مصنف: عابده نرجس
مترجم:گلبدن جاويد مرزا
دولت جي ديوار
ميجر ڪيلون وارڊ هن شاندار عمارت ۾ اچي ته ويو. هو، پر سندس ذهن
۾ وڏي الجهن هئي، جيڪڏهن هو پنهنجين ڪاروباري
مشڪلاتن جي سبب ايترو پريشان نه هجي ها ته شايد هن
طرف رخ نه ڪري ها. هن تازو ئي جوف جي ملازمت ڇڏي
ڪاروبار شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پر جيئن ئي هو
ڪاروبار جي دنيا م آيو ته کيس احساس ٿي ويو ته هي
فوج جي پابند زندگيءَ کان هٽي ڪري هڪ مختلف ڪم
آهي، ان لاءِ پئسي سان گڏ، هڪ مخصوص ذهن جي به
ضرورت هئي. هن جو پنهنجو سمورو پئسو بزنس ۾ لڳي
چڪو هو، پر ڪاروبار جي ڪا صحيح صورت سامهون نه آئي
هئي.
هو پنهنجي هڪ بي مروت انڪل سان به مليو هو ته جيئن ان کان ڪجهه
رقم حاصل ڪري سگهي، پر کيس جواب مليو. جڏهن هو هر
طرف کان مايوس ٿي همت هاري ويٺو ته کيس هڪ مشهور
سرمائيدار سر ملٽن جي طرفان پيغام مليو هو ته اگر
هو هن سان ملي ته سندس مشڪلات دور ٿي سگهي ٿي.
جيتوڻيڪ ميجر کي ڪاميابيءَ جي اميد نه هئي، پر هو
قسمت آزمائڻ لاءِ سر ملٽن جي شاندار بنگلي تي اچي
پهتو هو. هو هڪ باوقار شخصيت جو مالڪ هو، هو جنهن
به محفل ۾ ويندو هو ته سندس موجودگيءَ جو احساس
ڪيترين ئي جوان دلين کي گرمائي ڇڏيندو هو، پنهنجي
ان خوبصورت شخصيت جي ڪري هو هر جڳهه عزت جي نگاهه
سان ڏٺو ويندو هو. ميجر ڪيلون کي جنهن ڊرائنگ روم
۾ ويهاريو ويو هو، ان جي سجاوٽ تمام خوبصورت
بهترين مصورن جا شهڪار هيون، بهترين ڪرشتل جو
فانوس تمام سهڻو هو، رنگن جو انتخاب تمام سهڻي
انداز سان ٿيل هو، انهيءَ لاءِ ڪيلون کي انتظار
جون اهي گهڙيون بور ڪري نه سگهيون، جيڪي کيس
پنهنجي ميزبان جي اچڻ تائين گذارڻيون پيون. هو ان
دوران ڊرائنگ روم جي سجاوٽ کي هيرت سان ڏسندو
رهيو.
سر ملٽن ڪمري ۾ اچي هن سن وڏي گرمجوشيءَ سان مليو، ڪيلون ڏٺو ته
هو هڪ بردبار ۽ سنجيده ماڻهو آهي، هن جي شڪل صورت
وڻندڙ هئي، ۽ سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو خوش
ٿيندي اوهين منهنجي پيغام تي آيا آهيو“ هو هن جو
هٿ نوڪر بهترين قسم جو شربت کڻي آيو، هن سندس
حيران ٿيا هوندا ته مون اوهان کي هت ڇو سڏايو
آهي.“
”جي ها، اهوئي سوچي رهيو آهيان.“ ڪيلون مرڪندي جواب ڏنو.
”۽ جڏهن مان اوهان کي ٻڌائيندس ته منهنجي خيال ۾ اوهان وڌيڪ
حيران ٿي ويندا.“ سر ملٽن کلندي چيو.
”مان انهيءَ لاءِ تيار آهيان“ ، ميجر به مرڪندي چيو.
”.... تنهنجو شاندار ڪيريئر منهنجي نظر ۾ آهي، مون کي خبر آهي
ته توکي جوج ۾ اعليٰ اعزازن سان نوازيو ويو آهي، ۽
تون هڪ باعزت خاندان سان تعلق رکين ٿو.“ سر ملٽن
چوڻ شروع ڪيو.
