”فقير“ شهمير چانڊيو
ڪفن ۾ کيسو ناهي!!
جنت، واقعي به جنت هئي. ان جي نه هئڻ سان هن کي زندگيءَ ۾
پهريون ڀيرو احساس ٿيو هو ته اهو گهر، جيڪو چئني
پاسي هٻڪارون ئي هٻڪارون پکيڙيندو هو، ۽ جتي خزان
جو هڪ پن به نه ڇڻيو هو؛ اڄ اتي خزان جو مڪمل راڄ
هو. اڄ اهو گهر، دوزخ جو اوڙاهه هو، جنهن ۾ هو
لاڳيتو سڙندو رهيو پي. سندس ورتل شيون، جيڪي ساهه
جيان، جنت سانڍي رکندي هئي، اڄ سندس جيان مدي خارج
ٿي چڪيون هيون، ۽ نهايت بيدرديءَ سان انهن کي
استعمال ۾ آندو ويندو هو، مگر هن کي اها جرئت نه
هئي، جو هو انهن کي ائين ڪرڻ کان منع ڪري سگهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته هن کي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ موت
کان پوءِ جنت جو تصور ڪرڻ بي معنى ۽ بي مقصد آهي.
ڇاڪاڻ ته جنت ته هتي ئي آهي هن کان سواءِ ٻي ڪهڙي
جنت ٿي سگهي ٿي، جيڪا سندس بي توجهيءَ جو شڪار
هوندي، ۽ رات جو دير سان گهر موٽڻ تي اوسيئڙي ۾
ويٺي هوندي، ۽ نه فقط اوسيئڙو بلڪه ماني به نه
کائيندي هئي. هن جو رويو، جنت سان هميشه کهرو رهيو
هو، پر تنهن هوندي به هوءَ خنده پيشانيءَ سان ساڻس
پيش ايندي هئي. هن کي هڪ رات، اها به ياد اچڻ لڳي،
جڏهن بجلي بند ٿي ويئي هئي. ان گهڙيءَ شراب جي نشي
۾ بدمست ٿي، جنت کي تازو آندل الهڏني نوناريءَ جو
رڪاٽ، ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي هئي ۽ اتفاق سان اوندهه
هئڻ سبب اهو رڪاٽ، جنت کي هٿ نه اچي سگهيو هو،
جنهن تي جنت معذوري ڏيکاريندي چيو هو، ”الائي
اوهان ڪٿي رکيو آهي _ لائيٽ اچي ته مان اوهان کي
آڻي ٿي ڏيان.“ ان گهڙيءَ هن جو پارو چڙهي ويو هو،
۽ هن جنت تي هٿ کنيو هو. پر مجال آهي جو جنت ڪڇي!
مگر اڄ جنت جي نه هئڻ سبب، هو ويچارو ۽ ويڳاڻو ٿي
ويو هو. اڄ هو ڪنهن سان کهرو به نه ٿي ڳالهائي
سگهيو، ۽ نه ڪنهن تي هٿ ٿي کڻي سگهيو. پوءِ هو
سوچن جي اوڙاهه ۾ غرق ٿي ويو........هن سوچيو: ”هي
سڀ ڪجهه هو ڪنهن جي لاءِ ڪري رهيو آهي........ڇا
هو سڀ ڪجهه انهن لاءِ ڪندو رهيو آهي، جيڪي سندس
دماغي توازن تي شڪ ٿا ڪن.“
هن کي پنهنجي رجعت پسنديءَ وارا خيال راس نه آيا هئا. هن جي
تصور ۾ به اها ڳالهه نه هئي، ته ڪو اهڙو دؤر به
ايندو، جيڪو سندس روشن خيالن کي فرسوده خيالن ۾
تبديل ڪندو. ان گهڙيءَ بسترِ مرگ تي ليٽئي ليٽئي،
سندس نظرون، سچ جي لهندڙ منظر کي يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳيون.
ان گهڙيءَ هن پنهنجي وجود تي نظر ڦيرائي. هن کي
ائين لڳو، ڄڻ هو به سج وانگر غروب ٿيندو پيو وڃي.
