سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون اپريل 1995ع

گلبدن جاويد

 مرن پيون مارويون

عورت کي اسان جي مذهب اسلام بيحد عزت ۽ احترام بخشيو آهي. قرآن شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته ”جنت ماءُ جي قدمن هيٺان آهي.“ اها عظيم هستي جيڪا ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ ونيءَ جهڙا پاڪ رشتا رکي ٿي، ان سان اڄڪلهه جيڪي ويل وهايا ٿا وڃن، سي نهايت ئي دکدائڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ آهن. حيرت هن ڳالهه جي آهي ته جڏهن هڪ پاسي عورت کي سماج ۾ برابريءَ وارو درجو ڏيارڻ لاءِ اسان جي وزير اعظم بي نظير ڀٽو صاحبه جوڳا قدم کڻي، سندس حوصلي کي وڌايو آهي ته ٻئي پاسي حالتن هيءَ صورت اختيار ڪئي آهي جو سون جي تعداد ۾ عورتن جي اجتماعي لڄالٽ ڪئي وڃي. ڪيترين حالتن ۾ وري ان کان پوءِ کين ماريو ٿو وڃي. اهي بي گناهه لٽيل عورتون هر گهڙي روحاني موت مري رهيون آهن. هينئر ته هي ظلم ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو رهي، جنهن جا ڪيترائي مثال سامهون ايندا رهن ٿا.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن مظلوم لٽيل عورتن کي معاشري ۾ عزت ۽ زندگيءَ جي ضمانت ڪير ڏيندو؟ کين روحاني موت مرڻ کان ڪير بچائيندو؟ جڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارا خود اهڙن جرمن کي ٻنجهي ڏيڻ ۾ مجبور ته پوءِ مسڪين ماڻهو ڪنهن در دانهين ٿيندا؟ پوليس اهلڪارن جي لاپرواهيءَ جي ڪري اڃا به ڪافي ڪيس سامهون نٿا اچن، ۽ مسڪين ماڻهو ”مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“ واري چوڻيءَ تي عمل ڪندي، چپ رهڻ تي مجبور آهن. اهي سڀئي حالتون عورت جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. هينئر ڪيترائي باشعور ماڻهو پنهنجين نياڻين کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ انهيءَ خوف کان نٿا موڪلين ته ڪٿي ڪو سندن عزت تي حرف نه اچي.

ان ڏس ۾ اسين وزير اعظم پاڪستان، بي نظير ڀٽو کي گذارش ڪريون ٿا ته عورتن سان ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪري، کين عزت ۽ زندگيءَ جي ضمانت ڏياري وڃي، ۽ مجرمن لاءِ موت جي سزا مقرر ڪئي وڃي ته جيئن ٻيا سبق حاصل ڪن.

-گلبدن جاويد مرزا

 

 * * *

 

 

 

ڪمپيئر ليکڪا، شاعره ۽ صحافي شبنم گل سان ڳالهه ٻولهه

 

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ؛ گلبدن جاويد مرزا

س: جيئن ته اوهين بهترين ڪمپيئر، شاعره، ليکڪا ۽ صحافيءَ جي حيثيت ۾ ڄاتيون سڃاتيون وڃو ٿيون، اسان کي پنهنجي اڪيڊمڪ ڪيريئر متعلق ٻڌائينديون؟

ج: پنهنجي اڪيڊمڪ ڪيريئر جي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ٿي ته مون سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي آهي. ان کان سواءِ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم . اي ۽ ايل. ايل. بي به ڪئي آهي. هن وقت مان گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۾ انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر آهيان. ادب جي تقريباً سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿم. ڪجهه عرصو جرنلزم جي فيلڊ سان به وابسته رهي آهيان، ان کانسواءِ ڪمپيرنگ جي حوالي سان ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽيلي ويزن جا بيشمار پروگرام ڪيا اٿم.

