گل حسين ”ساگر“ ڪوري
ڦاٽل قسمت
ارشد ٿڪل ٿڪل قدمن سان پنهنجي گهر ۾ داخل ٿئي ٿو، سندس ماءُ
ٻاهر ورانڊي ۾ ڪپڙا سبي پئي، ارشد ماءُ کي نماڻائي
مان نهاري ڪمري ڏانهن ويو. ڪتاب ڪٻٽ ۾ رکي، کٽ تي
ويهي رهي ٿو، سوچن جون بُوندون ارشد جي ننڍڙي ذهن
تي برسن ٿيون، ننڍڙو ارشد بُوندن ۾ ڀِڄندو رهي ٿو.
”ڇا ٿيو منهنجي ٻچرڙ ي کي؟“ ماڻس جا اهي لفظ ڇٽي
بڻجي پيس، ماڻس ارشد کي لاڏ ڪوڏ وچان، ٻانهن جو
هار ڪري ڀاڪر ۾ ڀري ٿي، ارشد جي ڪچڙن ڪچڙن ڳلن ۾
چُميون ڏئي ٿي. ”ها پٽ! ڇا ٿيو آهي. ٻڌاءِ
ٻچڙا.......آخر تون ڇو منجهيل آهين.“ ماڻس جي
ليلائڻ تي من ميڻ ٿئيس ٿو. اکين ۾ لڙڪ موتين جيان
ڳلن تي لٽڪائي چويس ٿو ”اما! اڄ اُستاد سائين في
نه ڏيڻ تي دڙڪا ڏنا آهن........ چوي پيو ته جيڪڏهن
سڀاڻي في نه آندءِ ته اهڙي مار ڏيندومانءِ، جو ياد
ڪندين.“ ارشد ڳالهائيندي ڳالهائيندي روئڻهارڪو ٿي
ويو. ”نه گهٻراءِ پٽ! وڏيريءَ ڏانهن وڃان ٿي، دعا
ڪر ته اڄ ڪا ڪهل اچيس.“ آٿتن جو ڇانورو مٿان ڪندي
رهيس، ارشد فيس جي ڳڻتين جي اُس کان بچندو رهيو.
ارشد ماءُ کي اڪيلو پٽ آهي، پڻس جي مرڻ کان پوءِ ارشد کي ماءُ
ساهه سان سانڍي پالي وڏو ڪيو آهي، ارشد تي ڪابه
ڏکيائي نه ڏسڻ چاهيندي آهي. ان کي پيءُ جو پيار به
ڏيندي آهي، ساگر جيڏا سُور سيني ۾ سانڍي به ارشد
کي خوشين جي پينگهي ۾ پئي لوڏيندي آهي. سندس وڏي
عمر لاءِ رب کان پئي دعائون گهرندي آهي. ارشد جي
وڏي آفيسر بڻجڻ جا پئي اکين ۾ سپنا ڏسندي آهي. ان
کي پڙهائڻ لاءِ ڳوٺ وارين عورتن جا ڪپڙا سبي، محنت
ڪري ارشد جي پڙهائي ۽ گهرجو خرچ ڪندي آهي.
ٽپهري جو ٽائيم آهي. ماڻس اميدن جا ڏيئا، دل ۾ ٻاري حويليءَ
ڏانهن رُخ ٿي رکي. حويليءَ ۾ داخل ٿئي ٿي. سامهون
صوفي تي وڏيرو ويٺو آهي. حويليءَ ۾ ڪير به ڪونهي.
شايد وڏيري مٿي ڪمري ۾ آرامي آهي. ارشد جي ماءُ
پوتي مٿي تي رکي، ڪنڌ شرم مان جهڪائي ٿي، ”ادا!
وڏيرو ڪٿي آهي؟!!“ وڏيرو ڀر ۾ اچي چويس ٿو. ”ادا!
ته نه چئه......... چئه چئه ڇا کپئي؟ حڪم ڪر بس
مان حاضر آهيان.“ ارشد جي ماءُ منهن هيٺ ڪري چئي
ٿي. ”ڪجهه ڏوڪڙن جي گهرج آهي. وڏيرو ارشد جي ماءُ
جي ڪلهي ۾ هٿ وجهندي چئي ٿو. ”گهڻا گهرجن، حڪم ڪر.
