مصنف؛ يانگ مو
/
مترجم؛ زرينه بلوچ
سرجي تان سور
شهروءَ جي مٿان ڄڻ وڄ ڪري پيئي، هوءَ رڙيون ڪري روئڻ لڳي ۽ چرين
وانگر پنهنجو مٿو ڀت سان هڻڻ لڳي. هن گهڻوئي ٻار
ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مڙس ڌڪو ڏئي ڌيءُ کڻي ويو.
ڇو ته مڙس جي دل منجهانئس کٽي ٿي پيئي هئي. ننڍڙي ماءُ ڏانهن
وڃڻ لاءِ سڏڪن ۾ پئجي وئي. پر بي رحمن کي مٿس يا
ٻار تي ڪو به رحم نه آيو. وحشي نوڪرن شهروءَ کي
چوٽيءَ کان جهلي گهلي وڃي ڪار ۾ اڇلايو.
لال بخش ننڍڙيءَ کي کڻي وڃي پننجي ٻي زال جي حوالي ڪيو. شروع
وارن ڏينهن ۾ ٻئي زال مڙس ننڍڙيءَ کي ڏاڍو ڀائيندا
هئا، پر ٽن سالن کان پوءِ ننڍي جوڻس کي پٽ ڄائو
بس پوءِ ته ڄڻ ننڍڙي ڪومل لاءِ ويل ٿي ويو، ٿوري
گهڻي ڳالهه تان کيس ماريون ويندو هو. هاڻي هوءَ
نوڪرياڻين واري ڪمري ۾ نوڪرياڻن سان سمهندي هئي.
کيس پنهنجي ڪمري ۾ اچڻ به ڪونه ڏيندا هئا. هوءَ
سڄو ڏينهن پاڙي جي ٻارن سان گڏجي ڪچري جي ڍير تي
پيئي راند ڪندي هئي.
سياري جي موسم هئي. اڄ سندس ماٽي جي ماءُ گُلي خوش ٿي ڏٺي، ۽
کيس سڏي، پنهنجي ڀرسان وهاري چوڻ لڳي ته ”ڇوري ڪني
ٿي پيئي آهين وڃي هٿ منهن ڌو“.
ڪومل ڊڄندي هٻڪندي ڳالهايو. گُلي کي عجب لڳو ته ڇوريءَ جي ڄڀ کي
ڇاٿيو آهي، جو هٻڪي پئي ڳالهائي. کيس ٻانهن کان
ڇڪي بيهاري کانئس پڇڻ لڳي ته ”ڇاٿيو اٿئي بيمار
آهين ڇا؟ ”ڪومل جو نڪ وهيو پئي ۽ ڊپ کان سڄي ڏڪي
پئي چيائين ”امان مون کي کنگهه ٿي پئي آهي.“
گُلي اهو ٻڌي هيران ٿي وئي ۽ هن ڪومل جو ميرو سوئيٽر جيڪو شايد
ڪڏهن به نه ڌوتو ويو هو، سو ڇڪي کڻي لاٿو ۽ گلي
سڄي ڏڪي وئي. سندس وهم گمان ۾ به ڪو نه هو ته سڄو
سوئيٽر جوئن سان سٿيو پيو هوندو. هن خار ۾ اچي
ڪومل جا سڀئي ڪپڙا کڻي باهه ۾ وڌا. ڪومل جا سڄا
پٺا جوئن جي چڪن سان ڳاڙها رپ لڳا پيا هئا. ڪومل
جي پيءَ سامهون صوفا تي ليٽي اخبار پئي پڙهي. گلي
کيس چوڻ لڳي ”ڇوريءَ تي تون ڪو به ڌيان نٿو ڏين
هاڻ ته اچي ستن سالن جي ٿي آهي، ۽ ڏس ڪيڏي نه
ملوڪڙي ٿي پئي آهي. ڇونه هن کي پڙهايون. جڏهن هيءَ
پڙهي پاس ٿيندي ته پاڻ کي سڄي موڙي وياج سوڌي ملي
ويندي.“
لال بخش مڇون وٽيندي ۽ مرڪندي چيو، ”ٻيلي چئين سچ ٿي، مون ته
اهو سوچيو به ڪونه هو ته تون اهڙي عقل جهڙي ڳالهه
ڪندينءَ. ماڻهو چوندا آهن ته اڻپڙهيل زالون بيوقوف
ٿينديون آهن، پر تون ته ڏاڍي عقل جي اڪابر
نڪتيئن.“
ٻئي ڏينهن ڪومل کي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، بس ڪومل جي ڄڻ عيد ٿي
وئي هوءَ دل لڳائي ڏاڍي ڏيان سان پڙهڻ لڳي. هوءَ
ٻين ٻارن کان ڏاڍي مختلف هئي. تمام ٿورو
ڳالهائيندڙ هئي. ماڻهو سمجهندا هئا هيءَ گونگي
آهي.