س: ليکڪ، شاعره ۽ ڪمپيئر مان اوهان کي وڌيڪ ڪهڙو روپ پسند آهي؟

ج: ڪمپيرنگ کي مان سڀني تي ترجيح ڏيندي آهيان، ڇو ته ڪمپيرنگ جو شوق ننڍپڻ کان هو. يعني اسڪول جي زماني ۾ ميٽرڪ واري دؤر کان ان شوق جو آغاز ٿيو. ڪمپيرنگ منهنجي ذات جي اظهار جو هڪ مضبوط حوالو آهي. مون جڏهن اسٽيج تي ڪمپيرنگ ڪئي ته ڪيترائي وڏي پيماني تي علمي ۽ ادبي پروگرام ڪيا. وڏن اديبن، دانشورن، محققن ۽ صحافين سان ملڻ جو موقعو مليو، جن وٽان مون گهڻو ڪجهه سکيو، ڪمپيرنگ سکيا جي عمل ۾ مون لاءِ سڀ کان بهتر ذريعو رهيو آهي. ڪمپيرنگ منهنجي ذات کي خود اعتمادي بخشي آهي. اهڙيءَ طرح سان مون جڏهن ريڊيو تي ڪمپيرنگ ڪئي ته اتان مون گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو. ائين کڻي چئجي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد منهنجي فن ۽ فڪر کي هڪ نئين زندگي عطا ڪئي آهي. منهنجي صلاحتين کي هڪ نئين جلا بخشي آهي. لکڻ جي حوالي سان به منهنجي تحريرن ۾ جيڪا بختگي آئي ، سا ريڊيو ڊراما، فيچرز ۽ گيتن ڀرين ڪهاڻين لکڻ کان پوءِ آئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد مون کي هڪ سٺي رائيٽر جي حيثيت ۾ ڪور ڪيو. ان کان پوءِ ٽيلي ويزن ڪمپيرنگ به منهنجي معلومات ۾ وڏو اضافو ڪيو، ۽ ان تجربي به منهنجي سوچ کي هڪ نئين لوچ عطا ڪئي. مون مختلف اديبن، دانشورن، صحافين، شاعرن، اداڪارن جا انٽرويوز ڪيا ، ۽ اُتان به گهڻو ڪجهه پرايو. جيڪڏهن مان ڪمپيرنگ جي فيلڊ ۾ نه هجان ها ته هڪ رائيٽر جي حيثيت ۾ به شايد پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي سگهان ها. ساهه کڻڻ جي عمل جيان ڪمپيرنگ منهنجي ذات جو هڪ اهم حصو بڻجي چڪي آهي.

س: سٺي ڪمپيئر ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن ؟

ج: پروقار شخصيت، خوبصورت آواز، وسيع معلومات، ۽ انسان جي نفسيات جي باري ۾ سٺي ڄاڻ هئڻ گهرجي، ڪجهه محدود سوچ رکندڙ ماڻهن جو خيال آهي ته ڪمپيئر عورت آهي، ۽ خوبصورت آهي ته اُها پنهنجي خوبصورتيءَ کي ڪيش ڪرائي ٿي ڇو ته ماڻهن لاءِ هن جي عورت هئڻ ۾ چارم آهي، يا ائين کڻي چئجي ته جيستائين جواني ۽ خوبصورتي آهي ته ان جي ڪمپيرنگ ۾ چارم آهي ته اهي سڀ فضول ڳالهيون آهن. عورت جي ذهانت موضوع جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ئي سڀ کان وڌيڪ اهم آهن. مستنصر حسين تارڙ، طارق عزيز، نعيم بخاري، انور مقصود انهن جي ذهانت ئي سندن سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. اوور ايج هوندي ۽ مرد هئڻ جي باوجود به اهي هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان پسند ڪيا وڃن ٿا.

س: زندگيءَ کي ڪيئن ٿيون محسوس ڪيو؟

ج: ان سوال تي مون کي Shelly  جي هڪ سٽ ياد اچي ٿي ته  Our sweetest songs are those that tell of saddest thoughts يا وري سندس هيءَ سٽ ته O! lift me like me a Wave, a leaf, a cloud I fall upon the thorns of life! I bleed. يا ائين کڻي چئجي ته to be or not to be  واري ڪشمڪش آهي. زندگيءَ ۾ ايترا تضاد، ايتريون ناانصافيون آهن، جو هڪ حساس ماڻهوءَ کي هر گهڙي هر پل مرڻو پوي ٿو. درد مون سان ائين ساڻ آهي. ڄڻ ماڻهوءَ سان گڏ هن جو پاڇو هوندو آهي. Pessimism  منهنجي ذات جو هڪ اڻمٽ حصو آهي. مون ڪڏهن ان حصار مان ٻاهر نڪرڻ جي  ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، ڇو ته درد آهي ته زندگي آهي، فن ۽ فڪر جي روشني آهي. مون زندگيءَ کي تنهائيءَ جي ڇانو ۾ رهندي پرکيو آهي. مون کي تنهائيءَ جي ڇانو ۾ رهندي پرکيو آهي. مون کي تنهائيءَ جي لمحن ۾ زندگيءَ جو وجود ڌڙڪندو محسوس ٿيندو آهي. منهنجي لاءِ تنهائي روح جو رباب آهي، جنهن جا لازوال سُر خوبصورت اڻ ڏٺل منظرن ڏانهن روح جي بند دري کولي ڇڏيندا آهن.

