ليکڪ: عابده نرجس
مترجم: گلبدن جاويد مرزا
قسط آخري
دولت جي ديوار
اوڌپور ۾ سندن شاندار استقبال ڪيو ويو. اها هڪ بيحد خوبصورت
جڳهه هئي، مهاراجا جو محل پرين جي ڪهاڻي جهڙو
عاليشان ۽ پراسرار هو. اهي سڀ ماڻهو سرفينا جا
نهايت ٿورائتا هئا، جو هن سندن ولي عهد جي زندگي
بچائي هئي. ۽ هو پنهنجي شڪريي جي ادائگي لاءِ ڪو
موقعو هٿ مان وڃائڻ نه پيا چاهين. انهن ٻنهي کي
قيمتي تحفا ڏنا، ۽ سندس مان ۽ تمام شاندار تقريبن
جو انتظام ڪيو.
سرفينا جي لاءِ سڀ ڪجهه بي حد نئون ۽ حيرت انگيز هو. هوءَ ڪيلون
سان هن جادوءَ جي نگريءَ ۾ گهڻي خوش هئي. هر طرف
سندن تعريفون ٿي رهيون هيون، ۽ سندس ائين عزت ڪئي
پئي وئي، جيئن ڪا هوءَ شهزادي هجي. مهاراڻيءَ کيس
پنهنجي محل ۾ ڪافي دفعا گهرايو هو. هوءَ کيس
اوڌپور جي سرڪوده عورتن سان ملائيندي هئي، ۽ انهن
کي ٻڌائيندي هئي ته هن ولي عهد جي زندگي بچائي
آهي.
سرفينا ڏٺو ته مهاراجا جي راڻي تمام ننڍي عمر جي هئي. هوءَ مشڪل
سان 17 سالن جي هئي، ۽ مهاراجا تقريباً چاليهن
سالن جو نظر ٿي آيو.
ليڪن جڏهن ٻئي درٻار ۾ ويهندا هئا، ۽ مهاراجا جي نظر راڻيءَ جي
چهري تي پوندي هئي ته سندس چهري تي هڪ خوبصورت مرڪ
۽ اکين ۾ چمڪ اچي ويندي هئي. سرفينا کي هن تي رشڪ
ايندو هو. هوءَ ڪيڏي خوشنصيب آهي جو کيس پنهنجي
مڙس جي محبت حاصل هئي، ۽ هڪ هيءَ هئي، جنهن کي
شايد عمر ڀر ڪيلون جي محبت لاءِ ڀٽڪڻو پوي. هڪ
ڏينهن مهاراڻيءَ سان گفتگو ڪندي سندس ننهن جو ذڪر
ٿيو ته سرفينا راڄ ڌياڻي کي چيو، ”راڻي ڏاڍي
خوبصورت آهي. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻي ٿي.“
مهاراڻيءَ مرڪيو. ”هوءَ سٺي نموني اوهان جي ٻولي سکي نه سگهي
آهي. انهيءَ لاءِ هوءَ تنهنجو شڪريو ادا ڪري نه
سگهي آهي، جهڙيءَ طرح هوءَ ڪرڻ چاهي ٿي.“
”بس هاڻي اوهين انهيءَ شڪريي جي سلسلي کي ختم ڪريو. ائين ته مان
شرمندگي ٿي محسوس ڪريان، اوهان اسان کي ايترو پيار
۽ ايترا تحفا ڏنا آهن، جو اوهانجن جذبن جي
گهرائيءَ جو اندازو ٿي ويو آهي.“
”نه........... ولي عهد جي زندگي ته اسان جي لاءِ ايتري قيمتي
آهي، جو ان جو ڪوبه ملهه ناهي، ۽ تو ان کي بچايو
آهي. مهاراڻي............“ محبت مان چيو. ”هي
ننڍڙو ته اسان کي سالن کان پوءِ مليو آهي. مون
مهاراجا جي شادي چوڏهن سالن جي عمر ۾ ڪرائي هئي،
پر خدا اسان کي ولي عهد نه ڏنو. ليڪن ٽي سال
ٿيندا جو هيءَ راڻي خوشنصيبي کڻي، اسان جي محل ۾
آئي.“
”ڇا راڻي ۽ مهاراجا جي ملاقات شاديءَ کان پهرين به ٿي هئي؟“
سرفينا پڇيو.