هڪڙي ڏينهن سندس ماٽيجي ڀاءُ ميز تي رکيل هڪ خوصورت گلدان ڀڃي
وڌي؛ بس پوءِ ته ماڻس باهه ٿي وئي ڇو ته ڀاڻس ماءُ
کي ڪوڙ هڻي وڃي ٻڌايو ته گلدان ڪومل ڀڳو آهي.
”بي حيا، بي عقل، حرامزادي هاڻي تنهنجو من وڌي وي آهي. بيهه ته
سهي اڄ توکي تنهنجو من وڌي ويوآهي. بيهه ته سهي اڄ
توکي به انهي گلدان واڀگر ڀـڃي ڀور ڀور ٿي ڪريان“
پوءِ ته ماڻس وارن کان جهلي لتن ۽ مڪن سان ماري
ماري کني اڌ مئو ڪيس، پر ڇوڪري نه رني سا نه رني،
۽ نه وري معافي ورتائين. ڇو ته اها سندس لاءِ ڪا
نئين ڳالهه نه هئي. هر روز ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي
ڀاءُ کيس ڏاڍي مار کارائيندو هو ڇو ته هو ماءُ جو
سڪليڌو پٽ جو هو. بس هيڏي سڄي گهر ۾ هڪڙي پوڙهي
نوڪرياڻي سمي کيس ڀائيندي 7 سنڀاليندي هئي. ”هيئڙا
گهر ته گهرئين“ وانگر ڪومل به سميءَ کي ڏاڍو
ڀائيندي هئي. جڏهن به کيس بک لڳندي هئي يا سيءُ
پوندو هو ته هوءِ ڊوڙي وڃي ڦاٽل ميرڙي رئي سان
سندس ڳوڙها اگهندي هئي. ڪومل ڪڏهن به سواءِ سميءَ
جي ڪنهن جي به اڳيان ڳوڙها ڪو نه ڳاڙيا. نيٺ ڪومل
پرائمري اسڪول مان پڙهائي پوري ڪري وڃي شهر جي
هائي اسڪول ۾ داخلا ورتي، هاڻي ماڻس جي رويي ۾ به
تبديلي اچي وئي هئي. هوءَ هر وق اهو سوچيندي هئي
ته هيءَ جلدي پڙهي پنهنجي تعليم پوري ڪري جيئن کيس
ڪنهن نه ڪنهن وڏي ڊنگ وڏيري وٽ وڪڻي سندس شادي
ڪرائجي. ڇو ته تن ڏينهن ۾ وڏيرا پڙهيل ڇوڪرين کي
گهڻو پسند ڪندا هئا. هيءَ منهن مهانڊي ۾ به ملوڪڙي
هئي. سندس منهن مان رت پيو ٽمندو هو، ڳل جهڙا
ڪنڌاري صوف، ۽ ڪمان جهڙا جاڙا ڀرون، ڏند موتين
وانگر ڪتيل، اکيون چيرويون، انهن وڏين چيروين اکين
۾ اهڙي ته اداسي بکندي هئي جو اڳلو ماڻهو ڪومل جي
اکين مان ئي سمجهي ويندو ته هيءَ ڪهڙي زندگي پئي
گذاري. اکين م وري ڪشش اهڙي جو چقمق جيان پروانن
کي ڇڪي پنهنجو ڪري ڇڏيندي هئي.