س: دوستي اوهان جي نظر ۾ ؟

ج: دوستي هڪ خوبصورت جذبو آهي، جنهن ۾ ڪا عرض نه آهي ته پوءِ اها دوستي زندگيءَ جي تتل رڻ ۾ نم جي گھاٽي ڇانو آهي. مان ان معاملي ۾ خوشنصيب آهيان جو مون کي ڏاڍا سٺا دوست مليا آهن.

س: اسان وٽ شاعري مقدار جي لحاظ کان ڪافي ٿئي ٿي، معيار متعلق اوهان جي راءِ ؟

ج: اسان وٽ Quantity  تي زور هوندو آهي. پر Quality  تي نه، هينئر اسان وٽ هزارن جي تعداد ۾ شاعر آهن، پر جن جي خيالن ۾ نواڻ ۽ تازگي آهي فقط انهن پنهنجو پاڻ کي مڃايو آهي. سٺي شاعريءَ لاءِ ضروري آهي ته اعليٰ جمالياتي ذوق سان گڏ شاعر وٽ خيالن ۾ گهرائي هجي، هن کي لفظن جي چونڊ ۾ مهارت هجي. سڄي ڳالهه هوندي آهي Presentation  جي. ٻي ڳالهه ته نثري نظم ۽ آزاد نظم وڌيڪ لکيا وڃن ٿا، انڪري اڪثريت ۾ اهڙي شاعري آهي، جنهن ۾ فڪر جي ڪا تازگي نه آهي. مطالعي جي وسعت ۽ محنت سان شاعريءَ جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

س: اڄڪلهه بحث هلي پيو ته ڪهاڻي ناڪام ٿي وئي آهي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟

ج: اڄڪلهه نوجوان لکي رهيا آهن اُها موضوع ۽ معيار جي حوالي سان سٺي ڪهاڻي چئي سگهجي ٿي. ڪلهه جيڪا به ڪهاڻي لکي ويئي ان کي هڪدم سٺي موٽ انڪري ملي. جو اديبن جي پاڻ ۾ ڪميونيڪيشن هئي. ڪنهن به ميگزين ۾ سٺي ڪهاڻي ڇپبي هئي ته ان تي بيشمار خط ايندا هئا. ٻي ڳالهه ته اهو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي عروج جو دور نه هو. انڪري هر شيءِ کي مناسب وقت ڏئي سگهبو هو. اڄ جو دؤر انتهائي مصروف ۽ مشيني دؤر آهي. اديبن جي پاڻ ۾ ڪا ڪميونيڪيشن ناهي، هو هڪٻئي جي لکڻين کان اڻ واقف آهن ۽ نه ئي ڪهاڻي جي حوالي سان ڪي گڏجاڻيون ٿين ٿيون، ٻي ڳالهه ٻه ٽي معياري ميگزين آهن، انڪري ڇپائڻ جو مسئلو به آهي ته ڪهاڻي ڪٿي ڇپجي؟ اُهي ماڻهو، جيڪي اها ڳالهه ڪن ٿا ته ڪهاڻي ناڪام ٿي وئي آهي، انهن اڄ تائين ڪهاڻي جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اها به حقيقت آهي ته ڪافي سٺا ڪهاڻيڪار ٽيلي ناٽڪ تي وڌيڪ توجهه ڏيئي رهيا آهن، پر ان جي باوجود به ڪهاڻي اڃا پنهنجي پوري سگهه سان زندهه آهي. ڳالهه رڳو پرک جي آهي. ٻيو ته اسين (اديب) گروهن ۾ ورهائجي ويا آهيون، انڪري هڪ ڌر وارو ٻي ڌر واري کي ليکڪ ئي سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي. اها گروهبندي معياري ادب سرجڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. جيڪڏهن سڀئي اديب غير جانبدار ٿي هڪٻئي جي لکڻين تي راءِ ڏين، ته اسانجين لکڻين جو معيار وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿو.