”ارشد جي ماءُ وڏيري جي منهن ۾ شيطان ڏسي وٺي
پوئتي هٽي ٿي وڏيري جي سَٽ ڏيڻ سان ڪُلهي کان چولو
پراڻو ڦاٽي پوي ٿو. سهڪندي سهڪندي ارشد جي ماءُ
پنهنجي گهر پهچي ٿي. آس ۾ ويٺل ارشد ماءُ کي ڀاڪر
پائي چوي ٿو ته ”اما! في آندءِ.“ ارشد جو هٿ اچانڪ
ڪُلهي تي پوي ٿو. ڪلهو ڦاٽل ڏسي، حيرانيءَ جي غار
۾ غرق ٿي وڃي ٿو. ماڻس ارشد جي اکين ۾ حيراني ڏسي
چوي ٿي ”پُٽ ائين ئي اسان جي قسمت ڦاٽل آهي.“ ۽
ماڻس روئي ڏئي ٿي، ارشد به روئي ڏئي ٿو.
رضيه سلطانه
رضيه بيگم، جنهن کي پوءِ ”رضيه سلطانه“ جونالو ۽ ”بلقيس جهان“
جو لقب مليو. سا سلطان شمس الدين التمش جي ڌيءَ
هئي، ۽ سلطان رڪن الدين جي ڀيڻ هئي. 634هجري،
مطابق 1236ع، ۾ رڪن الدين کي جڏهن ماڻهن ستن مهينن
جي راڄ کان پوءِ دهليءَ جي تخت تان لاٿو، تڏهن
سندن ڀيڻ رضيه بيگم کي تخت تي ويهاريائون. هن جو
راڄ ٽي ورهيه هليو. جيتوڻيڪ هن حڪومت تمام ٿوري
ڪئي، تڏهن به تمام چڱي ڪئي. ”فرشتو“ پنهنجيءَ
تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”هن بيگم ۾ هر طرح جي شاهاڻي
لياقت هئي، ۽ منجهس ٻيو عيب ڪوبه ڪونه هو، سواءِ
هن جي ته هوءَ زال هئي.“ هوءَ حڪومت جي ڪم ۾ اهڙي
هوشيار ۽ خبردار هئي، جو جڏهن پڻس التمش دکن وارين
جنگين تي ويو هو، يا جڏهن گواليار فتح ڪرڻ ويو هو،
تڏهن پٽن کي ڇڏي، ڌيءَ کي وليعهد ٺهرائي، حڪومت جو
ڪم سندس حوالي ڪري ويو هو. جڏهن هوءَ پاڻ بادشاهه
ٿي، تڏهن هن چڱي حڪمراني ڪئي. جي ٻه فرقا ٿي پيا
هئا، ۽ جن ڀاڻس کي تخت تان لاٿو هو، تن مان هڪڙو
هن جي تخت نشينيءَ جي به بر خلاف هو. انهيءَ جماعت
جو مهندار گذريلن ٻنهي بادشاهن جو وزير هو، ۽ اُتي
ماڻهو اهڙا زور وارا هئا، جو جيڪڏهن دهليءَ تي
ڪاهي اچن ها، ته شاهي لشڪر کي شڪست ڏين ها، پر
راڻي رضيه جي عقلمندي سندس لشڪر کان زور هئي. هن،
تجويز ڪري، پنهنجن دشمنن جي وچ ۾ اهڙي بداتفاقي
وڌي، جو هنن جو سارو منصوبو ٽٽي پيو، ۽ ماڻهو ڌار
ڌار ٿي سندس پيش اچي پيا. پوءِ جيڪي شرارتي ۽
فسادي هئا، تن کي ماريائين، ۽ ٻين کي مهرباني
ڏيکاري پرچايائين ۽
راضي ڪيائين، ۽ سگهو ئي ملڪ ۾ سانت ۽ صلح ٿي ويو.
”ابن بطوطه“ لکي ٿو ته رضيه مردانو لباس ڍڪي،
گهوڙي تي چڙهي ٻاهر نڪرندي هئي، شڪار به ڪندي هئي.
