سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :6

 

فرمان چانڊيو

پرين پيار جي ڪا پُڇاڻي نه ٿيندي....

احمد خان آصف شهيد

8 جولاءِ 1922ع جو اُڀريل سج نئين ڄمندڙ ٻار جي خوشخبريءَ جو پيغام ڏئي ٿو. تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ محمد اسماعيل مصراڻيءَ جي ڪکائين گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار جو نالو احمد خان رکيو وڃي ٿو. ديندار ۾ ”اوئان اوئان“، بانبڙا پائيندي، وقت سان چيچ وٺي هلندي، ڊوڪڙيون ڀرڻ تائين، وقت سان گڏ زندگي جون منزلون طئي ڪندو رهي ٿو. پيءُ هڪ ڏينهن کيس، ڪاٺ جي ميٽ ٿڦيل ڦرهي سان، ڳوٺ جي ماستر وٽ وٺي وڃي ٿو. جيڪو کيس ڪانهه جي ڪِلڪَ سان الفابيٽ لکي ڏئي ٿو. الفابيٽ پڙهن کان سواءِ سندس تعليمي سلسلو سنڌي فائينل، اديب سنڌي، اديب عالم، اديب فاضل تائين پهچي ٿو. اُنهيءَ وقت ۾ ئي احمد خان کان وڌي ”آصف“ تائين پهچي ٿو. آصف صاحب وٽ ڏات جو نُزول شروع ٿئي ٿو. پاڻ قلم جي نوڪ سان ڪوري پني تي خيال سهيڙي ٿو. سندس خيال، احساس، جذبا، پَنن جا مقدار مان وڌي ڪتابن جيترا ٿي وڃن ٿا، جن ۾ همايون نامو، قصص الانبياءَ، ارمغان آصف، گلزار چنبيلي ٻه حصا، املهه ماڻڪ، سيرت زيب النساءَ، سيرت اويس قرني، سيرت حضرت بلال، رومي جون رهاڻيون، شڪسة حال شهزاديون، جاگرافي ضلع دادو (انعام يافته) ۽ جاگرافي تعلقو خيرپور ناٿن شاهه (انعام يافته) شامل آهن.

آصف صاحب ادبي ۽ سماجي خدمتن ۾ هميشه اڳڀرو رهيو، جنهن ۾ بزم طالب المولى، جميعت الشعراء سنڌ، سنڌي سڌار سوسائٽي ڪُڪَڙ ۽ لوڪ ادب اسڪيم نمايان آهن.ڀنڀي ڏاڙهي ۽ ويڪري مُنهن وارو سائين آصف نهايت قربائتو هو. قد ڪاٺ ۾ ته پورو پنو هو، پر ادب ۾ ڏاڍو قداور هو. کيس ڌرتيءَ، قوم ۽ ٻوليءَ سان عشق هو. آصف زندگي جو گهڻو حصو ادب جي خدمت ڪندي گذاريو.

سندس شاعري ۾ ميٺاج، محبت، اُڪير، وفا، جفا، وڇوڙو ۽ ٻيون حقيقتون بهترين انداز ۾ پيش ڪيل آهن. سندس سادن سودن لفظن سان رچيل لکڻي کي عام ماڻهو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. آصف جي خدمتن کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو تان سائين آصف جو ٻارڙن لاءِ لکيل گيت ننڍڙي فنڪار عاشق علي جي آواز ۾ نشر ٿيندو آهي، جنهن جون ڪجهه سٽون هن طرح آهن ته:

”هي سَر سبز زمين ۽ ٻارا و طن جا،

وڻن واهه جو ٿا نظارا وطن جا،

اچو کيت کيڙيون، اچو سون ميڙيون،

ڀلا ڏاند آهن ڀَٽارا وطن جا.

(آصف)

هي گيت نَشر ٿيڻ سان هر ٻڌندڙ ماڻهو جهومي پوندو آهي سندس ٻيو هڪڙو لافاني گيت آهي ته:

”محبت ڪڏهن به پراڻي نه ٿيندي،

پرين پيار جي ڪا پڄاڻي نه ٿيندي.