”اوه، نه ڌيءَ، هتي شاديون والدين ئي طئه ڪندا آهن.“
سرفينا کي حيرت ٿي ته هتي شاديون والدين جي مرضيءَ سان ٿين
ٿيون. پر انهن ۾ محبت ۽ انسانيت ٿئي ٿي، ۽ ڪيلون
انڪري ناراض هو جو کيس ڪنوار جي چونڊ ڪرڻ جو موقعو
نه ڏنو ويو.
مهاراڻيءَ سندس چهري تي حيرت جا تاثرات ڏسي ورتا، تنهنڪري هن
شفقت مان چيو، ”اوهان جي تهذيب اسان کان مختلف آهي
ڌيءَ! توکي هيءَ ڳالهه بلڪل عجيب لڳندي هوندي ته
اسان جا ماڻهو محبت ۾ مبتلا ٿيڻ کانسواءِ شادي
ڪيئن ڪن ٿا. ليڪن هتي عورت شادي ڪرڻ سان ئي مڙس جي
محبت ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي.“
سرفينا سرهي ٿي وئي. هوءَ پنهنجي جڳهه تان اٿي، مهاراڻيءَ جي
ويجهو وڃي ويٺي، ۽ آهستگيءَ سان چيائين، ”پليز
مهاراڻي اوهين ته محبت جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻو
ٿيون پنهنجي ان علم مان ڪجهه مون کي به ڏيو. مان
ڪجهه به نٿي ڄاڻان ته محبت ڇا ٿيندي آهي. اها ڪيئن
ٿي ويندي آهي، ڇو ٿيندي آهي.“
مهاراڻيءَ پيار مان سندس وارن ۾ هٿ ڦيريو، ۽ کيس محبت جون رمزون
۽ راز سمجهائڻ لڳي.
رات جو هنن کي هڪ ناچ جي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت نامو مليو.
سرفينا جي لاءِ هندوستاني ناچ بيحد خوبصورت ۽ دل
کي وڻندڙ هئا. فنڪارن پنهنجي ملڪ جي مشهور شاعر
ڪالي داس جو ڊرامو پيش ڪيو، جنهن جي ڪجهه شعرن جو
ترجمو انگريز مهمانن جي لاءِ سندن ٻوليءَ ۾ ڪيو
ويو. سرفينا کي هي سڀ ڪجهه هڪ خواب محسوس ٿي رهيو
هو.
هنن جي مٺي ۽ سريلي موسيقيءَ جي گهرائي روح کي راحت بخشي رهي
هئي، ۽ شاعريءَ جا ٻول هن جي جذبن ۽ احساسن ۾ اڌما
پيدا ڪري رهيا هئا.
هن ڀر ۾ ويٺل ڪيلون کي ترڇي نظر سان ڏٺو. پر هو راڳ ۾ گم هو.
هوءَ سوچڻ لڳي ته ڇا سندس گهوٽ جي دل ۾ محبت جي
چڻنگ ٻري رهي آهي. هو ان جو احساس ڇو نٿو ٿيڻ ڏئي.
هن جي ذهن ۾ مهاراڻيءَ جا لفظ هري رهيا هئا، ۽ کيس
محسوس ٿي رهيو هو ته هوءَ به هتان جي ڪنوارن وانگر
پهرين ڏينهن کان پنهنجي گهوٽ جي محبت ۾ مبتلا ٿي
وئي هئي. ليڪن هوءَ پنهنجن جذبن کي هن اڳيان ظاهر
ڪري نه سگهي هئي. هوءَ انهيءَ ڳالهه تي هيسيل
رهندي هئي ته هيءَ شادي ڪيلون جي لاءِ زبردستيءَ
جو ڳٽ آهي.