س: ڇا پڙهيل ڳڙهيل عورت پنهنجا حق حاصل ڪري سگهي آهي؟

ج: اهو ڊگهو بحث طلب مسئلو آهي. اسان جي معاشري جو سوشل سيٽ اپ اهڙو آهي، جو مرد جي برتري آهي. مجموعي طور تي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته اڄ جي عورت اڃان تائين سماج جي ڪوڙين ريتن رسمن جي زنجيرن ۾ قيد آهي، هن جي ڪا به الڳ شخصيت نه آهي. هن جو ڪو تشخص ڪونهي. زندگيءَ جي ڪنهن به فيصلي لاءِ هوءَ خود مختيار نه آهي يا ائين کڻي چئون ته هن وٽ پنهنجي پسند جي زندگي گذارڻ لاءِ ڪا چوائس ڪانهي. هن جا جائز حق هن کي اڃان نه ملي سگهيا آهن. خاص ڪري زندگيءَ جي اهم مسئلي شادي جي فيصلي کي هن جي مٿان زوريءَ مڙهيو وڃي ٿو، ان ڪري ڪيتريون ئي ڇوڪريون ان زوريءَ مڙهيل فيصلي جي ڪري هڪ ناپسنديده زندگي گذاري رهيون آهن. جنهن جو هو اظهار نٿيون ڪري سگهن، روحاني موت کان بدتر دنيا ۾ ڪابه شي ڪانهي. ۽ هن معاشري ۾ عورت روحاني موت مري به جيئڻ جي اداڪاري ڪرڻ تي مجبور آهي. باقي شهر ۾ رهندڙ ڪجهه فيصد اهڙيون عورتون آهن، جيڪي پنهنجي پسند جي زندگي گذاري رهيون آهن. انهن مان اڪثريت ۾ اهڙيون آهن، جن پنهنجي ذات جي خود اعتمادي سان مردن کان حق ورتا آهن. حق ائين نه ملندا آهن، حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهي جاکوڙ جي ضرورت هوندي آهي.

س: اوهين عورتن جو پروگرام ”سرتيون“ ڪري رهيون آهيو. اوهان هن وقت تائين عورتن جي ڪهڙن مسئلن کي سامهون آندو آهي؟

ج: سنڌي پروگرامن جي تاريخ ۾ عورتن جي مسئلن جي نشاندهي ڪندڙ هي پهريون پروگرام آهي، جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جون عورتون حصو وٺي، عورتن جي مسئلن تي راءِ ڏينديون آهن. اڄ تائين جيترا به پروگرام ٿيا، ان ۾ هڪ ڳالهه واضح ٿي ته عورت جي اڳتي وڌڻ جي راهه ۾ مرد جو رويو سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، يا جيڪي به عورتون ٻاهر نڪري ڪم ڪن ٿيون يا انهن پنهنجين صلاحيتن کي مڃايو آهي ته انهن کي گهر جي مردن جو تعاون حاصل رهيو آهي. نئين دور جي تقاضائن کي سمجهندي جيستائين مرد پنهنجي رويي ۾ تبديلي پيدا نه ڪندو، ان وقت تائين عورت ڪجهه به نه ڪري سگهندي ، اڃان منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي مسئلا هئا، جيڪي هن پروگرام ۾ ڏيڻ گهرجن ها، پر مسئلو پاليسي جو آهي.

س: اڄ جي عورت کي ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟

ج: هڪ ته جسماني تشدد ج مسئلو آهي، جيڪو عام آهي. خاص ڪري ٻهراڙين ۾ عورتن سان اڻ برابري وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، ۽ ٻيا به ڪيترائي بيشمار مسئلا آهن، جن جي نشاندهي ڪرڻ سان انهن جو حل به ڳولهڻ گهرجي. هڪ ڳالهه اها به آهي ته عورت جڏهن ٻاهر نڪري ٿي ته عدم تحفظ جو شڪر ٿي وڃي ٿي، ڇو ته عورت کي انسان نٿ ٿو سمجهيو وڃي، هن کي بي دردي سان Sexually abuse  ڪيو ٿو وڃي، ان ڪري مختلف شعبن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿيون.