جڏهن پڻس کيس هاسٽل ۾ موڪلڻ لاءِ وري کانئس موڪلايو، ۽ کلي چوڻ
لڳو ڪومل توکي هاڻي اسڪول ۾ پڙهڻ جو مبارڪون هجن،
هاڻي تون دل لڳائي پڙهج. پر ماڻهس کيس جواب ڏيڻ جو
ڪو به وجهه نه ڏنو، ۽ نصيحتن جي ڀري کولي اڳيان
رکيائينس، ”ڏس محنت ڪري پڙهج، متان پڻهين کي ٻڏڻ
هارڪو ڪرين. اڃا توکي يونيورسٽي به وڃي پڙهڻو آهي،
جيڪڏهن تون اڃا توکي يونيورسٽي به وڃي پڙهڻو آهي،
جيڪڏهن تون اڃا ٻاهر پڙهڻ ويندينءَ ته اسين توکي
ٻاهر به موڪلينداسين. تو ايترو پڙهه، ايترو ته
پڙهه جو دولت ۽ شهرت تنهنجا پير چمن. وري نخري مان
مڙس ڏي نهاري مرڪي چوڻ لڳي ته ”تون ڇو پيو اجايون
کڳيون هڻين، تو نياڻيءَ لاءِ ڪيو ڇا آهي؟ مون
اوجاڳا ڪري، کيس نپائي وڏو ڪري، انهيءَ لائق ڪيو
آهي جو اڄ اسان جي ڌيءَ هائي اسڪول ۾ پڙهڻ جي لائق
ٿي آهي. جڏهن پڙهي پاس ٿي اچي نوڪري ڪندي ته توکي
هڪڙي پائي به سندس ڪمائي مان ڪونه ڏينديسانِءِ.“
لال بخش مرڪي کيس چيو، ”ها!ها! ڪومل جي سڄي ڪمائي
تنهنجي پر جيڪو تنهنجو ناٺي ٿيندو انهيءَ جي به
سڄي ڪمائي تنهنجي هاڻي ته بس.“
ڪومل حيران هئي ته اڄ مان ۽ بابا جو ايڏو پيار مون تي ڪيئن وري
پيو آهي. هوءَ اهو سوچيندي وڃي رڪشه ۾ ويٺي، ۽
پنهنجا ڳوڙها لڪائي اگهڻ لڳي. هاڻي هوءَ هائي
اسڪول ۾ هئي، هڪ اهڙي پکيءَ جيان جيڪو پڃري جي قيد
۽ بند مان آزاد فضائن ۾ اڏامندو هجي. هاڻي هوءَ
سڄو ڏينهن محنت ڪري پئي پڙهندي هئي، سندس پير پٽ
تي ئي ڪين پوندو هو. هوءَ ڄڻ ته ستن آسمانن تي پئي
اڏامندي هئي. پڙهڻ ۾ کيس ادب ڏاڍو ڻندو هو. پڙهڻ
جي ڪري سندس ذهن ويو پختو ٿيندو، ۽ هوءَ پنهنجي
شاندار مستقبل جا خواب ڏسڻ ليندي هئي. هوءَ جيترو
گهڻو پڙهندي هئي، ايتروئي سندس سوچ ڪشادي ٿيندي
ويندي هئي ته ڏکن جا ڏهاڙا جلدئي ختم ٿي ويندي.
تون پرواه نه ڪر آئون جو آهيان توسان. ڪومل کي جي
اها ساهيڙي نه ملي ها ته هوءُ پڙهي به ڪا نه سگهي
ها، ۽ سڄي هاءِ اسڪول ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري
ها.
1931ع جي ڳالهه آهي. هائي اسڪول مان امتحان ڏيئي ڪومل ڳوٺ هلي
ويئي، پر هڪ ڏينهن اچتو ئي هاسٽل موٽي آئي، ٻئي
ڏينهن ڪلاس ۾ چپ چاپ ڪنهن ڪڻتيءَ ۾ ٻڏي پئي هئي.
سندس ڪلاس جي ڇوڪرين ڻڪ ٻڌي کيس ڏٺو پئي. ايتري ۾
نوران کائنس پڇڻ لڳي،“ڇو ڪومل، جيئن ٿو ڳوٺان آئي
آهين، تيئن چپ شاهه جو روزو رکيو ويٺي آهين.
ڳالهائين ٻولهائين ڪا نه ٿي، ڪڇ کڻي ته تنهنجو ڪو
بلو ڪريون.“ پرهه نوران کي پاسي ڪري پاسي ڪري ڪومل
جو منهن پاڻ ڏانهن ورائي کائنس پڇڻ لڳي، ”ڪا ته
ڳالهه آهي جو هيئن چپ چاپ ويٺي آهين!“
ڪلثوم منظور
هوءَ مري وئي
”اما اما، زليخان مري ويئي!“
”ڇا پئي چوين، الله پناهه ڏيئي ويچاري ننڍن ٻچن جي ماءُ آهي.“
”ها اما، سچ پئي چوان زليخا کي سندس ڀاءُ ڌڪ هڻي ماري ڇڏيو.“
منهنجين اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي، ڊوڙي ڀڳيس ڌٺم ته زليخا رت
۾ ڳاڙهي کليل اکين سان فرياد ڪري چئي پئي؛ ”پڦي،
ڏس اڄ به ٻڌل مون کي ماري پيو، تون سمجهائينس نه.“
ڇا سمجهايان هت ته سڀ ڪنهن ختم هو صرف رڙيون، دانهون خوف هو.