اتي ويٺي ويٺي هن سوچيو ته هوءَ پنهنجن احساسن کي ظاهر ڪندي.
هوءَ ڪيلون کي انهن احساسن جا رنگ ڏيکاريندي، جيڪي
سندس دل ۾ اڌما ڏيندا رهن ٿا. هوءَ هن کي ٻڌائيندي
ته هنن پهرين ڏينهن جيڪا دوستيءَ جي شروعات ڪئي
هئي اها محبت ۾ بدلجي چڪي آهي.
ناچ جي محفل تان واپسيءَ کان پوءِ جڏهن هو گڏجي چانهه پيئڻ لاءِ
ويٺا ته سرفينا سوچيو ته هوءَ اڄ ڪيلون کي پنهنجن
جذبن جي گهرائي محسوس ڪرائيندي. هوءَ پنهنجيءَ
محبت جو اظهار ڪري ڏسندي ته ڪيلون کيس ڪهڙي موٽ
ڏئي ٿو. انهيءَ خيال کيس بي چين ڪري ڇڏيو، ۽ هوءَ
اهو سوچڻ کانسواءِ ته هي جيترو ڏسڻ ۾ سڀ ڪجهه سولو
لڳي ٿو حقيقت ۾ ڪيترو مشڪل ٿيندو. هن ڪيلون کي
سڏيو. ”ڪيلون؟“
”جي!!،“ هن گهرين نظرن سان کيس ڏٺو.
هوءَ ڪجهه هيسجي وئي ۽ وري تيزيءَ مان چيائين، ”مان.........مان
توکي هڪ خاص ڳالهه چوڻ چاهيان ٿي.“
”ضرور........ ضرور چئه.“ ڪيلون پيار مان چيو.
سرفينا چپ چوريا. کيس محسوس ٿيو ته جيئن هي سڀ ڪجهه چوڻ بلڪل
آسان آهي، ۽ هوءَ آرام سان ان جو اظهار ڪري سگهي
ٿي. ليڪن ان وقت ڪنهن دروازو کڙڪايو، ۽ هڪ نوڪر
اندر آيو.
”صاحب، هي اوهان جا ٻه ضروري ٽيليگرام آهن.“ هن پليٽ ۾ رکيل
لفافا هن ڏانهن وڌايا.
ڪيلون ڀرون کي ڇڪيندي لفافن کي ڏٺو ۽ ان مان هڪ کولڻ لڳو.
سرفينا جي دل ڌڙڪندي رهجي وئي ته اهو سندس والد جي
طرفان ته ڪو نئون اطلاع ناهي. هوءَ هڪ دفعو وري
ڊڄي وئي. هن ڊڄندي ڪيلون کي ڏٺو ته هو ڪاوڙ مان
ڪاغذ کي مروڙي اڇلائي ڇڏيندو، ۽ ساڻس اهڙن لفظن جو
اظهار ڪندو جو اهي کيس ساڙي رک ڪري ڇڏيندا.
هن ساهه روڪي ڪيلون کي ڏٺو. هو ڪجهه پريشان ڏسڻ ۾ آيو.
”ڇا ڪو خاص پيغام آهي؟“ هن ڊڄندي پڇيو.
”ها، منهنجي انڪل جو انتقال ٿي ويو آهي. هن ٿڌو ساهه ڀري چيو.
”اوهه! ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي.“ سرفينا همدرديءَ مان پڇيو.
ڪيلون ٻيو لفافو کوليو، چند گهڙيون ان کي خاموشيءَ سان
پڙهيائين، ۽ پوءِ وڏي آواز سان ان کي ٻيهر
پڙهيائين ته جيئن سرفينا به ٻڌي سگهي، سندس آواز ۾
هڪ هلڪي خوشي هئي.