آصف ته پيار جي پڄاڻي به نه ٿي چاهي، پر سندس ته زندگيءَ جي پڄاڻي به ٿي وئي، اهو ڏينهن عيدالفطر جو ڏينهن هو. قرباني واري عيدتي ، آصف قربان ٿي ويو. قوم تان، قلم تان ڌرتيءَ تان ٻوليءَ تان، عيد جي خوشي واري ڏينهن تي ڪنهن جون خوشيون لُٽجي ويون، عيد جي ڏينهن ونيءَ جو وَرُ، اولاد جو سهارو، دوستن جي ڀرجهلو، ۽ مائٽن جي پيار کي ڪٺو ويو. عيد جي ڏينهن تي گولي ۽ ٻولي وچ ۾ جَنگ لڳي، جنهن ۾ ٻولي هارايو، ان ڏينهن گُلن جي حقدار شاعر کي گوليون ڀُڪايون ويون. آصف کي عقيدتمندن مان اجرڪ اوڍائڻ کپندا هئا، پر هن جي ميت تي اجرڪ وڌا ويا. آصف جي موڪلاڻي سان ساهت سَٿ مان ادبي قطار مان هڪ قلم ڪريو ۽ ان قطار ان قافلي جو تسلسل ٽُٽي پيو، پيار، امن، محبت جي پوڄاري ۽ پَرچاري شاعر کي ٻن نياڻين سميت سندس گهر ۾ 9 جولاءِ تي ”ٻيلائي دهشتگرديءَ“ جو نشانو بڻايو ويو. سندس موت تي خاص طور تي سنڌ جي ادبي حلقن جا نيڻ اڄ به آلا آهن.

الله تعالى کيس قوم جي خدمت جي صلي جنت عطا فرمائين آمين.

آخر ۾ سائين علي دوست عاجز جو هي چوسٽو

جتي ڪو پيمبر، ڪُسي ٿو پوي،

خُدا اُن خطي کان رُسي ٿو پوي،

قلم اُت اَلم جو قصو ڇا لکي،

پَنو لُڙڪ هاري پُسي ٿو پوي.

***

ڪمال ڄامڙو

لوڪ ادب جي صنف

لولي

لوليءَ جو وجود ڪڏهن پيو ۽ ڪنهن وڌو، ان جي لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته جڏهن ماءُ جو وجود پيو، تڏهن ٻارڙي کي پرچائڻ ريجهائڻ، کيڏائڻ، پنهنجيءَ دل وندرائڻ ۽ دعا ڪرڻ جي لاءِ مٺڙيءَ امڙ لولي ڏني هوندي. اها لولي جيڪا دنيا جي هر ماءُ پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ٻچڙي کي ڏئي ٿي، سا ڪيترائي روپ وٺي اڄ هن منزل تي پهتي آهي، ۽ لوڪ ادب جي هڪ اهم صنف بڻجي وئي آهي.

لوليءَ کي هندي، اردو ۽ پنجابيءَ ۾ لوري، سنسڪرت ۾ لولا، انگريزي ۾ (Lullaby) ۽ بلوچيءَ ۾ ناز نيڪ چوندا آهن. لولي، ماءُ پنهنجي ٻار کي پنهنجي تر جي حالتن، وقت ۽ ماحول مطابق اندازن سان ۽ موضوعن تي ڏيندي آهي. فلسطيني ماءُ جي لولي، ڪشميريءَ ماءُ کان مختلف هوندي آهي. ڪشميري ماءُ پنهنجي ڌرتيءَ کي آزادي ڏيارڻ لاءِ لولي ڏئي ٿي. جڏهن ته سنڌ جي امڙ پنهنجي ٻچي کي دولهه درياهه خان، دودو، هوشو ۽ هيمونءَ بنجڻ جي لولي ڏيندي آهي. ڪا ماءُ وري پنهنجي ٻچي کي اها لولي ڏيندي آهي ته شال وڏو ٿي ڪو وڏو اڪابر بڻجين، يا وڏو بهادر بڻجين، جڳ تنهنجو محتاج هجي وغيره. اسان جي سنڌ جا اهي علائقا جتي کوهن وغيره تان مايون پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، سي پاڻيءَ ڀرڻ مهل گهر ۾ وڏن ٻارن، جيڏين سرتين يا وڏڙين کي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي آرام ڏيڻ لاءِ پارت ڪري وينديون آهن ته جيئن سندن ٻار نه روئي.

منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مان پاڻيءَ تي ٿي وڃا،

هن کوهر جو کارو پاڻي، مان مٺي تي ٿي وڃا.

لولي پنهنجي ٻچي لاءِ ماءُ جي سڪ جو ساز آهي. جيڪو امڙ جي زندهه رهڻ تائين وڄندو رهي ٿو. ماءُ جو اهو پيار ۽ پاٻوهه پنهنجي اولاد جي اولاد کي به واسيندو رهندو آهي. لوليءَ جو اهو جذبو هلندي هلندي ماءُ ۽ ٻار کان اڳتي وڌي سهاڳڻ، هڪٻئي کي چاهيندڙن ۽ نبي ڪريم ﷺ جي شان، اُڪيرن، آسن ۽ دل جي بار هلڪي ڪرڻ تائين وڃي پهتو آهي.

سنڌي لوليءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها هنڌي لفظ لوريءَ مان نڪتل آهي. جيڪا ڳالهه ٺيڪ نه ٿي لڳي. ڇو ته اسان جي سنڌيءَ ۾ پڻ لفظ لوري آهي. جنهن جي معنى لوليءَ کان مختلف آهي. سنڌيءَ ۾ لوري معنى ڪنهن جي اُڻ تُڻ؛ جڏهن ته لولي ڪا ياد نه آهي. هيءَ خاص طور تي ماءُ پنهنجي ٻار کي ڏئي ٿي، جيڪو سندس محبوب ۽ جگر جو ٽڪرو آهي، سو وٽس موجود آهي. ان کي ڪڇ ۾ ويهاري يا پينگهي ۾ سمهاري لولي ڏئي ٿي. ان ۾ جدائي جو تصور نه آهي. ها باقي اڳتي هلي لوليءَ ۾ جُدائيءَ جو موضوع ضرور آيو آهي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنڌيلي پنهنجي ڪتاب لوڪ ادب جي تحقيقي جائزي ۾ لوليءَ جا مکيه چار قسم ڄاڻايا آهن. جهڙوڪ جيجل لولي، مجازي لولي، شاعراڻي لولي ۽ واقعاتي لولي.

مجازي لوليءَ جا وري ٻه قسم آهن هڪ وَرَ لولي ٻي پَرَ لولي.

اهڙيءَ ريت شاعراڻيءَ لوليءَ جا وري قسم آهن. هڪ سينگار لولي ٻي مذهبي يا اسلامي لولي ۽ ٽين سرائتي لولي.

جيجل معنى امڙ _ جيڪا لولي ماءُ ٻچڙي کي ڏئي، سا جيجل لولي چئبي جيتوڻيڪ عورت جون ڪيتريون ئي ڪمزوريون آهن. جيئن هار سينگار، وَرَ جو پيار، ڳهه ڳٺا وغيره پر جڏهن هوءَ ماءُ بڻجي ٿي، تڏهن سندس ٻچڙو حقيقي ڪمزوري ٿئي ٿو.هوءَ هر شئي کان پنهنجو ٻچو وڌيڪ سمجهي ٿي.پاڻ پنهنجن اکڙين يک اوجاڳا ڏئي، ٻچڙي کي مٺيون ننڊون ڪرائي ٿي. جڏهن ڪنهن ماءُ جو ٻچڙو بيمار ٿيندو آهي، تڏهن ڄڻ هوءَ پاڻ بيمار ٿي پوندي آهي. ان وقت هوءَ ڏاڍا حيلا وسيلا  ڪندي آهي ته جيئن سندس ٻچڙو چاڪ چڱو ڀلو ٿئي. ان وقت هوءَ ٻار کي ڪجهه سرس دعائون ڪندي آهي ۽ لوليون ڏيندي آهي.