ٻڍل به شايد ڪٿي گم ٿي ويو هو، جو ڏسڻ ۾ ڪو نه پي آيو، ڇا ڪجي
هت جيڪڏهن ماني پڇائيندي دير ٿي ته به هڪ معصوم
ڀيڻ، ڀاڄائي، زال رت ۾ رنگجي مٽيءَ ۾ ملي هميشه
لاءِ خاموش ٿي ويندي آهي.
آخر ۾ رسوائي ۽ خواري به ان معصوم جي نالي پٺيان پئي هلندي آهي،
ڇو ته ڀاءُ، پٽ يا مڙس کي دنيا م هلڻو هوندو آهي،
ان ڪري، ٿاڻي تي پهچي اها زباني ڏئي پاڻ کي
بيگناهه ثابت ڪندو آهي ته ”ڪاري“ ماري اٿم، اها
غيرتمندي آهي. انڪري ان جي اجازت آهي.
آءٌ پڇان ٿي، ان ماءُ کان جنهن جي ڌيءَ مٽيءَ ۾ ملي ويئي، اها
به ساڳي اُن ڪک ۾ رهي آهي. پوءِ تو ڇو اهو سور
سٺو، تو ڇو اهو برداشت ڪيو. تنهنجي معصوم بيگناهه
ڌيءَ مٽيءَ ۾ ملي وئي، ان لاءِ شاهدي ته ڏي ته اها
بيگناهه هئي، پٽن کي الله سائين ڪنهن عمدي مٽيءَ
مان ٺاهيو آهي ڇا؟ نه نه، اما نه، پٽ ڌيءَ سڀ
برابر آهن، انهن کي نپائڻ، ۽ ٻين ڳالهين ۾ ڌيئن
کان مٿڀرو ڪري رکڻ جي ڪري ئي ائين ٿيو آهي.
ڄمڻ سان پٽ ۽ ڌيءَ ۾ فرق ڪري پوءِ اڳيان هر ڳالهه ۾ پٽ کي مٿي
ڪري رکڻ، وڌيڪ سمجهڻ ته پٽ اڳيان هلي خاندان جو
بار کڻندو آهي.
”اما، اهو ته تون ڀليل آهين، جي پٽ بار کني ٿو ته ڌيءَ به اهو
ساڳيو بار کڻي ٿي. اهو فرق ٿو رکيو آهي اما؛ تون
پاڻ ڌيءَ آهين، تو به ته ڪه خاندان ٺاهيو آهي تون
ٻڌاءِ اڻ ڏٺل سور جي توکي مليا آهن، انهن مان ڪو
هڪڙو به تنهنجي ڀاءُ کي مليو آهي. اما تو پنهنجو
پاڻ تي ظلم پئي ڪرين. اما، او اما، ڪجهه ته سوچ،
ڪجهه ته سمجهه ڪر.“
ڀيڻ ڀاءُ ننڍي هوندي وڙهن ٿا ته تون ان وقت به ڀاءُ کي مٿي ڪري
ڀيڻ کي ڌڪ ٿي هڻي، ٺهيو هتي ويهه ڀاءُ آهي ماٺ ڪر.
هميشه ڀائر زيادتي ڪندا آهن، ۽ تون به انهن، کي
مٿي ڪندي آهين. ڀائر وڏي ٿيڻ سان ڀينرن کي ڏاڏي
کان مليل ميراث سمجهڻ لڳندا آهن. اگر شادي ڪرڻي
آهي ته ڀيڻ قربانيءَ جي ٻڪري آهي. ٻڪري هڪ دفعو
ڪاتي هيٺ ايندي آهي پر ڀيڻ اهڙو رشتو آهي، جيڪا هر
روز ڪسبي ۽ ڳڀا ڳڀا ٿيندي آهي. ڄڻ اها به هڪ وهٽ
آهي.
ڀيڻ اها مخلوق آهي. ڀيڻ بدي ۾ ڏئي ڀاءُ شادي ڪئي، زال سان ٺاهه
نه ٿيو طلاق ٿي، ڀيڻ ويچاري پنهنجي گهر ۾ خوش ۽
مطمئن آهي، پر ڀاءُ جي ڪري نه چاهندي به گهر، ٻار،
مڙس ڇڏي واپس قربان گاهه تي اچڻو پوندس.