”اسين جناب ڊيوڪ ڪيلون وارڊ کي اطلاع ڏيون ٿا ته ان کي وراثت ۾
ملڻ واري ملڪيت جي ماليت ڏهه لک پونڊ آهي، ۽ اسين
ان جي نئين حڪم تائين نگراني ڪنداسين.“
تار جو مضمون پورو ڪري هو اٿي بيٺو، ۽ خوشيءَ واري لهجي ۾
چيائين، ”اوه! خدا جو شڪر آهي جو مان اوهان جي
دولت جي قيد مان آزاد ٿيو آهيان.“
سندس انهن لفظن سرفينا کي لرزائي ڇڏيو. ان کان پهرين جو هوءَ
ڪجهه ڳالهائي سگهي، ڪيلون تارن جا جواب لکڻ لاءِ
نوڪر کي گهرايو.
ٿوري دير ۾ مهاراجا ۽ ٻين ماڻهن جا تعزيتي پيغام اچي لڳا!.
ڪيلون اهي وصول ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سرفينا وٽ
انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو ته هوءَ
پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي.
ڪيلون کي فارغ ٿيڻ ۾ ڪافي دير ٿي وئي. هو پنهنجي بيڊروم آيو ته
کيس سرفينا جو خيال آيو. هن سوچيو ته هاڻي هو هن
سان سڀني ڳالهين تي صلاح مشورو ڪندو. هن ڏٺو ته
سرفينا جي ڪمري جي بتي بند هئي. شايد هوءَ سمهي
پئي هئي. وري به هن آهستي دروازو کولي ڏٺو. دريءَ
مان ايندڙ چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ سرفينا کي سندس پلنگ
تي ستل ڏسي سگهيو پئي.
”سرفينا!“ هن آهستگيءَ سان چيو ته جيڪڏهن هوءَ جاڳندي هوندي ته
هن ڏانهن متوجهه ٿيندي. پر هوءَ ستي رهي ۽ ڪو به
جواب نه ڏنائين. ڪيلون ڪجهه دير انتظار ڪيو، ۽
پوءِ دروازو بند ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو.
دروازو بند ٿيڻ جي آواز تي سرفينا ڪنڌ کڻي ڏٺو. هو ڪمري ۾ وڃي
چڪو هو. هوءَ وري سمهي پيئي ۽ سندس خوبصورت اکيون
ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. سندس خواب ٽٽي پيا، سندس
سپنا ڇڙو ڇڙ ٿي ويا، سندس معصوم خيالن جا سڀ محور
الجهي ويا.
ڪيلون جي وات مان نڪتل لفظن کيس سڄي حقيقت سمجهائي ڇڏي هئي ته
ڪيلون جي دل ۾ سندس لاءِ ڪابه جڳهه ناهي.اهو فقط
هڪ زبردستيءَ جو ڳانڍاپو هو جو هن جي مجبوريءَ
ڳنڍيو هو، پر هاڻي هو ان قيد مان آزاد ٿي چڪو هو.
جيڪڏهن سندس دل ۾ ڪو احساس هجي ها ته هو اهڙا لفظ
نه ڳالهائي ها. هن سندس معصوميت جي ڪابه پرواهه نه
ڪئي. ورثي ۾ ملڻ واريءَ دولت کيس اهڙو مدهوش ڪري
ڇڏيو جو هن اهو به ياد نه رکيو ته هوءَ کيس ڪجهه
چوڻ واري هئي.
سرفينا جي ڳوڙهن وهاڻو پسائي ڇڏيو. هن سوچيو اهو سٺو ٿيو جو هن
پنهنجي محبت جو اظهار نه ڪيو نه ته کيس شرمندو
ٿيڻو پوي ها. کيس چئني طرفن کان انڌيرو ئي انڌيرو
نظراچي رهيو هو. کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته جيئن سندس
ساهه گهٽجي ويندو. ڪيلون جي محبت وڃائڻ واري خيال
سندس زندگيءَ کي بي رونق، لاحاصل ۽ دوزخ جهڙو ٺاهي
ڇڏيو هو.
