قاصد ملاح
”سُندر آس“
جانيئڙا!!
هي ڏس،
آسونديون اکڙيون،
جي ڪڏهن به نه سُتيون.
سي اکڙيون،
وري اڄ به،
نينهن جو نئون نياپو،
نڀائڻ ڪاڻ،
ارپن پيون
انتظار جا سڀ پل
۽ هر پل جي
هر سُندر آس
پنهنجي جانيئڙي
جي مٺڙي نانءُ.
مخدوم فياض
آزاد نظم
ڪڏهن منهنجي گهر اچ،
منهنجي ڪمري ۾ ويهه،
۽ هڪ شيءَ کي غور سان ڏس.
بڪ شيلف ۾ رکيل ڪتاب ۽ ڊائريون
ميز تي رکيل تصويرون ۽ گلدان ۾ سڪل گُل
توکي ٻڌائيندا،
خاني ۾ موجود ڪئسٽون
ڀتين تي کُرچيل لفظ،
۽ بيڊ تي نقش بيقراريءَ جا توتي ظاهر ڪندا.
ته منهنجين اميدن ڪهڙيءَ طرح تنهنجي اميد ڪئي،
۽ منهنجن سپنن ڪهڙيءَ طرح تنهنجا سپنا ڏٺا،
اگر ٿي سگهي ته ڪڏهن منهنجي گهر اچ!
نجمه راشدي
آزاد نظم
زماني ٺاهيون ڏاڍيون ڪهاڻيون!
سڀ ٻڌم ۽
سڀ سٺم،
جنهن کي ڄاتم پنهنجو،
زماني ان جا ڪن ڀريا.
منهنجو جيءُ جهرندو رهيو
لڙڪ وهندا رهيا،
زخم ٻرندا رهيا،
پر مان چُپ رهيس،
ڇو جو عورت کان اهو حق کسيل آهي.
مان احتجاج ڪيئن ڪريان
بس ماٺ ڪريان!
۽ اها ماٺ،
اندر جي اڌمن کي،
تڙپائيندي رهي،
مون ڪجهه چوڻ چاهيو،
زماني مون کان اهو حق کسي ورتو،
مون ٻڌائڻ چاهيو،
۽ زماني منهنجي زبان وڍي ڇڏي.
هاءِ! هاءِ!
زمانو ڏاڍو ظالم آ،
نه ڪجهه چوڻ ٿو ڏئي
نه مرڻ ٿو ڏئي
نه وري جيئڻ ٿوڏئي!........
مادام چوان
/
شاهه خالد
چيني نظم
پنهنجي پريتم جي نانءِ
تنهنجي منهنجي پريت جو ناتو،
ڪيڏو آ مضبوط
پيار جي ان ناتي خاطر،
آلي ۽ لسڙي مٽيءَ مان
هڪ بت پنهنجو هڪ بت منهنجو،
پنهنجي هٿن سان پاڻ بڻائج.
۽ پوءِ انهن ٻنهي بوتن کي، ٽوڙج ساجن!
پرزا پرزا انهن کي ڪري ڇڏ،
ڳوهي ڳوهي ان مٽيءَ مان،
وري تو ٻيا بُت بڻاءِ
انهن ٻنهي ۾،
هڪ تنهنجو ۽ هڪ منهنجو
تنهنجي بدن ۾ منهنجي مٽي.
منهنجي بدن ۾ تنهنجي مٽي.
هڪ ٻئي ۾،
ائين ملي وڃون ٻئي،
سڄي حياتي گڏ رهون ٻئي،
موت کان پوءِ ٻنهي جي،
هڪ قبر ٺهي!
عطا قاضي
غزل
جيستائين دل لڇي، تڙپي نه ٿي،
شعر جي تيسين ڪا سٽ سرجي نه ٿي.
تون وڃين ٿي وڃ مگر، سچ پچ مِٺي!
پيار تنهنجي مان ته دل ڀرجي نه ٿي.
مان ته پرچا يانس ٿو مگر،
دل چوي توکانسواءِ پرچي نه ٿي.
يادآئين ڪونه جنهن کي عمر ڀر،
ڇو نه سا، توکان چريا! وسري نه ٿي.
ڪيئن ڀلا ڪٽبي حياتي، غور ڪر،
جنهن سوا هڪڙي گهڙي گذري نه ٿي!
حبدار سولنگي
نثري نظم
چنڊ سسئيءَ جيان
آڪاش جي رڻ ۾
ڀٽڪندو ٿو وتي،
سهڻيءَ جيان، سنڌوءَ ۾ راتين جو ترندو ٿو رهي
۽ مارئيءَ جيان
چنڊ به
پنهنجو ديس نٿو ڇڏي!!!
احسان دانش
وائي
گهارڻ آ مشڪل،
هڪڙو هڪڙو پل
گَهارڻ آ مشڪل!
ڪوئي ڪيئن بچي،
دنيا آ دلدل _
گهارڻ آ مشڪل!
تو ۾ منهنجو ساهه،
هاڻي ته اچي مل.
گهارڻ آ مشڪل!
ساگر آڏو آهي،
پوءِ به تاسايل
گهارڻ آ مشڪل!
تون ته نه چئه سائين،
دانش کي پاڳل
گهارڻ آ مشڪل!
