سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :7

 

زيب النساء شاهه

ثقافت ڇا آهي؟

زنده قومن لاءِ يا ايندڙ نسلن لاءِ ثقافت جو هجڻ ائين لازمي آهي، جيئن جسم ۾ دل جو هجڻ ضروري آهي.

هڪ مغربي ليکڪ جو خيال آهي: ”ثقافت جي لغوي معنى آهي عقيدتمند هجڻ، نيڪ هجڻ، روحاني خواهشات، لطف جذبات ۽ احساسات جي تسڪيني ذريعن ۽ وسيلن کي ثقافت چئجي ٿو.“

ثقافت سان گڏ ٻي ملزوم شيءِ تهذيب آهي، جهڙيءَ طرح روح ۽ جسم گڏجي زندگيءَ کي وجود ڏين ٿا، اهڙيءَ طرح تهذيب ۽ ثقافت سماج جا بنيادي ماخذ آهن. انهن کانسواءِ زندگي صحيح رنگ ۾ اڳيان نٿي اچي سگهي.

ثقافت اسانجو تخليقي سرمايو آهي. اُهي قومون يا نسل هميشه دنيا ۽ تاريخ جي سنهري ورقن تي زندهه آهن، جن پنهنجي پاڪيزه سوچن کي هميشه قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ثقافت کي ”زندهه“ رکيو آهي.

تهذيب ۽ ثقافت اسان کي ذهني پستيءَ جي غارن مان ڪڍيو آهي. پر انهيءَ سان گڏ ڏٺو وڃي ته تهذيب ۽ ثقافت لازم ملزوم به آهن، پر سندن نقطه فڪر ۾ جدا جدا حيثيت پڻ آهي. ثقافت جو تعلق باطني زندگيءَ سان، احساسن ۽ جذبن سان هوندو آهي.

جڏهن ته مادي ضرورتن جي وسيلن ۽ ذريعن جي پورائي کي تهذيب چئبو آهي. تهذيب متاثر به ڪري ٿي ۽ اثر به قبول ڪري ٿي.

ثقافت انهن معيارن جو مجموعو آهي، جيڪي ڪنهن کي قوم کي ورثي ۾ مليون آهن. انهنجو جو دائرو وسيع آهي ان ۾ انسان جي جذبن ۽ احساسن جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ثقافت پردو آهي، ثقافت حجاب آهي، ثقافت عاقبت آهي، خوبصورتي آهي، پاڪيزگي آهي. زندهه رهڻ لاءِ ، پررونق، پُر وقار زندگي مثل آهي.

ثقافت، انسانيت سان پيار ڪرڻ جو نالو آهي، ثقافت، خوشبوءِ آهي، ان سان حُسن ۽ زندگيءَ جو رابطو قائم ٿئي ٿو، ثقافت عڪس آهي، ۽ ايندڙ نسلن لاءِ آئينو آهي.

ثقافت جنهن جو بنياد انسان جي فطري جبلتن تي آهي جهڙيءَ طرح اسانجي تهذيب جو بنياد مذهب تي رکيل آهي. اهڙيءَ طرح ثقافت به مذهب جي روحاني شعبي ۾ آئينه دار آهي. ثقافت وسعت ۽ عالمگير آهي. ڇاڪاڻ ته عالمگير ضابطئه حيات آهي، جنهن ۾ اخوت، خالق، وحدت ۽  ملت جا محڪم زيورات ملن ٿا.

اسلامي ثقافت، جيڪا اسانجو آئينه زندگي آهي اها سڀني کان اهم سرچشمو الله تبارڪ و تعالى جي ذات تي ايمان ۽ يقين محڪم آهي.

انهيءَ ڪري اسلامي ثقافت جي انفراديت حقيقي هجڻ جو اقرار ڪرڻو پوي ٿو. اهو عقيدو توحيد انسان کي صرف دعوت فڪر ئي ڪونه ٿو ڏي بلڪ ان جي دل ۾ ڪامل يقين پيدا ڪري ٿو.

