سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :12

 

چمڙيءَ جون بيماريون

آرايون

SKIN DISEASES OF NETTLE RASH

سڀ کان وڌيڪ بيلادونا 30 آرسنيڪم البم 30 بهترين دوائون آهن. جڏهن آراين جي تڪليف پراڻي هجي ته پوءِ برائي اونيا، ڪليميٽس، هيپر سلف رهشتاڪس، آٽيڪايورنس، پيٽروليم دوائون ٿينديون.

بلادونا x 3، 30 ؛ آرايون سرخ ڳاڙهيون، جسم سڄو سرخ ڳاڙهو ۽ جسم گرم رهي.

آرسنيڪم الب 30؛ جڏهن آراين هوندي ٻار کي خشڪي هجي، بي چيني نظر اچي، هر هر بت کي پٽيندو رهي، هر هر پاڻي گهري مگر ٿورو پيئي.

برائي اونيا x3 ، 30؛ ٻار آرس، ننڊ ۾ پيو رهي، سجاڳيءَ بعد پاڻي گهڻو پيئي. چهرو سرخ ڳاڙهو هجي.

ڪليمٽس ۽ آرٽيڪايورنس x 3 ؛ ڏسجي ته جڏهن ٻار پيشاب بلڪل ٿورو ٿورو ڪري ۽ رڪاوٽ سان، ڳاڙهو پيشاب اچي ٿو. هيپر سلف 30؛ جڏهن آرايون گند سان ڀرجي وينديون هجن.

سلفر 30؛ ڪڏهن ڪڏهن صبح جو نيراني هڪ وزن ڏجي.

ڇتو ملو  (ECZEMA)

منهنجو دستور آهي مان سلفر x 4؛ ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه وزن وٺڻ جي هدايت ڪندو آهيان ۽ مونکي وڌيڪ ڪنهن ٻي دوا جي ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي آهي. اگر زخم گهرا هجن ته ان حالت ۾ ڪيلينڊيولا Q مان هڪ سيڪڙو لوشن ٺاهي زخم صاف ڪجن ۽ ڪلينڊيولا ملم ٽيوب جو استعمال ڪجي.

اڪينيشيا 30؛ اندروني ۽ بيروني اڪينيشيا Q ملم استعمال ڪجي.

پتروليم 30؛ هر قسم جي ڇتي ملي لاءِ اڪسير جو اثر کي رکي ٿي.

سلفر 30 يا 200 ؛ ڪڏهن ڪڏهن هفتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا ڏجي.

گريفائيٽس 30؛ جڏهن گند جو نمونو ماکيءَ جهڙو هجي.

رهس وناٽا 30؛ بهترين دوا آهي، جڏهن خارش ۾ گرم پاڻي جي استعمال کان ڪمي اچي ويندي هجي هن دوا جو اثر هڏين تائين آهي. جڏهن ملي سان هڏين ۾ به سور هجي.

ان کانسواءِ سليشيا، ڪالي سلف، رهسٽاڪس ۽ مرڪ سلف به مجرب دوائون آهن.

چمڙيءَ جو ڇلجي ڇوڻ        EXCORIATION

ماءُ پيءُ حيران ٿي پوندا آهن ته معصوم کي هيءُ بيماري ڪٿان آئي؟ ڪٿان لڳي.

هميشه سوارخن جي ويجهائي واريون جايون ڇلجي پچي پونديون آهن. نڪ، وات مقعد جا ٻاهريان حصا رانون، مثاني جو منهن ڪنن جا اندريان ٻاهريان حصا پچي پوندا آهن. کل لهندي ويندي آهي.

ياد رکڻ گهرجي اهڙا ٻار يا انهن جي خاندان ۾ سفلٽڪ جو اثر هوندو آهي ۽ انهن جون رطوبتون تيزابي هونديون آهن. جتي به لڳن اها جاءِ پچايو وجهن. پائخانو جتي لڳي اها جاءِ پچي پوي، پيشاب جتي لڳي اها جاءِ پچي پوي، ليس زڪام لڳو، جتي به لڳي چپ ناسون ڇليو وجهي ڪن مان گند نڪتو جتي لڳو. اها جاءِ ڇلي وجهندو.