سندس ماضيءَ ۾ ٺهيل پهاڙ جهڙو سخت ۽ اڏول جسم،
لاغر ٿي چڪو هو. بصيرت ۽ بصارت پڻ موڪلائي چڪيون
هيون. اکين جي جوت به آهستي آهستي ڌيمي ٿيندي پي
ويس. ڪو وقت هو، ته جسم تي گوشت جا تهه چڙهيل هئس،
پر اڄ فقط هڏين مٿان کل چڙهيل هئس. ٻانهن جون نسون
نمايان نظر اچي رهيون هيون، هٿن ۾ اها به قوت نه
رهي هيس، جو پاڻيءَ جو گلاس چپن تائين آڻي سگهي، ۽
اندر جي کوري کي وسائي سگهي. ٽنگن مان پڻ ست نڪري
ويو هوس، هلڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته سڄو لڏندو هو،
ڄڻ ڪا بي بنياد ڀت هئي!
اوچتو هن جي نظرن هڪ ٻيو منظر ڏٺو _ افق تي شفق جي لالاڻ
پکڙجندي پي ويئي. سج جو ڪٿي به نالو نشان نه هو _
هن کي اهو منظر ڏاڍو سهڻو لڳو هو، ڄڻ هو ٻيهر پاڻ
کي جوان محسوس ڪري رهيو هو؛ پر اها سندس خوشي فهمي
هئي. هن جي چهري تي معصوميت اُڀري آئي هئي. هن جي
سک جا ڏينهن سهڻا سپنا بنجي ويا هئا. ان گهڙيءَ هن
ماضيءَ جي جهروڪن ۾ ليئا پائڻ شروع ڪري
ڏنا........ هن ڏٺو جڏهن هو مختيارڪار هو، تڏهن
هن پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ هڪ وڏو ٿلهو ٺهرايو هو. شام
ٿيندي ئي ان تي ڇڻڪار ڪئي ويندي هئي. وچ تي هڪ
جنڊيءَ واريءَ کٽ، طول _ وهاڻن سان سينگاريل رکي
ويندي هئي ۽ ان جي چوڌاري مُوڙا رکجي ويندا هئا،
جن تي تر جا معزز ۽ حد جا پوليس عملدار ويهندا
هئا. هن جي اچڻ تي هو اٿي، سندس استقبال ڪندا هئا.
ڳوٺ جا غريب _ غربا، سندس اڳيان هٿ ٻڌيو، بيٺا
هوندا هئا _ ۽ پوءِ هو ڦونڊ ۾ ڀرجي، پنهنجي خاص
الخاص ڪمدار کي حڪم ڏيئي پڇندو هو، ته ”اڙي خميسا،
هتي سڀ معزز آيل آهن، هنن گرن گنجن جي هتي اچڻ جي
ڪهڙ ي ضرورت آهي؟“ ۽ ڪمدار پوءِ هٿ ادب جا ٻڌي عرض
ڪندو هو، ته ”منهنجا سائين! هيءُ پنهنجي ڳوٺ جا
مسڪين مارو آهن. اهي توهان وٽ سوالي ٿي آيا آهن.
هنن جو چوڻ آهي، اسان سڄي ڄمار، پنهنجي جهالت ۾
گذاري ڇڏي آهي، پر پنهنجن ٻچن کي جاهل بنائڻ نه
ڏينداسون ۽ سڀ گڏجي سائين جن کي عرض ڪنداسون ته
اسان کي ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول کولائي ڏي، جيئن اسان جا
ٻچا، تعليم جي زيور سان آراسته ٿي سگهن!