آخرت تي ايمان آڻڻ، نبين ۽ صحيفن تي ايمان آڻڻ، زندهه رهڻ لاءِ دين ارڪان جي پابندي ڪرڻ، غريبن مستحق ماڻهن جي امداد ڪرڻ، انجام پاڙڻ، مصيبت تي صبر ڪرڻ، خوشيءَ ۾ شڪر ڪرڻ. اسان جي ثقافت جا روشن پهلو جهاد ڪرڻ، خلافت جو نظام، بيعت جو رواج، هجرت جو درجو ۽ احڪام نصرت جي لغت جي اهميت، صداقت، ايثار، امانت، خلق جي خدمت، حقوق الوالدين، حقوق العباد، عزيزن جا حق پاڙيسرين جا حق، تبليغ، حلال و  حرام جي تفريق اسان جي ثقافت جا اهڙا شه پارا آهن جن تي مسلمانن کي بجا طور ناز آهي.

اهو اسان جو ئي پاڪيزه مذهب آهي جنهن کي اڄ ڪابه ثقافت چئلينج نٿي ڪري سگهجي. اهي قومون هميشه زنده رهن ٿيون، جيڪي پنهنجي اصليت کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ثقافت کي نٿيون وسارين. انهيءَ ثقافت کي مدنظر رکي پنهنجن ايجادن تصنيفن ۾ ڪارناما حاصل ڪرڻ ڪري ڪنهن به تعارف جون محتاج نٿيون رهن.

اها ثقافت انسان کي معاشري ۾، صحيح مقام ڳولي ڏي ٿي.

انسان کي ساري مخلوقات ۾ مٿانهون مقام حاصل آهي، قوت، فڪر کيس ٻي مخلوق کان امتياز بخشي ٿي. انسان مرد خواهه عورت لاءِ علم لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته علم انسان کي اشرف بنائي رشتن جي شڃاڻپ ڪرائي ٿو، جيئن ثقافت ۾ ترجيح رنگ نسل کي ڪونهي، بلڪ عملي ڪردار کي آهي. ثقافت انساني جذبات احساسات جي صحيح ترجمان آهي. ثقافت جيڪا ڪنهن باشعور انسان کي  روحاني تسڪين، تخليق حسن ۽ چمڪندڙ ترقي جي راهه تي اڄ پنهنجو مثال پاڻ آهي اها ثقافت ئي آهي، جيڪا ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻي.

اڄ ترقي پذير انسان جيڪو مادي نظريات جي پوئلڳي بعد ڀٽڪڻ لڳو آهي، ۽ ماديت سندس ذهني ترقيءَ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. هو بيخوديءَ ۾ ڪجهه سوچي ٿو پر سائنس جي سهاري اڳتي وڌي ٿو. جڏهن سائنس ماده حيات Protoplasm وٽ اچي قدرت يا خالق جو اقرار ڪري ٿي.

جن اصليت کي حقيقت سمجهي سڃاتو پنهنجا تقدس قائم رکيا، تن پرايو، ثقافت کي پنهنجو اهم قدم آهي، جيڪو هميشه زندهه رهي ٿو. تاريڪي مان ڪڍي يقين ڪامل قائم تائين پهچائي ٿو.

ماخذات

سنڌي اسلامي تعليم ۽ ثقافت فتح الدين _ ايڇ ميمڻ

تاريخ بني عباسي ۽ فاطمي سلطنت عمر حسن لغاري.

اسپين جي تاريخ مترجم ميمڻ قادر حسن لغاري.

فيروز الغات اردو فيروز الدين اينڊ سنس.

اسلام کا اقتصادي نظام حضرت مولانا ابوالاعلى مودودي

جديد مسائل حضرت مولانا ابوالاعلى مودودي.

عهدنامه عتيق (اردو ترجمه سيد حامد علي)

تخليق ڪائنات سيد حامد علي.

الحاج ولي محمد طاهر زادو

 

 

مشابهت

ڌرتيءَ ۽ انسان جي

ڌرتي هڪ جسم آهي.

