نواز شيخ
نظم
ڪڏهن ڪڏهن
ماڻهو پنهنجي اندر جي اُڌمن کي
لفظن جو روپ ڏئي،
ٻين کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن،
۽ مون به ائين ئي سوچي،
پنهنجن اُڌمن کي
لفظن جو روپ ڏئي،
تنهنجي آڏو پيش ڪيم.
تون ...
تو منهنجي تحرير پڙهي
ان کي ...
ٽڪرا ٽڪرا ڪري،
طنزيه مرڪ سان
مون ڏانهن ڏٺو.
مون کي ائين محسوس ٿيو
ڄڻ ته تو ان ڪاغذ وانگر،
مون کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هجي.
ليڪن پوءِ نه ...
مون کي پنهنجي فتح نظر آئي،
ڇاڪاڻ ته
تو منهنجيءَ دل جي ڳالهه پڙهي ورتي هئي!
شاهده تارا ڀٽي
وائي
سوري هجي يا سچ ،
او سرتي، اڳتي هلندي هل.
ڏاڍن ڪيڏا ڏاڍ ڪيا هن، ڀل جان مڃائين مچ،
او سرتي، اڳتي هلندي هل.
ٻاٽ اوندهه ۾ رهڻو ناهي، لاٽ تون بڻجي اچ،
او سرتي، اڳتي هلندي هل
منزل پنهنجي نيٺ ملندي، پنڌ بچيو آ ڳچ _
او سرتي، اڳتي هلندي هل.
آزاديءَ جو اعلان ٿئي پيو، جهمريون پائي نچ.
او سرتي، اڳتي هلندي هل.
نويد انصاري
نثري نظم
تون ڪٿي آهين
سانوڻ جي پهرين وسڪاري ۾
صبح جي ٿڌڙي هير ۾
شام جي پهر
شفق جي ڳاڙهي رنگ ۾
معصوم جي مسڪراهٽ ۾
ساگر جي لهرن ۾
انڊلٺ جي ريکائن ۾
ڪائنات جي وسعتن ۾
جتي ڌرتي ۽ آڪاش
هڪ ٻئي سان ملي ڪري به
هڪٻئي کان دور هوندا آهن.
محمد شريف چانديو
نظم
هڪ نياڻي ويچاري
پنهنجي محتاج پيءُ کي ٻانهن مان جهلي،
هر ماڻهو اڳيان صدا هڻي ٿي،
پر ڪنهن کي احساس نٿو اچي،
۽ هوءَ هيٺ ڪنڌ ڪري ٿي،
پنهنجي اکين مان لڙڪ هاري ٿي،
۽ رب پنهنجي کي پڪاري،
پنهنجي پيءُ جون اکيون گُهري ٿي.
اي الله! منهنجي پيءُ کي اکيون ڏي،
۽ ائين چئي اوڇنگارون ڏئي ٿي.
منهنجا سڀئي سور جاڳائي ٿي.
اي الله! هن غريب نياڻيءَ جي جهولي ڀر
ته عزت سان پنهنجي گهر ويهي،
۽ ڪنهن جي اڳيان جهلي نه جهلي!
حاڪم ”گل“ مهر
وائي
ننڊ نيڻن ڦٽي،
ڪو ته ياد آيو.
ڇين دل جو لٽيو،
دل چئي پئي اٿي،
ڪو ته ياد آيو.
اکين روئي چيو،
ننڊ وئي آ رُسي.
ڪو ته ياد آيو.
رات ئي گذري،
آهي باک ڦٽي.
ڪو ته ياد آيو.
گل ٽڙي پيا هن،
مهڪي پئي مٽي
ڪو ته ياد آيو.
جاني اسحاق ملاح
غزل
توبن آئون، اندر ۾ کامان،
تنها جيون _ بر ۾ کامان.
نيڻن تي ٿو ڪاٽيان راتيون،
اوسيئڙي جي ڄر ۾ کامان.
آئينءَ، آئينءَ ڄاڻ تون آئينءَ
روز نهاري در ۾، کامان.
توکي ڪائي سُڌ نه سانئڻ!
ڪيئن ٿو، ڪهڙي پهر ۾ کامان.
سپني، جاڳ ۾ ، ايتري تائين،
ويندي، ننڊ ڍڪر ۾ کامان.
”مست“ امين لاکائي
وائي
آهي اڃا جاري، اميد جو سفر_
جيئڻ جا جتن ڪيون ٿا،
رات رڻ ۾ پئي، ڪارا مٿي ڪڪر،
جيئڻ جا جتن ڪيون ٿا.
ڪک ناهيون جو واءُ اُڏاري، اسين روهه جا ٽڪر
جيئڻ جا جتن ڪيون ٿا.
موت کي مات پنيسين، ساهي سينو سپر
جيئڻ جا جتن ڪيو ٿا.
مست، مستيون ڪيون، دل اسان جي پٿر،
جيئڻ جا جتن ڪيون ٿا.
ڪنول قاضي
نثري نظم
سوال؟!
رات جي ڏائڻ....
ٻاٽ جي چادر ڍڪي ...
ڪيستائين؟
هن نگريءَ کي ....
لٽيندي رهندي!
پنهنجي خونخوار هٿن سان.
بي گناه جانيون وٺندي رهندي !!
ڪڏهن هن ڀوائتي رات جو
انت ايندو ........؟
۽ شانتيءَ جي ديوي
پنهنجا پر پکيڙي
هن وستيءَ ۾ ايندي
مُرڪن جون واڌايون ڏيندي !!؟ |