ميجر ڪيلون کي حيرت ٿي، پر هن ان جو اظهار نه ڪرڻ ڏنو ۽
انڪساريءَ سان چيائين، ”سر، پنهنجي تعريف هر ڪنهن
کي پسند هوندي آهي، پر مان اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته
اوهان کي مون سان يا منهنجي خاندان سان ايڏي
دلچسپي ڇو آهي؟“
”هينئر ان جو انڪشاف به ٿئي ٿو.“ سر ملٽن شربت جو هڪ وڏو ڍڪ
ڀريندي چيو، ”ليڪن هي به ٻڌي ڇڏ ته مون کي اها به
خبر آهي ته تون فوج کي ڇڏي واپار ۾ دلچسپي وٺي
رهيو آهين، توکي هندوستان جي بحري جهازن ۾ شراڪت
جي لاءِ سرمايو گهرجي، جيڪو توکي تنهنجي ڪنجوس
انڪل نه ڏنو، تنهن لاءِ اڄ_ ڪلهه تون گهڻو پريشان
آهين،“
”پر هي سڀ ڪجهه ...“ ميجر ڪيلون پنهنجي حيرت لڪائي نه سگهيو.
ملٽن کليو ...“ مون توکي انهيءَ لاءِ هت گهرايو آهي جو تون
ضرورتمند آهين... ۽ يقينن منهنجي طرفان هڪ
فراخدلانه آڇ تي غور ڪري سگهندين.“
”سو منهنجي خيال ۾ مون کي انهيءَ چوڻ جي ضرورت ناهي ته هنن
حالتن ۾ مون کي هر ان آڇ سان دلچسپي ٿيندي، جيڪا
مون کي مشڪلاتن مان ڪڍي سگهي.“ ميجر ڪيلون دل ئي
دل ۾ خوش ٿيندي چيو.
سر ملٽن ٿورو خاموش ٿي ڪنهن گهري سوچ ۾ پئجي يو، شايد ڳالهائڻ
لاءِ ڪي وڌيڪ خوبصورت لفط ڳولي رهيو هو وري
چيائين، ”ميجر ڪيلون مون تنهنجي تمام گهڻي جاچ جوچ
ڪرائي آهي، اگر مان وڌيڪ بي تڪلفيءَ سان ڳالهه
ٻڌايان ته مون تنهنجي ئي عمر جي ڪيترن ئي قابل ۽
سٺن گهرن جي نوجوانن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي
آهي ۽ منهنجي معيار مطابق تون اسان جي سوسائٽي ۾
سڀني کان نمايان ۽ لائق نوجوان آهين، توکي عزت جي
نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تنهنجي خاندان جو نالو اسان
جي تاريخ جو حصو آهي، ۽ مستقبل ۾ تون ڊيوڪ جي خطاب
سان نوازيو ويندين.“
ميجر ڪيلون کي سر ملٽن جي هيءَ گفتگو تمام عجيب و غريب محسوس ٿي
رهي هئي، هو پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ کان سواءِ
رهي نه سگهيو. ”سر ملٽن اوهان جي هيءَ طويل ....
مون کي الجهائي ڇڏيو آهي.“
سر ملٽن چيو، ”خير مان توکي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون ايتري
معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ هي فيصلو ڪيو آهي ته
هنن حالتن ۾ تنهنجي مدد ڪريان.“
”مان انهيءَ لاءِ اوهان جو شڪر گذار آهيان.“ ڪيلون شڪريون ادا
ڪندي چيو.
”پر مان تنهنجي مدد هڪ شرط تي ڪندس.“ ”اوهان پنهنجي شرط ٻڌايو.“
”منهنجو شرط هي آهي ته توکي منهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرڻي پوندي“،
سر ملٽن ڄڻ ڌماڪو ڪري ڇڏيو... چند گهڙين لاءِ ته
ميجر ڪيلون سڪتي ۾ اچي ويو، پر وري هن جهڙو ساهه
روڪندي چيو ته ”سر ملٽن ڇا اوهان سنجيده
آهيو...؟!“
”...... ڇا ته مان توکي مسخرو ٿو لڳان ۽ مان آهيان، مان
پنهنجيءَ منصوبابنديءَ ۾ ننڍي مان ننڍي شي کي به
نظر انداز ناهيان ڪندو.“ سندس لهجي ۾ اعتماد هو.