ڌرتيءَ جا مختلف نمونا:

چيڪي، ڪلراٺي، وارياسي،

پٿريلي، ڪوئلاٺي، لوڻياٺي ۽ رائو آهن.

ڌرتيءَ ۾ جبل، پهاڙ آهن.

ڌرتي ۾ مِٽي آهي.

ڌرتيءَ تي وڻڪارآهي.

ڌرتيءَ تي نديون نارا، درياءَ آهن.

ڌرتيءَ تي پاڻيءَ مان بخارا اُٿي مٿي

چڙهي وري مينهن ٿي وسن ٿا،

ڦير گهير ٿيندي رهي ٿي.

ڌرتيءَ تي زلزلا ٿين ٿا

ڌرتي تي آلودگي گندگي ٿيندي رهي ٿي.

ڌرتيءَ تي هوا جي اٿل پٿل آهي.

ڌرتيءَ منجهه خزانا پوشيده آهن.

انسان به هڪ جسم آهي.

انسان جا رنگ، شڪليون جدا جدا آهن:

ڪارا، ڳورا، پيلا، ڪڻڪ رنگا، ٽامي رنگا به آهن.

انسان ۾ هڏا گُڏا آهن.

ا نسان ۾ ماس گوشت آهي.

انسان تي وار آهن.

انسان ۾ نسون، شريانيون ۽ رت واهڻ آهن.

انسان جو خون يا رت پڻ دورو ڪري ٿو، جسم ۾ مٿان کان هيٺ وڃي، وري موٽي دل ۾ اچي صفا ٿي ساڳي طرح هلڻ لڳي ٿو.

انسان سان حادثا ٿين ٿا.

انسان تي بيماريون: جهڙوڪ سِلهه، بخار، اڌ رنگ، فالج، قولنج، ناسور (ڪئنسر)، ٻيون اگهاريون، سرسام، خفقان، مِٺا پيشاب يا ذيابيطس، درد گرده وغيره ٿين ٿيون.

 انسان جي ڦڦڙن ۾ هوا، ساهه جي صورت ۾ اٿل پٿل ڪري ٿي.

انسان ۾ ڏسڻ جي طاقت، ٻُڌڻ سُڻڻ جي طاقت، ڳالهائڻ جي طاقت، چکڻ جي طاقت ۽ محسوس ڪرڻ يا ڇهڻ جون، طاقتون پوشيده آهن.

ڌرتي پنهنجي چوڌاري ۽ سج جي چوڌاري ڦري ٿي.

ڌرتيءَ ۾ ڪشش ثقل آهي.

ڌرتي غيبي طاقت سان ڦري ٿي.

 ڌرتيءَ تي مُندن يا موسمن جي ڦير گهير ٿئي ٿي.

 ڌرتي تي رات ۽ ڏينهن ٿئي ٿو.

ڌرتي سج کان روشن ٿي رهي.

انسان پڻ گهمي ڦري هلي چلي ٿو.

انسان ۾ سِڪ، ڇڪ ۽ حب جو اثر رکيل آهي.

انسان، روح جي طاقت سان مَشغلو ۽ محنتون ادا ڪري ٿو.

انسان جي ڄمار يا عمر ۾ اهڙي ڦير گهير ٿئي ٿي:

يعني ٻالڪپڻ، بلوغت جواني ۽ پيريءَ يا پوڙهاپڻ.

انسان ڪاڻ اها ننڊ ۽ سجاڳي آهي.

انسان، نُور کان حسين جميل آهي.

 ٿلهي ليکي انسان ۽ ڌرتيءَ جي ساخت لڳ ڀڳ هڪجهڙائي ئي آهي. مگر انسان واسطي الله تعالى فرمايو ته منهنجي ساري مخلوقات ۾ انسان جي بيهڪ، صورت ۽ ڏيک ويک بهترين تخليق آهي: ڪارڻ، هن ۾ روح داخل ٿيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com