شبانه مغل
منهنجي ڌرتي، منهنجا مارو
منهنجي سنڌ ڌرتي، خوبصورت ڍنڍن، وڏن پهاڙن ماروئڙن جي ملير،
موهن جي دڙي، مڪليءَ جي تاريخ ۽ مهمانوازيءَ جي
مثالن ڪري پوري جڳ ۾ مشهور آهي.
سنڌ ڌرتي، بزرگن ۽ اولياءَ اڪرامن جي سرزمين آهي، جتي دنيا جي
عظيم شاعرن، جهڙوڪ ڀٽ جي گهوٽ شاهه عبداللطيف
ڀٽائي، سچل سائين ۽ سيوهاڻيءَ سرڪار قلندر لعل
شهباز جون مزارون آهن. سنڌ ڌرتيءَ تي هوشو، هيمو ۽
دولهه دريا خان جهڙن عظيم سپوتن جنم ورتو ۽ پنهنجي
ڌرتيءَ تي نثار ٿي قومن لاءِ مثال بڻيا ۽ امر ٿي
ويا.
اجرڪ صدين کان وٺي هن ڌرتيءَ جو مان شان ۽ نشان رهيو آهي. ۽
اجرڪ جي اهميت ۽ مقبوليت ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪوبه
فرق ناهي آيو، ۽ اجرڪ جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن
اضافو ٿيندو ٿو وڃي. جنهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ
پسند ڪيو وڃي ٿو.
اجرڪ خوبصورتي، حيا ۽ غيرت جو اهڃاڻ آهي، ۽ جڏهن سنڌي نياڻيون
اجرڪ اوڙهينديون آهن ته حيا ۽ غيرت جو ڏيک ڏينديون
آهن، ۽ وري جڏهن اسان جا بزرگ، ۽ ڀائر اجرڪ کي
ڪلهن تي اوڙهي، مٿي تي سنڌي توپيءَ جو تاج سجائي
ڪلهن تي ڪهاڙي رکي هلندا آهن ته کانئن مور به ڄڻ
مات کائي ويندا آهن.
جڏهن سنڌ ڏرتيءَ تي مينهن وسندا اهن، تڏهن مارئيءَ جي ماروئڙن
جي مٽيءَ مان ٺهيل ڪچن گهرڙن تي مينهن ڦڙيون
ڪرنديون آهن ته ان مٽيءَ مان هڪ دلفريب خوشبو جنم
وٺندي آهي، جنهن سان پورو ماحول واسجي ويندو آهي.
اها خوشبو منهنجي وطن، سنڌ جي مٽيءَ جي هوندي آهي،
جيڪا خوبصورت پيڪنگ ۾ بند ٿيل شيشيءَ ۾ به نه ٿي
سمائجي سگهي، ۽ نه ئي وري خوشبوئن جي شهر پيرس ۾
اهڙي خوشبو ٺهي ۽ ملي سگهندي، ڇو ته اها خوشبو
منهنجي ماروئڙن جي ملير جي مٽيءَ جي خوشبو آهي.
جڏهن منهنجا ماروئڙا سيار جي مند ڪکائين جهوپڙي هيٺان مچ جي
چوڌاري ويٺل هوندا آهن ته ٻڌي، اتحاد ۽ خلوص جا
سونهري مثال بڻجي ويندا آهن. ها اهڙي ٻڌي ۽ ايڪو
شايد ٻئي ڪنهن آرگنائيزيشن ۾ ملي ۽ هجي.
ڪيڏو سڪون ملندو آهي، سانوڻ ۾ درياءَ ڪناري بيٺل گهاٽي بڙ جي
ڇانؤ، ۾ منهنجا مارو ۽ ڌنار پنهنجي ٻانهن سيراندي
ڪري اهو سڪون ماڻيندا آهن، جيڪو
شايد ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ به نه هجي. ڇو ته اها
ڀڙ جي ڇانؤ منهنجي ديس نم جي وڻ جي ڇانؤ آهي.