”خادم“ نياز علي ارباب
گونگن جو جشن
صدين کان رهيل،
گونگا اسان جو
انتظار ڪري رهيا
آهن ته اسان ڪجهه،
ٻوليون، مگر اسان وات
پٽيو ڏسندا رهياسين،
۽ آهستي آهستي
گونگا ڳالهائڻ لڳا.
اڄ گونگن جي
ڳالهائڻ جو جشن
آهي.
پروين شاڪر\
مصطفى سولنگي
نثري نظم
ڄاتل سڃاتل گهڙي
گوڙ گمسان ڪندڙ پاڻيءَ جي ڇولي،
جڏهن ڪناري سان ٽڪرائجي موٽي ته
پيرن هيٺان ڄميل سونهري واري
اوچتو سُرڪي وئي
۽
ٿورڙي اونهي پاڻيءَ ۾
بيٺل هڪ ڇوڪريءَ سوچيو
هيءَ گهڙي ڪيڏي نه
ڄاتل سڃاتل آهي.
ٿورا
ڏکئي وقت ۾ جنهن وڻ
مون اڪيلي مسافرلاءِ
گهاٽي ڇانوَ پکيڙي آهي
ان وڻ جي سائي رهڻ لاءِ
منهنجيون سڀ آڱريون
هَوا ۾ دعا لکي رهيون آهن.
ممتاز سراج
وائي
من اندر ڪنهن کي ويهاري،
لڪي دريءَ مان پئي نهاري _
جوڀن ڀري ڇوڪري.
اکين ۾ ڪجل ۽ لبن تي سرخي،
آرسي اڳيان پاڻُ ٿي سينگاري.
جوڀن ڀري ڇوڪري.
معصوم مڱيندي جي آسري،
مون جيان ٿي زندگي ڳاري _
جوڀن ڀري ڇوڪري.
اڄ رات ايندو هُو مون ڏي،
اڻ تڻ ۾ ٿي ڏينهن گذاري _
جوڀن ڀري ڇوڪري.
پيار جي انجام جي نه هيس خبر،
ڪاري ڪري ڇڏيائون ماري
جوڀن ڀري ڇوڪري.
بخاري افضل
وائي
تو بن پيارا،
ڪهڙي آ زندگي!
لونءَ لونءَ لهسي،
عشق جا اشارا،
ڪهڙي آ زندگي!
مينهن ڦڙي ڪاڻ،
سڪن ٿري ويچارا_
ڪهڙي آ زندگي!
ڇڏي وڃن جڏهن،
سڀ ساٿ سهارا.
ڪهڙي آ زندگي!
گل ڪونڌر
غزل
لڳين پئي تون محفل ۾ ڳاڙهو گلاب،
ڪيان ڳالهه ڪهڙي آهين لاجواب.
نه نيڻن سان تنهنجي ملائي سگهيس،
هو تنهنجي نيڻن ۾ ڀريل شباب.
جدا ڇو هيس مان پنهنجو پاڻ کان،
سوچن جي ماريو ٿي اهڙي عذاب.
منهنجي نانءَ سان گڏ ايندو تنهنجو نانءَ،
ڪرين گل سان تو ڇو ٿي حجاب
صابر هيسباڻي
اي چنڊ
اي چنڊ!
پرين کي چئجان،
توبن منهنجو روح رڙي ٿو،
هِن،
تڙپندڙ منهنجي روح اندر
سهسين تاريڪين جنم ورتو آهي،
جن کان هاڻي مون کي خوف ٿئي ٿو.
اي چنڊ!
پرين کي چئجان،
سوچن جي صحرا ۾،
خيالن جا پوپٽ هاڻي
تنهنجو واس وٺڻ خاطر
اڏامي اڏامي،
ٿڪجي پيا هِن.
اي چنڊ!
پرين کي چئجان،
صحرا ۾ ڀٽڪيل مسافر وانگر،
ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.
وشال
غزل
حياتيءَ جي چنڊ تي گهٽائن جو گهيرو!
زماني جي آهي عطائن جو گهيرو!
سموري حياتي سڪياسين وفا لئه،
سگهياسين ٽوڙي نه جفائن جو گهيرو!
رُني چاندني مُنهن رئي ۾ لڪائي،
ڪنن تي ٿي ڪڙڪيس گلائن جو گهيرو!
ڏکن جي زنجيرن آ رڳ رڳ کي جڪڙيو،
ڏسڻ سک نه ڏي ٿو سزائن جو گهيرو!
اڀاڳيون اميدون جيئڻ لئه چَوَن ٿيون.
کلائي وجهي ٿو اڇائن جو گهيرو!
وشال آهي منهنجي خيال تي حاوي،
اڃان ڀي انهيءَ جي ادائن جو گهيرو.
عطا قاضي
آزاد نظم
ظالم هجان ها!
ڪاش!مان ڀي
تو جيان ظالم هجان ها_
بلڪه
ظالمن جو سردار هُجان ها
پنهنجي دل کي
تنهنجن يادن
سان ملڻ ڀي ڪونه ڏيان ها
روڪيان ها،
ٽوڪيان ها،
ڳاريان ها،
ماريان ها،
نه مُڙڻ تي،
کين آخر سوليءَ تي
چاڙهي ڇڏيان ها _
پر، پرين!
آءُ ته انُجي
بلڪل
ابتڙ آهيان
شاعر آهيان! |