هڪڙي ڀيري پڻس التمش شڪار تي ويو هو، رضيه ۽ ٻيون
بيگمون به ساڻس هيون، هڪڙو شينهن التمش تي ڪاهي
آيو، رضيه، بهادريءَ سان ترار کڻي شينهن کي ٻه ٽي
ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو _ جي ائين نه ڪري ها، ته التمش
ضرور زخمي ٿي پوي ها. حڪومت جي تخت تي هوءَ اهڙي
حشمت ۽ رعب سان ويهندي هئي، جو امير امراءِ وٽس
ڪنبندا ايندا هئا. درٻار ۾ هوءَ شاهي پوشاڪ ڍڪي
ويهندي هئي،۽ پاڻ ڪم جو نيڪال ڪندي هئي هن قاعدا
قانون سڌاريا، ۽ گذريل حڪومت ۾ جيڪي خرابيون ملڪ ۾
اچي پيون هيون، سي سڀ برطرف ڪيائين: مطلب ته انصاف
۽ جرات سان حڪمراني ڪيائين. پر، هڪڙو نامناسب ڪم
ڪيائين، جنهنڪري ماڻهو منجهائنس ناراض ٿيا: هوءَ
پنهنجي طويلي جي حبشي داروغي، ”ياقوت“ نالي، تي
ڏاڍي مهربان ٿي، ۽ انهيءَ کي ”امير الامراءِ“ جو
خطاب کڻي ڏنائين. اهو هميشه سندس حاضريءَ ۾ رهندو
هو، ۽ گهوڙي تي به اهو چاڙهيندو هوس. جيتوڻيڪ هوءَ
پاڻ پاڪدامن ۽ نيڪدل هئي، ۽ ٻيو ڪو گناهه جهڙو
خيال ڪونه هوس، جن به سردارن ۽ اميرن کي اها ڳالهه
تمام نامناسب آئي، سي فساد ڪرڻ لڳا. مَلڪ
اعزالدين، مَلڪ سيف الدين ۽ مَلڪ علاوالدين جهڙا
گهڻا زور ڀريا امير دشمن ٿي بيٺس، ۽ پاڻ ۾ صلاح
ڪري، لشڪر وٺي، دهليءَ کي ڦري آيا: جيڪو ٻاهريون
لشڪر رضيه جي مدد لاءِ ٿي آيو، تنهن کي به يا
هٽائي ٿي ڇڏيائون، يا ته پاڻ سان ملائي ٿي
ڇڏيائون. انهيءَ هوندي به، رضيه پنهنجي اڪيلي همت
۽ مردانگيءَ سان اُنهن سڀني کي شڪست ڏيئي ڇڏي. وري
لاهور جي حاڪم فساد ڪيو، تنهن تي به پاڻ پنهنجي سر
فوج وٺي ڪاهي ويئي، ۽ فساد به بند ڪيائين. انهيءَ
کان پوءِ وري ڀٽنڊا جي حاڪم ”التونيه“ يا قوت
حبشيءَ جي تڪليفن کان تنگ اچي سرڪشي ڪئي، ته
انهيءَ تي به ڪاهي وئي، پر پنهنجن نوڪرن جي سازشن
ڪري گرفتار ٿي پيئي، ۽ ”ياقوت“ مارجي ويو. تنهن
کان پوءِ اٽڪل ۽ محبت سان، ”التونيه“ کي پنهنجو
ڪيائين _ بلڪ، ضرورت ڄاڻي، انهيءَ سان شادي به
ڪيائين. پوءِ ٻئي گڏجي، دهليءَ جي تخت لاءِ، ٻين
اميرن سان جنگ ڪرڻ لڳا. انهن مان مُک اعزاالدين
بُلبني هو، جو التماش جو ناٺي هو، ۽ جنهن جو خطاب
”الف خان“ هو. انهن جي وچ ۾ ٻه وڏيون جنگيون ٿيون،
جن ۾ رضيه گرفتار ٿي پئي، پر ڏاڍيءَ چالاڪيءَ سان
قيد مان ڀڄي نئين سر لشڪر گڏ ڪري، وڙهڻ لاءِ آئي:
ٻه ٽي ڀيرا دهليءَ جي تخت لاءِ چوٽ ڏنائين، پر
سندس هاڻوڪو لشڪر نئون ڀرتي ٿيل هو، تنهنڪري اهو
لشڪر کاتو ڀڳو، ۽ پاڻ مڙس سميت قيد ٿي پيئي، ۽ ٻئي
قتل ڪيا ويا. پوءِ ڀاڻس معزالدين _ ”بهرام شاهه“
کي اميرن تخت تي ويهاريو.
رضيه سلطانه، ظاهري حُسن کان سواءِ باطني حسن به رکندي هئي، ۽
گهڻن علمن مان واقف هئي، مذهب جي ڏاڍي پابند هئي،
ڏهاڙي قرآن شريف پڙهندي هئي. شعر به گهڻو پڙهي
هئي، ۽ پاڻ چوندي به هئي. پردي کان سواءِ تخت تي
ويهي، درٻار جو ڪم ڪندي هئي ۽ مقدما فيصل ڪندي
هئي. سڀ فرمان اڪثر هن جي قلم سان جاري ٿيندا هئا.
جنگ ۾ فوج جي سپهه سالار به پاڻ ٿيندي هئي.
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”تحفته النسوان“ تان ورتل |