ڪيلون نيرن ڪرڻ لاءِ ٻاهر آيو ته صبح جي چمڪيلي روشني چئني طرفن
ڇانيل هئي. محفل جي ڀتين ۾ جڙيل پٿر ستن رنگن ۾
چمڪي رهيا هئا، ۽ ٻاهرين ڀت تي چڙهيل ول جي ساوڪ
اکين کي فرحت ڏيئي رهي هئي. هو هينئر به دل ۾ سوچي
رهيو هو ته کيس مستقبل ۾ ڇا ڪرڻو آهي. هن ٽيبل تي
ڏٺو ته صرف هڪ شخص جي ناشتي جا ٿانو رکيا ويا هئا.
هن هندوستاني نوڪر کان پڇيو ته ”ڇا مئڊم صاحبه
نيرن پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي آهي؟“
”صاحب، مئڊم صاحب هلي وئي آهي.“
هن ٻڌايو. هڪدم پنهنجيءَ جڳهه تان اٿيو. ”هوءَ ڪيڏانهن وئي آهي.
ڪجهه اوهان کي ٻڌايائين؟“
”نه صاحب.“ نوڪر جواب ڏنو.
”ساڻس ڪوئي ويو آهي.“ هن پريشانيءَ مان پڇيو. کيس حيرت ٿي ته
هوءَ کيس ٻڌائڻ کانسواءِ ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿي.
”ها صاحب، هڪ نوڪر امرناٿ ساڻس ويو آهي.“ هن ٻڌايو.
”اوهان مونکي ٻڌايو ڇو ڪونه؟“ ڪيلون ڪاوڙ مان چيو.
”صاحب، مئڊم صاحب چيو ته اوهان جي ننڊ خراب نه ڪئي وڃي.“ نوڪر
ٻڌايو.
ڪيلون ته سندس ڳالهه ٻڌائڻ کان سواءِ سرفينا جي بيڊ روم ۾ ويو،
انهيءَ اميد سان ته شايد هوءَ ڪو پيغام ڇڏي وئي
هجي. هن افراتفريءَ ۾ سڄو ڪمرو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو.
آخرڪار ڊريسنگ ٽيبل تي رکيل هڪ لفافي تي نظر پيس.
هن جلدي جلدي لفافو کولي خط ڪڍيو.
”هاڻي اوهان کي اهو سڀ ڪجهه حاصل ٿي چڪو آهي جيڪو اوهين چاهيو
پيا. اوهين منهنجي دولت جي قيد مان آزاد ٿي چڪا
آهيو، جنهن مجبوريءَ اوهان کي مون سان سلهاڙي رکيو
هو. مان پاپا ڏانهن واپس وڃي رهي آهيان. مان
ٿورائتي آهيان جو اوهان مون سان تمام مهرباني ۽
نرميءَ وارو ورتاءُ ڪيو آهي.“
سرفينا جا لکيل لفظ هن کي اکين ۾ ڇڀڻ لڳا. کيس سمجهه ۾ نه آيو
ته هو ڇا پڙهي رهيو آهي ۽ ڇا اها حقيقت آهي؟
سرفينا جهڙي هيسيل ۽ ڊنل ڇوڪري ايڏو وڏو قدم کڻي
سگهي ٿي.