ڪيڏو نه سندر منظر هوندو آهي جڏهن سنڌوءَ ڪناري، منهنجي ماروئڙن
جون ٻنيون سرنهن جي گلن جي پيلي پوشاڪ اوجڍينديون
آهن، ۽ پورو ماحول ۽ فضا هڪ منفرد منظر ۽ خوشبو
سان واسجي ويندو آهي، ۽ اهڙو منظر ۽ خوشبو ريس
ڪورس پارڪ ۽ اقبال پارڪ ۾ به نه ملندو، ۽ نه ئي
وري هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ جي فلم انڊسٽري اهڙو منظر
تخليق ڪري سگهندي، ڇو ته اهو منظر منهنجي ملير جي
ٻنيءَ جو منظر آهي.
ڪيڏي نه لذت هوندي آهي ماروئڙن جهانگيئڙن جي چانورن، جوئر ۽
ٻاجهريءَ جي ماني، ساڳ جي ڀاڄيءَ ۽ لسيءَ جي وٽي
۾. اهڙي لذت شايد شهر جي هاليڊي ان ۽ فائيو اسٽارز
هوٽلن جي کاڌن، ڊشن ۾ به نه هجي، ۽ نه وري اهڙي
ماني وڏن وڏن هوٽلن ۾ ملي سگهندي، ڇو ته اها ماني
منهنجي ماروئڙن جي آهي ۽ ڪاٺين جي باهه ۽ ٺڪر جي
ڪُنيءَ ۾ پڪل آهي.
جڏهن صبح جو سويل اسانجون مائرون ۽ ڀينرون گهر جي چائنٺ تي ويهي
ڏُڌ ولوڙينديون آهن، تڏهن اتان جيون جو آواز ڏيندڙ
سُر ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته ڪنهن عظيم
تخليقار نئون سر ايجاد ڪيو هجي.
ڪيڏا سچا، خلوص ڀريا ۽ امن پسند آهن منهنجا مارو. جڏهن سندن
پُٽ، ڀاءُ يا دوست مُوڙ ٻڌندو آيه ته ان جي ڪاڄ ۾
شرڪت لاءِ پري پري کان ڪَهي ايندا آهن. ۽ ڇَني ۾
اچي سڀ گڏ ٿيندا آهن. ۽ پاٽوڙن ۾ گرم گرم پلاءُ
کائيندا آهن، ۽ خلوص ڀري مرڪ هڪ ٻئي کي تحفي طور
ارپيندا آهن. ڇو ته خلوص ڀري مرڪ ئي هن دؤر جي وڏي
۾ وڏي گفٽ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي شهر جي وڏي شيشن جي
ٺهيل شاپنگ سينٽر ۾ به نه ملي سگهندي. منهنجي مارن
کي اها مرڪ ۽ محبت بزرگن کان ورثي ۾ ملي آهي.
ڪيڏو نه سڪون ملندو اهي پنهنجي گهر جي پڌر تي بيٺل نم جي ڇانؤ ۾
سرتين سان گڏجي ڳالهائڻ ۽ رلي سبڻ ۾.
هن ڏرتيءَ جي هر نياني مارئي آهي، ڇو ته پنهنجي وطن جي مٽيءَ ۽
ڌرتيءَ سان سچائيءَ ۽ محبت ڪرڻ جو سبق اسان کي
پنهنجن بزرگي کان مليو آهي.
تاريخ ۾ اهڙيون ڪيئي مارويون ۽ بختاور جهڙيون نياڻيون پنهنجو
نانءُ سنهري لفظن ۾ لکائي چڪيون آهن. منهنجي دعا
اهي ته هر ڏينهن جو سج منهنجي ديس واسين لاءِ
خوشين جو پيغام کڻي اچي، ۽ هر صبح منهنجي ماروئڙن
لاءِ مرڪن جي ماڪ جا تحفا کڻي اچي ۽ هن ڌرتيءَ تي
رب پاڪ جي رحم وڪرم جي عنايت ٿيندي رهي. (آمين).