مرڪ سال 30 ، پيٽروليم 30 بهترين دوائون آهن، اگر اهي به ڪامياب نه ٿين ته نائٽرڪ ايسڊ 30 سڀ فتور ختم ڪر ڇڏيندي.

ان کانسواءِ لائيڪو پوڊيم، سلفر، ڪاربولڪ ايسڊ سٺيون دوائون آهن.

ڦوڪڻا، پاڻي واتڙا      BOILS

ٻار جو وات پڪل هجي پاني واتڙن سان ڀريل هجي ته مرڪ سال 30 سڀ کان وڌيڪ بهترين دوا آهي.

سليشيا 30 ، به هڪ بهترين دوا آهي، ڪڏهن ڪڏهن اتفاقاً اهڙا ٻار به ڌٺا ويا آهن، جهاز جي ڳوڙهي جيترا 7 ان کان ننڍا وڏا ڦوڪڻا پاني ڀريل نظر آيا اهڙا پاڻي وائڙا سليشيا جي ٻن ٽن وزنن سان غائب ٿي ويندا آهن.

منهنجو دستور آهي، مان ان حالت ۾ سليشيا هڪ هزار طاقت يا ان کان به مٿي استعمال ڪرائيندو آهيان.

هيپر سلف جي به ساڳيءَ سليشيا جي تعريف جي برابر آهي.

ڳڙ يا ڳوڙهيون         ABSCESS

هڪڙا ڳڙ ڇٽن ته ٻيا پيا نڪرڻ لاءِ هيپر سلف 30 بهترين دوا آهي، ڪجهه وقت استعمال ڪرائڻ گهرجي جيئن اهو رجحان ختم ٿي وڃي. اگر اتفاقي ڪو ڳڙ نڪري اچي ته ان لاءِ شروعات ۾ بيلاڊونا 30 جون چند خوراڪون استعمال ڪرائڻ سان هن جي سوزش ۽ درد ختم ٿي ويندو. ان بعد هيپر سلف 200 هزار يا ان کان مٿي هڪ ٻه خوراڪ ڏيڻ سان ڳڙ ويهي ويندو ان کي گهٽائي پچائي ڦاڙي گند ڪڍي سڪائي ڇڏيندي، اگر اڃا نه ڪا سختي رهيل هجي ته ان لاءِ سلفر وڏي طاقت جي هڪ خوراڪ وٺائي ڇڏجي.

هسا   WARTS

چهري ڪنڌ تي هسا نڪري اچن ڪاسٽيڪم 30 ۽ ٿوجا 30 استعمال ڪجن اگر هٿن ۽ ٻانهن تي هسا نڪري اچن ته سليشيا ۽ ٿوجا استعمال ڪجن باقي جسم تي هجن ته ٿوجا، ڪلڪيريا ڪارب ۽ سليشيا استعمال ڪجن. هسا نرم  ۽ انهن مان رت وهي اچي ته ٿوجا، اگر سخت ڪنڊن جهڙا ڀرندڙ هجن ته سيلشيا دوا ٿيندي.

نوٽ؛ هسن جو ڪڏهن به نه آپريشن ڪرائجي ۽ نه ڪنهن شيءِ سان يا تيزاب سان ساڙجي. جڏهن مٿي ذڪر ڪيل دوائون فائدو نه ڏيکارين ته اهي ساڳيون دوائون وڏي طاقت ۾ هسن کي ساڙي سڪائي ڇاڻي ڇڏيندييون آهن. وڏي عمر وارن يا جوانن ۾ مان هميشه 200 طاقت کان دوا شروع ڪندو آهيان. خشڪ سخت چمڙي واوا انسان هڪ لک طاقت سان ئي وڄي ٺيڪ ٿيندا آهن.