اهڙيءَ طرح ڪمدار خميسي جي ڳالهه ٻڌي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي، کل ۾
ٻڏي ويندو هوس ۽ پوءِ ڪجهه لمحن کان پوءِ ساهي
پٽي، انهن ڳوٺاڻن کي حقارت ڀري نظر سان ڏسي، ڪمدار
خميسي کي چوندو هوس ته ”اڙي چريا! اهي ڄٽ جا پٽ
جيڪڏهن پڙهي پيا ته شعور اچڻ تي اهي منهنجي سلام
ڀرڻ لاءِ به ڪونه ايندا، ۽ وڏي ڳالهه ته اهي ڄٽ جا
پٽ، مون سان گڏ کٽ تي ويٺا هوندا، ۽ پوءِ هي گڏهه
۽ گهوڙا، ٻڌندو ۽ ڇوڙيندو ڪير!“
منهنجي ان اظهار خيال تي آيل معزز، منهنجي ساراهه جا ڍڪ ڀريندا
هئا _ چي: ”واهه سائين، واهه سائين! واهه جي ڳالهه
ڪَيوَ!“
مگر پوءِ مون کي وقت جو احساس نه رهيو ته ڪيئن مان ملازمت تان
رٽائر ٿي ويس. ملازمت جي ختم ٿيڻ سان ئي منهنجو
جاهه و جلال پڻ ختم ٿي ويو. اڄ اهو ٿلهو، غريب _
غربن ۽ معززن جون واٽون ڏسي رهيو آهي ۽ مان اڪيلو،
حسرت ڀري نگاهه سان ڏسي رهيو آهيان، جيڪي منهنجي
پاڇي کان به نفرت ٿا ڪن. ماڻهن جي ان رويي منهنجي
خيالن ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي آهي ، ۽ مان سراپا ميڻ
بنجي ويو آهيان. اڄ منهنجي جاءِ، منهنجي اولاد
والاري ڇڏي آهي. انهن جو ظالماڻو رويو ڏسي کين
روشن خيال ٿيڻ جومشورو ڏيندو آهيان ته هوُ چڙي
پوندا آهن، ۽ منفي موٽ ڏيندي، چوندا ته ”بابا“
اوهان اسان کي ڳوڻيون نوٽن جون ڏيئي پڙهايو آهي،
آخر ڇا جي ڪري _ آخر اسان کي اهي به ڀرڻيون آهن _
مفت ۾ ڪم ڪياسون ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جو
پائي، پائي لاءِ محتاج ٿي وينداسون. اسان جيڪي
ڪجهه به ڪري رهيا آهيون، پنهنجن ٻچن جي مستقبل
سنوارڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون _ توهان به ته ائين
ڪيو هو!“
ان جواب تي منهنجو اندر کامي ويندو هو، ۽ اها حقيقت به هئي ته
مون پنهنجي اولاد لاءِ هر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪيو،
مگر ٻين انسانن لاءِ ڪجهه به نه سوچيو. ان جي بدلي
۾ اڄ مان بستر مرگ تي پيو آهيان. منهنجو ڪوبه حال
ڀائي ڪونهي. ڪير به مون سان ڏک _ سک جون ڳالهيون
نٿو ڪري، مشين جي هڪ بيڪار پرزي جيان، ورانڊي ۾
پيل موت جي ڀوائتي ۽ خاردار کٽ تي سڪرات ۾ وڪوڙيل
آهيان _ نه مري سگهان ٿو، نه جي سگهان ٿو.
اوچتو هن جي خيالن جوسلسلو ٽٽي ٿو پوي _ هن کي ائين لڳو، ڄڻ
ماضيءَ جي ڪيل غلطين تي پردو وجهڻ لاءِ ڪنهن
ماضيءَ جا ڳڙکا بند ڪري ڇڏيا هجن ۽ پوءِ هو حال ۾
موٽي آيو، هن ڏٺو، گهر ۾ وڏي ردو بدل ٿي رهي هئي:
جنهن سبب هل هنگامو متل هو. نئون آندل سامان، جنهن
۾ ڊش اينٽينا، رنگين ٽيليويزن، صوفا سيٽ، ڊبل بيڊ،
ڪراڪري ۽ ٻيون شيون عيش و آرام جون شيون، پراڻي
سامان جي جاءِ تي سجايون پي ويون. عجيب منظر هو.
هن جي دل، رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. هي حسرت ڀري
نگاهه سان اُن فوني کي ڏسي رهيو هو، جنهن جي فون
باڪس جي زنگ لڳل سُئي، هن کي مٽائڻ جي آڇ ڪري رهي
هئي. مگر هو بيوس هو. آخر هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو.