هن کي ياد آيو ته ٽيليگرام ملڻ وقت هن سرفينا کي بلڪل نظرانداز
ڪيو هو. شايد هن جي ننڍڙي ۽ معصوم دل تي هن جي
رويي ضرب لڳائي هئي. بهرحال کيس ان جو ازالو ڪرڻو
هو. هو ڊڪندو ڪمري کان ٻاهر آيو ۽ نوڪر کي چيائين،
”جلدي ۾ گهوڙا تيار ڪيو. اسين هينئر ئي روانا
ٿينداسين. بلڪل هينئر!! ۽ ٻڌ رات جي لاءِ به ڪجهه
سامان ساڻ رکجانءِ. ٿي سگهي ٿو اسان کي موٽڻ ۾
دير ٿي وڃي يا رات ڪٿي مسافر خاني ۾ گذارڻي پوي.“
تقريباً اڌ ڪلاڪ ۾ هو روانا ٿي ويا. بمبئي ڏانهن وڃڻ وارو صرف
هڪ رستو هو، جتان گاڏي وڃي سگهي پيئي. هي انهيءَ
رستي کان ويا. ڪيلون ڄاڻي پيو ته سرفينا سٺي
گھوڙيسوار ناهي. هوءَ گهڻو پري نه پهتي هوندي. هن
جو گهوڙو هوا اڏائيندو پئي ويو. بس ٻن پهرن مهل هي
ٿورو آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجن گهوڙن کي پاڻي پيارڻ
لاءِ ترسيا. کين سرفينا جو ڪوبه پتو نه پيو. هوءَ
صبح ساڻ ئي رواني ٿي وئي هئي ۽ يقيناً هنن کان
اڳيان نڪري وئي هئي.
هنن ڪجهه ماڻهن کان پڇيو؛ جن کين ٻڌايو ته سرفينا هڪ ٽانگي ۾
سوار هئي، ۽ تقريباً هڪ ڪلاڪ پهرين هتان گذري هئي.
ڪيلون کي ڪجهه اطمينان ٿيو. هنن وري پنهنجو سفر
جاري رکيو. پورو ڏينهن سفر ڪندا رهيا، ايتري تائين
جو شام جو ڌرتيءَ تي پنهنجا پر پکيڙڻ لڳي.
ڪيلون هڪ پوسٽ بنگلي جي ويجهو پهچي فيصلو ڪيو ته کين رات هتي ئي
گذارڻي پوندي، ڇو ته سڄي ڏينهن جي سفر کان پوءِ
گهوڙا ٿڪجي پيا هئا، ۽ رات جي انڌيري ۾ سفر ڪرڻ به
ٺيڪ نه هو.
هي هڪ ننڍو پوسٽ بنگلو هو، جو هڪ سرسبز باغيچي جي وچ ۾ ٺهيل هو.
اوچتو سندس نظر هڪ ٽانگي تي پئي. سندس اکين ۾ خوشي
جهلڪڻ لڳي. هو گهوڙي تان ٻرانگهه ورائي لٿو، ۽
تيزيءَ سان ان طرف ڀڳو. هن کي پنهنجين اکين تي
اعتبار ئي نه پئي آيو، جڏهن هن امرناٿ کي گهوڙو
ٽانگي مان ڪڍندي ڏٺو، ان جو مطلب هو ته سرفينا به
انهيءَ پوسٽ بنگلي ۾ ترسيل هئي.
”امرناٿ، مئڊم صاحبه ڪٿي آهي؟ هن بيتابيءَ مان پڇيو.
”هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ لاءِ هلي وئي آهي.“ امرناٿ چيو.
ڪيلون سک جو ساهه کنيو. کيس يقين ٿي ويو ته هاڻي سرفينا کانئس
الڳ ٿي نٿي سگهي. آخرڪار هن کيس ڳولي لڌو.
ايڏي ڊگهي سفر سندس ڪپڙا دز ۾ ميرا ڪري ڇڏيا هئا. هن نوڪر کي
صاف ڪپڙا کڻي آڻڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ وهنجڻ ويو. هينئر
کيس بک به محسوس ٿيڻ لڳي هئي. کيس ياد آيو ته هن
صبح جو پريشانيءَ ۾ نيرن به نه ڪئي هئي. سڄو ڏينهن
گهوڙيسواري ڪرڻ کان پوءِ سندس پيٽ خالي ٿي چڪو هو.