”منهنجو خيال آهي ته هاڻي توکي اندازو ٿي ويو
هوندو ته مون تنهنجي باري ۾ ايتري تحقيق ڇو ڪرائي
آهي.“
ميجر ڪيلون کي حالتن جي اهڙي رخ سان دوچار ٿيڻ جي توقع نه هئي،
هن زندگيءَ جي انهيءَ اهم فيصلي بابت سوچيو به نه
هو، ۽ هن کي اهو خيال ۾ به نه هو ته ڪو سر ملٽن
سندس زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي فيصلي تي ائين اثر
انداز ٿيندو. هي ڪجهه گهڙيون پاڻ کي سنڀاليندو
رهيو وري محتاط ٿي چوڻ لڳو، ”سر ملٽن هي ته زندگي
ڀر جو سودو آهي، منهنجي خيال ۾ انهيءَ لاءِ ايترو
ته وقت ملڻ گهرجي جو ٻئي ڌريون هڪٻئي کي سمجهي
سگهن، هڪٻئي جي مزاج کان واقف ٿي سگهن، ڇو ته هي
هڪ اهڙو ذاتي معاملو آهي جو انهيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي
جي پسند تي .... نٿو ڪري سگهجي.“
سر ملٽن ڄڻ ته سندس ڳالهه کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ”ميجر
ڪيلون، منهنجو خيال آهي ته اوهان کي تمام جلدي رقم
کڻي هندستان پهچڻ گهرجي، نه ته اها مهلت گذري
ويندي، جيڪا اوهان کي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏني وئي
آهي، اهڙيءَ طرح ٿوهان هي موقعو به وڃائي ڇڏيندؤ ۽
اوهان جي اڳين رقم به لڙهي ويندي، جيڪا اوهان هن
حصيداريءَ ۾ لڳائي چڪا آهيو.“ ميجر ڪيلون پريشان
ٿيندي چيو، ”هن ڳالهه کي مون کان بهتر ڪير سمجهي
سگهي ٿو، ليڪن مان اهو به ته نٿو ڪري سگهان ته هڪ
اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃان،
جنهن کي مون ڏٺو ئي ناهي، ۽ ڪهڙي خبر ته اوهان جي
اها لاڏلي ڌيءَ مون کي ناپسند ڪري...“
”اهو تنهنجو مسئلو ناهي ....“ سر ملٽن پر اعتماد لهجي ۾ چيو.
”ها هي سوچڻ اوهان جو ڪم آهي ته منهنجي ....
سڪيلڌي ڌيءَ سان شادي اوهان جي لاءِ خوشبختيءَ جو
دروازو کولي سگهي ٿي، منهنجي ڌيءَ سرفينا 18 سالن
جي آهي. مون پنهنجي زال جي وفات کان پوءِ هن کي
ماءُ پنجي پاليو آهي، هن کي بهترين استادن تعليم
ڏني آهي، ۽ هوءَ معياري سوسائٽيءَ جي طور طريقن
کان بخوبي واقف آهي. تنهنجي انڪل کان پوءِ جڏهن
توکي ديوڪ جو خطاب ملندو ته هوءُ تنهنجي حيثيت جي
تقاضا جو ساٿ سهڻي نموني ڏيئي سگهندي.“ سر ملٽن جي
لهجي ۾ تلخي اچي وئي.... ”مون کي پنهنجي ڌيءَ تمام
پياري آهي، مان نٿو چاهيان ته منهنجي معصوم ڌيءَ
تي انهن ماڻهن جو ڀاڇو به پوي، جيڪي منهنجي دولت ۾
اکيون وجهو ويٺا آهن.“
”اوهين صحيح چئي رهيا آهيو....!“ ميجر ڪيلون آخرڪار مداخلت ڪندي
چيو.