هڪ مرض هسن وارو مون وٽ آيو چوڏهن سالن جو جوان هو. پهريائين سندس مائٽ هن کي سول اسپتال ۾ وٺي آيا، اتان سندن عملي جو نيڪ خيال انسان هنن غريبن کي وٺي مون وٽ آيو، ڇوڪري جي جسم تي وارن وانگر هسا هئا ڪي سنها، ڪي ٿلها، ڪي گوبي جي گل جهڙا موتئي جي گل جيترا موجود هئا. پنجن مهينن جي علاج سان سخت چمڙي نرم پٽ جهڙي ٿي ويئي هسن جو نالو نشان ختم ٿي ويو. دوا سليشيا ۽ ٿوجا 30 طاقت کان لک تائين استعمال ۾ آئي.

اگر هسن جي مٿان ڪنهن دوا جي لڳائڻ جي خواهش هجي ته ٿوجا Q لڳائي سگهجي ٿي جلد سڪي ويندا. مگر اصولاً غلط آهي، دواد کارائي ختم ڪجن.

جيتري خون کي دوا جي ضرورت هوندي، اوتري خون پنهنجي ضرورت پوري ڪندو.

ملي جا ڳوڙها     MUMPS

ڄاڙيءَ جي هيٺان ڪنن جي پاسن تائين ۽ بغلن ۾ ڳوڙها نڪرندا آهن.

بيلاڊونا x3، 30؛ شروعاتي سوڄ جي دوا آهي. خاص طرح سڄي طرف جي دوا آهي.

ڪالي ميور x2؛ سڀني ملي جي سوڄن، ڳوڙهن جي بهترين دوا آهي. جڏهن زبان تي سفيد ميل جو تهه هجي. هيپر سلف 30 يا 200 ملي جي سوڄ لاءِ اڪسير آهي.

(ڊاڪٽر محمد قاسم لانگاهه (هوميو) جي

ڪتاب ”عورت ۽ ٻار“ تان ورتل.

 

 

 

 

 

 

 

ليکڪ؛ ائنڊريو لَئنگ                                   سنڌيڪار؛ محمود مغل

The Story of JOA OF ARC

جون آف آرڪ جي ڪهاڻي

ٽئين باب جو رهيل حصو

درحقيقت انگريزن فرانسين کي ان ڪري ڪُٽَ پئي ڪڍي جو هنن کي اعتماد هو ته وُو ائين ڪري سگهن ٿا. هنن جي خيال موجب هڪڙو انگريز، ثن فرنسين کان سگهارو هو. اها هڪ بيوقوفيءَ واري سوچ هئي، پر هڪ ڀيري ايگن ڪورٽ (Agin Court)  جي علائقي ۾، هينري پنجين جي اڳواڻيءَ ۾ ، ڪجهه انگريز سپاهين، فرانسي فوج جا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا، ڇاڪاڻ ته فرانسي ڄٽن وانگر وڙهيا هئا. انگريز مورچن ۾ لڪل هئا، ۽ فرانسي سندن سامهون هُر ڏنل، آليءَ زمين منجهان دڙها هڻندا اچي رهيا هئا. نتيجو اهو نڪتو جو انگريز تيراندازن سوين همراهه سٽي وڌا.

ااڳتي هلي اوهين پاڻهي محسوس ڪري وٺندا ته هاڻي فرانسين کي به عقل اچي ويو هو. انگريزن وارو طريقو سکي ويا هئا، ۽ خود اعتماديءَ سان پاڻ کي بچائي سگهيا ٿي.

هنن سڀني ڳالهين کان پري، دومريمي ۾ موجود جون، آرليئسنز کي پيش ايندڙ خطري بابت خبرون ٻڌي رهي هئي. کيس پرسرار آواز مجبور ڪري رهيا هئا ته هوءَ وڃي ۽ وڃي انگريزن کي اتان لوڌي ڪڍي.

باب چوٿون

جون ڪيئن عجيب نموني خبر ٻڌي

جون، گهڻو پري، پنهنجي ڳوٺ ڊومريميءَ ۾، وقت بوقت اورلينز کي درپيش خاطري بابت ٻڌندي رهندي هئي، ۽ ”آواز“ لڳاتار اهو اصرار ڪري رهيا هئا ته گهوڙي تي چڙهي نڪر، ۽ انگريزن کي ڀڄائي ڪڍ. هوءَ روئندي ٿي رهي ته هوءَ ڪجهه نٿي ڪري سگهي _ نه گهوڙيسواري ڄاڻي ٿي، نه جنگ ڪرڻ. ان حالت ۾ ماڻهو کيس چري يا بدچال سمجهندا ۽ ٺٺول ڪندا.