هو وهنجي ٻاهر نڪتو ته نوڪر کاڌو تيار ڪري آڻي ڏنو ۽ هن جلديءَ
جلديءَ ۾ کاڌو ختم ڪريو. هن کي ڪجهه خبر نه پئي ته
هن ڇا کاڌو ۽ ان جو ذائقو ڇا آهي. هن کي ته صرف
پيٽ ڀرڻو هو ته جيئن هو سرفينا سان ملي سگهي.
نوڪر ٿانو کنيا، ۽ هي تيزيءَ سان سرفينا جي بيڊروم ڏانهن ويو.
هن کي يقين هو ته هوءَ ستي نه هوندي. هوءَ به هن
وانگر بي چين ۽ پريشان هوندي. هن جون اکيون به هن
وانگر اداس هونديون، هن دروازو کڙڪائڻ کانسواءِ ئي
آهستي دروازو کوليو.
ڪمري ۾ ميڻ بتيون ٻري رهيون هيون، هڪ پاسي پلنگ تي مڇر داني لڳل
هئي، ۽ پلنگ جي ڀرسان ئي سرفينا ويٺي، دعا گهري
رهي هئي. تقريباً هوءَ هن جي اچڻ کان بي خبر هئي،
يا هوءَ دعا ۾ اهڙي طرح گم هئي جو کيس ڪو آواز ٻڌڻ
۾ ئي نه پئي آيو. هن پنهنجو خوبصورت چهرو ٻنهي هٿن
۾ لڪائي ڇڏيو هو.
ڪجهه گهڙيون هو کيس خاموشيءَ سان ڏسندو رهيو. وري شايد سرفينا
کي محسوس ٿيو ته ڪير ٻيو به ڪمري ۾ موجود آهي.هن
ڪنڌ ورائي ڏٺو، سندس گلابي ڳلن تي لڙڪن جون لارون
هيون. ڪيلون هلڪيون هلڪيون وکون کڻي ويجهو آيو، ۽
سندس ڀر ۾ زمين تي ويهندي چيائين، ”سرفينا ڪنهن
لاءِ دعا گهري رهي هئينءَ.“
”اوهان جي لاءِ!“ هن بي خوديءَ مان چيو، هن جو آواز ويهي ويو
هو.
”۽ ڇا هي ڳوڙها به منهنجي لاءِ آهن.“ ڪيلون سندس ڳلن تي وهندڙ
هڪ موتي جهڙي لڙڪ کي پنهنجي آڱر ۾ سميٽيو.
هن جواب نه ڏنو، ۽ ڪجهه گهٻرائجي، پنهنجيءَ جڳهه تان اٿي بيٺي.
اڇي گائون ۾ کليل سنهري وارن سان هوءَ ڪا پري
معلوم ٿي رهي هئي. هوءَ ڪجهه ايئن گهٻرايل هئي،
جيئن ڪو ٻار چوري ڪندي پڪڙيو ويو هجي. ڪيلون سندس
ٻانهن جهلي چيو، ”هيڏانهن اچ سرفينا، ۽ اطمينان
سان منهنجي ڳالهه ٻڌ.“ هن کيس پلنگ تي ويهاريو ۽
سندس ڀرسان ويهندي چيائين. ”تو مون کي ڏاڍو پريشان
ڪري ڇڏيو هو سرفينا. شڪر آهي تون ميلي وئينءَ.“
”اوهان کي منهنجي پٺيان اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.“ هن سنجيدگيءَ
سان چيو.
”ضرورت هئي نه. ڇو ته پنهنجي انڪل جي ورثي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به
مون کي اهو سڀ ڪجهه حاصل نه هو، جيڪو مان چاهيان
ٿو.“ هن مرڪندي چيو.
”ڇا؟“ سرفينا جهڙو ساهه روڪيندي پڇيو،
”اوهان کي ٻيو ڇا گهرجي؟“
”مون کي تون گهرجين..............تون............“ ڪيلون سندس
نازڪ هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو.