”هي سڀ مون اڄ کان پنج سال پهرين سوچي ڇڏيو هو ته جڏهن سرفينا
شاديءَ جي لائق ٿيندي ته مان ان جو گهوٽ خود
ڳوليندس، ڇو ته انهيءَ عمر ۾ ڇوڪريون جذباتي
ٿينديون آهين، ۽ انهن کي پنهنجن خوابن جي شهزادن ۾
ڪا به خامي نظر نه ايندي آهي ....“ سر ملٽن چيو.
”جي مان اوهان جي مشڪلات سمجهان ٿو.“ ميجر ڪيلون همدردانه انداز
۾ چيو.
”بس ته منهنجي خيال ۾ هن مشڪلات جو حل اهوئي هو ته مان ڪنهن
اهڙي نوجوان جو انتخاب ڪريان، جنهن جون نظرون
منهنجي دولت تي نه هجن ۽ اهو منهنجي ڌيءَ کي خوش
رکي سگهي....!“ سر ملٽن هڪ گهرو ساهه کڻندي چيو.
”ليڪن .... ليڪن.....“ ڪيلون متذبذب واري لهجي ۾
چيو، ڇا اوهان جي صاحبزادي، توهان جي انتخات کي
تسليم ڪندي.....؟“
”مون کي پنهنجيءَ ڌيءَ تي اعتماد آهي،“ سر ملٽن فخر سان چيو.
ڪيلون الجهن ۾ پئجي ويو. کيس يقين هو ته جيڪڏهن سر ملٽن پنهنجي
ڌيءَ کي خود فيصلي ڪرن جو حق ڏئي ها ته هوءَ ڪڏهن
به هيئن سندس حڪم جي اڳيان سر نه جهڪائي ها. کيس
سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هي زبردستيءَ جو سودو ڪيئن
ڪري..... سر ملٽن ڪجهه دير ته سندس جواب جو انتظار
ڪيو وري غور سان کيس ڏسندي چيو، ”ها صاحبزادا،
اوهان جوڪهڙو خيال آهي ....؟“
ڪيلون پنهنجو چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيندي چيو، ”سر ملٽن ڇا مون کي هينئر
ئي اوهان کي جواب ڏيڻو آهي .... ؟“
”ٺيڪ ... ٺيڪ ... هي ته پوءِ سوچينداسين پهرين مان توکي ڪجهه
ٻيو به ڏيکاريان، اچو مون سان!“ هن ڪمري جي هڪ ڪنڊ
۾ رکيل ميز ڏانهن ويندي چيو.
ڪيلون به ساڻس گڏ هو. هن ميز جو دراز کولي هڪ فائل ڪڍيو، ۽ ان
کي کوليندي چيو، ”ٿورو هنن ڪاغذن کي ڏسو.“ ڪيلون
ڪجهه نه سمجهندي ڪاغذ هڪ هڪ ڪري ڏسڻ لڳو. هن کي
پنهنجين اکين تي يقين نه پئي آيو ته هو جو ڪجهه
ڏسي رهيو آهي، اهو صحيح آهي...
هن کي کيس پوڙهي مان اهڙي نموني بليڪ ميل ٿيڻ جي اميد نه هئي.
اهو ڏسي سندس پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي ته سر
ملٽن ان حصيداريءَ جا سڀ ڪاغذ خريد ڪري ڇڏيا هئا،
جن لاءِ هو رقم گڏ ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيو هو.
جيڪڏهن هي مقرر وقت اندر رقم حاصل نه ڪري سگهندو
ته انهيءَ جو مطلت هو ته سر ملٽن ان شراڪت جو مالڪ
ٿي وڃي ۽ سندس ڏيوالو نڪري ويندو.
ڪيلون اهو سڀ ڪجهه ڏسي پريشان ٿي ويو.....