آوازن کيس ٻڌايو ته هوءَ ويجهڙ واري علائقي ۾ واڪوليئرز (Vaucoulurs) نالي ڳوٺ وڃي، اتي جي سپهه سالار رابرٽ ڊي بوڊري ڪورٽ (Robert de Baudri court)  سان ملاقات ڪري ۽ کيس اها درخواست ڪري ته هو کيس وليعهد سان ملائي، جيڪو ان وقت لوئير ندءَ تي چنن (Chinon)  قلعي ۾، اورلينز جي ڏکڻ ۾، گهڻو پري ترسيل هو.

جون کي اهو به چيو ويو ته جڏهن هوءَ شهزادي سان ملاقات ڪري ته کيس ٻڌائي ته هوءَ فرانس کي بچائڻ لاءِ اڳتي آئي آهي.

اها هڪ ٻاراڻي ڳالهه هئي. بوڊري ڪورٽ هڪ عظيم، سخت مزاج سمجهو سپهه سالار هو. هُو هڪ عام ڇوڪريءَ جي سوچ پٽاندر، ساڻس گڏجي شهزادي وٽ ڪيئن پئي وڃي سگهيو؟ هو ته مٿس کلي سگهيو پئي ته هڪ ننڍڙي ڇوڪري، جنهن پنهنجيءَ ڄمار ۾ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان شايد ڳالهايو به ڪو نه هو، ايڏي وڏي ڳالهه ڪيئن ٿي چئي؟ جون کي سونئپيل فرض ادائيءَ ۾ اهو شايد سڀ کان مشڪل مرحلو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ بيحد نهٺائيءَ واري هئي ۽ ڪنهن به نامعقول ۽ بيوقوفيءَ واريءَ ڳالهه کي هڪدم سمجهي ويندي هئي. ڀلا ان کان وڌيڪ کل جهڙي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هڪ ڳوٺاڻي نينگري، جيڪا سورهن سالن جي به مس ٿي آهي، اها فرانسين کي اهو سيکارڻ هلي آهي ته اهي انگريزن کي ڪيئن شڪست ڏين.

پر هن لاءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. پراسرار آواز، چمڪندڙ روشني ۽ فرشتن ۽ مقدس هستين جا چهرا، هفتي ۾ الائي ڪيترا ڀيرا هن آڏو ايندا هئا، ۽ هڪ آواز کيس چوندو هو ته ”اي خدا جي خاص بندي، همٿ ڪر، آءٌ توساڻ آهيان.......“

جون جو هڪ چاچو واڪليوليئرز جي ڳوٺ ويجهو رهندو هو، هوءَ ان وٽ هلي ويئي. ڀانئجي ٿو ته جون پنهنجي چاچي سان بادشاهه وت وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هوندي، جنهن لاءِ اول سپهه سالار رابرٽ وٽ وڃڻ ضروري هو ته جيئن وٽانئس ڪجهه سپاهي وٺجن، جيڪي بادشاهه ڏانهن ڊگهي سفر ۾ سندس حفاظت ڪن.

چاچس کي ڏاڍي حيرت ٿي هئي پر هن کي يقيناً جون ۾ اعتبار هو، ان ڪري هو کيس رابرٽ ساڻ ملائڻ وٺي ويو. رابرٽ کي جون جي ڳالهين تي ڏاڍي کل آئي ۽ هن سندس چاچي کي چيو ته وُو سندس علاج ڪرائي. جون وري وري رابرٽ وٽ چڪر هڻندي رهي، تان جو رابرٽ هڪ پادريءَ کي مقرر ڪيو ته هو سندس ذهن مان شيطاني قبضي کي ختم ڪري ۽ عبادت ذريعي نون جي ذهن مان اهو خيال ڪڍي ڇڏي. پادريءَ وڏا وس ڪيا پر ناڪام ٿي ويو ۽ آخرڪار وظيفا پڙهڻ تان ئي هٿ کڻي ويو.

