شهيد احمد خان آصف
غزل
سر منهنجو سجده ريز هجي هُن جو دَر هجي،
مونلاءِ مشغلو اهو شام سحر هجي.
هوڏانهن تيار تيز ڪو تير نظر هجي،
هيڏانهن منهنجي دل ۽ ان سان گڏ جگر هجي.
همراهه، همقدم جي، سڄڻ، هم سفر هجي،
ڇا جو سمر هجي ڀلا ڪنهن جو حذر هجي.
زلفن جي پيچ و خم کان رهائي نٿو گهران،
اهڙي سزائي قيد ڀلي عمر ڀر هجي.
سج مس ڪَني ڪڍي ته هو خورشيد رو مليو،
”شايد فغان نيم شبي جو اثر هجي.
عشق خدا نه ئي سهي عشق بتان سهي،
رَهرو جي لاءِ نيٺ ڪو ته راهبر هجي.
آهي اسانجو نينهن نشانبر جهان ۾،
اهڙو سجهي نٿو، نه جنهين کي خبر هجي.
منهنجي خراب حال جي سڌ ٻڌ سڄي اٿس،
هو باخبر به آه تب ٿو بي خبر هجي.
دل ٿي چوي ته پنهنجي وطن جو ٻڍو ۽ ٻار،
سکيو هجي، سکر ۽ سٻر ۽ سڌر هجي.
پنهنجي وطن ۾ رب ڪري هر غريب کي،
اَٽو هجي لٽو هجي ۽ پنهنجو گهر هجي.
هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا شال حق ملي وڃن.
ننڍن مٿان وڏن جي ڪرم جي نظر هجي.
اغوا ڦرون ۽ خون خرابي وڃي ٿي بند،
ڪنهن کي به ڪنهن نه ڳالهه جو خوف و خطر هجي.
نمرود بدمخول ٿي نابود شل وڃن،
آصف! انهن جي لاءِ ڪو ماري مَڇَر هجي.
محسن ڪڪڙئي
غزل
حُسن جو، ناز جو، ادا جو رنگُ
هن جي صورت ۾ هو خدا جو رنگُ
هُنَ جو قَدبُت ۽ جسم جي جڳ مڳ،
ڄڻ ته هو منهنجي آتما جو رنگُ
ريشمي وارَ ۽ بدن بخمل،
ڇا چوان، ڇا هو، دلربا جو رنگُ.
هُن جي انگَ نگَ ۾ هُئي خوشبو،
هُن جي ڇاتين ۾ مامتا جو رنگ.
نُور ئي نُور ٿي وسيو وُن تي،
هُن جي چهري تي هو حيا جو رنگ.
منهنجي ڌرتيءَ جو، هيءُ سهڻو ساههُ،
گُلَ جي خوشبو ڪٿي ۽ ڇا جو رنگ!
جا، تصور ۾، اڌ صديءَ کان هُئي،
سا ئي صورت بُڻي، ڪلا جو رنگ.
هُن کي ڪهڙي خبر ته ”محسن“ کي،
ويو لڳي، هُن جي چاهنا جو رنگ!
جبار ”تاثير“ سومرو
غزل
ڪڻڪن جا اجهي سنگ پچي ويا آهن،
ڪهڙا نه سڄڻ رنگ رچي ويا آهن.
قافلا آيا بهارن جا وري گلشن ۾،
ڏينهن ميلاپ جا اي يار، اچي ويا آهن.
ٻيو ته ڪجهه ڀي نه رهيو آهي سڄڻ بس!
اکڙين ۾ ٻه ٽي لڙڪ بچي ويا آهن.
مان ته زلفن کي قسم ساڻ ائين ٿو سمجهان،
تنهنجن ڳلڙن جي مٿا نانگ نچي ويا آهن.
اڄ! شهر خموشان ۾ پرين پير ڌريا،
گلڙا ڪي مزارن تي رکي ويا آهن.