س: اسان جي پڙهيل ڳڙهيل عورتن کي مظلوم ۽ اٻوجهه عورتن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ج: مون ڏٺو آهي ته عورت پنهنجي ماحول پنهنجين ريتن رسمن کان وڌيڪ خوفزده آهي. هڪ اجائي خوف ۽ وهم ۾ مبتلا آهي. هوءَ جيڪڏهن پنهنجا حق گهرڻ جي ڪوشش ڪري ڏسي ته حالتون بدلجي سگهن ٿيون. ان ڳالهه جو اهو مطلب نه آهي ته عورت هروڀرو بغاوت ڪري يا مرد سان ڪنهن تضاد ۾ اچي. پر دوستانه فضا کي قائم رکندي هوءَ مرد کي پنهنجي ذميداريءَ جو احساس ڏياري سگهي ٿي. مرد جي سڀ کان وڏي ذميداري اها آهي ته هو عورت جو احترام ڪري، هن جي جائز حقن جو تحفظ ڪري. مان اتي پنهنجو مثال ڏينديس ته مون جڏهن روايتن کان هٽي ڪري ٿورو اڳتي وک وڌائي ته منهنجي چؤڌاري به ساڳيو پابند ماحول هو. بيشمار مسئلا هئا، جيڪڏهن مان معاشري جي پريشر ۾ اچي پنهنجي اندر جي خوف کان نجات حاصل نه ڪيان ها ته ڪڏهن به اڳتي نه وڌي سگهان ها. ان ڪري مان اهو چونديس ته پڙهيل عورتون مظلوم ۽ اٻوجهه عورتن لاءِ ان وقت تائين ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن، جيستائين اُهي پاڻ مظلوميت جي دائري مان باهر نڪرڻ جي ڪوشش نه ڪنديون.

س: اڄ جي عورت لاءِ باهر نڪري ڪم ڪرڻ لاءِ ماحول ڪيترو سازگار آهي؟

ج: جيئن جيئن سماجي شعور وڌندو پيو وڃي، ۽ تعليم ۾ اضافو اچي رهيو آيه، تيئن تيئن ماحول ۾ خوشگوار تبديليون اچي رهيون آهن. ٻاهر جو ماحول بلڪل سازگار آهي، پر ٻاهر نڪري ڪم ڪندڙ عورت کي فقط پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ گهرجي. هوءَ جيڪڏهن مردن سان گڏ ڪم ڪري ٿي ته ان کي پنهنجي لاءِ ڪي حد بنديون مقرر ڪرڻيون پونديون.

س: عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته شاديءَ کانپوءِ عورت ايتري ايڪٽو نه ٿي رهي. اوهان شاديءَ کان پوءِ ڇا اهو فني سفر جاري رکنديون؟

ج: اهو ان ڳالهه تي منحصر هوندو آهي ته زندگيءَ جو ساٿي ڪيتري حد تائين کليل ذهن جو مالڪ آهي، يا هو ڪيتري حد تائين تعاون ڪري ٿو. عورت شاديءَ کانپوءِ نه پنهنجيون علمي، ادبي ۽ فني سرگرميون جاري رکي سگهي ٿي، جيڪڏهن هن وٽ وقت کي صحيح استعمال ڪرڻ جو ڏانءٌ آهي. بهرحال اها حقيقت آهي ته مان گهر کي دنيا جي هر شيءِ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ترجيح ڏينديس. جيڪڏهن گهر تي ڪو اثر نه ٿو پوي ته پوءِ پنهنجيون سرگرميون جاري رکڻ جي پوري ڪوشش ڪنديس ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي ذات ۾ ڪي صلاحيتيون آهن ته انهن کي وقت ۽ حالتن جو زنگ نه لڳڻ گهرجي، ڇو ته ڏات قدرت جو عطا ڪيل هڪ خوبصورت تحفو آهي. وقت سان گڏ ان ۾ وڌيڪ سونهن ۽ وڌيڪ نکار اچڻ گهرجي.

س: اوهان جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟

ج: منهنجو شاعريءَ جو مجموعو ”آخري لفظ“ منظر عام تي اچي ويو آهي. ڪهاڻين جو ڪتاب ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ ۽ ڊرامن جو ڪتاب ”لهرن جو گيت“ اچڻ وارا آهن. ۽ اڄ ڪلهه ناول تي ڪم ڪري رهي آهيا.

س: پيغام؟

ج: ٻار هن ڌرتيءَ جي سونهن آهن. ٻار جو ننڍپڻ جيڪڏهن هڪ دفعو وڃائجي وڃي يا سندس اندر جو معصوم ٻار مري وڃي ته سڄي زندگي هو ماحول ۾ اوپرو بڻجي جيئي ٿو. ٻار جي پرورش ۾ انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي، ٻار جي ننڍپڻ کي گهريلو جهڳڙن ۽ ذاتي تضادن جي نذر ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي، ۽ ٻار جي شخصيت ۾ يقين، محبت، اعتماد ۽ انسانيت سان پيار جون صلاحيتيون پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماءُ پيءَ ٻار جي نفسيات کي سمجهڻ جي پوري ڪوشش ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com