فيبروري 1429ع جو مهينو هاڻي ويجهو پئي آيو، ۽ گهيري ۾ آندل فرانسين لاءِ جيڪي آرليئنز ۾ ڦاٿل هئا هڪ ٻي بدقسمتي ڪَرَ کڻي رهي هئي. اهو مهينو مقدس ۽ روزن جو مهينو هو، جڏهن کين گوشت کائڻ کان روڪ هئي ۽ هُو صرف مڇي، بيدا ۽ ڀاڄيون کائي پئي سگهيا. گهيري کان ٻاهر انگريز سپاهين لاءِ کاڌي خوراڪ سان سٿيل گاڏيون اينديون رهنديون هيون. اورليئنز ۾ موجود فرانسسي سپهه سالار کي اها ڄاڻ هئي ۽ هن اهو گهريو پئي ته هُو پنهنجا ڪجهه سپاهي موڪلي، جيڪي قافلن جي نگراني ڪندڙ انگريزن تي حملو ڪن ۽ کاڌ خوراڪ جي ذخيرن تي قبضو ڪن.

ان سڄي منصوبي موجب اڪاٽ ۽ فرانسسي سپاهين جو هڪ وڏي تعداد رات پيٽ ۾ آرليئنز مان ٻاهر نڪتو ۽ رُوري (Rouvary)  نالي هڪ هنڌ تي لڪي، قافلن جي گذرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. انهيءَ هنڌ تي ئي هنن کي فرانسسي فوج جي هڪ ننڍڙي جٿي کي به اچي شامل ٿيڻو هو، جنهن جي اڳواني ڪلر مونٽ نالي هڪ جنرل ڪري رهيو هو. رووري پهچي، فوجين ڪلر مونٽ جو انتظار ڪيو مگر هو ۽ سندس سپاهي وعدي مطابق اتي نه پهتا، تان جو هنن رات جي پاڇي ۾ کاڌ خوراڪ واري قافلي جي چرپر کي تاڻي ورتو، جنهن جي حفاظت انگريز سپاهي ڪري رهيا هئا.

ٿيڻ ائين گهرجي ها ته هو سڀ پنهنجين جڳهين تي لڪي، قافلي جي ويجهو اچڻ جو انتظار ڪن ها ۽ پوءِ اوچتو مٿس حملو ڪن ها، پر هڪ اسڪاٽ آفيسر اسٽيوئرٽ آف ڊارنلي (Stewart of Darnley)  جي بيوقوفيءَ ۽ تڪڙ جي ڪري سڄو ڪم خراب ٿي ويو. اسڪاٽن کي سدائين ويڙهه لاءِ تڪڙ هوندي آهي. اسٽيوئرٽ رڙ ڪئي ”حملو ڪريو“

۽ سڀئي هڪدم سامهون اچي ويا. انگريزن کين ايندو ڏٺو ته هنن گاڏين جي پويان پناهه ورتي ۽ پنهنجي پچاءُ لاءِ تيار ٿي ويا. مٿان وري هڪ ٻي بيوقوفي اها به ٿي ته اسڪاٽ سدائين تيرن ۽ ڀالن کي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ”نيچ هٿيارن“ جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ پاڻ فخر سان تلوار ذريعي جنگ وڙهڻ چاهيندا هئا. هاڻي تلوارن ساڻ انگريزن تائين ڪيئن ٿو پهچي سگهجي؟ هوڏانهن تيرن ۽ ڀالن جي برسات ٿي رهي هئي. نتيجي ۾ ، دير سان آيل ڪلر مونٽ جي فوج به ڪجهه نه ڪري سگهي ۽ الائي ڪيترا بهادر پر بيوقوف اسڪاٽ منٽن ۾ ختم ٿي ويا. جڏهن بچيل زخمي همراهه آرليئنز واپس موٽيا ته پريان انگريزن جي ڪئمپن مان ٽهڪن جا آواز کين ڏنگي رهيا هئا. هن سڄي واقعي جو نالو ”رُوري جي جنگ“ پئجي ويو، جيڪا 12 فيبروري 1429ع تي لڳي هئي. هلندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com