شمس الدين سومرو
جي هو ائين نه ڪري ها....!؟
هيءَ اُن ڏينهن جي ڳالهه آهي، بلڪه 28 فئبروري 1995ع ، ماڻهن جي
پگهار جو ڏينهن آهي. بئنڪن تي پوليس ۽ رينجرس جا
پهرا لڳل آهن. مان اسٽيٽ بئنڪ کان مڙي، ڪورٽ کان
ٿيندو، پاڪستان نئشنل سينٽر حيدرآباد جي موڙ وٽ
بيٺل آهيان ۽ سوچيان پيو ته ڪو دوست رڪشا، هونڊا
يا ڪار ۾ اچي لنگهي ته اُن سان گڏ گهر تائين
وڃان. موٽرن، رڪشائن، اسڪوٽرن، سوزڪين جي اڻ کٽندڙ
اچ وڃ جي وڏي رش لڳل آهي.
مون کي پير ۾ سُور هجڻ ڪري، هلڻ ۾ تڪليف پيئي ٿئي، پر همت ڪري،
چند وکون کنيو اٿم، پر ان کان وڌيڪ هلي ڪونه سگهيو
آهيان ۽ اتي ئي بيهي رهيس. اڌ ڪلاڪ بيٺي ٿي ويو،
پر ڪا به گهر پهچائڻ واري سواري ڪانه ملي سگهي.
ٻنپهرن جا ٽي ٿي چڪا هئا؛ پر مان به اجايو ضد ڪيو
بيٺو هوس ته گهر وڃان ته مفت جي سواريءَ ۾ وڃان.
شايد قدر واري کي اهو منظر مون کي ڏيکارڻو هو، ان
ڪري اتي ئي بيٺو هوس. مون اتي بيٺي بيٺي ڏٺو پئي
ته ڪورٽ جي گيٽ وٽان تمام تيز رفتاريءَ سان گاڏيون
نڪتيون پئي ۽ ساڄي پاسي، يعني ايس. پي آفيس کان
ايندڙ کاڏين کي زوردار ڪراس پئي ڪيائون. بس، بچو
يا بچايو واري ڪار لڳي پيئي هئي. ڪنهن کي به اهو
احساس نه هو ته هنن جي ذرڙي لاپرواهيءَ جي ڪري،
ڪاقيمتي جان به وڃي سگهي ٿي، يا ڪنهن گاڏيءَ جي
ٽٽڻ يا ڦٽڻ جي ڪري ڪو مالي نقصان به ٿي سگهيو ٿي.
اهيءَ لاپرواهيءِ جي نتيجي ۾ اڇي رنگ جي هڪ ڪار جيئن ئي تيز
رفتاري ۾ سيشن ڪورٽ جي در وٽان ٻاهر نڪتي ته ساڄي
پاسي کان ايندڙ رڪشا، جيڪا پڻ تيز رفتاريءَ سان
اچي رهي هئي ۽ اُن کي ڊرئيور ڪنٽرول نه ڪري سگهيو،
سو ڌُو ڪري ڪار کي پاسو هڻندي، اونڌي ٿي وڃي، روڊ
جي وچ تي ڪري. خدا جي قدرت ڊرائيور، ان اونڌي رڪشا
مان ڪنڌ ڪڍيو. مان ان وقت ان جي تمام ويجهو هئس.
سو همدرديءَ جي طور تي ان وٽ ويس، پر ڊرائيور هوش
سنڀالي مون کي هٿ ٻڌي چيو ته خدا جي واسطي رڪشا
کان پري ٿي بيهه، ۽ منهنجي ۽ رڪشا جي ويجهو نه اچ.
مان يڪدم ٿورو پرڀرو ٿيس. ماڻهن جا هشام پهچي ويا.
ڊرائيور کي چڪر به آيا پئي، پر سڀني ماڻهن کي پري
ٿيڻ لاءِ پئي چيائين.