اُت مينهن وُٺا گوڙ ڪڪر جي آهي،
هت منهنجا پرين پاند پُسي ويا آهن.
پاڙي مان پرين پنهنجا جڏهن ٿيا رخصت،
ڄڻ جُوءِ ڇڏي جوڳي اُٿي ويا آهن.
پنهنجن پيارن جي سهاري تي جيئان ٿو جڳ ۾،
”تاثير“ سي سڀ مونکان رُسي ويا آهن.
آزاد سچل اعواڻ
وائي
آهه ڀري ٿي، دانهن ڪري ٿي!
ڪوٽ ۾ ڪائ سندر نينگر،
اوچيون ڀتيون، در تي پهرا،
جيئن ڏسي ٿي، تيئن جهري ٿي.....
ڊيڄاريندڙ خواب ڏسي ٿي
پاسا چوري ڇرڪ ڀري ٿي......
سپنن ۾ ڪو ساٿي ڏسندي،
روز جيئي ٿي، روز مري ٿي...........
منهنجو ناهين، منهنجو ناهين،
هيئن چوي ٿي پيءُ پري ٿي.......
ٿنها گوري، رات انڌاري،
ڪيڏو ڏس آزاد ڏري ٿي ........
قادر ڪنڌر
نثري نظم
تو هُن کي،
پنهجين اکين سان،
ڪونه ڏٺو هو،
رڳو ماڻهن جي چوڻ تي،
شڪ جي بنياد تي،
تو هن کي ڪاري ڪري ماريو!
ٻڌاءِ! کڙيءَ ۾ عقل ڪنهن کي آ ؟؟؟!
چئه! چئه! ڪنهن کي آ کڙيءَ ۾ عقل ؟؟!
اسحاق راهي
غزل
حسن اڄ پردو روا آهي ڪيو،
عشق ڪو ماتم بپا آهي ڪيو.
چاهتون سوز _ جگر بنجي پيون،
۽ تڙپ دل کي ڳڀا آهي ڪيو.
هر تشدد کان گذر الفت ڪري،
داخل _ ڪرب و بلا آهي ڪيو.
دل ئي اهي جنهن ازل کان دوستو!
پيار ۾ سجدو ادا آهي ڪيو.
مون تي هو ۽ هن تي مان آهيان نثار،
يار تي مون سڀ فدا آهي ڪيو.
ڪجهه نه هو تعلق فراقن جو، مگر،
شوم قسمت ئي جدا آهي ڪيو.
ٻاري لڙڪن سان چراغ _ زندگي،
هر فنا کي ڄڻ بقا آهي ڪيو.
زندگي ۽ آرزو مون ڪيا فدا،
پيار جو حق مون ادا آهي ڪيو.
ان جي ئي ديدار لئه راهي فقط،
سوچ کي مون مبتلا آهي ڪيو.
جوهر بروهي
ڀونءَ ڀلاري
ڀٽ جي آهي ڀونءَ ڀلاري،
فيض جڪر ۽ فرحت وري.
نور ڀريا ڪي لفظ الاپي،
سر ۽ ساز جي ريت سنواري.
چاهت وارا چنگ وڄن ٿا،
مهڪي مکڙي ٽهڪي ٽاري.
سپنن کي تعبير مليو آ.
قيد ڪڙي ۾ موذي، ماري.
نينهن جون ڳالهيون سون سريکيون،
نيٺ اگهاڻي ککيءَ کاري.
اڻ کٽ آهه امنگ اسان جي،
ڪيسين رهندي رات به ڪاري.
گذري ويندا ڏينهن ڏمر جا،
رهڻي ناهي لپ ۾ واري.
ڏاهپ ڀريو قول ٻڌو مون،
رهندي سچائي سوڀاري.
آس جا ڏيئا ٻاري ”جوهر“
روشن رکبي رات انڌاري.