هوءَ ڏڪي وئي، پر هن پنهنجو هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هن جي وات
مان هڪ لفظ به نه اُڪريو.“ سرفينا، جڏهن مان
شاديءَ رات تنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو هئس ته منهنجو
خيال هو ته منهنجو پلئه هڪ بددماغ ۽ حڪم هلائڻ
واري ڪنوار سان پيو آهي، جيڪا پنهنجي پيءُ وانگر
مون کي پنهنجو زرخريد سمجهندي، ليڪن مون جو ڪجهه
ڏٺو ته اهو منهنجي لاءِ يقين لائق نه هو. مون کي
اميد نه هئي ته مان هن نج ڪاروباري سودي ۾ هڪ
سلجهيل، معصوم ۽ خوبصورت ڪنوار حاصل ڪندس.“
سرفينا جي چهري تان ڪاوڙ جا تاثرات گهٽجڻ لڳا، ۽ هن بي خياليءَ
۾ پنهنجو ٻيو هٿ به سندس هٿ تي رکي ڇڏيو. ”سرفينا،
جڏهن مون کي خبر پئي ته توسان به زبردستي ڪئي وئي
آهي ته مون سوچيو ته مون کي تو جهڙي معصوم ڇوڪريءَ
جي دل ٽوڙڻ جو حق ناهي. مون کي توکي وقت ڏيڻ کپي
ته جيئن تون پنهنجي پيءُ جي زبردستيءَ سان ٿيل
فيصلي کي قبول ڪرڻ چاهين ٿي يا نه. ۽ مان جو هن
رشتي کي وڏي ناپسندگيءَ سان ڏٺو هو. سو آهستي
آهستي تنهنجي محبت ۾ جڪڙيو ويس. پر مون ان جو
اعتراف نه ڪيو. صرف انهيءَ لاءِ ته ڪٿي تون اهو نه
سمجهين ته مان تنهنجي دولت سان محبت ڪريان ٿو، ۽
انهيءَ دولت خاطر توکي پاڻ سان سلهاڙي رکڻ چاهيان
ٿو. ۽ ڪلهه جڏهن مون چيو هو ته مان تنهنجيءَ دولت
جي قيد مان آزاد ٿي ويو آهيان ته منهنجو مطلب اهو
هو ته هاڻي مان توسان محبت جو اظهار ڪري سگهان ٿو.
هاڻي مان توکي پنهنجو بڻائي سگهان ٿو. ڇو ته اها
دولت جي ديوار وچ مان هٽي وئي هئي. جنهن اسان جي
محبت کي رنگ لڳائي ڇڏيو هو.“ هن ڏٺو ته سرفينا جي
ڳلن ۾ گلابي رنگ نکرڻ لڳو، ۽ هن جون اکيون چمڪي
رهيون هيون.
ڪيلون پنهنجي جڳهه تان اٿي، زمين تي ٽيڪ لڳائيندي چيو، ”سرفينا
مان تسليم ڪريان ٿو ته تون منهنجي محبت آهين، تون
منهنجي چاهت آهين، منهنجي زندگي آهين، هاڻي اسان
جي وچ ۾ نه ته دولت جي ديوار آهي، ۽ نه ئي ڪنهن
ڊڪٽيٽر جو حڪم!!“
سرفينا هن جو هٿ پڪڙي کيس اٿاريو. هوءَ آهستي آهستي ڏڪي رهي
هئي، پر هوءَ خوش هئي. هن کي ڪيلون جي محبت حاصل
هئي. سندس جهوليءَ ۾ سڄي ڪائنات هئي. هن آهستگيءَ
سان چيو، ”منهنجي ويجهو اچ، مون کي به هڪ ڳالهه
چوڻي آهي.“
ڪيلون سندس ٻانهن پڪڙي پنهنجي ويجهو آندو. هن سرٻاٽ جي انداز ۾
بلڪل هن جي ڪن جي ويجهو ٿي چيو، ”تون ئي منهنجن
خوابن جو شهزادو آهين.“ (ختم) |