ايتري ۾ هڪ ماڻهو هونڊا تي اتان لنگهيو. ڊرائيور اُن کي رنڀ ڪري
چيو؛ ”چاچا! منهنجو بلو ڪريو.“ هونڊا تي ويٺل
ماڻهو ”ها“ ڪري هليو ويو، ۽ هُو اسان کي لوڌي پيو
ته پري پري ٿيو، منهنجي ۽ رڪشا جي ويجهو نه اچو.
بهرحال جڏهن ماڻهن کي اها پڪ ٿي ته رڪشا ۾ بي ڪابه
سواري ڪانه آهي ته پري ٿي بيٺا ۽ ڪار واري سان وڃي
همدردي ڪيائون. ڇاڪاڻ ته ڪار جي ڊرائيور جو هٿ
ٻاهر هجڻ ڪري، رڪشا وارو، اُن جي هٿ کي رڳڙي، ڇلي،
چمڙي لاهي، ڪار جي ڪنڊ ۾ کُٻُ وجهي وڃي ڪريو هو.
ڪار جي ڊرئيور جو سڄو هٿ رت ۾ ٻڏل هو، ۽ هو رڪشا
واري کي ان حادثي جو ذميوار قرار ڏيئي رهيوهو.
رڪشا واري کي هوش ئي ڪو نه هو ، پر رڪشا جي مٿا
ائين پهريدار ٿيو بيٺو هو جو ان راز جي ڪنهن کي
خبر نه پئجي سگهي.
ٿورو ئي دير ۾ هونڊا وارو ماڻهو، پنهنجيءَ هونڊا تي مسلم ڪمرشل
بئنڪ جي هڪ مسلح گارڊ کي وٺي آيو، جنهن اتي پهچڻ
شرط، گن مشين جي زور ٿي بيٺل ماڻهن کي اڃا به پري
ڪيو. همدردي ڪرڻ وارا ماڻهو هٽي پري ٿيا، ۽ وڃي
ڪار واري سان ڪچهري ڪرڻ لڳا. اُن کي هٿ ۾ ڏاڍو سور
پئي ٿيو، ۽ ماڻهن جي ڳالهه به اڌوري پئي ٻڌائين.
مون به وڌي ان ڪار واري سان همدردي ڪندي اُن کي
چيو ته اهو ٽڪي هو رڪشا ڊرائيور وري گن مشين جي
زور تي مٿان توتي حاوي ٿي وڃي، تون پنهنجي موقف
تان نه هٽجائين، ۽ سڀني کي ٻڌائجائين ته رڪشا واري
تنهنجي گاڏيءَ کي زوريءَ رڪشاهنئي آهي. سڀني بيٺل
ماڻهن رڪشآ واري تي خار کائيندي ائين پئي چيو. ڪن
ته رڪشا واري تي زبردست ڪاوڙ به پئي ڪئي، پر جيئن
ته رڪشا واري جي طبيعت ويتر خراب ٿيندي پئي ويئي،
۽ وري چڪر اچڻ کان پوءِ هو پٽ تي ڪري پيو. ان وقت
سڀ ماڻهون رڪشا واري ڏانهن ڀڳاسين. ليڪن بئنڪ جي
گارڊ گن مشين اُڀي ڪري، وٺي دانهون ڪيون ۽ پوليس
کي سڏيو، ۽ ماڻهن کي چيو ته خبردار اڳيان نه اچو ۽
پري ٿيو. ايتري ۾ رڪشا وارو وري ٿورو هوش ۾ آيو ۽
هٿ ٻڌي ماڻهن کي چيائين خدا جي واسطي هتان هليا
وڃو. بس، انهن ئي لمحن ۾ بئنڪ گارڊن جون ٻه ڪيري
سوزوڪيون، پوليس جي گاڏي، بئنڪ جو مئنيجر، ماڻهن
جو گهيرو توڙي، رڪشا ۽ ڊرائيور تائين پهتا.