مائيءَ جو مرض، جنهن کي ماتا به چيو ويندو آهي، سو اڄ کان اٽڪل پنجويهه سال پهريان ڏاڍو خطرناڪ ۽ وچڙندڙ هوندو هو. جيڪڏهن ٻار کي اهو مرض وڪوڙيندو هو ته ان کان ڇوٽڪاري جي لاءِ به لولي ڏني ويندي هئي، جنهن کي اوراڻو چيو ويندو هو. اهو اوراڻو يا اولاڻو هن ريت هوندو هو ته ”ٺار مولا ٺار، ماتا کي ٺار.“

ماتا معنى ماءُ. ان بيماريءَ کي اما سمجهي مخاطب ڪيو ويندو هو جيئن:

اوليءَ ۾ تون آسرو اما، ڏيندينءَ سَڏيءَ ۾ سَڏُ،

ڏُک وارن جا ڏک ٿي لاهين، غمن وارن سان گڏ،

پَپو ته اٿئي ننڍڙو ٻار، تنهنجي مٿان رکجانءِ هلڪو بار.

چون ٿا ته اوراڻي يعني لوليءَ کي اهڙي ته سُرَ ۾ چيو ويندو هو جو ٻار کي آرام اچي ويندو هو. اهو اوراڻو رڳو ماتا جي وقت ۾ ڏنو ويندو هو. لوليون گهڻو ڪري اڻپڙهيون مائرون ڏينديون آهن. شهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل مائرون مڙئي لوليءَ کان پاسبريون آهن.

ٻهراڙيءَ جون مائرون لوليءَ ۾ پنهنجن پاليل جانورن، ڏُڌن، مکڻن، ڍڳين ڍورن، وڻن ٽڻن، ٻنيءَ ٻاري ۽ وهانءَ واڌانءَ جون ڳالهيون ڪنديون آهن. هڪڙي ماءُ پنهنجي پُٽ کي دعا ڪري ٿي ته:

ناري دي ڀرتي، هاري هرڙا ڪهيندا

سونيان پنجاليان، موتي ٻجڙا ڇٽيندا

مٺي لولي ڏيوان، مارو لولي ڏيوان.

اسان وٽ ننڍ کنڊ ۾ سُک کڻڻ جو رواج عام آهي، سنڌ جي ماءُ پنهنجي ٻچي کي سکي ڏسڻ لاءِ قلندر شهباز، ڀٽائيءَ گهوٽ، سچل سرمست ۽ ٻين بزرگن تي باسون باسيندي آهي ته وڏا عقيدا به رکندي آهي.

مهري والا نينگر، ڳڌي آوين مٺائي

ڀاڪُر مئين پاوئين، پُٽ ڏيوئي ڀٽائي_

مارو لولي ڏيوان، مٺي لولي ڏيوان.

جيڪڏهن ڪنهن امڙ جي باس پوري ٿيندي آهي ته هوءَ ان بزرگ جي مزار تي دهلن شرناين سان گڏ ڳائيندي ۽ نچندي وڃي حاضري ڀريندي آهي، ۽ اُتي ان بزرگ جي عقيدت ۾ ڳائيندي آهي. جيئن سمن سرڪار لاءِ چون ته

سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي.

شاهه ڀٽائي لاءِ ڳائن ته

ڀٽ جا ڀٽائي. ڀٽ تي وسئي نور، منهنجون تو پڄايون.

منهنجيون تو پڄايون من جن مرادون، دل جون اميدون.

روايتي يا مجازي لولي انهن وڻجارين جي دل جي دانهن آهي، جن جا وڻجارا ڪنهن ڏورانهين ڏينهه پنهنجا ٻيڙا ڪاهي ويا هجن. هن ۾ جُدائيءَ، انتظار ۽ اُڪنڊ جي ڪيفيت هوندي آهي.

لولي لولي لولي، مان آهيان تنهنجي گولي،

جهلي اٿم جهولي، لولي لولي لولي_

توکي چوان لولي.

وڻن جهليو ٻور، مارو ٿيم ڏور،

وڌيو دل جو سورُ، لولي لولي لولي

توکي چوان لولي.

مجازيءَ لولي ۾ مايون لولي پنهنجي وَرَ لاءِ چونديون آهن. وڻجارين جي سڪ، سوز، اوسيئڙي ۽ اُڪنڊ کي ڀٽائيءَ سائين به سر سامونڊيءَ ۾ بيان ڪيو آهي. وَرَ لوليءَ جا سرائڪيءَ ۾ ڪجهه مثال ڏجن ٿا.