پراڻي سامان جي کڻڻ وقت لاک جا ٺهيل گراموفون
رڪاٽ، ڀڄي ڀري پيا هئا، جن ۾ وقت جي ڳائڻن _
الهڏنو نوناري، گامڻ خان، بيبوخان، جيوڻي، ٻائي،
خانصاحب خير محمد، خانصاحب عاشق علي خان، سهگل،
اختري بائي، زهرا بائي ۽ ٻين انيڪ روح پرڀائڻ وارن
جا آواز، محفوظ ٿيل هئا. مطلب ته هرشيءَ، ماضيءَ
جي محل کي مسمار ڪندي کنڊر جي شڪل ۾ وارنڊي کان
ٻاهر ۽ اندر پنهنجي ڪسمپرسي واريءَ حالت ۾ پئي
هئي. اها حالت ڏسي، هن جي دماغ جون رڳون ڦاٽڻ
لڳيون ۽ هن پوري طاقت سان هڪ وڏي رڙ ڪئي: ”سڀ
هيڏانهن اچو!“
گهر جا سڀ ڀاتي، جن ۾ پٽ، نهرون، ڌيئون، ڏوهٽا، پوٽا شامل هئا.
هن جي چوگرد جمع ٿي ويا. هن هڪ نظر، سڀني تي وڌي ۽
خشڪ ٿيل چپن تي زبان ڦيري،وري به پوري قوت جمع
ڪري، چوڻ لڳو، ”هيءَ جيڪو به پراڻو سامان ورانڊي
جي ٻاهر پيل آهي، منهنجي کٽ جي پاسي ۾ گڏ ڪريو ۽
اوهان جي ماءُ (جنت) مرحومه جي صندوقڙي ۾ پيل
ڪجهه ڪاغذات مون کي ڪڍي هٿ ۾ ڏيو!“
گهر جا ڀاتي، حيرانگيءَ سان هن کي تڪي رهيا هئا، ڄڻ هن جي دماغي
توازن تي شڪ هجي. لاچار انهن ٻاهر پکڙيل سامان
هڪجاءِ تي هڪ ٻئي مٿان سَٿي رکيو، ۽ پوءِ وري هن
ڏانهن سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳا. مگر هِن، انهن کي
وڃڻ جو اشارو ڪيو.
رات جا ڪارا پاڇا، ڌرتيءَ تي پنهنجو ديرو ڄمائي چڪا هئا. ان
وقت، ٻِرن ۾ جيت، آکيرن ۾ پکي، وٿاڻن ۾ ڍور ۽ گهرن
۾ انسان، محو خواب هئا. هو شرابين وانگر ٿڙندو _
ٿاٻڙندو، کٽ تان اٿيو ۽ رڌڻي ڏانهن رخ ڪيائين.
جاري تي رکيل ماچيس ڏڪندڙ هٿ سان کڻي، لاک جي رڪاٽ
کي سامان مٿان رکي، جيئن تيئن تيلي ٻاري باهه ڏيئي
ڇڏيائين. ڏسندي ڏسندي، باهه جا اُلا، اُڀ کي ڇهڻ
لڳا.باهه جي تپش سڀني گهر ڀاتين کي سجاڳ ڪري ڇڏيو
۽ گهر ۾ رکيل مٽ _ دلا، سڀ باهه اجهائڻ لاءِ خالي
ڪري ڇڏيائون. ان دوران وسائڻ واريون گاڏيون به ٽن
_ ٽن ڪنديون تيزيءَ سان جاءِ واردات تي پهچي، باهه
وسائڻ کي لڳي ويون. آخر باهه ٿڌي ٿيڻ کان پوءِ هن
جي سار لڌي ويئي، جڏهن ته هن جي هڏين مٿان چڙهيل
کل باهه ڪري ڳري چڪي هئي ۽ سندس هٿن جي هڪ مُٺ
ڀيڙيل هئي، جنهن ۾ باهه کان محفوظ ڪاغذ جو ٽڪرو
نظر اچي رهيو هو.
هن جي وڏي پٽ، زور لڳائي، مُٺ کولي ۽ ڪاغذ جو ٽڪر ڪڍي ورتو ۽ ان
تي لکيل عبارت پڙهڻ لڳو: ”ڪفن ۾ کيسو ناهي!“
|