ڊرائيور اُن وقت ڦٿڪي رهيو هو، ۽ رڪشا ۾ اندر بيٺو
هو. بئنڪ جي گارڊن پوزيشن سنڀالي، ماڻهن کي پري
ڪيو، ۽ مئنيجر ۽ بئنڪ جو ٻيو عملو ڊرائيور وٽ
پهتا. ڊرائيور بئنڪ جي مئنيجر کي رڪشا جي اندر هٿ
وجهڻ جو اشارو ڪيو. بئنڪ جي مئنيجر ۽ هڪ ٻئي اسٽاف
جي ماڻهوءَ رڪشا مان نوٽن سان ڀريل هڪ ڳوڻ ڪڍي، ۽
هڪ سوزوڪي ڪيري ۾ رکي پوليس جي پهري ۾ روانا ٿي
ويا. اها نوٽن جي ڳوڻ بئنڪ جي مئنيجر جي حوالي ڪرڻ
کان پوءِ رڪشا جي ڊرائيور بيٺل همدرد ماڻهن کي پاڻ
ڏانهن اشارو ڪيو ته خدا جي واسطي منهنجي ويجهو
اچو، ۽ منهنجي مدد ڪريو. بيٺل ماڻهو ته ڄڻ هن
همدريءَ ڪرڻ لاءِ آتا بيٺا هئا. اسان سڀ ڊوڙندا
ڊرائيور جي ويجهو وياسين. هڪ ماڻهوءَ اُن کي
پنهنجي هنج ۾ ليٽايو. رڪشا ڊرائيور ٿورو هوش
سنڀالي، ڪار ڊرائيور کي سڏيو ۽ سڀني کي هٿ ٻڌي
چيائين ته مون کي معاف ڪجو؛ مون اوهان سان گستاخي
ڪئي ۽ اوهان کي ويجو اچڻ نه ڏنم، جو منهنجي رڪشا ۾
هزار ۽ پنج سؤ رپين جي نوٽن جي ڳوڻ ڀري رکي هئي.
بئنڪ وارن دهشت گردن جي ڊپ کان يا ڪنهن ٻئي سبب جي
ڪري، اها ڳوڻ منهنجي رڪشا ۾ رکي، ۽ سندن ماڻهو
منهنجي پٺيان هونڊا تي اچي رهيو هو، جيڪو بئنڪ جي
اسٽاف کي وٺي آيو هو. رڪشا ڊرائيور، ڪار ڊرائيور ۽
ماڻهن کان معافي ورتي ۽ چيو ته جيڪڏهن مان ائين نه
ڪريان ها، يعني اوهان کي پري نه ڪريان ها ته ڪهڙي
خبر پوي ته ڪو ماڻهو ڳوڻ کڻي وڃي ها يا ٻيو نقصان
ڪري ها ته منهنجي ته زندگي تباهه ٿي وڃي ها_ ان
ڪري مون ائين ڪيو. رڪشآ وري جي مٿي مان رت وهي
رهيو هو، دماع کي چڪر پئي آيس. ڪار ڊرائيور کي
ايترو چيائين ته اوهان وڃو، پوليس وارن کي به
چيائين ته ڏوهه منهنجو آهي، ان ڪري ڪار ڊرائيور کي
ڪجهه نه چيو وڃي. جنهن ماڻهوءَ جي هنج ۾ پيو هو،
ان کي گهرجي ائڊريس ٻڌايائين. ان کي هڪ ڪار ۾ وجهي
الائي ڪيڏانهن کڻي ويا. پوليس رڪشا کي سڌو ڪيو،
ڪار ڊرائيور ڪار ڪاهي ويو هليو. اخباري نمائنده
آيا. انهن رڪشا جا نمبر لکيا، فوٽو گرافرن فوٽو
ڪڍيا. سڀ ڪو ماڻهو حيرانيءَ ۾ ويندو رهيو ۽ آخر ۾
مان به ڊرائيور جي عقل ۽ فهم تي سوچيندو رهيس ته
جيڪڏهن ڊرائيور هوش سنڀالي ماڻهن کي پري نه ڪري ها
ته الائي ... الائي ... الائي ... ڇا ٿي پوي ها! |