اُڏر ڳيرا، وڃ ٻيٺاني ڇانءِ تي،

ڳالهيان تيڏيان، رکي بيٺي هان هانءَ تي،

جاني لولي ڏيوان.

ويندا پئين پرديس تي، الهه آڻئي ديس تي،

سڄي نظر تيڏي کيس تي، دلبر وهندا ولين

سهڻا لولي ڏيوان.

 

مجازيءَ لوليءَ جو ٻيو قسم پَرَ لولي، غزل وانگر محبوب جي شوخيءَ، بيرخيءَ، بيوفائيءَ ارڏائيءَ ۽ انگل آرائيءَ جي ڳالهين تي ٻڌل آهي.

پار دريائون ڪوئي تتر تنواري،

تُسان آوڻ ڇوڙيا، سانون موت ماري.

سهڻل لولي، جاني لولي لو،

پار دريائون ڪوئي تتر تنواري.

هيڪر جو ملسون، گهوري موت ماري.

سهڻل لولي.....

تون نه آلاوين، تيڏا وات ڪنهن سيتا،

دليان دا سودا هي، مئين تيڪون زور نهين ڪيتا

محرم لولي

شاعري لوليءَ ۾ شاعر پنهنجي محبوب جي وصفن کي مختلف تشبيهون ڏئي نروار ڪندا آهن. هن ۾ شاعر پنهنجو مشاهدو بيان ڪندا آهن. لوڪ شاعريءَ جي ٻين صنفن جيان لوليءَ کي به وراڻي ٿيندي آهي. هي ٽه تُڪو شعر ٿئي ٿو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڪتاب سنڌي لوڪ ادب جي تحقيقي جائزي ۾ شاعر شاهه محمد ديدڙ جي هڪ لولي ڏني آهي. جنهن جي وراڻي نه آهي.

تون هلي آءُ سڄڻ هلي آءُ، جايون اٿم جان ۾،

اول نانءُ الله جي منهنجي منٿ مڃ، گڏ گذاريون

ڏينهڙا گهڙي ويل نه وڃ.

سڄڻ سڪ وارن ڏانهن جيئري نه ڀيرو وڃ،

ڄمندي پيتم ٿڃ، درد فراق جي.

ان لوليءَ جو آخري بند آهي ته

شاهه محمد چوي ته شاديون اڄ ڪيون عجيبن، لکين لائق مون مٿي ڪيا منهنجي حبيبن ڏئي ٻُڪي ٻاجهه جي، تن جي طبيبن، مون کي نصيبن، ڪلمي ساڻ قرار ڪيو.

اهڙي ريت هن دؤر جي شاعرن جهڙوڪ: استاد بخاريءَ، شيخ اياز، سيد منظور نقويءَ، ادل سومري، رحيم بخش قمر، سميع لنڊ ۽ ٻين لوليون چيون آهن.

هر لولي پنهنجي دؤرجي حالتن ۽ ماحول جي ترجماني ڪري ٿي. خوشحاليءَ جي لوليءَ ۽ بدحاليءَ جي لوليءَ ۾ گهڻو فرق ٿئي ٿو. هن دؤر جي لولي ايندڙ دؤر جي تاريخ آهي.

اسلامي لوليءَ ۾ نبي ڪريم ﷺ جن سان محبت ۽ عقيدت جو ڏيکاءُ هوندو آهي. اسلامي لولي هن ريت آهي ته

احمد عرب عزيزالله، وارث وير ولي الله لااله الا الله

شاعر ابو محمد صالح جي پاڻ سڳوري صه جن جي شان ۾ چيل لوليءَ جا ڪجهه ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.

نيلان نرمل نور جون، الله ولي،

جي ڏسان ته ٺران، الله لولي،

رتي ديري مئون هلي ڪري، نينهن کڻي نشان.

لاڙڪاڻي مان لنگهي ڪري، سائين باقراڻي ڪيا بيان،

باڊهه راڌڻ، بالي شاهه لنگهي، سيتا کئون ته وڃان.

الله لولي

ائين شاعر انهن شهرن جو ذڪر ڪندي جيڪي سندس سفر ۾ اچن ٿا. وڃي مديني تائين پهچي ٿو.

