي هڪ ننڍڙي دهلڙي ٿئي، جنهن کي ”ڍولڻو“
به چئبو آهي.
مٿي جا زيور
الي، ڏاڻ سوڌي (ڇوڪرين): اها چنڊ جهڙيءَ شڪل جي ٿئي، ۽ رنگين
ٽڪن لڳل ٿئي. هيٺان چانديءَ جون گهنگهريون مينا ۾
لڳنديون آهن. ٻيون اهي ٿين، جن م زنجيري هوندي
آهي، جيڪا وارن ۾ لڳي، جنهن ڪري ان کي ڏاڻ سوڌي
الي سڏين. هي سنڌي سينڌ جي منهن وٽ يعني پيشانيءَ
وٽ لڳائبي آهي.
صرف الي: هن ۽ مٿئينءَ اليءَ ۾ فرق صرف اهو آهي، جو هن ۾ زنجير
نه ٿيندي آهي، ۽ فقط ڪاري ڌاڳي سان وارن ۾ لڳائبي
آهي. ٻنهي الين جي ساخت هڪجهڙي ٿيندي آهي.
چوٽي ڦل:هي اڄ به مروج ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر رڳو نالي جوفرق آهي. هي
چانديءَ جو ٺهيل، گول نموني ۾ ٿيندو آهي، جنهن تي
چٽساليءَ جو ڪم ڪيل هوندو آهي، ۽ رنگن جا خوبصورت
نقش نڪتل هوندا آهن. جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي،
هي چوٽيءَ جي آخر ۾ لڳايو ويندو آهي.
هٿ جا زيور:
ويڙهه: چانديءَ جي ڇلي جيان ٿئي. پر ڇلو هڪڙوئي هوندو آهي، ۽
ويڙهه ٽي _ چار وٽ ڏنل ڇلن وانگيان ٿئي، جيئن
اسپرنگ جا وٽ ٿيندا آهن. هي هٿ جي ڪنهن به آڱر ۾
پائي سگهبو آهي. اڳي شاديءَ يا مڱڻي جي موقعي تي
خاص ڪري استعمال ٿيندو هو.
کيرول:ڇلي جي مٿان چوڪنڊياري يا بادامي نموني جي ٽڪري سان ٺهيل
منڊيءَ کي ”کيرول“ سڏجي. انهيءَ جي مٿان چٽسالي به
ٿئي. هن جي مٿان ننگ وغيره نه ٿيندو آهي. مڱڻي جي
موقعي تي ڪنوار کي پائبو آهي.
کٽڻهار: گول منڊيءَ وانگر ٿئي، جنهن جي مٿان ننگن ۽ شيشن جي
مينا ڪاري ڪيل هوندي آهي.
ڇٽ: هي سڀني مٿين شين کان وڏو ٿئي، ايتريقدر جو ٽن آڱرين کي ڍڪي
بيهي _ پر پائجي هڪ آڱر ۾. وچ ۾ ڳاڙهي گول ٽڪ ٿئي،
۽ چئني پاسن چانديءَ جي ڄاري. انهيءَ ڄاريءَ ۾
رنگين ٽڪن جي جڙات ڪيل هوندي آهي، ۽ ان جي پاسي
کان ٿوري ڪنگري ٿئي.
منگلي يا هٿ ڇٽ:هي پنج منڊيون ٿينديون آهن، جيڪي سنهين زنجيرن
سان ڳنڍيل هونديون آهن. اهي زنجيرون وري هڪ ئي پٽي
سان مليل هونديون آهن، جيڪو ٻانهن _ پٽو سڏجي. اهو
پٽو ڪارائيءَ وٽ ٻڌبو آهي. هي اڄ به مروج آهي.
پير جا زيور:
نورا: گول، ويڪرا، اٽڪل ٽي آڱر کن ٿين. مرضيءَ مطابق ٺهرائي، ڇت
گل به هڻائي سگهجن ٿا. هن ۾ اندرئي ڪي اهڙا داڻا
پيل هوندا آهن. جيڪي هلڻ جي ڪري ”جهم _ جهم“ جو
آواز ڪندا آهن. هي مرئي وٽ پائبا آهن.
پازيب: ٿلهي ڪاري ڌاڳي ۾، ڏهه _ ٻارهن يا ضرورت جيتريون، اڌ آڱر
جي ڊگهائي ۾ چانديءَ جون قبيون پوتل ٿينديون آهن.
انهن گول قبين جي مٿئين حصي ۾ ڪارو ڌاڳو ٿئي، ۽
انهن قبين جي منهن ۾ سنهيون ڏاوڻيون ٿين. اهي آهن
پازيب. ڪارو ڌاڳو، پير جي مرئي کان قبيون پيل
هونديون آهن، پير جي مرئي کان ورائي، قبين جي منهن
۾ هڪ گول گنبذ ۾ وجهي ڇڏبو آهي. پازيب جڏهن پير ۾
پائبو آهي، ۽ چانديءَ جون ننڍڙيون قبيون جڏهن پير
جي مٿان کلي بيهنديون آهن، تڏهن پير جي خوبصورتيءَ
۾ ڪابه ڪسر نٿي رهي. هن جي مٿان نورا خوبصورتيءَ
کي دوبالا ڪري ڇڏيندا آهن.
ساٽا يا ٽوڙا: هنن ۾ چانديءَ جون زنجيرون ٿين ٿيون، جيڪي جهالر
وانگر پيرن جي مٿان جهڪي بيهنديون آهن. هن حصي ۾
سڀ زنجيرون ٿينديون آهن، ۽ ڪوبه گهنگهرو وغيره نه
ٿيندو آهي.
ڇير: ٽي آڱر کن ويڪري ٿيندي آهي. جوڙي تي به ٿئي، ۽ تڏي جيان به
ٿئي. هي گل تي به ٿيندي آهي، جنهن جي هيٺئين حصي ۾
گهنگهرو ٿين. اڳئين زماني ۾ جيستائين ڪنوار ڇير نه
پائي، تيستائين اها مڪمل ڪنوار نه ليکبي هئي.
ڏيڍو: سنهي چانديءَ جي تار ۾، آڱر جيترو ويڪرو ٿئي، جنهن ۾ ڄاري
به ٿيندي آهي.
ڇلا ۽ منڊيون: چانديءَ مان ٺهن. هٿن جي ڇلن ۽ منڊين وانگر، هنن
تي به ٽڪون، شيشا ۽ ننگ وغيرهه لڳائي سگهجن ٿا. هڪ
”ڇٽ“ جهڙي منڊي ٿيندي آهي، جيڪا پير جي آڱوٺي ۾
پاتي ويندي آهي. |