ٻه ٽي منٽ هو ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيو. سر ملٽن جهڙو ٻرندڙ
باهه تي تيل ڇٽڪاري ڇڏيو. ”مسٽر ڪيلون جيڪڏهن
اوهان منهنجي آڇ قبول ڪرڻ فرمايو ٿا ته مان هنن
ڪاغذن کي هن وقت ئي، اوهان جي سامهون ساڙي رک ڪري
ڇڏيندس.“
ڪيلون تصور به ڪري نه پيو سگهي ته ڪو کيس اهڙي صورتحال کي منهن
ڏيڻو پوندو. هن کي سر ملٽن جي صورت ۾ هڪ بدترين
ڪاروباري انسان نظر آيو. ان وقت سندس مالي حالت
ايتري نازڪ هئي، جو هو ان ڌمڪيءَ جو جواب به نه
پيو ڏيئي سگهي، جيڪا سر ملٽن ڪاغذن جي شڪل ۾ کيس
ڏني هئي. کيس احساس ٿي ويو ته هو شخص پنهنجن ارادن
۾ ايترو ته مضبوط هو جو هو پنهنجو مطالبو مڃائڻ
کان سواءِ راضي نه ٿيندو. ان سان بحث ڪرڻ اجايو
هو. ڪيلون مشڪل سان پاڻ کي ضابطي ۾ آندو، پر هو
ايترو چوڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو ته ”سر ملٽن
.... ! مان اهڙي وڏي زيادتيءَ جو تصور به نٿو ڪري
سگهان. ۽ يقين اوهان هن کان وڏي آفر جو تصور ته نه
ڪيو هوندو.“ هن کانئس فائل وٺي دراز ۾ بند ڪندي
چيو. ڪيلون اندر ئي اندر م جڪ کائڻ لڳو هو، ڪهڙي
ٻه _ واٽي تي اچي ويو هو. هو ڏيوالو ٿي پنهنجي
زندگيءَ جو سڀ کان خاص فيصلو اهڙي ڪاروباري انداز
۾ ڪرڻ تي به سندس دل نه پئي چاهي. هن ڪڏهن سوچيو
به نه هو ته هو ڪنهن اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ
تي مجبور ڪيو ويندو. جنهن کي ڪڏهن هن ڏٺو به نه
هجي. کيس ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هڪ بدترين دشمن
هن کي فتح ڪري ورتو آهي. هن وٽ پچي نڪرڻ جو ڪوبه
رستو نه هو، هن سر ملٽن کي ڏٺو، جيڪو فاتح طنزيا
مسڪراهٽ سان کيس ڏسي رهوي هو.
ڪيلون چيو، ”سر ملٽن هاڻي ته مون وٽو ڪو ٻيو رستو ئي ناهي رهيو
مون کي اوهان جي آفر قبول آهي.“
هيءَ شادي هڪ ڊرامو معلوم ٿي رهي هئي يا گڏي گڏي جي راند ....
هن پنهنجيءَ ڪنوار کي ان وقت ڏٺو جڏهن هوءَ روايتي
اڇو لباس پهري ساڻس گڏ بيٺي هئي، پر ان وقت به ان
جي چهري تي نقاب هو ۽ هو صرف هن جي گهنڍيدار وارن
تي سجيل هيرن جو ڪلپ ئي ڏسي سگهيو هو.
منڊي پارائيندي کيس محسوس ٿيو ته ڪنوار جا هٿ تمام نرم ۽ نازڪ
آهن، هوءَ شاديءَ جون سڀئي رسمون ائين نڀائي رهي
هئي، جيئن ڪا چاٻيءَ تي هلندڙ گڏي هجي... ڪيلون جي
ذهن ۾ هر هر اهو خيال اچي رهيو هو ته معصوم ڇوڪري
خبر ناهي ڪهڙي دل سان ساڻس بيٺي آهي.
شاديءَ جي ڊنر ۾ آيل مهمان ۽ سر ملٽن هنن سان گڏ ويٺا رهيا ۽
ڊنر ۾ به هو گڏ گڏ هو. اڳيان وڌي سندس تعارف
پنهنجن مهمانن سان ڪرائيندو رهيو. ڪيلون جو ڌيان
پنهنجيءَ ڪنوار ڏانهن هو، پر هو ان کي جيءُ ڀري
ڏسي نه پئي سگهيو، ڇو ته ڊنر ۾ شريڪ مهمان کيس
مبارڪباد ڏئي رهيا هئا، ۽ کيس هر هڪ سان روايتي
ورتاءُ ڪرڻو هو .... وري به هن محسوس ڪيو ته سندس
ڪنوار موجود ناهي، هن سر ملٽن کان سندس باري ۾
پڇيو ته هن ٻڌايو ته سرفينا جي مٿي ۾ سور هو،
انڪري هوءَ پنهنجي ڪمري م هلي وئي آهي.