ها، زليخا مري ويئي. زليخا ٻڍل جي ننڍي ڀيڻ هئي، سندس بدي ۾ ٻڍل
جي سالي جي زال هئي. ٻڍل ڳوٺ جي رئيس جي ڌيءَ سان
شادي ڪئي هئي، ۽ بدي ۾ زليخان رئيس جي پٽ محمد جي
زال هئي. زليخا کي ٽي ٻار هئا؛ اسلم، آمنه ۽ لکانو
سندس مڙس سان گهڻي محبت هئي. محمد به کيس گهڻو
ڀائيندو هو، ٻارن ۾ ته اصل ساهه هوس.
ٻڍل جي زال حميده جو ساڻس ٺاهه ڪو نه هو، انڪري اڪثر ڪري وڙهي
جهڙي وڃي مائٽن وٽ نڪرندي هئي، ۽ اتي ويچاري
زليخان لاءِ باهه ٻاريندي هئي ته آءٌ اگر گهر ۾
سکي ڪانه آهيان ته تون هت سک سان ڪانه سمهندينءَ.
نڪري وڃ پنهنجين مائٽن ڏانهن. ۽ مائٽ وري به ڌيءَ
کي مجبور ڪندا ته اسان جو نڪ نه وڍاءِ ماڻهو کلن
ٿا. محمد به گهڻي ڪوشش ڪندو هو ته ڀيڻ پنهنجو گهر
وسائي، پر حميده ارڏي ۽ رئيس جي اڪيلي ڌيءَ هئي،
سا ٻڍل جون تڙيون ۽ جوشيلي طبيعت سان نباهه ڪرڻ
لاءِ اصل تيار ڪانه هئي، ۽ نه وري ڪو ٻار ٻچو هوس
جنهن لاءِ سوچي. مائٽن ۾ اچي زليخا لاءِ گهر کي
دوزخ بنائي ڇڏيندي هئي، ۽ ٻڍل به اچي زليخا کي
زوري پاڻ سان وٺي ويندو هو، پوءِ ٻارن، ۽ محمد سان
ملڻ جي اجازت نه هوندي هيس ، ايستائين جو ٿڃ وارو
ٻار به اتي ڇڏي ايندو هو.
هيئر به زليخا کي ٻه ڏينهن اڳ ٻڍل زوري ساهرن مان وٺي آيو هو، ۽
کيس سختي سان منع ڪئي هئي ته محمد ۽ ٻار هت نه
اچن، نه تو کي وڃڻو آهي.
ٻڍل ٻنيءَ ٻاري تي ويندو هو ته هيءَ لڪ ڇپ ۾ محمد سان به ملندي
هئي ۽ ٻارن کي به گهرائيندي هئي. ان ڏينهن ”اجل
آيس اوچتو ڪل پيس ڪا نه ڪا.“
ٻڍل ٻنيءَ تي وي ۽ کيس چئي ويو ته ماني پچائي رکج، آءٌ جلد
ايندس مون کي شهر وڃڻو آهي. ٻڍل ٻنيءَ تي ويو
پٺيان محمد ننڍي پٽ اسلم کي کڻي آيو، اسلم کي سخت
بخار هو، سو آخر ماءُ هئي، پريشانيءَ ۾ ماني پچائن
وسري ويس، ماني پچائڻ لاءِ اٽو ملڻ ويٺي ته ٻڍل به
اچي پهتو. هڪ ته ماني ڪا نه پڪل هئي، ٻيو اسلم کي
کٽ تي ستل ڏسي، اصل هوش هواس ختم ٿي ويس، ۽
مسجهيائين ته اڄ محمد به آيو هوندي، پوءِ ته آپي
کان نڪري ويو. لٺ کڻي زليخا تي وسائڻ بيٺو، ۽
زليخان اتي جو اتي ويٺل ئي رهجي ويئي.
ٻڍل ته گم ٿي ويو، پنجن سالن کان پوءِ به خبر نه پئي ته ٻڍل ڪٿي
آهي.
آمنه اڄ به زليخا جي لاءِ روئي ٿي، اسلم ۽ لکانو به هلن پيا،
ڏسجي وڏا ٿين، ڪير ٻڍل ٿو ٿئي، ڪير محمد، اگر
مائرون ڄمڻ کان وٺي پٽ ۽ ڌيءَ ۾ فرق نه رکن ته
جيڪر ههڙا هاڃا نه ٿين، ڌيءَ ته رحمت خداوندي آهي،
اها ته برڪتن ۽ دعائن جو سرچشمو آهي. ان کي به پٽ
وانگر نپائي وڏو ڪجي ته جيڪر ڪائنات ۾ خوبصورتيون
اچي وڃن. |