بندر ڪياماڙي کئون، چڙهندس منجهه جهاز،

مڙئي لهندا مَنَ تئون، دل جا ڏک هزار.

تيزئون تاز به تاز، سدا مستقط ۾ وڃان.

الله لولي

ذوقئون زيارت مان ڪيان، سنڌي عجيب جبار،

اعلى اجر مون ملي، بيحد بيشمار،

آهي طلب تنوار، ابو صالح عجيب جي

الله لولي........

سُرائتي لولي سُرن تي ٻڌل هوندي آهي. ان ۾ خاص طور تي لوڪ قصن جا موضوع هوندا آهن. جيئن سسئي پنهون، مومل راڻو، هير رانجهو، عمر مارئي وغيره، انهن لولين جي وراڻي عام لولين کان مختلف ٿيندي آهي.

پنهل منهنجو ويو پري، ڏيرن مونسان ڏاڍ ڪري،

ڌوٻڻ ڇڏي ڌار ڪري، ڪيڏي ٿي آمون سان ڪار_

هوت پنهل تون هيڏي آءُ.

ان لوليءَ ۾ هوت پنهل تون هيڏي آءُ وراڻي آهي. وراڻي مان لڳي ٿو ته لوليءَ جو وائيءَ سان تمام ويجهو واسطو آهي ڇو ته وائيءَ ۾ به وراڻي ٿئي ٿي.

سرائتين لولين ۾ ڪانگل لولي به ٿيندي آهي. جنهن ۾ شاعر ڪانگ يعنى ڪانءَ کي قاصد بڻائيندو آهي.

لنئهُ ڪانگ مٺي لات، کنڊُ کير تُنهنجي وات،

سچي ڪر مونسان بات، ڪڏهن ايندا مون پرين.

ويجهو اچي ويهه، ٽِلي ڏئي ٿپڪي،

مکيل گهڻي گِهه سين، لولي وٺ مَرڪي.

ڳرهه ڳُجهيون ڳالهڙيون، مونسان ويهي مَرڪي.

ڪَرَم چُپ چُپات، ڪڏهن ايندامون پرين.

لنئه ڪانگا مٺي لات.

ان لوليءَ ۾ وراڻي لنئه ڪانگا مٺي لات آهي. لولين ۾ ڏينهن، مهينن، مُندن ۽ سالن جو ذڪر به ڪيو ويندو آهي.

لوليءَ جو هڪ قسم واقعاتي لولي به آهي. هن ۾ مختلف واقعن کي بيان ڪري ڄڻ هڪ تاريخ قلمبند ڪئي ويندي آهي. عارب ماڇيءَ نالي سنڌ ۾ هڪ سورهيه ٿي گذريو آهي. جنهنجيءَ سورهيائيءَ جو ذڪر لوليءَ ۾ ڪيو ويو آهي. عارب ماڇي اصل ۾ ڳوٺ عارب ڀيي، تعلقي گهوٽڪي، ضلعي سکر جو ويٺل هو. هو هڪ جهيڙي ۾ مارجي ويو. سندس زال نوران ڪارو ويس پهري پار ڪڍندي رهي. ان ڪيفيت کي لوليءَ ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.

ميرن پيرن جو لڳو پاڻ ۾ تنازو،

جنهن عارب ماريو، تنهنجو نه هوندو ڪفن نه پڙهبو جنازو،

دلبر لولي.

ڪنڌ ڪوٽ جي شهر ۾، سهڻيون آهن ماڇاڻيون

عارب جهڙو نه وري ٻيو، ڄڻينديون ماڇاڻيون.

ساٿي لولي.

ڪنڌ ڪوٽ جي شهر مان، عارب چولو سبايو،

عارب ته مري ويو، لاش لارين ڍورايو.

جيڏا لولي.

اُنڙ جي ڪَڙَ نوران لَٽا ٿي سَٽي،

اهي جايون ڏسي نوران رَت پئي روئي _

سهڻا لولي.

سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڃا به جيڪڏهن ووڙ ڪئي ويندي ته اسان کي ڪيتريون ئي نه صرف لوليون لڀنديون، پر ڪافي ٻيو مواد به ملندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com