عبدالحميد آس ٻٻر
نظم
پرين! اداس شهر جا،
اداس رهگذر اسين،
اوهان چمن جون رونقون_
اسانجي من ۾ ٿر آ
اُڃا اُڃا اندر اسين؛
اوهان ڪڻيون ملهار جون.
اسان نگر نگر رُلون_
ڪي رول هون ڪڪر اسين،
اوهان پرهه جون روشنيون.
اسان جو روح ڀؤنر ڪو،
ٿا ڳوليون سحر اسين؛
اوهان گلاب جون ڪليون.
اسان صداهُون رڻ جي،
وڃائيل پهر اسين؛
اوهان لئه آتيون منزلون_
اسان خواب پوکيون،
اوهان ساڀيا کڻو.
اسان ٿا نيڻ کيڙيون،
۽ خواب ئي ٿا ميڙيون،
اوهان سدائين ساڀيا،
ڏٺي ڏسا ڏسا منجهان_
اسان اُجاڙ ڏيک هُون پرين!
اوهان سڀئي رنگينيون،
اوهان چمن جون رونقون_
اوهان گلاب جون ڪليون!!
فرزانه ڪنول بلوچ
وائي
منهنجن جذبن کي،
پنهنجو نانءُ ڏيئي.
هيڪلو نه ڇڏجانءِ.
محبت جي هن سفر ۾،
مون کي پنهنجو چئي،
هيڪلو نه ڇڏجانءِ.
پنهنجي ساٿ سان،
زندگي ٺهي پئي،
هيڪلو نه ڇڏجانءِ.
پيار جي برسات ۾،
مهڪون پان ٻئي_
هيڪلو نه ڇڏجانءِ.
سيدالنساءِ شاهه بخاري
گذريل وقت جا عذاب،
ميڙي رکيا مون مرجهايل گلاب.....
هو ڀلايل باب ... “
خطن جا خواب ....
تحفا ۽ ڪتاب ....
ڪجهه ٽٽل خواب .....
هر لمحو غذاب وانگر،
ريزا ريزا خواب وانگر.
پنهنجا ڏين سور،
ڄڻ غيرن وانگر.
سب جهليم جهوليءَ ۾،
ڄڻ گلابن وانگر.
ڪلهه جي هئا پيار،
اڄ سي آهن دشمن وانگر.
خڳر محمد چنا
آزاد نظم
قلم سئيءَ جي ڪهاڻي
توکي هر دم ،
تصور منهنجو،
مون کي هر دم،
تصور تنهنجو.
ڳاڙهو ريٽو
تنهنجو گگهو
گج ڀريل هو،
تنهنجو تحفو،
مون کي پهتو.
گج ڀريندي،
ڀرجي ويو ٿئي،
نالو منهنجو،
لکجي ويو ٿئي.
مون کي هر دم،
تصور تنهنجو!
مون ڀي توڏي،
خط لکيو آه،
موٽ ڏني آ،
بسم الله کان
شروع ڪيو ٿم،
چڱو ڪيو ٿم،
ست سو ڇهاسي
ابجد تنهنجو،
نالو مون کان
لکجي ويو آ،
يادن جو گج،
ڀر جي ويو آ.
قلم سئيءَ ڏس،
ڇا نه ڪيو آ.
خليل عارف سومرو
وائي
هو المنظر تي
سپني وانگر ٿي لڳي.
جوڙا جوڙا ساگر تي.
سپني وانگر ٿي لڳي.
کنئي گوري کوهه تان،
گاگهر گهاگهر تي.
سپني وانگر ٿي لڳي.
لال گلابي شام ۾،
ڪائي ڪينجهر تي،
سپني وانگر ٿي لڳي.
ٺاهي پهتي پان کي،
ديوي مندر تي _
سپني وانگر ٿي لڳي.
سرجيل عارف سونهن تي!
ڪوتا ڪاڳر تي _
سپني وانگر ٿي لڳي. |