سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :11

 

نذير شام چاچڙ

وائي

ڪيڏي هُئي ڊني،

ڪيڏي هئي رُني،

پهاڄ پوڻ تي.

وکريل وار، بگڙيل چهرو،

۽ اک به هيس ڀني،

پهاڄ پوڻ تي.

پٽي ٿي هوءَ پيءُ کي،

جنهن بڻايُس ات وني،

پهاڄ پوڻ تي.

ائين ٿو وڪڻي،

ڄڻ ٿو وڪڻي،

ڄڻ هجي ٻني.

پهاڄ پوڻ تي.

 

عادل سخيراڻي

آزاد نظم

توکي مون ڏٺو ناهي،         

منهنجا سڀ درد دور ٿي ويندا،

حاصل ڪيو ناهي،

۽ ڏکيا ڏينهن ڏور ٿي ويندا.

پر ٻڌو آهي،

منهنجي اميد تون آهين،

پڙهو آهي،            

منهنجو ارمان تون آهين،

تنهنجي  تنهنجي حسن جي هاڪ،

قسم وٺ منهنجو ايمان تون آهين،

هر هنڌ هُلي وئي آ،           

منهنجو تو ۾ يقين،

ڄڻ ته صبح جي هير،         

مونکي آهي يقين.

گهلي وئي آ.                 

چاهي دشمن پري مونئي توکي رکن

سڀني جو تو ۾ موهه آ،               

پر رکن دور دائم، اهو وس نه اٿن.

ڪنهن جو نه تنهن ۾ ڏوهه آ،        

جو مان اڪيلو تنهنجو ناهيان شيدائي،                              

تون جو حسين آن ايتري،             

سَر ڦريا تنهنا سَوين،

ناهي جو ٻي تو جيتري،              

عاشق وتن ٿا ڦرندا هتي،

پر توکي جيڪو چاهي،               

مان به تن سان گڏجي،

سو سِرَ جو سانگو لاهي،              

توکي مانن جي ڪيان ٿو جستجو،

منهنجو نه تو ۾ ساهه آ،             

۽ ائين چاهيان ٿيڻ ٿو،

بي انت توسان چاهه آ،                

تو وٽ مان سُرخرو،

ساهه جي سهڪن ۾ آن سمايل،

لازمي ناهي ته جنهنکي چاهجي،

دل جي ڌڙڪن ۾ به شامل،          

۽ سو وڃي پيارو ملي،

ڇا چوان پياري آن ڪيتري،   

پر اسانکي پنهنجي چاهت،

ايتري ايتري ايتري،           

۽ لڳاءُ تي آ ڀروسو،

ڪير سوچي سگهي جيتري،

۽ تاريخ به اسانجي حق ۾،

جڏهن کان ٿي وئي آن تون پياري،   

ڏئي ڇڏيو آ فيصلو،

زندگيءَ کي وئي ملي معنيٰ نياري،  

ته دور ناهين مور رهڻي.

مونکي پڪ آهي ته تنهنجي،

اي آزادي اي آزادي،

حسين ۽ شفيق ٻانهن ۾ اچي،

 

محمد ايوب کوسو

وائي

گُل گُلابي ڇنڻ ڏي،

روڪين ڇوٿي مُونکي سهيلي!

رُت آ ڪيڏي رنگ ڀري،

ڪي ته گهڙيون کِلڻ ڏي،

روڪين ڇوٿي مونکي سهيلي!

ڏينهن ٿيا ڪي مُحب سان ملندي ،

خط پراڻا چُمڻ ڏي،

روڪين ڇوٿي مونکي سهيلي!

ايندو ايندو اوچتو هو،

واٽ تي ڏيئا رکڻ ڏي،

روڪين ڇوٿي مونکي سهيلي!

پُوڄا ڪارڻ آهيان بيٺي،

دُعا ته دل سان گهرڻ ڏي.

روڪين ڇوٿي مونکي سهيلي!

 

 

غلام مصطفيٰ سولنگي

نثراڻو نظم

ڪافي ڏينهن کان سوچيان پيو ته،

توکي دل جي ڳالهه ڪيئن ٻڌايان،

توکي ڪيئن سمجهايان.....؟

اَکڙيون آليون رهن ٿيون.....

ڳوڙها ڳڙندا رهن ٿا،

دل کي قرار ڪونهي،

ڏينهن رات تڙپان پيو،

توکي ياد ڪري،

سڏڪا ڀري ڀري

سوچيان پيو،

هي گهر آهي يا دوزخ،

اداس اداس جيون آ،

ڄڻ ته خزان جو دؤر آ.

تون اچ ته سهي،

بهارون کڻي پاڻ سان،

تنهنجو انتظار آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com