ڪيلون کي صحيح لڳو ته جهڙي نموني هيءَ زبردستيءَ جي شادي ٿي رهي
هئي، سا مٿي جو سور نه ته ڇا خوشيءَ جو باعث هئي.
هو خود پاڻ کي به ڪجهه بهتر محسوس ڪري نه رهيو هو،
پر وري به سندس دل ۾ تجسس جي هڪ لهر ضرور جاڳي
هئي، هو پنهنجيءَ ڪنوار کي ڏسڻ چاهي پيو. هن سان
ڳالهائڻ چاهي پيو ته جيئن سندس باري ۾ معلوم ڪري
سگهي ته سندس سخت پيءَ سندس شاديءَ کي ايتري غير
رومانوي ۽ ڪاروباري انداز ۾ ڇو ٿي ڪيو.
جڏهن ڪيلون پنهنجي ڪمري ۾ آيو ته هن سک جو ساهه کنيو. ڇو ته هاڻ
هو ٻڍو سر ملٽن سندس سر تي سوار ڪونه هو، جهڙيءَ
طرح شاديءَ جي تقريب ۾ هر وقت هن ۽ سندس ڪنوار جي
وچ ۾ موجود رهيو هو، ۽ کيس اهو اندازو هو ته هو
کيس پنهنجيءَ ڪنوار سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ جو موقعو
ئي نه ڏيندو. ڪيلون کي هزارين سوچون ذهن ۾ اچي
رهيون هيون. هو پنهنجيءَ ڪنوار کان عمر ۾ ڪافي وڏو
هو، ان کان پهرين سندس تعلق هم عمر ڇوڪرين سان
رهيو هو. ڪي بيوه عورتون به سندس دوست رهيون هيون،
پر ڪڏهن ڪنهن 18 سالن جي ڇوڪريءَ سان ڪوئي نازڪ
واسطو رکڻ جو اتفاق نه ٿيو هو، هن کي هي بيحد عجيب
۽ اوپرو اوپرو محسوس ٿي رهيو هو ته هو هڪ اهڙيءَ
ڇوڪريءَ سان محبت جو اظهار ڪيئن ڪري سگهندو، جنهن
پنهنجي اسڪول جي تعليم هاڻي مڪمل ڪئي هئي، جنهن جي
دل ۾ خبر ناهي ڇا هو.
کيس پنهنجن احساسن جي خبر نه پئجي رهي هئي ته هڪ اجنبي ڇوڪريءَ
لاءِ ڇا محسوس ڪري رهيو آهي، جيڪا بيڊروم ۾ سندس
انتظار ڪري رهي هئي، جيڪو خاص طور تي سندس دولتمند
سهري هن لاءِ مخصوص ڪيو هو. هو سڄي ڏينهن جي تقريب
کان پوءِ ٿڪجي پيو هو، ۽ هونئن به هو ذهني طور
رليڪس نه هو. هو پاڻ کي هڪ بيوقوف محسوس ڪري رهيو
هو، جنهن پنهنجن احساسن کي دولت جي عيوض وڪڻي ڇڏيو
هو. هو اهڙن ئي ڏکويل احساسن سان، پنهنجيءَ ڪنوار
جي ڪمري ۾ داخل ٿيو.
ميڻ بتين جي هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ هن گلن سان سجيل ڪمري تي نظر
وڌي، سندس اکيون ان شاندار بيڊ تي اچي بيهي ويون،
جنهن تي ويلوٽ جي بيڊ شيٽ وڇايل هئي ۽ آسماني ليس
جي سهڻن پردن هن کي بيحد دلڪش بنائي ڇڏيو هو. ان
وڏي ۽ خوبصورت بيڊ جي ٻانهينءَ تي سندس نازڪ نفيس
ڪنوار ويٺي هئي. |